33:1
اي پيغمبر! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نہ مڃ، بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
33:2
۽ جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن وحي ڪجي ٿو، تنھنجي تابعداري ڪر، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
33:3
۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله سنڀاليندڙ ڪافي آھي
33:4
الله ڪنھن ماڻھوءَ جي اندر ۾ ٻہ دليون (پيدا) نہ ڪيون آھن، ۽ نڪي اوھان جي انھن زالن کي جن کي اوھين ماءُ چئي ويٺا آھيو، سي اوھان جون (حقيقي) مائر ڪيائين، ۽ نڪي اوھان جي پُٽيلن کي اوھان جا (حقيقي) پُٽ ڪيائين، اھو اوھان جو چوڻ اوھان جي واتن جو آھي، ۽ الله سچ چوندو آھي ۽ اُھوئي (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي
33:5
کين سندن پپن جا (پٽ ڪري) سڏيو، اِھو الله وٽ بلڪل انصاف آھي، پوءِ جيڪڏھن سندن پيئر نہ ڄاڻندا ھجو تہ اوھان جا دين ۾ ڀائر ۽ اوھان جا دوست آھن، ۽ جنھن ڳالھائڻ ۾ غلطي ڪئي ھجيوَ، تنھن ۾ اوھان تي ڪو گناھ نہ آھي، پر اوھان جي دلين جيڪي ڄاڻي واڻي ڪيو (تنھن ۾ گناھ آھي)، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
33:6
پيغمبر مؤمنن تي سندن جندن کان وڌيڪ حق رکندو آھي ۽ سندس زالون سندن مائر آھن، ۽ مائٽي وارا ھڪ ٻئي جا پاڻ ۾ الله جي ڪتاب ۾ (ٻـين) مؤمنن ۽ ھجرت ڪندڙن کان وڌيڪ حقدار آھن، پر پنھنجن دوستن سان احسان ڪريو (تہ جائز آھي)، اِھو (حُڪم) ڪتاب ۾ لکيل آھي
33:7
۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبرن کان سندن انجام ورتوسون ۽ (پڻ) توکان ۽ نُوح ۽ ابراھيم ۽ موسىٰ ۽ عِيسىٰ پٽ مريم جي کان (بہ ورتوسون) ۽ (ھن لاءِ) کانئن پڪو انجام ورتوسون
33:8
تہ (الله) سچن کان سندن سچائيءَ بابت پُڇي، ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس
33:9
اي ايمان وارؤ! پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو، جڏھن (ڪافرن جا) لشڪر اوھان تي (چڙھائي ڪري) آيا، تڏھن مٿن واءُ موڪليوسون ۽ (اوھان جي مدد لاءِ ملائڪن جا) اھڙا لشڪر بہ، جن کي اوھان نہ ٿي ڏٺو (پوءِ ڪافرن کي ڀڄائي اوھان کي بچايوسون) ۽ جيڪي ڪريو ٿا سو الله ڏسندڙ آھي
33:10
جڏھن (اُھي) اوھان جي مٿان ۽ اوھان جي ھيٺان اوھان وٽ آيا ۽ اُنھيءَ مھل اکيون ڏرا ڏيئي ويون ۽ دليون (دھشت کان) نِڙگھٽن کي پُھتيون ۽ الله جي بہ نسبت ڪيئي گمان ڀانيوَ ٿي!
