Ya Sin (يٰس)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 36 • 83 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
36:1 اي پيغمبر!
36:2 (ھن) حِڪمت واري قرآن جو قسم آھي
36:3 بيشڪ تون پيغمبرن مان آھين
36:4 سڌيءَ واٽ تي آھين
36:5 (الله) غالب مھربان وٽان (قرآن جو) لاھڻ آھي
36:6 (ھن لاءِ) تہ اھڙيءَ قوم کي ڊيڄارين جو سندن پيءُ ڏاڏا نہ ڊيڄاريا ويا آھن، تنھنڪري اُھي بي خبر آھن
36:7 بيشڪ اُنھن مان گھڻن تي (عذاب جو) قول لازم ٿيو آھي، تنھنڪري اُھي ايمان نہ ٿا آڻين
36:8 بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ ڳَٽ وڌا، پوءِ اُھي کاڏين تائين (پيل) اٿن تنھنڪري اُھي ڳاٽي ٽنگيل آھن
36:9 ۽ سندن اڳيان اوٽ ۽ سندن پوئتان (بہ) اوٽ ڪئي سون، پوءِ کين ڍڪيوسون تنھنڪري اُھي (ڪجھ) نہ ڏسندا
36:10 ۽ کين تنھنجو ڊيڄارڻ ۽ کين تنھنجو نہ ڊيڄارڻ سندن لاءِ ھڪ جھڙو آھي، (اُھي) ايمان نہ آڻيندا
36:11 تون رڳو اُن کي ڊيڄاريندين جيڪو نصيحت تي ھلي ۽ ٻاجھاري (الله) کان پرپُٺ ڊڄي، تہ پوءِ اُن کي بخشش ۽ سڳوري اجر جي خوشخبري ڏي
36:12 بيشڪ اسين مُئن کي جياريندا آھيون ۽ جيڪي (مَدا توڻي چڱا ڪم ڪري) اڳي موڪليائون سي ۽ سندن پيرن جا نشان لکون ٿا، ۽ ھر شئي کي پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻيو اٿون
36:13 ۽ اُنھن سان ڳوٺ (انطاڪيہ) وارن جو قصّو بيان ڪر، جڏھن وٽن پيغمبر آيا
36:14 جڏھن جو اُنھن ڏانھن ٻن پيغمبرن کي موڪليوسون، پوءِ ٻنھي کي ڪوڙو ڀانيائون، تنھنڪري ٽئين سان غلبو ڏنوسون، پوءِ (گڏجي) چيائون تہ، بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون
36:15 چيائون تہ اوھين تہ رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو ۽ ٻاجھاري (الله) ڪا شئي نہ لاٿي آھي، اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو
36:16 چيائون تہ اسان جو پالڻھار ڄاڻندو آھي، تہ بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون
36:17 ۽ اسان تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ لازم) نہ آھي
36:18 چيائون تہ بيشڪ اسان اوھان جي (اچڻ) سببان بدبختي سمجھي آھي، جيڪڏھن اوھين نہ جھلبؤ تہ اوھان کي پٿرن سان مارينداسون ۽ ضرور اسان کان اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو
36:19 (پيغمبرن) چيو تہ، اوھان جي بدبختي اوھان سان آھي، جيڪڏھن اوھان کي نصيحت ڏبي آھي تہ (اِنھيءَ ڪري) ڇا؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو
36:20 ۽ شھر جي پرين پاسي کان ھڪ مڙس ڊوڙندو آيو چيائين تہ، اي منھنجي قوم! پيغمبرن جي تابعداري ڪريو
36:21 (اوھين) اُنھن جي تابعداري ڪريو، جيڪي اوھان کان اُجورو نہ گھرندا آھن ۽ اُھي سڌيءَ واٽ وارا آھن
