Sad (ص)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 38 • 88 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
38:1 صٓ (ھن) قرآن نصيحت (ڏيڻ) واري جو قسم آھي (تہ جنھن دين ڏانھن سڏين ٿو, سو سچ آھي)
38:2 بلڪ ڪافر وڏائيءَ ۽ مخالفت ۾ (پيل) آھن
38:3 کانئن اڳ گھڻائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون، پوءِ دانھون ڪرڻ لڳا ۽ اُھو ڇوٽڪاري جو وقت نہ ھو
38:4 ۽ منجھانئن ھڪ ڊيڄاريندڙ وٽن آيو تہ عجب ڪرڻ لڳا ۽ (اھي) ڪافر چوڻ لڳا تہ، ھيءُ (شخص) جادوگر ڪوڙو آھي
38:5 ڀلا (ڏسو تہ) سڀني معبودن کي ھڪ معبود ڪيائين؟ بيشڪ ھيءَ ڏاڍي عجيب ڳالھ آھي
38:6 ۽ منجھانئن (سکرن جي) ٽولي (ھڪ ٻئي کي چوندي) ھلي وئي تہ ھلو ۽ پنھنجن معبودن (جي پوڄا) تي پڪا رھو، بيشڪ ھن (نئين دين ۾ ڪو) غرض رکيو ويو آھي
38:7 اِھا (ڳالھ) پوئين دين ۾ (ڪڏھن) نہ ٻڌي سون، ھيءُ تہ رڳو ٺاھ آھي
38:8 اسان مڙني جي وچان مٿس ئي قرآن نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھي (ڪافر) منھنجيءَ نصيحت کان شڪ ۾ (پيل) آھن (نہ!) بلڪ اڃان منھنجو عذاب نہ چکيو اٿن
38:9 تنھنجي پالڻھار غالب بخشڻھار جي ٻاجھ جا (ڪي) خزانا وٽن آھن ڇا؟
38:10 آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي، تنھن جي بادشاھي اُنھن جي آھي ڇا؟ (جي ايئن آھي) تہ جڳائي تہ رسين سان (لڙڪي) مٿي چڙھن
38:11 شڪست کاڌل ٽولين مان ھيءُ (ڪافر) ھتي ھڪ (گڏ ٿيل) لشڪر آھي
38:12 اِنھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون (نبين کي) ڪوڙو ڄاتو
38:13 ۽ ثمود ۽ لُوط جي قوم ۽ (شھر) ايڪه وارن، انھن جماعتن بہ (کين ڪوڙ ڀانيو)
38:14 اِھي ٽوليون (جيڪي بہ ھيون تن) سڀني پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو، تنھنڪري منھنجي سزا (مٿن) لازم ٿي
38:15 ۽ ھي (ھن وقت جا ڪافر بہ) رڳو ھڪ سخت آواز جا منتظر رھندا آھن، جنھن کي ڪا ساھي نہ ھوندي
38:16 ۽ (ٺـٺوليءَ طرح) چوندا آھن تہ اي اسان جا پالڻھار! حساب جي ڏينھن کان اڳ اسان (جي عذاب) جو ڀاڱو اسان کي جلد ڏي
38:17 (اي پيغمبر) جيڪي چوندا آھن، تنھن تي صبر ڪر ۽ اسان جي سگھ واري ٻانھي دائود کي ياد ڪر، بيشڪ اُھو رجوع ڪرڻ وارو ھو
38:18 بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو (جو) سانجھيءَ ۽ صبح جو (ساڻس) تسبيحون پڙھندا ھئا
38:19 ۽ گڏ ڪيل پکين کي بہ (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو
38:20 ۽ سندس بادشاھيءَ کي مضبوط ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ فيصلي ڪرڻ جي تدبير ڏني سون
38:21 ۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙن جي خبر تو وٽ نہ پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀٽ ٽپي ھجري ۾ آيا