33:11
اُتي مُؤمنن کي پرکيو ويو ۽ کين تمام سخت لوڏيو ويو
33:12
۽ اُنھيءَ مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي، تن چيو ٿي تہ الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انجام نہ ڏنو آھي
33:13
۽ اُنھيءَ مھل منجھانئن ھڪ ٽوليءَ چيو تہ، اي مديني وارؤ! اوھان لاءِ (ھتي ترسڻ جي) ڪا جاءِ ڪانھي، تنھنڪري موٽو، ۽ منجھانئن ھڪ ٽوليءَ پيغمبر کان موڪلايو ٿي ۽ چوڻ لڳا تہ اسان جا گھر ھيڪلا آھن، حالانڪ اُھي ھيڪلا نہ ھئا، ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نہ ھئن
33:14
۽ جيڪڏھن اُن (مديني) جي آس پاس کان مٿن ڪا (ڪافرن جي فوج) اچي ڪڙڪي ھا، وري کانئن گھُرو جنگ گھُرڻ ۾ اچي ھا تہ ضرور اُھا ڪن ھا ۽ اُن لاءِ ٿوري (دير) کان سواءِ ترسن ئي نہ ھا
33:15
۽ ھن کان اڳ الله سان انجام ڪيو ھوائون تہ (ڀڄڻ لاءِ) پٺيون نہ ڦيريندا ۽ الله جي انجام جي (ضرور) پُڇا ڪئي ويندي
33:16
(کين) چئو تہ، جيڪڏھن اوھين مرڻ يا مارجڻ کان ڀڄندؤ تہ ڀڄڻ اوھان کي فائدو نہ ڏيندو ۽ اُنھيءَ مھل بلڪل ٿورو ئي (زندگيءَ جو) فائدو ڏنو ويندوَ
33:17
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، اوھان کي الله (جي عذاب) کان ڪير بچائيندو، جيڪڏھن اُھو اوھان کي ڪا اوکائي پھچائڻ گھري يا اوھان کي ڪا ٻاجھ پھچائڻ گھري (تہ اُھا ڪير روڪيندو؟)، ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نہ ڪو دوست ۽ نہ ڪو مددگار لھندا
33:18
اوھان مان (جھاد کان) جھليندڙن ۽ پنھنجن ڀائرن کي (ھيئن) چوندڙن کي تہ اسان ڏانھن اچو، بيشڪ الله ڄاڻندو آھي ۽ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) لڙائيءَ ۾ نہ ٿا اچن
33:19
(ھٿون) اوھان تي پبچائي ڪندڙ آھن، پوءِ جنھن مھل ڀَـوَ (جو وقت) اچي (تنھن مھل) کين ڏسين تہ تو ڏانھن سندن اکيون اُن (ماڻھو) وانگر نھارينديون آھن، جنھن تي موت (جي سڪرات) جي بيھوشي پھتي ھجي، پوءِ جنھن مھل (جنگ جو) ڀؤ لھندو آھي، تنھن مھل (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوھان کي تکين زبانن سان ايذائيندا آھن، انھن ايمان نہ آندو، تنھنڪري الله سندن اعمال چَٽ ڪيا ۽ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي
33:20
(خوف جي ڪري) ڀائيندا آھن تہ (ڪافرن جا) لشڪر نہ ويا آھن ۽ جيڪڏھن (ڪافرن جا) ڪي لشڪر اچن ھا تہ (ھيءَ ڳالھ) گھُرن ھا تہ اُھي جيڪر جھنگلن ۾ ويٺل ھجن ھا (۽) اوھان جون خبرون (ھر ڪنھن کان) پڇندا رھن ھا ۽ جيڪڏھن اوھان ۾ ھجن تہ رڳو ٿورا (اچي) جنگ ۾ وڙھن ھا
33:21
بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر (جي طريقي) ۾ عمدي پيروي اُنھيءَ لاءِ آھي، جيڪو الله (جي رضا جي اُميد) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندو ھجي
33:22
۽ جنھن مھل مؤمنن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو (تنھن مھل) چيائون تہ ھي اُھو انجام آھي، جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ڏنو ھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر سچ فرمايو ھو ۽ انھيءَ (حالت) اُنھن کي ايمان ۽ فرمانبرداريءَ ۾ ھيڪاندو وڌايو
