37:1
(پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي
37:2
پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن کي) ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي
37:3
پوءِ (قرآن) پڙھڻ واريءَ جماعت جو قسم آھي
37:4
تہ اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي
37:5
(جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي، تنھن جو رب آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (بہ) رب آھي
37:6
بيشڪ اسان دُنيا جي آسمان کي تارن جي سونھن سان سينگاريو
37:7
۽ سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ شيطان کان (اُنھيءَ کي) حفاظت ۾ رکيوسون
37:8
تہ (جيئن شيطان) مَلاءِ اعلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نہ ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن
37:9
(اُنھن جي) تڙڻ لاءِ، ۽ اُنھن لاءِ ھميشہ جو عذاب آھي
37:10
پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلاءِ اعلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو، تنھن کي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي
37:11
پوءِ کانئن پُڇ تہ اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون)، جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو
37:12
بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن
37:13
۽ جڏھن سمجھائبو اٿن، (تڏھن) نہ سمجھندا آھن
37:14
۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن
37:15
۽ چوندا آھن تہ ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي
37:16
ھان! جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) اٿنداسون ڇا؟
37:17
اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا بہ (اُٿاربا) ڇا؟
37:18
چئو تہ ھائو (اُٿاربا) ۽ اوھان خوار ھوندؤ
37:19
پوءِ اُھو (اٿڻ) رڳو ھڪ سخت ھڪل ھوندي، پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا
37:20
۽ چوندا تہ ھاءِ ارمان! اسان لاءِ ھيءُ بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي
37:21
(چئبن تہ) فيصلي جو ڏينھن، جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھيءُ آھي
37:22
(چئبو تہ اي ملائڪؤ!) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھئا، تن کي گڏ ڪريو
37:23
پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو
37:24
۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو
37:25
(تہ) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي، جو ھڪ ٻئي جي مدد نہ ٿا ڪريو؟
37:26
بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن
37:27
۽ ڪي ڪن ڏانھن منھن ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا
37:28
(ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا تہ بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ
37:29
(سردار) چوندا تہ (نہ!) بلڪ اوھين پاڻ مڃيندڙ نہ ھُيؤ
37:30
۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نہ (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ
37:31
پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو تہ، بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون
37:32
پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون، جو بيشڪ اسين (پاڻ) بہ گمراھ ھئاسون
37:33
پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا
37:34
بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙيءَ طرح ڪندا آھيون
37:35
بيشڪ اُھي (اھڙا) ھئا جو جڏھن کين چئبو ھو تہ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جي لائق نہ آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھئا
37:36
۽ چوندا ھئا تہ اسان ھڪ جنوني شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟
37:37
بلڪ (پيغمبر محمد ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين
37:38
بيشڪ اوھين ڏکائيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا ھجو
37:39
۽ جيڪي ڪندا ھيؤ، تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نہ ڏبوَ
37:40
پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا)
37:41
اُنھن لاءِ روزي مقرر (ٿيل) آھي
37:42
(قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت ڏنل ھوندا
37:43
نعمت وارن باغن ۾
37:44
پلنگن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون (ويٺل ھوندا)
37:45
وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو
37:46
جو (بلڪل) اَڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو
37:47
نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا
37:48
۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙ (زالون) وٽن ھونديون
37:49
ڄڻڪ اُھي (حورون)، ڍَڪيل آنا آھن
37:50
پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن منھن ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا
37:51
منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو تہ بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو
37:52
جو چوندو ھو تہ تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟
37:53
ھان! جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟
37:54
(وري اُھو) چوندو تہ اوھين (بہ دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟
37:55
پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو تہ اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو
37:56
چوندو تہ، الله جو قسم تہ تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو
37:57
۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نہ ٿئي ھا تہ بيشڪ آءٌ (بہ عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا
37:58
بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون
37:59
رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون
37:60
بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي
37:61
اھڙيءَ (نعمت) لاءِ ڀلي تہ عمل ڪندڙ عمل ڪن!
37:62
ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟
37:63
بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب بڻايو آھي
37:64
بيشڪ، اِھو ھڪ وڻ آھي، جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي
37:65
اُن جون ٽاريون ڄڻڪ شيطانن جا مٿا آھن
37:66
پوءِ بيشڪ، دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا
37:67
وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي
37:68
وري بيشڪ، (کائڻ پيئڻ کانپوءِ) سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو
37:69
بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو
37:70
تنھنڪري اُھي (بہ) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا
37:71
۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھئا
37:72
۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھئاسون
37:73
پوءِ نھار تہ ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟
37:74
پر الله جا خاص ٻانھا (اُنھن جي پڇاڙي چڱي ٿي)
37:75
۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو، پوءِ اسين چڱا (دُعا) قبول ڪندڙ آھيون
37:76
۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏيءَ مصيبت کان بچايوسون
37:77
۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھيل ڪيوسون
37:78
۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون
37:79
ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي
37:80
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون
37:81
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي
37:82
وري ٻـين کي ٻوڙيوسون
37:83
۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو
37:84
(ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو
37:85
(ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجيءَ قوم کي چيائين تہ اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟
37:86
الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيلن معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟
37:87
پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟
37:88
پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين
37:89
پوءِ چيائين تہ آءٌ بيمار ٿيندس
37:90
پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا
37:91
پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ۽ چيائين تہ اوھين (ڪجھ) نہ ٿا کائو ڇا؟
37:92
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو نہ ٿا ڳالھايو
37:93
پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو
37:94
پوءِ قوم (وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا
37:95
(کين) چيائين تہ جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو، تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟
37:96
ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا، تنھن کي پيدا ڪيو
37:97
(ھڪ ٻئي کي) چيائون تہ، ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو، پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو
37:98
پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون، پوءِ کين ھيٺاھان ٿيندڙ ڪيوسون
37:99
(ابراھيم) چيو تہ بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان، (اُھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي)
37:100
اي منھنجا پالڻھار! صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر
37:101
پوءِ کيس ھڪ بردبار نينگر جي خوشخبري ڏني سون
37:102
پوءِ جڏھن ساڻس گڏجي ڪم ڪار ڪرڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو تہ، اي منھنجا پُٽڙا! بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان پيو تہ، آءٌ تو کي ڪُھان ٿو، پوءِ تون نظر ڪر تہ تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين تہ اي مُنھنجا ابا! جنھن (ڪم) جو تو کي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر، جيڪڏھن الله گھريو تہ مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين
37:103
پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو
37:104
۽ کيس سڏيوسون تہ اي ابراھيم!