36:22 ۽ مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو اُنھيءَ (الله) جي عبادت نہ ڪريان، جنھن مونکي پيدا ڪيو ۽ (اوھين بہ) ڏانھس موٽايا ويندؤ
36:23 اُن کانسواءِ ٻيا معبود وٺان ڇا؟ جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) مونکي ڏُک پھچائڻ گھري تہ اُنھن جي شفاعت مونکان ڪجھ (بہ ڏک) نہ ٽاريندي ۽ نڪي (اُھي) مون کي ڇڏائيندا
36:24 (جي ايئن ڪندس تہ) بيشڪ آءٌ اُنھيءَ مھل پڌريءَ گمراھيءَ ۾ ھوندس
36:25 بيشڪ مون اوھان جي پالڻھار تي ايمان آندو آھي، پوءِ مون کان ٻُڌو
36:26 (اِن چوڻ تي کيس شھيد ڪيائون)، چيو ويس تہ بھشت ۾ گھڙ، چيائين ھاءِ ارمان! (جيڪر) منھنجي قوم ڄاڻي ھا
36:27 تہ ڇاجي ڪري منھنجي پالڻھار مون کي بخشيو ۽ مون کي سڳورن مان ڪيائين
36:28 ۽ کانئس پوءِ سندس قوم تي آسمان کان ڪو لشڪر نہ لاٿوسون ۽ نڪي (لشڪر) لاھيندڙ آھيون
36:29 (سندن سزا) رڳو ھڪ سخت رڙ ھئي، پوءِ اُنھيءَ (ئي) دم اُھي (باھ وانگر) وسامي (مري ويا)
36:30 ٻانھن تي ارمان آھي! (جو) وٽن ڪو (بہ اھڙو) پيغمبر نہ آيو، جنھن سان ٺـٺوليون نہ ٿي ڪيائون
36:31 نہ ڏٺو اٿن ڇا؟ تہ، کانئن اڳ ڪيترائي (ماڻھن جا) طبقا ناس ڪياسون (جو) اُھي اِنھن ڏانھن موٽي نہ ٿا اچن
36:32 ۽ جيڪي بہ آھن، سي سڀ اسان وٽ حاضر ڪبا
36:33 ۽ ھڪ نشاني اُنھن (جي جيارڻ) لاءِ مُئل زمين آھي، جنھن کي جياريوسون ۽ منجھانئس (اَن جا) داڻا ڪڍياسون، جو اُن مان کائيندا آھن
36:34 ۽ منجھس کجورين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪياسون ۽ اُنھن (باغن) ۾ ڪي چشما وھاياسون
36:35 (ھن لاءِ) تہ سندن ميوي مان کائيندا رھن ۽ اُنھن (ميون) کي سندن ھٿن نہ بڻايو آھي، پوءِ ڇو نہ شُڪرانو ڪندا آھن؟
36:36 اُھو (الله)، پاڪ آھي، جنھن اُھا شئي جيڪا زمين ڄمائيندي آھي سا ۽ سندن جيئن مان ۽ جيڪي (شيون) نہ ڄاڻندا آھن، تن مان سڀني جنسن کي جوڙو جوڙو (ڪَڙو ۽ مِٺو، نَر ۽ مادي) پيدا ڪيو
36:37 ۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني رات آھي، (جو) اُن مان ڏينھن کي ڇڪي ڪڍندا آھيون، پوءِ اُنھي مھل اُھي اونداھي ۾ رھندا آھن
36:38 ۽ سج پنھنجي ٽڪاءَ جي جاءِ تي پيو ھلندو آھي، اِھو غالب (الله) جو اندازو (ٺھرايل) آھي
36:39 ۽ چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون سون تان جو پراڻي کجيءَ جي (سڪل) ڇڙھيءَ وانگر وري (ڏنگو) ٿيندو آھي
36:40 نڪي سج کي چنڊ جي پھچڻ جي (ڪا) مجال آھي ۽ نڪي رات (سج لھڻ کان اڳ) ڏينھن تي اڳرائي ڪندڙ آھي، ۽ (سج ۽ چنڊ ۽ تارن مان) ھر ھڪ آسمان ۾ پيو ھلندو آھي
36:41 ۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني (ھيءَ بہ) آھي، جو اسان سندن اولاد کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ کنيو