33:23
مؤمنن مان ڪي اھڙا مڙس آھن، جو جيڪو الله سان انجام ڪيو ھئائون تنھن تي سچائي ڪيائون، پوءِ منجھانئن ڪنھن پنھنجو ذمو پورو ڪيو ۽ منجھانئن ڪو انتظار ڪندو آھي، ۽ (پنھنجي چوڻ کي) ڪنھن طرح نہ مٽايائون
33:24
(اِھو ھن ڪري آھي) تہ الله سچن کي سندن سچائيءَ سببان بدلو ڏئي ۽ جيڪڏھن گھري تہ منافقن کي عذاب ڪري يا (توبھ جي توفيق ڏئڻ سان) مٿن ٻاجھ سان موٽي، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
33:25
۽ الله ڪافرن کي سندن ڏمر سميت موٽايو جو ڪا چڱائي نہ لڌائون ۽ الله مؤمنن جي پاران ويڙھ بابت ڪافي ٿيو ۽ الله سگھارو غالب آھي
33:26
۽ ڪتاب وارن مان جن اِنھن (مشرڪن) جي مدد ڪئي ھئي، تن کي (الله) سندن ڪوٽن مان لاٿو ۽ سندين دلين ۾ دھشت وڌائين (جو) ھڪ ٽوليءَ کي ماريوَ ٿي، ۽ ٻيءَ ٽوليءَ کي قيدي ڪيوَ ٿي
33:27
۽ (نيٺ) اوھان کي سندين زمين ۽ سندن گھرن ۽ سندن مالن ۽ سندن انھيءَ زمين جو وارث ڪيائين، جنھن تي پير (بہ) نہ گھُمايا ھيوَ، ۽ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
33:28
اي پيغمبر! پنھنجين زالن کي چئو تہ، جيڪڏھن اوھين دنيا جي حياتي ۽ اُن جو سينگار گھرنديون ھجو تہ اچو تہ اوھان کي سامان ڏيان ۽ چڱي طرح ڇڏيان
33:29
۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ سندس پيغمبر ۽ آخرت جي گھر (يعني بھشت) کي گھرو ٿيون تہ بيشڪ، اوھان مان نيڪ بختن لاءِ الله وڏو اجر تيار ڪيو آھي
33:30
اي پيغمبر جون زالون! اوھان مان جيڪا ظاھي ظھور بي حيائي ڪندي، تنھن کي وڌائي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، ۽ اھو الله تي آسان آھي
33:31
۽ اوھان مان جيڪا الله ۽ سندس پيغمبر جي تابعداري ڪندي ۽ چڱا ڪم ڪندي، تنھن کي سندس اجر ٻہ ڀيرا ڏينداسين ۽ اُن لاءِ عزت واري روزي تيار ڪنداسين
33:32
اي پيغمبر جون زالون! اوھين ڪن ٻـين زائفن جھڙيون نہ آھيو، جيڪڏھن اوھين (الله کان) ڊڄنديون آھيو تہ (ڪنھن ڌارئي ماڻھوءَ سان) ڳالھائڻ ۾ ھيٺاھين نہ ڪريو، ڇو تہ جنھن جي دل ۾ بيماري آھي، سو (متان) طمع ڪري ۽ چڱو سُخن ڳالھايو
33:33
۽ پنھنجن گھرن ۾ رھو ۽ اڳئين جاھليت جي سينگار وانگر سينگار نہ ڪريو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، اي پيغمبر جا گھر وارؤ! الله رڳو ھيءُ گھرندو آھي تہ اوھان کان پليتي دور ڪري ۽ تہ اوھان کي چڱيءَ طرح پاڪ ڪري
33:34
۽ اوھان جي گھرن ۾ جيڪي الله جي آيتن ۽ دانائيءَ جي ڳالھين (علم شريعت) مان پڙھبو آھي، سو ياد ڪريو، ڇو تہ الله لُطف ڪندڙ خبر رکندڙ آھي
33:35
بيشڪ مُسلمان مرد ۽ مُسلمان زائفون ۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون ۽ فرمانبردار ۽ فرمانبردارڻيون ۽ سچا ۽ سچيون ۽ صبر وارا ۽ صبر واريون ۽ (الله کان) ڊڄندڙ ۽ (الله کان) ڊڄندڙيون ۽ خيرات ڪرڻ وارا ۽ خيرات ڪرڻ واريون ۽ روزي رکڻ وارا ۽ روزي رکڻ واريون ۽ پنھنجي اگھڙن جي حفاظت ڪرڻ وارا ۽ حفاظت ڪرڻ واريون ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندڙ ۽ ياد ڪندڙيون اِنھن (سڀني) لاءِ الله بخشش ۽ وڏو اَجر تيار ڪيو آھي
