34:1
سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جو جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي، سو (سڀ) سندس آھي ۽ اُن جي ئي ساراھ آخرت ۾ آھي ۽ اُھو ئي حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي
34:2
جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي منجھانئس نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھندو آھي سو (سڀ اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ اُھو ئي بخشڻھار مھربان آھي
34:3
۽ ڪافر چوندا آھن تہ اسان تي قيامت (ڪڏھن) نہ ايندي، (کين) چئو تہ، ھائو مون کي پنھنجي (اُنھيءَ) پالڻھار ڳُجھ ڄاڻيندڙ جو قسم آھي تہ اوھان وٽ ضرور ايندي، جنھن کان ذري جيترو نڪي آسمانن ۽ نڪي زمين ۾ ڳُجھو رھي ٿو ۽ اُن کان تمام ننڍي (ڪا شئي اھڙي) ڪانھي ۽ نڪي تمام وڏي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نہ آھي
34:4
ھن لاءِ تہ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بدلو ڏئي، اُنھن لاءِ ئي بخشش ۽ عزت واري روزي آھي
34:5
۽ جيڪي اسان جي آيتن ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڊوڙيا انھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آھي
34:6
۽ جن کي عِلم ڏنو ويو آھي، سي سمجھندا آھن تہ جيڪو (قرآن) تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن نازل ڪيو ويو آھي، سو برحق آھي ۽ غالب ساراھيل (الله) جي واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريندڙ آھي
34:7
۽ ڪافر (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن تہ، اوھان کي اھڙو ماڻھو ڏسيون ڇا؟ جو اوھان کي ٻڌائي ٿو تہ جڏھن (اوھين) ڳري صفا ذرا ذرا ٿيندؤ (تڏھن) بيشڪ اوھين نئين سر بڻايا ويندؤ
34:8
(اُنھيءَ) الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو آھي يا کيس ڪا چريائي آھي، (نہ!) بلڪ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن، سي عذاب ۾ ھُوندا ۽ (اُھي) وڏي ڀُل ۾ آھن
34:9
جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آسمان ۽ زمين مان (بڻايو ويو) آھي سو (غور ڪري) نہ ڏٺائون ڇا؟ جيڪڏھن گھُرون تہ کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏيون يا آسمان کان مٿن ٽُڪرا ڪيرايون، بيشڪ اِن ۾ سڀڪنھن (الله ڏانھن) ورندڙ ٻانھي لاءِ (وڏي) نشاني آھي
34:10
۽ بيشڪ دائود کي پاڻ وٽان بزرگي ڏني سون، (۽ حُڪم ڪيوسون تہ) اي جبلؤ! ساڻس تسبيحون چئو ۽ پکين کي (اُن جو فرمانبردار ڪيوسون)، ۽ اُن لاءِ لوھ کي نرم ڪيوسون
34:11
(حڪم ڏنوسون تہ) ويڪريون زرھون بڻاءِ ۽ اندازي سان ڪڙيون ٺاھ، ۽ (اي دائود جي گھراڻي وارؤ!) چڱا ڪم ڪريو، ڇو تہ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو، سو بيشڪ آءٌ ڏسندڙ آھيان
34:12
۽ واءُ کي سُليمان لاءِ (نِوايوسون) اُن جي اڳياڙيءَ جي منزل مھيني جو پنڌ ۽ پوياڙيءَ جي منزل (بہ) مھيني جو پنڌ ھئي ۽ اُن لاءِ ٽامي جو چشمو وَھايوسون، ۽ جنّن مان (بہ ڪن کي فرمانبردار ڪيوسون) جو سندس پالڻھار جي حڪم سان سندس اڳيان ڪمائيندا ھئا، ۽ منجھائن جيڪو اسان جي حُڪم کان مڙيو تنھن کي باھ جو عذاب چکائينداسون
34:13
جيڪي گھرندو ھو سو اُن لاءِ ڪي قلعا ۽ مُورتون ۽ حوض جيڏا پيالا ۽ وڏيون ديڳيون، جي نہ چُرنديون ھيون سي بڻائيندا ھئا، (چيوسون تہ) اي دائود جا اولاد! شُڪرانو ڪريو، ۽ منھنجن ٻانھن مان ٿورا شُڪرانو ڪندڙ آھن
34:14
پوءِ جنھن مھل مٿس موت کي حُڪم ڪيوسون (تنھن مھل) سندس موت تي اُڏيھيءَ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) اُنھن (جِنّن) کي نہ چتايو جو سندس لٺ کي ٿي کاڌائين، پوءِ جنھن مھل ڪريو (تنھن مھل) جِنّن معلوم ڪيو تہ جيڪڏھن ڳجھ ڄاڻن ھا تہ خواريءَ واري عذاب ۾ نہ رھن ھا!