38:22 جڏھن دائود وٽ (اندر) پھتا تڏھن (ھو) کانئن ڊڄي ويو، چيائون تہ، نہ ڊڄ! (اسين) ٻہ جھڳڙو ڪندڙ آھيون، اسان مون ھڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آھي، تنھنڪري اسان جي وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪر ۽ (فيصلي ۾) بي انصافي نہ ڪر ۽ اسان کي سڌيءَ واٽ ڏانھن رستي لاءِ
38:23 بيشڪ، ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، جنھن کي نوانوي رڍون آھن ۽ مون کي ھڪ رڍ آھي، پوءِ ھن چيو تہ، اِھا (ھڪ رڍ) بہ منھنجي حوالي ڪر ۽ مون تي ڳالھائڻ ۾ سختي ڪري رھيو آھي
38:24 دائود چيو تہ، (ھن) تنھنجيءَ (ھڪ) رڍ جي گھرڻ ڪري تہ، پنھنجين رڍن سان گڏي تو تي بيشڪ ظلم ڪيو، ۽ بيشڪ ڀائيوارن مان گھڻا ھڪ ٻئي تي ظلم ڪندا آھن، سواءِ اُنھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ اُھي (ظلم نہ ڪندڙ) ٿورا آھن، ۽ دائود ڄاتو تہ کيس پرکيو اٿئون، تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھريائين ۽ سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ڪيائين
38:25 پوءِ کيس اِھو (سندس گناھ) بخشيوسون، ۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو آھي ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي
38:26 (چيوسون تہ) اي دائود! بيشڪ اسان تو کي زمين ۾ نائب مقرر ڪيو، تنھنڪري ماڻھن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (نفس جي) سَڌ جي تابعداري نہ ڪر جو (اھا) تو کي الله جي واٽ کان ڀلائيندي، بيشڪ جيڪي الله جي واٽ کان ڀُلن ٿا، تن لاءِ اُنھيءَ سببان سخت عذاب آھي، جو حساب جو ڏينھن وساريائون
38:27 ۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي، سو اجايو نہ بڻايوسون، اِھو ڪافرن جو گمان آھي، تنھنڪري ڪافرن لاءِ باھ (جي عذاب) جي خرابي آھي
38:28 جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد وجھڻ وارن جي برابر ڪريون ٿا ڇا؟ يا پرھيزگارن کي بڇڙن وانگر ڪريون ٿا ڇا؟
38:29 ھيءُ (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آھي، جو ان کي تو ڏانھن نازل ڪيوسون تہ (ماڻھو) ان جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن
38:30 ۽ دائود کي سُليمان (نالي پُٽ) عطا ڪيوسون، (سُليمان) چڱو ٻانھو ھو، بيشڪ اُھو (الله ڏانھن) ورڻ وارو ھو
38:31 (ياد ڪر) جڏھن پوياڙيءَ جو تکا گھوڙا وٽس پيش ڪيا ويا
38:32 پوءِ چيائين تہ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان (ڀُلي ھنن گھوڙن جي) مال جي پيار کي (وڌيڪ) دوست رکيو، تان جو (سج) اوٽ جي پٺيان لڪيو (۽ وچين نماز قضا ٿي)
38:33 (چيائين تہ ھنن) گھوڙن کي مون وٽ موٽائي آڻيو، پوءِ (گھوڙن جي) ڄنگھن ۽ ڪنڌن تي (ڪھڻ لاءِ) ھٿ لائڻ شروع ڪيائين
38:34 ۽ بيشڪ سليمان کي پرکيوسون ۽ سندس تخت تي ھڪ ڌڙ اُڇليوسون وري (الله ڏانھن) موٽيو
38:35 چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي بخش ۽ مون کي اھڙي بادشاھي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنھن کي بہ نہ جڳائي، بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آھين