33:36
۽ جڏھن الله ۽ سندس پيغمبر ڪنھن ڪم بابت حُڪم ڪري (تڏھن) ڪنھن مؤمن ۽ ڪنھن مؤمنياڻيءَ کي اُنھيءَ پنھنجي ڪم ۾ ڪو اختيار ھجڻ نہ جڳائي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو سو بيشڪ پڌريءَ ڀُل ۾ ڀُلو
33:37
۽ (اي پيغمبر! ياد ڪر) جڏھن تو اُنھيءَ شخص کي چيو ٿي جنھن تي الله فضل ڪيو آھي ۽ تو (بہ) مٿس احسان ڪيو، تہ پنھنجيءَ زال کي پاڻ وٽ جھل (۽ طلاق نہ ڏي) ۽ الله کان ڊڄ، ۽ تو پنھنجيءَ دل ۾ اھا (ڳالھ) لڪائي ٿي، جنھن کي الله پڌرو ڪندڙ آھي ۽ ماڻھن کان ڊنين ٿي، حالانڪ الله (ھن ڳالھ جو) وڌيڪ حقدار آھي، جو اُن کان ڊڄين، پوءِ جنھن مھل زيد اُن (عورت) کان پنھنجي حاجت پوري ڪئي، (يعني طلاق ڏنائين تنھن مھل) اُن کي توسان پرڻايوسون (ھن لاءِ) تہ مؤمنن تي پنھنجي پٽيلين جي زالن پرڻجڻ ۾ ڪو حرج نہ رھي، جڏھن (اُھي) اُنھن کان پنھنجي حاجت پوري ڪن (يعني طلاق ڏين)، ۽ الله جو (جيڪو) حُڪم (آھي سو) ٿيڻو آھي
33:38
پيغمبر تي اُنھيءَ ۾ ڪو حرج نہ آھي، جيڪي الله اُن (پيغمبر) لاءِ حلال ڪيو آھي، جيڪي اڳ گذري ويا تن ۾ (بہ) الله جو اھو دستور ھو ۽ الله جو حُڪم ٺھرايل (اُنھن لاءِ) مقرر آھي
33:39
جيڪي الله جا پيغام پھچائيندا آھن ۽ کانئس ڊڄندا آھن ۽ الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن کان نہ ڊڄندا آھن، ۽ الله حساب ڪندڙ ڪافي آھي
33:40
محمد(ﷺ) اوھانجي مردن مان ڪنھن ھڪ جو پيءُ نہ آھي، پر الله جو پيغمبر آھي ۽ سڀني پيغمبرن جي مھر آھي ۽ الله ھر شئي کي ڄاڻندڙ آھي
33:41
اي ايمان وارؤ! الله کي تمام گھڻو ياد ڪريو
33:42
۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو کيس پاڪائيءَ سان واکاڻيو
33:43
ھو اُھو آھي جو اوھان تي رحمت موڪلي ٿو ۽ سندس ملائڪ بہ اوھان لاءِ رحمت جي دُعا گھرندا آھن تہ اوھان کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍي ۽ الله مؤمنن تي مھربان آھي
33:44
جنھن ڏينھن الله کي ملندا (تنھن ڏينھن) سندن کِيڪر سلام آھي ۽ اُنھن لاءِ سڳورو اَجر تيار ڪيو اٿس
33:45
اي پيغمبر! بيشڪ اسان تو کي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو
33:46
۽ الله ڏانھن سندس حُڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو (ڪري موڪليوسون)
33:47
۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي تہ انھن لاءِ الله جي پار کان وڏو فضل آھي
33:48
۽ ڪافرن ۽ مُنافقن جو چيو نہ مڃ ۽ سندن ايذائڻ (جي خيال) کي ڇڏ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله ڪارساز آھي
33:49
اي ايمان وارؤ جڏھن مؤمنياڻين کي پرڻجو ۽ وري کين ھٿ لائڻ کان اڳ ۾ طلاق ڏيو، تڏھن مٿن ڪا عِدت اوھان لاءِ ڪانھي، جنھن کي (اوھين) ڳڻيو، پوءِ کين (ڇڙو) جورو ڏيو ۽ چڱيءَ طرح سان کين ڇڏيو
33:50