34:15
بيشڪ سبا جي قوم لاءِ سندن ديسن ۾ ھڪ نشاني ھُئي، (يعني) ٻہ باغ سڄي ۽ کٻي پاسي کان ھئا، (چيو وَيُن تہ) پنھنجي پالڻھار جي رزق مان کائو ۽ سندس شڪرانو ڪريو، (اوھان لاءِ ھيءُ) شھر سٺو آھي ۽ پالڻھار بخشڻھار آھي
34:16
پوءِ (شڪر ڪرڻ کان) منھن موڙيائون تنھنڪري (بند ڀڃي) سخت ڇَـرَ کي مٿن وھايوسين ۽ سندن (اُنھن) ٻن باغن جي بدلي کين (ٻيا) ٻہ باغ ڦڪن ميون ۽ لَئِن وارا ۽ ڪجھ ٿورين ٻيرين وارا ڏناسون
34:17
سندن بي شڪريءَ سببان کين اِھا سزا ڏني سون، ۽ بي شڪر کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي سزا نہ ڏيندا آھيون
34:18
۽ سندن وچ ۾ ۽ اُھي ڳوٺ جن ۾ برڪت رکي سون تن جي وچ ۾ پڌرا ڳوٺ (لڳولڳ) ڪياسون ۽ انھن ۾ اچ وڃ جو پورو بندوبست رکيوسون، (چيوسون تہ) راتيان ۽ ڏينھان منجھن بي ڀؤا گھمندا رھو
34:19
پوءِ چيائون تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان جي مسافرين ۾ ڏورائي ڪر ۽ پاڻ تي ظلم ڪيائون، تنھن ڪري اُنھن کي (ٻـين جي لاءِ) آکاڻيون ڪيوسين ۽ کين تمام ذرا پرزا ڪري ڇني ڦاڙي ڇڏيوسون، بيشڪ ھن ۾ سڀڪنھن وڏي صابِر شاڪر لاءِ نشانيون آھن
34:20
۽ بيشڪ ابليس انھن بہ نسبت پنھنجي گمان کي سچو لڌو جو مؤمنن جي ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ ٻـين اُن جي تابعداري ڪئي
34:21
۽ اُن جو مٿن ڪو زور نہ ھو پر (اسين پرکون) تہ جيڪو آخرت کي مڃيندو ھجي، تنھن کي انھيءَ کان ڌار ڪريون جيڪو اُن کان شڪ ۾ (پيل) ھجي، ۽ تنھنجو پالڻھار سڀڪنھن شئي تي نگھبان آھي
34:22
(کين) چئو تہ الله کانسواءِ جن ۾ اوھين (خدائي جو) گمان ڪندا آھيو تن کي سڏيو، اُھي نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ذري جيترا (بہ) مالڪ آھن ۽ نڪي منجھن ڪا ڀائيواري آھي ۽ نڪي منجھائن ڪو الله جو مددگار آھي
34:23
نڪي وٽس (ٻئي ڪنھن جي) سفارش فائدو ڏيندي، مگر جنھن لاءِ اجازت ڏني ھوندائين (فرشتا ڪنھن حڪم نازل ٿيڻ مھل گھٻرائجي ويندا آھن) تانجو جنھن مھل سندن دلين کان پريشاني لھندي آھي (تنھن مھل) چوندا آھن تہ اوھان جي پالڻھار ڇا چيو آھي؟ (مٿان ملائڪ ھيٺين کي) چوندا تہ سچ فرمايو اٿس ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون وڏو آھي
34:24
(کين) چئو تہ اوھان کي آسمانن ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ چئو تہ الله (ڏيندو آھي) ۽ بيشڪ اسين يا اوھين (يا تہ) ھدايت تي آھيون يا پڌريءَ گُمراھي ۾
34:25
چئو تہ جيڪي اسان ڏوھ ڪيا آھن، تنھن بابت اوھين نہ پڇيا ويندؤ ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو، تنھن بابت اسين نہ پُڇيا وينداسين
34:26
چئو تہ اسان جو پالڻھار اسان (مڙني) کي گڏ ڪندو، وري اسان (۽ اوھان) جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪندو، ۽ اُھو ئي (سچو) فيصلو ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي
34:27
چئو تہ، جن کي اوھان ساڻس شريڪ بڻائي ملايو آھي، سي مون کي ڏيکاريو (چئو تہ) اھڙيءَ طرح نہ آھي، بلڪ اُھو الله غالب حِڪمت وارو آھي