36:42 ۽ اُنھن لاءِ اُن (ٻيڙيءَ) جھڙيون (ٻيون سواريون بہ) بڻايون سون جن تي سواري ڪندا آھن
36:43 ۽ جيڪڏھن گھرون تہ کين ٻوڙي ڇڏيون، پوءِ انھن لاءِ ڪو دانھن ورنائڻ وارو نہ ٿئي ۽ نڪي اُھي ڇڏائبا
36:44 پر پاڻ وٽان ٻاجھ ڪئي سون ۽ ھڪ وقت تائين (اُھي) آسودا ڪياسون
36:45 ۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ اُنھي (عذاب) کان ڊڄو جيڪو اوھان جي اڳيان ۽ اوھان جي پٺيان (اچڻو) آھي تہ منَ اوھان تي ٻاجھ ڪجي
36:46 ۽ سندن پالڻھار جي نشانين مان ڪائي (اھڙي) نشاني وٽن نہ ايندي آھي، جنھن کان (ھو) منھن موڙيندڙ نہ ھوندا آھن
36:47 ۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ جيڪي الله اوھان کي رزق ڏنو آھي، تنھن مان خرچيو، (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن تہ اھڙي کي ڇو کارايون؟ جو جيڪڏھن الله گھري ھا تہ کيس کارائي ھا! اوھين اڳو پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھيو
36:48 ۽ چوندا آھن تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اِھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو
36:49 اُھي رڳو ھڪ سخت آواز جو انتظار ڪندا آھن، جو اُھي اُنھيءَ حالت ۾ کين (اوچتو) پڪڙيندو، جو اُھي جھڳڙو ڪندا ھوندا
36:50 پوءِ (اُھي) نڪي وصيت ڪري سگھندا ۽ نڪي پنھنجي گھر وارن ڏانھن موٽي سگھندا
36:51 ۽ صُور ۾ ڦوڪبو، پوءِ اُتي جو اُتي پنھنجي پالڻھار ڏانھن قبرن مان ڊوڙندا
36:52 چوندا تہ، اسان لاءِ ويل آھي! اسان کي اسان جي سمھڻ جي جاءِ (قبرن) مان ڪنھن اُٿاريو؟ (ملائڪ چوندا ھائو!) ھيءُ اُھو آھي، جيڪو ٻاجھاري (الله) انجام ڏنو ھو ۽ پيغمبرن سچ چيو ھو
36:53 (اِھو واقعو) رڳو ھڪ سخت رڙ ھوندي، پوءِ اُھي اُتي جو اُتي گڏ ڪري اسان وٽ حاضر ڪيا ويندا
36:54 پوءِ اڄ ڪنھن جيءَ تي ڪجھ بہ ظلم نہ ڪبو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ، رڳو اُن جو اوھان کي بدلو ڏبو
36:55 بيشڪ بھشتي اڄ مزن ماڻڻ ۾ مشغول ھوندا
36:56 اُھي ۽ سندين زالون ڇانوَن ۾ پلنگن تي ٽيڪ ڏيئي وھندڙ ھوندا
36:57 اُنھن لاءِ بھشت ۾ ميوا آھن ۽ جيڪي گھرندا سو (پڻ) اُنھن لاءِ آھي
36:58 چيو ويندو تہ، پالڻھار مھربان (الله) کان (اوھان تي) سلام ھجي
36:59 ۽ (چونداسون تہ) اي گنھگارؤ! اڄ (نيڪن کان) جدا ٿيو
36:60 اي آدم جا اولاد! اوھان ڏانھن پيغام نہ موڪليو ھئم ڇا تہ، شيطان کي نہ پوڄجو، جو بيشڪ اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي
36:61 ۽ تہ منھنجي عبادت ڪجو، (جو) اِھا سڌي واٽ آھي
36:62 ۽ بيشڪ (شيطان) اوھان مان گھڻيءَ خلق کي گمراھ ڪيو، پوءِ اوھين نہ سمجھندا ھيؤ ڇا؟
36:63 ھيءُ اُھو دوزخ آھي، (جنھن) جو اوھان کي وعدو ڏبو ھو