اي پيغمبر! بيشڪ، اسان تو لاءِ اُھي زالون حلال ڪيون جن کي تو سندن ڪابين ڏنو ۽ جيڪي ٻانھيون الله تو تي عنايت ڪيون تن مان جن تي تنھنجو ھٿ مالڪ ٿئي سي ۽ تنھنجي چاچي جون ڌيئر ۽ تنھنجي پڦين جون ڌيئر ۽ ۽ تنھنجي مامي جون ڌيئر ۽ تنھنجي ماسين جون ڌيئر جن توسان ھجرت ڪئي، حلال ڪيوسون، ۽ اُھا مؤمنياڻي زائفان بہ (حلال ڪئي سون) جيڪا پنھنجي جِند پيغمبر کي (سواءِ مھر وٺڻ جي) بخشي بشرطيڪ پيغمبر کيس پرڻجڻ جو ارادو ڪري (اِھو حڪم) مؤمنن کانسواءِ خاص تو لاءِ آھي، اُنھن (مؤمنن) تي سندن زالن ۽ سندن ٻانھين بابت جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن ۽ جيڪي (ڪابين ۽ خرچ ڏيڻ) فرض ڪيو اٿئون، سو بيشڪ ڄاتو اٿئون (اھو) ھن ڪري تہ تو تي ڪو حرج نہ ھجي ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
33:51
منجھانئن جنھن کي گھرين تنھن کي ڇڏي ڏين ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي پاڻ وٽ جاءِ ڏين، ۽ جن کي تو پاسي ڪيو تن مان جنھن کي وري طلب ڪرين تہ تو تي ڪو گناھ نہ آھي، اِھو (اختيار) ھن (ڳالھ) کي تمام ويجھو آھي تہ سندن اکيون ٺرن ۽ (اُھي) غمگين نہ ٿين ۽ جيڪي تون کين ڏين تنھن کان اُھي سڀ خوش ٿين ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي، سو الله ڄاڻندو آھي ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي
33:52
(اي پيغمبر!) اِنھن (ٻن قِسمن) کانپوءِ تو کي ٻيون زالون حلال نہ آھن ۽ نڪي انھن جي بجاءِ (ٻيون) زالون نڪاح ڪرين، جيتوڻيڪ سندن سونھن تو کي پسند اچي، پر تنھنجو ھٿ جنھن جو مالڪ ٿيو آھي، (تنھن ۾ تو کي اختيار آھي) ۽ الله سڀڪنھن شئي تي نگھبان آھي
33:53
اي مؤمنؤ! پيغمبر جي گھرن ۾ اُنھيءَ (وقت) کانسواءِ اندر نہ وڃو (جنھن وقت) اوھان کي ڪنھن طعام (کائڻ) لاءِ اچڻ جي موڪل ڏني وڃي ۽ (اھڙي وقت وڃو جو) اُن جي تيار ٿيڻ جو انتظار ڪندڙ نہ ھجو، پر جڏھن اوھان کي سڏيو وڃي، تڏھن اندر وڃو، پوءِ جڏھن کائي چڪو تڏھن نڪري وڃو ۽ ڪنھن ڳالھ ۾ ريجھي ويھي نہ رھو، ڇو تہ اِنھيءَ (ڪم) پيغمبر کي ايذايو ٿي، پوءِ ھن اوھان کان لڄ ٿي ڪئي ۽ الله حق (چوڻ) کان لڄ نہ ڪندو آھي ۽ جڏھن انھن (پيغمبر جي بيبين) کان ڪا شئي گھرو تڏھن پردي جي ٻاھران کانئن گھرو اِھو (ڪم) اوھان جي دلين ۽ اُنھن جي دلين لاءِ ڏاڍو پاڪ آھي، ۽ اوھان کي نہ جڳائيندو آھي تہ الله جي پيغمبر کي ايذايو ۽ نڪي (جڳائيندو آھي) تہ اُن کانپوءِ سندس زالون اوھين ڪڏھن پرڻجو، ڇو تہ اِھو (ڪم) الله وٽ وڏو (گناھ) آھي
33:54
جيڪڏھن ڪنھن ڳالھ کي پڌرو ڪريو يا اُن کي لڪايو تہ بيشڪ الله ھر شئي کي ڄاڻندڙ آھي
33:55
زالن تي نہ ڪي پنھنجن پين ۽ نہ ڪي پنھنجن پٽن ۽ نہ ڪي پنھنجن ڀائرن ۽ نہ ڪي پنھنجن ڀائٽين ۽ نہ ڪي پنھنجن ڀاڻيجن ۽ نہ ڪي پنھنجن (مسلمان) زائفن ۽ نہ ڪي جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن، تن جي اڳيان (پردي نہ ڪرڻ ۾) گناھ آھي، ۽ (اي عورتؤ) الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله سڀ ڪنھن شئي تي حاضر آھي
33:56