34:28
۽ (اي پيغمبر!) تو کي تہ مڙني ماڻھن لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليوسون پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
34:29
۽ چوندا آھن تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اِھو (قيامت جو) انجام ڪڏھن ٿيندو؟
34:30
چئو تہ، اوھان لاءِ اھڙي ڏينھن جو انجام آھي، جنھن کان ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندؤ ۽ نڪي اڳي ويندؤ
34:31
۽ ڪافر چون ٿا تہ، ھن قرآن کي ڪڏھن نہ مڃينداسون ۽ نڪي اُنھي کي جو کانئس اڳ آھي، ۽ (اي ڏسندڙ!) جڏھن ظالم پنھنجي پالڻھار اڳيان بيھاربا (تڏھن) جيڪڏھن ڏسين تہ (عجب ڪرين)، جو (پاڻ ۾) اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏي ڳالھ ورائيندا، جيڪي ھيڻا آھن سي ھٺيلن کي چوندا تہ جيڪڏھن اوھان نہ ھجو ھا تہ اسين مؤمن ھجون ھا
34:32
ھٺيلا ھيڻن کي چوندا تہ جڏھن (ھدايت) اوھان وٽ آئي تڏھن اسان اوھان کي ھدايت کان جھليو ھو ڇا؟ (نہ!) بلڪ اوھين پاڻ گنھگار ھيؤ
34:33
۽ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا تہ (ايئن نہ آھي) بلڪ رات ۽ ڏينھن جي (اوھان جي) مڪر ڪرڻ (اسان کي جھليو ھو) جڏھن اسان کي حُڪم ڪندا ھيؤ تہ الله سان ڪفر ڪريون ۽ ساڻس شريڪ ٺھرايون، ۽ جڏھن عذاب کي ڏسندا (تڏھن) پشيماني (دل ۾) لڪائيندا ۽ ڪافرن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجھنداسون، جيڪي ڪندا ھئا تنھن کانسواءِ ٻئي جي سزا نہ ڏبن
34:34
۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نہ موڪليوسون، مگر اُن جي عياشين (ماڻھن) چيو تہ، بيشڪ جنھن شئي سان اوھين موڪليا ويا آھيو، (تنھنکي) اسين نہ مڃيندڙ آھيون
34:35
۽ چيائون تہ اسين گھڻي مال ۽ اولاد وارا آھيون ۽ اسان کي عذاب ٿيڻو نہ آھي
34:36
چئو تہ منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھري تنھن جي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري تنھن جي) تنگ ڪندو آھي پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
34:37
۽ نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد اھڙي شئي آھن، جو اوھان کي اسان وٽ مرتبي جي ڪري ويجھو ڪن، پر (ويجھا اُھي آھن) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن جيڪي ڪمايو، تنھن سببان اُنھن لاءِ ٻيڻو بدلو آھي ۽ اُھي بي ڀوا وڏين ماڙين ۾ رھندا
34:38
۽ جيڪي اسان جي آيتن (جي رد ڪرڻ) ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڪوشش ڪندا آھن، اُھي عذاب ۾ حاضر ڪبا
34:39
چئو تہ، بيشڪ منھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي، تنھن جي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن جي) تنگ ڪندو آھي ۽ جيڪي اوھين ڪُجھ خرچيندؤ، تنھن جو الله بدلو ڏيندو، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي
34:40
۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو وري ملائڪن کي چوندو تہ (ھيءُ) اُھي آھن ڇا جي اوھان کي پوڄيندا ھئا؟
