39:1
(ھن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ غالب حِڪمت واري الله (جي طرف) کان آھي
39:2
بيشڪ، اسان توڏانھن سچ سان ڪتاب نازل ڪيو تہ الله لاءِ (پنھنجيءَ) عبادت کي خالص ڪري خاص اُن جي عبادت ڪر
39:3
خبردار ٿيءُ! خالص عبادت الله ئي جي لاءِ آھي، ۽ جن الله کانسواءِ ٻيا دوست ڪري ورتا، (سي چوندا آھن تہ) انھن کي رڳو ھن لاءِ پوڄيندا آھيون تہ اسان کي الله ڏانھن مرتبي ۾ ويجھو ڪن، جنھن (ڳالھ) بابت اُھي جھڳڙو ڪندا آھن، تنھن بابت بيشڪ اُنھن جي وچ ۾ الله فيصلو ڪندو، بيشڪ، الله اُنھيءَ کي سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي، جيڪو ڪوڙو (۽) بي شُڪر آھي
39:4
جيڪڏھن الله (پاڻ لاءِ) اولاد وٺڻ گھري ھا تہ جيڪي (ڪجھ) بڻايو اٿس، تنھن مان جيڪو وڻيس ھا سو چونڊي ھا، (پر) اُن جي ذات پاڪ آھي، اُھو تہ الله اڪيلو (۽) زبردست آھي
39:5
آسمانن ۽ زمين کي (پوريءَ) رٿ سان بڻايائين، رات کي ڏينھن تي لپيٽيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات تي لپيٽيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مدت تي ھلندو آھي، خبردار! اُھو (ئي) غالب بخشڻھار آھي
39:6
اوھان کي ھڪ جيءَ مان بڻايائين، وري منجھانئس سندس زال کي پيدا ڪيائين ۽ ڍورن مان اَٺ قسم اوھان لاءِ لاٿائين، اوھان کي اوھان کي مائن جي پيٽن ۾ ھڪ (قسم جي) بڻاوت کانپوءِ ٻئي (قسم جي) بڻاوت، ٽن اونداھين ۾ پيدا ڪندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي، اُن جي ئي (ساري) بادشاھي آھي، ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو
39:7
جيڪڏھن بيشُڪري ڪندؤ تہ بيشڪ الله اوھان کان بي پرواھ آھي ۽ پنھنجن ٻانھن جي بيشُڪريءَ کي پسند نہ ڪندو آھي ۽ جيڪڏھن شڪر ڪندؤ تہ اوھان لاءِ اُن کي پسند ڪندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي جو بار نہ کڻندو، وري اوھان جو موٽڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن آھي، پوءِ جيڪي ڪندا ھيؤ، تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي
39:8
۽ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪو ڏک پھچندو آھي (تڏھن) پنھنجي پالڻھار کي ڏانھنس ورندڙ ٿي سڏيندو آھي، وري جڏھن پاڻ وٽان کيس ڪا نعمت بخشيندو آھي، (تڏھن) جنھن (مطلب) لاءِ اڳ سڏيندو ھو، تنھنکي وساريندو آھي ۽ الله لاءِ شريڪ مقرر ڪندو آھي، تہ سندس واٽ کان (ماڻھن کي) ڀُلائي (اي پيغمبر!) چئو تہ (اي ڪافر) پنھنجي ڪُفر (جي حالت) ۾ ٿورو (وقت) نفعو وٺ بيشڪ تون دوزخين مان آھين
39:9
ڀلا جيڪو رات جي وقتن ۾ سجدو ڪندڙ ۽ بيھي عبادت ڪندڙ آھي، آخرت (جي عذاب) کان ڊڄندو آھي ۽ پنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ جي اميد رکندو آھي (سو ڀَلو آھي يا اُھو بي شُڪر مُشرڪ؟)، (اي پيغمبر) چئو تہ، سمجھ وارا ۽ بي سمجھ (پاڻ ۾) برابر ٿيندا ڇا؟ ڌيان وارائي نصيحت وٺندا آھن