38:36 پوءِ واءُ کي سندس تابع ڪيوسون، جتي پھچڻ گھرندو ھو، (تتي) آرام سان سندس حُڪم سان ھلندي ھئي
38:37 ۽ ديون کي (سندس تابع ڪيوسون) جو ھر ھڪ عمارتون اڏيندڙ ۽ (درياءُ) ٽٻندڙ ھو
38:38 ۽ ٻيا (ديوَ) زنجيرن ۾ جڪڙيل (تابع) ڪياسون
38:39 (چيوسون تہ) ھيءُ اسان جو ڏيڻ آھي، پوءِ (ڀل ڪنھن تي) احسان ڪر يا رکي ڇڏ (جيئن تو کي وڻي) تہ (تو تي) حساب نہ آھي
38:40 ۽ بيشڪ اُن لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي
38:41 ۽ اسان جي ٻانھي ايوب کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ٻاڏايائين تہ مون کي شيطان تڪليف ۽ ايذاءُ پھچايو آھي
38:42 (تڏھن چيوسون تہ زمين تي) پنھنجي لت ھڻ، جو ھيءُ (چشمو) وھنجڻ جو ھنڌ ٿڌو ۽ پيئڻ لاءِ (مٺو) آھي
38:43 ۽ کيس سندس گھر وارا ۽ ساڻن اوترا (ٻيا بہ) عطا ڪياسون (ھيءَ) اسان جي طرف کان ٻاجھ ۽ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي
38:44 ۽ (چيوسون تہ) پنھنجي ھٿ ۾ ٻھار وٺ پوءِ اُن سان (پنھنجيءَ زال کي) ڌڪ ھڻ ۽ قسم نہ ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر لڌو، (ايوب) چڱو ٻانھو ھو، اُھو (الله ڏانھن) ورڻ وارو ھو
38:45 ۽ اسان جي ٻانھن ابراھيم ۽ اسحٰق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جي ھٿن ۽ اکين وارا (يعني علم ۽ عمل وارا) ھئا
38:46 بيشڪ اسان کين ھڪ پاڪ عادت لاءِ نرالو ڪيو جو آخرت جو ياد ڪرڻ آھي
38:47 ۽ بيشڪ اُھي اسان وٽ چونڊيل ڀلارن مان ھئا
38:48 ۽ اسماعيل ۽ يسع ۽ ذوالڪِفل کي ياد ڪر، ۽ ھر ھڪ نيڪن مان ھو
38:49 ھيءُ (قرآن) نصيحت آھي، ۽ بيشڪ پرھيزگارن لاءِ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي
38:50 (يعني) ھميشہ (رھڻ) جا باغ آھن (جن جا) دروازا انھن لاءِ کُليل آھن
38:51 اُتي ٽيڪ ڏيندڙ ھوندا، اُتي گھڻا ميوا ۽ شراب پيا گھرندا
38:52 ۽ وٽن ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون ۽ عمر ۾ ھڪ جيڏيون (زالون) ھونديون
38:53 ھيءُ اُھو آھي جنھنجو حساب جي ڏينھن لاءِ انجام ڏنو وڃيوَ ٿو
38:54 بيشڪ اِھو اسان جو رزق آھي، جنھن کي ڪا کوٽ نہ ھوندي
38:55 اِھو (بدلو ڀلارن لاءِ) آھي، ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙن لاءِ بڇڙو موٽڻ جو ھنڌ آھي
38:56 (جو) دوزخ آھي، اُن ۾ گھڙندا (۽) پوءِ (اُھو) بڇڙو وڇاڻو آھي
38:57 ھيءُ (عذاب) ڪوسو پاڻي آھي ۽ پُونءِ آھي، پوءِ ڀلي تہ اُن کي چَکن
38:58 ۽ اھڙو قسمين قسمين ٻيو (عذاب) بہ آھي
38:59 (ڏوھارين جي اڳواڻن کي چئبو تہ) ھي (ڪافر) ھڪ ٽولي آھي جا (باھ ۾) اوھان سان گڏ گھرڻ واري آھي، (اڳواڻ چوندا تہ) شال کين ڪا ويڪري جاءِ نہ ھجي! ڇو تہ اُھي باھ ۾ گھڙڻ وارا آھن
38:60 (تابع) چوندا تہ (نہ!) بلڪ اوھان کي شال ڪا ويڪري جاءِ نہ ھجي! (جو) اوھان اسان لاءِ ڪُفر کي پراڻي رسم ڪري ڇڏيو، پوءِ (دوزخ) بڇڙي جاءِ آھي
38:61 چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! جنھن اسان لاءِ ھيءَ (ڪُفر جي) پراڻي رسم ٺاھي ھجي، تنھن جي حق ۾ دوزخ ۾ ٻيڻو عذاب زيادہ ڪر
38:62 ۽ (دوزخي) چوندا تہ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي، جو (انھن مسلمانن مسڪينن) ماڻھن کي نہ ٿا ڏسون، جن کي بڇڙن مان ڳڻيندا ھئاسون؟
38:63 (ناحق) ساڻن ٺـٺوليون ڪندا ھئاسون ڇا يا کانئن (اسان جون) اکيون ترڪيون آھن؟
38:64 بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ اِھا (ھڪ) سچي (ڳالھ) آھي
38:65 (کين) چئو تہ، آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان ۽ (رڳو) اڪيلي زبردست الله کانسواءِ (ٻيو) ڪوبہ عبادت جو لائق نہ آھي
38:66 آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي، تنھنجو پالڻھار غالب بخشڻھار آھي
38:67 (کين) چئو تہ اِھو (قرآن) ھڪ وڏي خبر آھي
38:68 اوھين کانئس مُنھن موڙيندڙ آھيو
38:69 مون کي (اُنھي جماعت) وڏي مرتبي وارن ملائڪن (جي حال) جي ڪا خبر نہ آھي، جڏھن (اُھي) پاڻ ۾ سوال جواب ڪندا آھن
38:70 مون ڏانھن ھيءُ ئي وحي ٿيندو آھي تہ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
38:71 (ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو تہ، بيشڪ آءٌ گاري مان ھڪ ماڻھو بڻائڻ وارو آھيان
38:72 پوءِ جڏھن کيس پورو ٺاھي وٺان ۽ منجھس پنھنجو رُوح ڦوڪيان، تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو
38:73 پوءِ ملائڪن مڙني گڏ سجدو ڪيو
38:74 مگر ابليس (سجدو نہ ڪيو)، ھن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو
38:75 (الله) چيو تہ، اي ابليس جنھن کي پنھنجن ٻنھي ھٿن سان پيدا ڪيم، تنھن کي سجدي ڪرڻ کان تو کي ڪھڙيءَ ڳالھ جھليو؟ تو وڏائي ڪئي ڇا يا تون (حقيقت) ۾ وڏي مرتبي وارن مان آھين؟
38:76 ابليس چيو تہ، آءٌ اُن کان ڀَلو آھيان، (جو) مون کي باھ مان بڻايئي ۽ اُن کي مٽيءَ مان بڻايئي
38:77 (الله) چيو تہ، (بس ھينئر ئي) اُن مان نڪر جو بيشڪ تون تڙيل آھين
38:78 ۽ بيشڪ تو تي جزا جي ڏينھن تائين منھنجي لعنت آھي
38:79 (اُن) چيو تہ، اي منھنجا پالڻھار! تڏھن اِنھيءَ ڏينھن تائين مونکي مُھلت ڏي، (جنھن ڏينھن سڀ ماڻھو قبر مان) اُٿاريا وڃن
38:80 الله فرمايو تہ، (چڱو) بيشڪ تون مُھلت ڏنلن مان آھين
38:81 اُنھيءَ ٺھرايل وقت جي ڏينھن تائين
38:82 (ابليس) چيو تہ، تڏھن تنھنجي عزت جو قسم آھي تہ ضرور اُنھن مڙني کي گمراھ ڪندس
38:83 منجھانئن تنھنجي خالص ٻانھن کانسواءِ (جو انھن تي وس نہ ھلندو)
38:84 الله فرمايو تہ، (اِھا ڳالھ) سچ آھي ۽ (آءٌ) سچ چوان ٿو
38:85 تہ تو سان ۽ منجھانئن جيڪي تنھنجي پيروي ڪندا تن مڙني سان دوزخ کي ضرور ڀريندس
38:86 (اي پيغمبر کين) چئو تہ آءٌ اوھان کان قرآن (پھچائڻ) بابت ڪو اُجورو نہ ٿو گھران ۽ نڪي آءٌ (ڪوڙ) ٺاھڻ وارن مان آھيان
38:87 ھي (قرآن) تہ جھانن لاءِ نصيحت آھي
38:88 ۽ ڪنھن وقت کانپوءِ اُن (جي سچائي) جي خبر ضرور اوھين ڄاڻندؤ