37:105
بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون
37:106
بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي
37:107
۽ قربانيءَ جي وڏي جانور سان اُن جو عيوض ڏنوسون
37:108
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون
37:109
ابراھيم تي شال سلام ھجي!
37:110
ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون
37:111
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي
37:112
۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي
37:113
۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي نيڪوڪار آھن ۽ ڪي پاڻ تي ظاھي ظھور ظلم ڪندڙ آھن
37:114
۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون
37:115
۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏيءَ سختيءَ کان بچايوسون
37:116
۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا
37:117
۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون
37:118
۽ کين سِڌي رستي لاتوسون
37:119
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُنھن لاءِ ڇڏي سون
37:120
موسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي
37:121
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون
37:122
بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھن
37:123
۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو
37:124
جڏھن پنھنجيءَ قوم کي چيائين تہ (الله کان) ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
37:125
ڇو بَعل (نالي بت) کي پوڄيندا آھيو ۽ سڀ کان ڀلي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟
37:126
(جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پيُن ڏاڏن جو پالڻھار آھي
37:127
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون، تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن
37:128
پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن)
37:129
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون
37:130
الياس تي شال سلام ھجي
37:131
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون
37:132
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي
37:133
۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو
37:134
(ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون
37:135
سواءِ ھڪ ڪراڙيءَ زال جي جا پُٺتي رھندڙن مان ٿي
37:136
وري (ھُنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون
37:137
۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو
37:138
۽ رات جو (بہ) پوءِ ڇو نہ سمجھندا آھيو؟
37:139
۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو
37:140
جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو
37:141
پوءِ (ٻيڙيءَ وارن سان) پُکو وڌائين تہ (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو
37:142
پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو
37:143
پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نہ ھجي ھا
37:144
تہ اُنھيءَ (قيامت واري) ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا
37:145
پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو
37:146
۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون
37:147
۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون
37:148
پوءِ (اُنھن) ايمان آندو، پوءِ ھڪ وقت تائين کين آسودو ڪيوسون
37:149
پوءِ (اي پيغمبر!) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ تہ تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا ۽ کين پُٽ آھن؟
37:150
يا ملائڪن کي ماديون (ڪري) بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھئا؟
37:151
خبردار ھُجو! (تہ) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن
37:152
تہ الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ پڪ اُھي ڪوڙا آھن
37:153
پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟
37:154
اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن قيصلو ڪندا آھيو؟
37:155
(اوھين) ڇو نہ ڌيان ڪندا آھيو؟
37:156
يا اوھان کي ڪا پڌري حجت آھي؟
37:157
جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ پنھنجو ڪتاب آڻيو
37:158
۽ (ڪافرن) الله ۽ جنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جنن ڄاتو آھي تہ اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) ضرور حاضر ڪيا ويندا
37:159
(ڪافر) جيڪو بيان ڪندا آھن، تنھن کان الله پاڪ آھي
37:160
پر الله جا خاص ٻانھا (اُنھن جو چوڻ سچو آھي)
37:161
پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو
37:162
اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نہ آھيو
37:163
پر اُنھيءَ کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي
37:164
۽ (ملائڪ چوندا آھن تہ) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونہ جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ مقرر نہ آھي
37:165
۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون
37:166
۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون
37:167
۽ بيشڪ (ڪافر) چوندا ھئا
37:168
تہ جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا
37:169
تہ ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا
37:170
وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا، پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا
37:171
۽ بيشڪ پنھنجن پيغمبر ٻانھن لاءِ اسان جو وعدو اڳيئي ٿي چڪو.
37:172
تہ بيشڪ، اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي مدد ڏنل آھن
37:173
۽ بيشڪ، اسان جو لشڪر ئي غالب آھي
37:174
پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ
37:175
۽ کين ڏسندو رھ، پوءِ اُھي بہ سگھوئي ڏسندا
37:176
(ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟
37:177
پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو، تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو
37:178
۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ
37:179
۽ ڏسندو رھ، پوءِ اُھي بہ سگھوئي (نتيجو) ڏسندا
37:180
تنھنجو پالڻھار عزت وارو آھي، جيڪي (اُھي ڪافر) بيان ڪندا آھن، تنھن کان (اُھو) پاڪ آھي
37:181
۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي
37:182
۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي