35:1
سڀ ساراھ خاص الله کي جُڳائي جو آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي، ملائڪن کي قاصد ڪرڻ وارو آھي، جو ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چَئن چَئن پَرن وارا آھن، جيڪي گھري سو خلقت ۾ وڌائي ٿو، بيشڪ الله ھر شئي تي وس وارو آھي
35:2
الله ماڻھن لاءِ (پنھنجيءَ) ٻاجھ مان جيڪي کوليندو تنھن کي ڪو بند ڪرڻ وارو نہ آھي، ۽ جيڪي بند ڪندو تنھنکي اُن (جي بند ڪرڻ) کانپوءِ ڪو کولڻ وارو نہ آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
35:3
اي ماڻھؤ! پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو، الله کانسواءِ ڪو بڻائيندڙ آھي ڇا؟ جو آسمان ۽ زمين مان اوھان کي روزي ڏئي ٿو، اُن (الله) کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو؟
35:4
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن ڪوڙو ڀائين تہ بيشڪ تو کان اڳ (ٻيا ڪيترائي) پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا، ۽ سڀ ڪم الله ڏانھن موٽائجن ٿا
35:5
اي ماڻھؤ! بيشڪ الله جو اَنجام سچو آھي، تنھنڪري نڪي اوھان کي دنيا جي حياتي ٺڳي ۽ نڪي (شيطان) الله بابت اوھان کي ٺڳي
35:6
بيشڪ شيطان اوھان جو ويري آھي، تنھنڪري اُن کي ويري (ڪري) وٺو (ھو) پنھنجيءَ ٽوليءَ کي رڳو ھن لاءِ سڏيندو آھي تہ دوزخين مان ٿين
35:7
جن ڪُفر ڪيو، تن لاءِ سخت عذاب آھي ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي
35:8
جنھن لاءِ سندس بڇڙو ڪم سينگاريو ويو، پوءِ اُن کي ھن چڱو (ڪري) ڏٺو (سو چڱي ڪم ڪندڙ جھڙو ھوندو) ڇا؟ پوءِ بيشڪ الله جنھن کي گھرندو آھي، تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو آھي، تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، تنھنڪري مٿن ارمان ڪرڻ سببان تنھنجو ساھ نہ وڃي! ڇو تہ جيڪي ڪندا آھن، سو الله ڄاڻندڙ آھي
35:9
۽ الله اُھو آھي، جنھن وائن کي موڪليو، پوءِ اُنھن ڪڪر کي کنيو، پوءِ اُن (ڪڪر) کي ويران ڳوٺ ڏانھن روانو ڪيوسون، پوءِ اُن (جي پاڻيءَ) سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ جياريوسون، اھڙيءَ طرح (قبرن مان) مُئن جو اُٿڻ آھي
35:10
جيڪو مانُ گھري (سو ياد رکي) تہ سڀ مانُ الله لاءِ ئي آھي (اُن وٽان عزت ملندي آھي)، ڏانھس پاڪ سُخن چڙھندو آھي ۽ اُن (پاڪ سُخن) کي چڱو عمل مٿي چاڙھيندو آھي، ۽ جيڪي بڇڙاين جي رٿ ڪندا آھن تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ اُھا رٿ اُنھن جي برباد ٿيندي
35:11
۽ الله اوھان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، وري نطفي مان (بڻايائين) وري اوھان کي جوڙو جوڙو (مڙس ۽ زال) ڪيائين، ۽ مادين مان ڪابہ سندس علم کانسواءِ نڪي ڍُڪي ٿيندي آھي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ نڪي ڪنھن وڏي عمر واري کي ڄمار ڏبي آھي ۽ نڪي سندس ڄمار مان (ڪجھ) گھٽائبو آھي مگر (اُھو) ڪتاب ۾ لکيل آھي، بيشڪ اھو (ڪم) الله تي آسان آھي
35:12
۽ (اُھي) ٻہ درياءَ ھڪ جھڙا نہ آھن، (جن مان) ھيءُ ھڪ مِٺو اُڃ لاھيندڙ آھي، سندس پاڻي وڻندڙ آھي ۽ اُھو (ٻيو) کارو ڪڙو آھي، ۽ ھر ھڪ مان (مڇيءَ جو) تازو گوشت کائيندا آھيو ۽ زيور (يعني موتي منجھائن) ڪڍندا آھيو جي پائيندا آھيو، ۽ منجھس (پاڻيءَ کي) چيريندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين، (ھن لاءِ) تہ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
35:13
رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ مقرر وقت تي ھلندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي، اُن جي بادشاھي آھي ۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھيو، سي کارڪ جي ککڙيءَ جي تند (جيتري ذري) جا (بہ) مالڪ نہ آھن
35:14
جيڪڏھن کين سڏيو تہ اوھان جو سڏ نہ ٻڌندا آھن ۽ جيڪڏھن (کڻي) ٻڌن (بہ) تہ بہ اوھان کي ورندي نہ ڏيندا ۽ قيامت جي ڏينھن اوھان جي شريڪ ٺھرائڻ جا منڪر ٿيندا ۽ تو کي خبر رکندڙ جھڙي ڪوبہ خبر نہ ڏيندو
35:15
اي ماڻھؤ! اوھين الله ڏانھن مُحتاج آھيو، ۽ الله اُھو ئي بي پرواھ ساراھيل آھي
35:16
جيڪڏھن گھري تہ اوھان کي ناس ڪري ۽ نئين خلق پيدا ڪري
35:17
۽ اِھو (ڪم) الله کي اَوکو نہ آھي
35:18
۽ ڪوبہ بار کڻندڙ ٻئي جو بار نہ کڻندو ۽ جيڪڏھن (گناھن جي) ڳري بار وارو پنھنجي بار کڻڻ ڏانھن ڪنھن کي سڏيندو، توڻيڪ مائٽيءَ وارو ھوندو تہ بہ منجھانئس ڪجھ نہ کنيو ويندو، تون تہ انھن کي ڊيڄاري سگھندين، جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپُٺ ڊڄندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن، ۽ جيڪو پاڪائي ڪري ٿو سو رڳو پاڻ لاءِ پاڪائي ڪري ٿو، ۽ الله ڏانھن موٽڻو آھي
35:19
۽ انڌو ۽ سڄو برابر نہ آھن
35:20
۽ نڪي اونداھيون ۽ نڪي سوجھرو
35:21
۽ نڪي ڇانوَ ۽ نڪي اُس (پاڻ ۾ ھڪ جھڙا آھن)
35:22
۽ نڪي جيئرا ۽ نڪي مُئا برابر ٿين ٿا، بيشڪ الله جنھن کي گھري تنھن کي ٻڌائيندو آھي، ۽ تون ڪو قبرن وارن کي ٻڌائيندڙ نہ آھين
35:23
تون تہ رڳو ڊيڄاريندڙ آھين
35:24
بيشڪ، اسان تو کي سچي دين سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ اھڙي ڪا ٽولي آھي ئي ڪانہ جنھن ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نہ گذريو آھي
35:25
۽ جيڪڏھن تو کي ڪوڙو ڀائين ٿا تہ کانئن اڳين بہ بيشڪ ڪوڙو ڀانيو ھو، جن وٽ سندن پيغمبر چِٽن معجزن سان ۽ صحيفن سان ۽ روشن ڪتابن سان آيا ھئا
35:26
وري ڪافرن کي پڪڙيم، پوءِ منھنجي سزا ڪيئن ھئي!
35:27
نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ الله آسمانن کان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ميوا پيدا ڪياسون جن جا رنگ قسمين قسمين آھن، ۽ جبلن مان ڌارون آھن، ڪي اڇيون ۽ ڪي ڳاڙھيون انھن جا طرحين طرحين رنگ آھن ۽ ڪي نھايت ڪاريون (بہ) آھن
35:28
۽ اھڙيءَ طرح ماڻھن ۽ چرندڙن (ساھدارن) ۽ ڍورن مان (بہ) جو اُنھن جا رنگ طرح طرح جا آھن، (بڻاياسين)، الله کان سندس ٻانھن مان رڳو علم وارا ڊڄندا آھن، بيشڪ الله غالب بخشڻھار آھي
35:29
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) الله جو ڪتاب پڙھندا آھن ۽ نماز (پوريءَ طرح) پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين ڏنوسون، تنھن مان ڳُجھو ۽ پڌرو خرچيندا آھن، سي اھڙي واپار جي اميد رکندا آھن، جا ڪڏھن نہ برباد ٿيندو
35:30
(ھن لاءِ) تہ الله کين سندن اجر پورو ڏئي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ بہ ڏئي، ڇو تہ اُھو بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي
35:31
۽ جيڪي توڏانھن ڪتاب مان وحي ڪيوسون سو سچ آھي، جيڪي کانئس اڳ آھن، تن کي بہ سچّو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي
35:32
وري انھن کي ڪتابن جو وارث ڪيوسون، جن کي پنھنجن ٻانھن مان چونڊيوسون، پوءِ منجھائن ڪي پاڻ لاءِ ظالم آھن، ۽ منجھائن ڪي وچٿرا آھن، ۽ منجھائن ڪي الله جي حُڪم سان چڱائين ۾ اڳرائي ڪندڙ آھن، اِھوئي وڏو فضل آھي
35:33
(اُنھن لاءِ ھميشہ وارا باغ آھن) جن ۾ (اُھي) گھڙندا منجھن سونَ جا ڪنگڻ ۽ موتي پھرائبن ۽ انھن ۾ سندن لباس پَٽ ھوندو
35:34
۽ چوندا تہ، سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جڳائي، جنھن اسان کان (سڀ) ڏُک ٽاريا، بيشڪ اسان جو پالڻھار بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي
35:35
جنھن اسان کي پنھنجي فضل سان سدائين رھڻ واري ھنڌ لاٿو، نڪي اسان کي منجھس ڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اسان کي منجھس ڪو ٿَڪ پھچندو
35:36
۽ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ دوزخ جي باھ آھي، نڪي مٿن حُڪم ڪبو تہ مرن ۽ نڪي کانئن اُن جي عذاب مان ڪي ھلڪو ڪبو، سڀڪنھن بي شُڪر کي اھڙيءَ طرح سزا ڏيندا آھيون
35:37
۽ اُھي (دوزخي) منجھس دانھون ڪندا، تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ڪڍ تہ جيڪي ڪم ڪندا ھئاسون، تن ڌاران ٻيا چڱا ڪم ڪريون (چيو ويندن تہ) اوھان کي ايتري ڄمار نہ ڏني ھئي سون ڇا؟ تہ، جيڪو نصيحت وٺڻ گھري ھا سو منجھس نصيحت وٺي سگھي ھا ۽ اوھان وٽ ڊيڄاريندڙ (بہ) آيو، تنھنڪري (پنھنجيءَ ڪمائيءَ جو مزو) چکو، ڇو تہ ظالمن جو ڪو مددگار نہ آھي
35:38
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي، بيشڪ اُھو سِينن وارو (ڳُجھ بہ) ڄاڻندڙ آھي
35:39
(الله) اُھو آھي، جنھن اوھان کي زمين ۾ (اڳين جو) پيڙھيءَ وارو ڪيو، پوءِ جيڪو ڪُفر ڪندو، تنھن تي سندس ڪفر (جو نقصان) آھي، ۽ نڪي ڪافرن لاءِ سندن ڪُفر سندن پالڻھار وٽ ڏمر کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) وڌائيندو، ۽ نڪي ڪافرن لاءِ سندن ڪفر نقصان کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) وڌائيندو
35:40
(کين) چئو تہ، الله کانسواءِ جن پنھنجن (ٺھرايلن) بُتن کي سڏيندا آھيو، سي ڏٺا اٿوَ ڇا؟ مون کي ڏيکاريو تہ زمين مان ڇا بڻايو اٿن؟ يا آسمانن ۾ سندن ڪا ڀائيواري آھي ڇا؟ يا کين ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا؟ جو اُھي اُن جي پڌريءَ حُجّت تي آھن؟ (نہ!) بلڪ ظالم ھڪ ٻئي کي رڳو ٺڳيءَ جو انجام ڏيندا آھن
35:41
بيشڪ، الله آسمانن ۽ زمين کي ٿڙڻ کان نگاھ (۾) رکندو آھي ۽ جيڪڏھن ٿڙيا تہ الله کانپوءِ انھن کي روڪي نہ سگھندو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي
35:42
۽ اُنھن پنھنجن پڪن قسمن سان الله جو قسم کنيو تہ جيڪڏھن وٽن ڪوبہ ڊيڄاريندڙ آيو تہ ھر ھڪ امت کان وڌيڪ ھدايت وارا ٿيندا، پوءِ جنھن مھل ڊيڄاريندڙ وٽن آيو، (تنھن مھل اُن جي اچڻ) رڳو سندن نفرت وڌائي
35:43
مُلڪ ۾ وڏائي ڪرڻ ۽ بڇڙيءَ رٿ رٿڻ سبب (نفرت ڪيائون)، ۽ بڇڙيءَ رٿ رٿڻ (جو نتيجو) اُن جي ھلت ڪرڻ وارن کانسواءِ ٻئي تي نہ پوندو آھي، تنھن ڪري رڳو اڳين جي (عذاب جي) دستور جا منتظر آھن، پوءِ (تون) ڪڏھن الله جي دستور کي ڪا مَٽ سَٽ نہ ڏسندين، ۽ (تون) الله جي دستور کي ڪڏھن ڪا ڦير گھير نہ ڏسندين
35:44
زمين ۾ نہ گھميا آھن ڇا؟ جو ڏسن تہ جيڪي کانئن اڳ ھئا تن جي پڇاڙي ڪھڙي ٿي، اُھي کانئن سگھ ۾ بہ تمام ڏاڍا ھئا، ۽ الله اھڙو نہ آھي؟ جو کيس آسمانن ۾ ڪابہ شئي ٿڪائي ۽ نڪي زمين ۾ (ٿڪائي)، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي
35:45
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ڪرتوتن سببان پڪڙي ھا تہ ڪو چُرندڙ زمين جي پُٺيءَ تي نہ ڇڏي ھا، پر طئي ٿيل مُدّت تائين کين مُھلت ڏئي ٿو، پوءِ جڏھن سندن مُدت آئي تڏھن بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن کي ڏسندڙ آھي