بيشڪ، الله ۽ سندس ملائڪ پيغمبر تي رحمت موڪليندا آھن، اي ايمان وارؤ! اوھين بہ مٿن صلوات پڙھو ۽ پوريءَ طرح سلام چئو
33:57
بيشڪ، جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر کي ايذائيندا آھن، تن الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آھي ۽ اُنھن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿس
33:58
۽ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙي ڪم (جي تھمت) سان ايذائيندا آھن جو اُنھن نہ ڪيو ھجي، تن بيشڪ ڪوڙي ٺاھ ۽ پڌري گناھ جو بار کنيو
33:59
اي پيغمبر! پنھنجين زالن ۽ پنھنجين ڌيئرن ۽ مؤمنن جي عورتن کي چئو تہ، (جيڪڏھن ٻاھر نڪرن تہ) پاڻ تي پنھنجون چادرون وجھن، اِھو (ھِن ڳالھ کي) تمام ويجھو آھي تہ، اُھي سڃاتيون وڃن (تہ اھي پرديدار آھن)، پوءِ کين ايذاءُ نہ ڏنو وڃي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
33:60
منافق ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي، سي ۽ مديني ۾ ڪوڙين ڳالھين پکيڙڻ وارا جيڪڏھن (پنھنجي عادت کان) نہ جھلبا تہ مٿن تو کي مسلط ڪنداسون، وري ٿورن (ڏينھن) کانسواءِ اُن (يعني مديني) ۾ تنھنجا پاڙيسري نہ ٿيندا
33:61
تڙيل آھن، جتي لڀندا تِتي پڪڙبا ۽ چڱي طرح ڪسبا
33:62
جيڪي (ھن کان) اڳ گذري ويا تن ۾ (بہ) الله جو اِھو دستور ھو ۽ الله جي دستور کي ڪڏھن مت سٽ نہ ڏسندين
33:63
ماڻھو تو کان قيامت بابت پڇن ٿا، (کين) چئو تہ، اُن جي خبر رڳو الله وٽ آھي ۽ ڪھڙيءَ (ڳالھ) تو کي ڄاڻايو تہ متان قيامت ويجھڙو ئي ٿيندي ھجي؟
33:64
بيشڪ، الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آھي ۽ انھن لاءِ ساڙيندڙ باھ تيار ڪئي اٿس
33:65
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو مددگار لھندا
33:66
جنھن ڏينھن سندن منھن باھ ۾ اونڌا ڪبا (تنھن ڏينھن) چوندا تہ، اسان لاءِ ھَئہ ارمان! (جيڪر) الله جي فرمانبرداري ڪريون ھا ۽ پيغمبر جي (بہ) فرمانبرداري ڪريون ھا (تہ چڱو ھو)!
33:67
۽ چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ اسان پنھنجن سردارن ۽ پنھنجن وڏن جي فرمانبرداري ڪئي تہ انھن اسان کي واٽ کان ڀُلايو
33:68
اي اسانجا پالڻھار! کين ٻيڻو عذاب ڪر ۽ مٿن تمام وڏي لعنت ڪر
33:69
اي ايمان وارؤ! (اوھين) اُنھن وانگر نہ ٿيو، جن موسىٰ کي ايذايو، پوءِ جيڪي چيائون تنھن کان الله کيس پاڪ ڪيو، ۽ (اِھو) الله وٽ مانَ وارو ھو
33:70
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سڌي ڳالھ چئو
33:71
(تہ) اوھانجا عمل اوھان لاءِ سُڌاري ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو، تنھن بيشڪ وڏي مراد ماڻي
33:72
بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن کي امانت آڇي، تہ اُن جي کڻڻ کان انڪار ڪيائون ۽ کانئس ڊنا ۽ اُن کي انسان کنيو، بيشڪ اُھو وڏو ظالم جاھل آھي
33:73
(ھيءَ آڇ ھن لاءِ آھي) تہ الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري ۽ الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي