32:1
الٓمّٓ
32:2
(ھن) ڪتاب جو لاھڻ، جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي (جو) جھانن جي پالڻھار وٽان آھي
32:3
چوندا آھن ڇا تہ اُن (قرآن) کي پاڻون ٺاھيو اٿس؟ (نہ!) بلڪ اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچو (آيل) آھي (ھِن لاءِ) تہ اُنھيءَ قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نہ آيو آھي تہ منَ اُھي ھدايت لھن
32:4
الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي، سو ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو، وري عرش تي قائم ٿيو، اُن کانسواءِ اوھان لاءِ نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو پارت ڪندڙ آھي، پوءِ نصيحت نہ ٿا وٺو ڇا؟
32:5
آسمان کان زمين ڏانھن ھر ڪم جي رٿا ڪندو آھي، وري (اُھا تدبير) اُن ڏينھن ۾ ڏانھس مٿي ويندي آھي، جنھن ڏينھن جو اندازو ھزار ورھيہ جيترو اُنھيءَ (ليکي) مان آھي، جو ڳڻيندا آھيو
32:6
اِھا (سندس وصف) آھي، جو ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب مھربان آھي
32:7
جنھي جيڪا شئي پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھن جي پيدائش کي گاري مان (نئون) شروع ڪيائين
32:8
وري سندس اولاد حقير پاڻيءَ جي نچوڙ مان بڻايائين
32:9
وري کيس سنئين لڱين ڪيائين ۽ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، اوھين ٿورو شڪر ڪندا آھيو
32:10
۽ چون ٿا تہ جڏھن زمين ۾ رَلي ملي وياسون (تڏھن بہ) اسين وري نئين سر بڻباسين ڇا؟ (نہ!) بلڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان منڪر آھن
32:11
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، جيڪو موت جو فرشتو اوھان تي مقرّر ڪيل آھي سو اوھان جو روح ڪڍندو وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽائبؤ
32:12
۽ (اُنھيءَ مھل) جيڪڏھن ڏسين جنھن مھل گنھگار پنھنجي پالڻھار جي سامھون پنھنجا ڪنڌ اونڌا ڪندڙ ھوندا (تہ عجب ڪرين)، (اھي گنھگار چوندا تہ) اي اسانجا پالڻھار! ڏٺوسون ۽ ٻڌوسون ھاڻي اسان کي (دُنيا ۾) موٽاءِ تہ چڱو ڪم ڪريون، بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آھيون
32:13
۽ جيڪڏھن گھُرون ھا تہ سڀڪنھن شخص کي ھدايت ڪريون ھا پر مون وٽان (ھي) حُڪم ٺھرائجي چڪو آھي تہ جنن ۽ ماڻھن (اِنھن ئي) مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس
32:14
پوءِ ھن ڏينھن جي ملڻ کي جو وساريو ھيوَ، تنھن سببان (عذاب) چکو، بيشڪ اسان (بہ) اوھان کي وساريو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ، تنھن سببان ھميشگيءَ جو عذاب چکو
32:15
اسان جي آيتن تي رڳو اُھي ايمان آڻيندا آھن جن کي اُنھن (آيتن) سان جڏھن نصيحت ڏبي آھي، تڏھن سجدو ڪندڙ ٿي ڪرندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان بيان ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نہ ڪندا آھن
32:16
سندن پاسا سمھڻ جي ھنڌ کان الڳ ٿي پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اُميد سان سڏيندا آھن، ۽ جيڪا کين روزي ڏني سون، تنھن مان خرچيندا آھن
32:17
پوءِ جيڪو اکين جو ٺار اُنھن لاءِ لڪايو ويو آھي، سو ڪو جيءُ نہ ڄاڻندو آھي، اُھو بدلو ھنن جيڪي ڪمايو ھو تنھن سبب آھي
32:18
جيڪو مؤمن آھي سو بدڪار جي برابر آھي ڇا؟ (اُھي ٻئي ڪڏھن) برابر نہ ٿيندا
32:19
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بھشت (جا باغ) مھمانيءَ طور رھڻ جو ھنڌ آھي، ان ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا رھيا
32:20
پر جن بڇڙائي ڪئي تن جي رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي، جنھن مھل منجھانئس نڪرڻ جو ارادو ڪندا، (تنھن مھل) منجھس ورائي (پيا) وجھبا ۽ کين چئبو تہ اُن باھ جو عذاب چکو جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھيؤ
32:21
۽ کين وڏي عذاب کانسواءِ ھلڪي سزا (دنيا ۾ بہ) ضرور چکائينداسون تہ منَ اُھي (سڌيءَ واٽ ڏانھن) ورن
32:22
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ جنھن کي سندس پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏجي تہ وري اُنھن کان مُنھن موڙي، بيشڪ اسين ڏوھارين کان بدلو وٺندڙ آھيون
32:23
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون، پوءِ تون اُن (قرآن) جي ملڻ کان شڪ ۾ نہ ٿج ۽ اُن (موسىٰ) کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت بڻايوسون
32:24
۽ منجھانئن پيشوا ڪيا (ھئا) سون جي اسان جي حُڪم سان سڌو رستو ڏيکاريندا ھئا، جڏھن جو (اُھي ڏکن تي) صبر ڪندا رھيا ۽ (اُھي) اسان جي آيتن تي يقين رکندا ھئا
32:25
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ اُنھيءَ (ڳالھ) جو نبيرو ڪندو، جنھن بابت جھڳڙو ڪندا ھئا
32:26
(ھن ڳالھ) کين ھدايت نہ ڪئي آھي ڇا؟ تہ، کانئن اڳ ڪيترا ئي جُڳ ناس ڪياسون، جن جي گھرن ۾ (اُھي) گھُمندا آھن؟ بيشڪ ھن (ڳالھ) ۾ وڏيون نشانيون آھن، پوءِ نہ ٻڌندا آھن ڇا؟
32:27
نہ ڏٺائون ڇا؟ تہ، اسين اُٻڙٺ (ويران) زمين ڏانھن پاڻي وھائيندا آھيون، پوءِ اُن سان پوک ڄمائيندا آھيون، جنھن مان سندس ڍور ۽ اُھي پاڻ کائيندا آھن، پوءِ نہ ڏسندا آھن ڇا؟
32:28
۽ چون ٿا تہ، جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اِھو فيصلو ڪڏھن ٿيندو؟
32:29
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ فيصلي جي ڏينھن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ فائدو نہ ڏيندو ۽ نہ ڪي کين مُھلت ڏبي
32:30
پوءِ کانئن مُنھن موڙ ۽ انتظار ڪر، بيشڪ اُھي (بہ) انتظار ڪندڙ آھن