36:64 اُن ۾ اڄ انھي ڪري گِھڙو جو ڪفر ڪندا ھيؤ
36:65 اڄ سندن واتن تي مُھر ھڻنداسون ۽ جيڪي ڪندا ھئا تنھن بابت سندن ھٿ اسان سان ڳالھائيندا ۽ سندن پير شاھدي ڏيندا
36:66 ۽ جيڪڏھن گھرون تہ سندين اکين کي ناس ڪريون، پوءِ واٽ ڏانھن ڊوڙن تہ ڪٿان ڏسندا؟
36:67 ۽ جيڪڏھن گھرون تہ سندين جاين تي (ئي) کين بد شڪل ڪري ڇڏيون تہ پوءِ نڪي اڳتي ھلي سگھن ۽ نڪي پوئتي موٽن
36:68 ۽ جنھن کي وڏي ڄمار وارو ڪندا آھيون، تنھن کي بڻاوت ۾ اُبتو ڪندا آھيون (ايتري ڳالھ بہ) نہ سمجھندا آھن ڇا؟
36:69 ۽ اُن (پيغمبر) کي نڪي شعر سيکاريو اٿون ۽ نڪي (شعر) اُن جو لائق آھي، ھيءُ تہ رڳو نصيحت ۽ پڌرو قرآن ئي آھي
36:70 تہ اُنھيءَ کي ڊيڄاري جيڪو جيئرو (يعني سمجھ وارو) ھجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي
36:71 نہ ڏٺو اٿن ڇا تہ اسان انھن لاءِ انھن شين مان ڍور پيدا ڪيا، جن کي اسان جي ھٿن بڻايو؟ پوءِ اُھي اُنھن جا مالڪ آھن
36:72 ۽ اُنھن (ڍورن) کي اُنھن جو تابعدار ڪيوسون، پوءِ منجھانئن ڪي سندن چڙھيءَ جا آھن ۽ منجھانئن ڪي (اُھي) کائيندا آھن
36:73 ۽ اُنھن لاءِ اُنھن ڍورن ۾ گھڻا فائدا آھن ۽ پيئڻ (جون شيون يعني کير) آھن، پوءِ ڇو نہ شُڪر ڪندا آھن؟
36:74 ۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا اٿن تہ منَ کين مدد ڏني وڃي
36:75 (اُھي) کين مدد ڏيئي نہ سگھندا ۽ اِھي (بُت) اُنھن جو لشڪر ٿي گڏ ڪيا ويندا
36:76 پوءَ (اي پيغمبر!) تو کي سندن چوڻ نہ ڏکوئي، جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن، سو بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا
36:77 ماڻھوءَ نہ ڏٺو آھي ڇا تہ، اسان کيس نُطفي مان بڻايو، پوءِ اُھو اُنھيءَ (ئي) مھل پڌرو جھيڙاڪ ٿيندو آھي
36:78 ۽ انسان لاءِ ھڪ مثال بيان ڪندو آھي ۽ پنھنجيءَ پيدائش کي وساريندو آھي، چوندو آھي تہ (ھنن) ھڏن کي ڪير جياريندو، جنھن حالت ۾ اُھي ڀُتا ٿيل ھوندا؟
36:79 (اي پيغمبر! کين) چئو تہ، جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي
36:80 جنھن سائي وڻ مان اوھان لاءِ باھ پيدا ڪئي، پوءِ اوھين انھيءَ مھل منجھانئس (باھ) ٻاريندا آھيو
36:81 جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو اِنھن جھڙن جي بڻائڻ تي وس وارو نہ آھي ڇا؟ ھائو! (وس وارو آھي)، ۽ اُھو وڏو بڻائيندڙ، (سڀ) ڄاڻندڙ آھي
36:82 سندس حُڪم ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪونہ آھي تہ جڏھن ڪا شئي بڻائڻ گھرندو آھي، تڏھن اُن لاءِ رڳو چوندو آھي تہ ٿيءُ تہ (اُھا شئي) ٿي پوندي آھي
36:83 پوءِ اُھو (الله) پاڪ آھي، جنھن جي ھٿ ۾ ھر شئي جي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھين موٽايا ويندؤ