34:41
(ملائڪ) چوندا تہ تون پاڪ ذات آھين، تون اسان جو سائين آھين، نہ اُھي، بلڪ اُھي جنن کي پوڄيندا ھئا، انھن مان گھڻا کين مڃيندڙ ھئا
34:42
پوءِ اڄ اوھان مان ڪوبہ ھڪ ٻئي کي نڪي سُک پُھچائڻ جو ۽ نڪي ڏک پھچائڻ جو اختيار رکي ٿو، ۽ ظالمن کي چونداسون تہ اُن باھ جي سزا جو (جو مزو) چکو، جنھن کي اوھين ڪُوڙ ڀائيندا ھيؤ
34:43
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن، تڏھن (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن تہ ھيءُ رڳو ھڪڙو ماڻھو آھي، جو جنھن کي اوھان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھئا، تنھن کان اوھان کي جھلڻ گھرندو آھي، ۽ چوندا آھن تہ ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙو ٺاھ آھي، ۽ ڪافرن وٽ جڏھن سچي ڳالھ آئي (تڏھن) اُن لاءِ چوندا آھن تہ ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي
34:44
حالانڪ اُنھن (مشرڪن) کي نڪو ڪو ڪتاب ڏنوسون جنھن کي پڙھن، ۽ نڪي توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ اُنھن ڏانھن موڪليوسون
34:45
۽ کانئن اڳين بہ ڪوڙ ڄاتو ھو، حالانڪ جيڪي انھنکي ڏنو ھيوسون تنھن جي ڏھينءَ پتيءَ کي بہ (اُھي مشرڪ) نہ پُھتا آھن، پوءِ اُنھن اسان جي پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو، پوءِ منھنجو عذاب ڪيئن ھو؟
34:46
(کين) چئو تہ اوھان کي رڳو ھڪ ڳالھ جي نصيحت ڪريان ٿو، تہ ٻہ ٻہ ۽ ھڪ ھڪ ٿي الله (جي ڪم) لاءِ کڙا ٿيو، وري پروڙيو (تہ) اوھان جي سنگتيءَ کي ڪا چريائي نہ آھي، (بلڪ) اُھو تہ سخت عذاب (جي پھچڻ) کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريندڙ آھي
34:47
(کين) چئو تہ اوھان کان ڪوئي اُجورو گھريو ھجيم سو اوھان کي ئي ھجي، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نہ آھي، ۽ اُھو ھر شئي تي شاھد آھي
34:48
(کين) چئو تہ، بيشڪ منھنجو پالڻھار حق کي منھنجي دل ۾ وجھندو آھي، (اُھو) ڳُجھن جو ڄاڻندڙ آھي
34:49
(کين) چئو تہ، حق آيو ۽ ڪوڙو (معبود) نڪي نئين سر پيدا ڪري ٿو نڪي بِھر پيدا ڪندو
34:50
(کين) چئو تہ، جيڪڏھن گمراھ ٿيس تہ رڳو پاڻ لاءِ گمراھ ٿيان ٿو ۽ جيڪڏھن ھدايت وارو ٿيس تہ (اُھا) اُنھيءَ سببان آھي جو منھنجو پالڻھار مون ڏانھن وحي موڪليندو آھي، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ويجھو آھي
34:51
۽ جنھن مھل پريشان ٿيندا ۽ (الله جي عذاب کان) ڇوٽڪارو ڪونہ لھندا ۽ ويجھي ھنڌان پڪڙبا (تنھن مھل) جيڪڏھن ڏسين (تہ عجب ڪرين!)
34:52
۽ چوندا تہ (ھاڻي) اُن (قرآن) تي ايمان آندوسون ۽ (اُتي دُنيا جي) پري واري ھنڌ کان کين (ايمان) ڪٿان ھٿ ايندو؟
34:53
حالانڪ اڳي اُن قرآن کي نہ مڃيندا ھئا ۽ پري واري ھنڌ کان اَڻ ڏٺو (گُمان جا تير) اُڇليندا رھيا
34:54
۽ اُنھن جي ۽ اُھي جيڪي سَڌون ڪندا رھيا تن جي وچ ۾ اَڙ وڌي ويئي جھڙيءَ طرح انھن جھڙن (ٻـين) کان اڳ ڪيو ويو، ڇو تہ اُھي بہ وڏي شڪ ۾ پيل ھئا