39:10
چئو تہ، اي منھنجا مومن ٻانھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، جن ھن دُنيا ۾ چڱائي ڪئي، تن ئي لاءِ (آخرت ۾) چڱائي آھي، ۽ الله جو مُلڪ ويڪرو آھي، رڳو صابرن کي سندن بدلو اَڻ کُٽ ڏبو
39:11
(اي پيغمبر کين) چئو تہ بيشڪ مون کي حُڪم ٿيو آھي تہ الله لاءِ (پنھنجي) عبادت خالص ڪري رڳو اُن جي عبادت ڪريان
39:12
۽ مون کي حُڪم ٿيو آھي تہ (سڀ کان) پھريون حُڪم مڃيندڙ (آءٌ ئي) ھجان
39:13
چئو تہ، جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪريان تہ بيشڪ آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو
39:14
چئو تہ، پنھنجي عبادت الله لاءِ خالص ڪري فقط اُن جي عبادت ڪريان ٿو
39:15
پوءِ الله کانسواءِ جنھن کي (اوھين) گھرو تنھن کي پوڄيو (کين) چئو تہ بيشڪ ٽوٽي وارا اُھي آھن (جن گمراھ ٿيڻ سبب) پاڻ کي ۽ پنھنجن گھروارن کي قيامت جي ڏينھن خساري ۾ وڌو، خبردار اِھوئي پڌرو نقصان آھي
39:16
سندن مٿان باھ جون ڇٽيون ۽ سندن ھيٺان بہ (اھڙا) وڇاڻا ھوندا، اِھو (عذاب) آھي، جنھن کان الله پنھنجن ٻانھن کي ڊيڄاري ٿو، تنھنڪري اي منھنجا ٻانھؤ! مون کان ڊڄو
39:17
۽ جن (ماڻھن) بتن جي پوڄا ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ الله ڏانھن وريا تن لاءِ خوشخبري آھي، پوءِ (اي پيغمبر!) منجھن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏي
39:18
جيڪي ڳالھ ٻڌندا آھن، پوءِ اُن مان تمام چڱيءَ تي ھلندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي ۽ اھي ئي عقل وارا آھن
39:19
ڀلا جنھن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو (سو بچي سگھندو ڇا؟)، تون باھ ۾ پيل کي ڇڏائي سگھندين ڇا؟
39:20
پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ وڏيون ماڙيون آھن، اُنھن جي مٿان (ٻيون) ماڙيون اڏيليون آھن، اُنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن الله (اِھو) انجام ڪيو آھي، الله انجام نہ ڦيرائيندو آھي
39:21
نہ ڏٺو اٿيئي ڇا؟ تہ الله آسمان کان پاڻي وسايو، پوءِ اُن کي زمين جي چشمن ۾ وھايائين، وري اُن سان ڀاتين ڀاتين رنگ جي پوک ڄمائيندو آھي، وري سُڪي ويندي آھي پوءِ اُن کي زردو ٿيل ڏسندو آھين، وري اُن کي ذرا ذرا ڪندو آھي، بيشڪ اِن ۾ عقل وارن لاءِ نصيحت آھي
39:22
ڀلا جنھن جو سينو (دين) اسلام لاءِ الله کوليو آھي ۽ اُھو پنھنجي پالڻھار جي (نُور جي سوجھري) تي ھجي (سو سخت دل وارن ڪافرن جھڙو ٿيندو ڇا؟)، پوءِ اُنھن لاءِ ويل آھي، جن جون دليون الله جي ياد ڪرڻ کان سخت (ٿيون) آھن، اھي پڌريءَ گمراھي ۾ آھن
39:23
الله تمام چڱي ڳالھ (يعني) اھڙو ڪتاب نازل ڪيو جو ھڪ ٻئي جھڙا، (سندس مضمون) دُھرايل آھن، اُن (جي ٻڌڻ) کان اُنھن (ماڻھن) جون کَلون ڪانڊاربيون آھن، جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن، وري سندين کَلون ۽ سندين دليون الله جي ياد ڪرڻ تي ڪُنئريون ٿينديون آھن، اِھا الله جي ھدايت آھي جنھن کي گھري (تنھن کي) اُن سان واٽ ڏيکاري ٿو، ۽ جنھن کي الله گمراھ ڪري، تنھن کي ڪو ھدايت ڪندڙ ڪونھي
39:24
ڀلا جيڪو قيامت جي ڏينھن پنھنجي مُنھن سان بڇڙي عذاب کي روڪي ٿو (سو ڇٽل جي برابر ٿيندو ڇا؟) ۽ ظالمن کي چئبو تہ جيڪي ڪندا ھيؤ (تنھنجي سزا) چکو
39:25
جيڪي کانئن اڳ ھئا تن بہ ڪوڙ ڀانيو (ھو) پوءِ وٽن اُتان عذاب پھتو، جتان ڄاڻندائي نہ ھئا
39:26
پوءِ الله کين دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري چکائي، ۽ بيشڪ، آخرت جو عذاب (تہ) تمام وڏو آھي، جيڪڏھن (اِھا ڳالھ) ڄاڻن ھا (تہ پاڻ کي عذاب کان بچائين ھا)
39:27
۽ بيشڪ، ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ ھر قسم جا مثال بيان ڪياسون، تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
39:28
قرآن عربي (ٻوليءَ ۾) بي عيب (نازل ڪيوسون) تہ منَ اُھي ڊڄن
39:29
الله مثال بيان ٿو ڪري ھڪ ٻانھو جنھن ۾ (گھڻا) بد مزاج (مالڪ) ڀائيوار آھن ۽ (ٻيو) ٻانھو خلاصو ھڪڙي مڙس جي ملڪيت آھي، مثال ۾ اھي ٻئي (ٻانھا) برابر ٿيندا ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي ئي جُڳائي، پر انھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
39:30
(اي پيغمبر!) بيشڪ، تون (بہ) مرندين ۽ بيشڪ اُھي (بہ) مرندا
39:31
وري بيشڪ، اوھين قيامت جي ڏينھن پنھنجي پالڻھار وٽ پاڻ ۾ جھڳڙو ڪندؤ
39:32
پوءِ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي، جنھن الله تي ڪوڙ ٺاھيو ۽ جڏھن سچو دين وٽس آيو (تڏھن) اُن کي ڪوڙ ڄاتائين؟ ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نہ آھي ڇا؟
39:33
۽ جنھن سچو دين آندو ۽ (جنھن) کيس سچو ڄاتو، اِھي ئي پرھيزگار آھن
39:34
جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ آھي، ڀلارن جو بدلو اِھو آھي
39:35
تہ جيڪي بڇڙا ڪم ڪيائون سي الله کانئن ميٽي ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندا ھئا تن بابت سندن (چڱو) اُجورو کين بدلي ۾ ڏئي
39:36
الله پنھنجي ٻانھي (محمد ﷺ) کي ڪافي نہ آھي ڇا؟ ۽ الله کانسواءِ جيڪي (ٻيا) آھن، تن کان تو کي ڊيڄاريندا آھن ۽ جنھن کي الله ڀُلائي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو نہ آھي
39:37
۽ جنھن کي الله ھدايت ڪري تنھن کي ڪو ڀلائڻ وارو نہ آھي، الله غالب بدلي وٺڻ وارو نہ آھي ڇا؟
39:38
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن کانئن پُڇين تہ آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي؟ تہ ضرور چوندا تہ الله، (پوءِ کين) چئو تہ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو، تن کي ڏسو (تہ سھي) جيڪڏھن الله مون کي ڪا سختي (پھچائڻ) گھري تہ اِھي اُن جي (پھچايل) سختيءَ جي لاھڻ وارا آھن ڇا؟ يا مون کي ڪو سُک (پھچائڻ) گھري تہ اِھي (بُت) سندس (پھچايل) سُک جي بند ڪرڻ وارا آھن ڇا؟ (تون کين) چئو تہ مون کي الله ڪافي آھي، ڀروسي ڪندڙ مٿس (ئي) ڀروسو ڪندا آھن
39:39
(کين) چئو تہ، اي منھنجي قوم! اوھين پنھنجيءَ جاءِ تي عمل ڪريو، بيشڪ آءٌ (بہ پنھنجيءَ جاءِ تي) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سِگھوئي ڄاڻندؤ
39:40
تہ ڪنھن تي (اُھو) عذاب اچي ٿو، جو کيس خوار ڪندو ۽ مٿس ھميشہ جو عذاب لھي ٿو
39:41
بيشڪ اسان تو تي ڪتاب ماڻھن لاءِ سچ سان لاٿو، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو خاص پنھنجي (فائدي) لاءِ ۽ جيڪو گُمراھ ٿيو سو رڳو پنھنجي (نقصان) لاءِ گُمراھ ٿئي ٿو، ۽ تون مٿن ڪو ذميوار نہ آھين
39:42
الله ماڻھن جا رُوح سندن مرڻ جي مھل ڪڍندو آھي ۽ جيڪو نہ مُئو آھي (تنھن جو روح) سندس ننڊ (جي حالت) ۾ (ڪڍندو آھي)، پوءِ جنھن تي موت جو حُڪم ڪيو اٿس، تنھن کي جھليندو آھي ۽ اُن ٻئي کي ھڪ مقرر مدت تائين ڇڏيندو آھي، بيشڪ ھن ۾ انھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن، جيڪي سوچيندا آھن
39:43
الله کانسواءِ ٻيا شفاعت ڪرڻ وارا ورتا اٿن ڇا؟ (کين) چئو تہ، جيتوڻيڪ اُھي نڪي ڪجھ اختيار رکندا ھجن ۽ نڪي سمجھندا ھجن (تہ بہ شفاعت ڪندا ڇا؟)
39:44
(کين) چئو تہ، سڀ شفاعت الله جي (وس) آھي، آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي (اوھين) وري ڏانھس موٽائبؤ
39:45
۽ جڏھن اڪيلي الله (جي نالي) کي ياد ڪبو آھي (تڏھن) جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن جون دليون ٽھنديون آھن، جڏھن الله کانسواءِ ٻـين کي ياد ڪبو آھي، تڏھن اُنھيءَ ئي مھل اُھي سَرھا ٿيندا آھن
39:46
(اي پيغمبر!) چئو تہ، اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ! ڳجھ ۽ ظاھر ڄاڻندڙ! تون ئي پنھنجن ٻانھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت (اُھي) جھڳڙو ڪندا رھيا (تنھن بابت) نبيرو ڪندين
39:47
۽ جيڪي زمين ۾ (مال) آھي سو سڀئي ۽ اُن جيترو ٻيو ساڻس جيڪڏھن ظالمن کي ھجي (تہ جيڪر) اُھو قيامت جي ڏينھن بڇڙي عذاب کان (بچڻ لاءِ) بدلو ڏئي چڪن (تہ بہ کانئن عذاب ٽري نہ سگھندو) ۽ الله جي طرف کان اھڙو (معاملو) اُنھن لاءِ ظاھر ٿيندو جنھنجو گُمان (ئي) نہ رکندا ھئا
39:48
۽ جيڪي بڇڙايون ڪمايون ھئائون سي انھن کي پڌريون ٿينديون ۽ جنھن (سزا) جون ٺـٺوليون ڪندا ھئا، سا کين ويڙھي ويندي
39:49
پوءِ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪا اوکائي پھچندي آھي (تڏھن) اسان کي سڏيندو آھي، وري جڏھن اُن کي پاڻ وٽان ڪا نعمت ڏيندا آھيون (تڏھن) چوندو آھي تہ، اُھا رڳو پنھنجيءَ ڄاڻ سان (جا مون ۾ آھي) مون کي ڏني وئي آھي (ايئن نہ آھي) بلڪ اُھا (نعمت) پرک آھي، پر اُنھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
39:50
بيشڪ کانئن اڳين (بہ) اِھا (ڳالھ) چئي ھئي، پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪيائون ٿي، تن کانئن ڪجھ بہ (مُصيبت) نہ ٽاري
39:51
پوءِ جيڪي ڪمايائون تنھن جون بڇڙايون کين پھتيون ۽ ھنن مان (بہ) جيڪي ظالم آھن، تن جيڪي ڪمايو، تنھن جون بڇڙايون کين (ھاڻي) سِگھوئي پھچنديون ۽ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نہ آھن
39:52
نہ ڄاتو اٿن ڇا تہ الله جنھن لاءِ گھرندو آھي، (تنھن جو) رزق ڪُشادو ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن جو) گھٽ ڪندو آھي؟ بيشڪ، ھن (ڪم) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن، جيڪي ايمان آڻيندا آھن
39:53
(منھنجي طرفان اُنھن کي) چئو تہ، اي منھنجا اُھي ٻانھؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو! (اوھين) الله جي ٻاجھ کان نا اُميد نہ ٿيو، ڇو تہ الله سڀ گناھ بخشيندو آھي، بيشڪ اُھوئي بخشڻھار مھربان آھي
39:54
۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھ ورو ۽ اُن کان اڳي سندس فرمانبردار ٿيو جو اوھان وٽ عذاب اچي (۽) وري مدد نہ ڏجيوَ
39:55
۽ اوھان جي پالڻھار کان اوھان ڏانھن جيڪا بلڪل چڱي شئي نازل ڪئي وئي آھي، تنھن جي اُنھيءَ کان اڳ تابعداري ڪريو جو اوھان وٽ اوچتو عذاب اچي ۽ اوھين بي خبر ھجو
39:56
(اِنھيءَ ڪري خُداءِ ڏانھن مھاڙ ڪريو ۽ قرآن جي تابعداري ڪريو) تہ متان پوءِ ڪوبہ جيءُ چوي تہ ھاءِ ارمان! جو الله جي دين ۾ سُستي ڪيم ۽ بيشڪ (آءٌ تہ) ٺـٺوليون ڪرڻ وارن مان ھئس
39:57
يا چوي تہ جيڪڏھن الله مون کي ھدايت ڪري ھا تہ ضرور پرھيزگارن مان ٿيان ھا!
39:58
يا جڏھن عذاب ڏسي (تڏھن) چوي تہ جي منھنجو ٻيو ڀيرو (دنيا ۾ وڃڻ) ٿئي تہ جيڪر ڀلارن مان ٿيان!
39:59
(چئبس تہ) ھائو! بيشڪ تو وٽ منھنجون نشانيون آيون ھيون، پوءِ اُنھن کي ڪُوڙ ڄاتئي ۽ وڏائي ڪيئي ۽ ڪافرن مان ٿيئن
39:60
۽ قيامت جي ڏينھن تون انھن کي ڏسندين جن الله تي ڪوڙ ٻَڌو تہ سندن مُنھن ڪارا ٿيل ھوندا، وڏائي ڪندڙن جي جاءِ دوزخ ۾ نہ آھي ڇا؟
39:61
۽ جن پرھيزگاري ڪئي، تن کي الله سندن ڇوٽڪاري جي ھنڌ ۾ (دوزخ کان) بچائي پھچائيندو، نڪي کين ڪا مدائي پھچندي ۽ نڪي اُھي غمگين ٿيندا
39:62
الله (ئي) سڀڪنھن شئي جو خلقيندڙ آھي ۽ اُھو سڀڪنھن شئي جي سنڀال ڪندڙ آھي
39:63
آسمانن ۽ زمين جون ڪُنجيون اُنھيءَ وٽ ئي آھن، ۽ جن الله جي نشانين جو انڪار ڪيو اُھي ئي خساري وارا آھن
39:64
(کين) چئو تہ اي بي عقلؤ! مون کي (ھيءُ) حڪم ڪندا آھيو ڇا تہ الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جي عبادت ڪريان؟
39:65
۽ (اي پيغمبر!) بيشڪ توڏانھن وحي ڪيو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻيا پيغمبر) ھوا تن (ھر ھڪ) ڏانھن (بہ)، تہ جيڪڏھن (الله سان ڪو) شريڪ مقرر ڪندين تہ تنھنجا عمل ضرور ناس ٿيندا ۽ ضرور ٽوٽي وارن مان ٿيندين
39:66
(نہ!) بلڪ رڳو الله جي عبادت ڪر ۽ شُڪر ڪرڻ وارن مان ھُج
39:67
۽ (اُنھن) الله کي جيئن سندس (سڃاڻڻ جو) حق آھي، (تيئن) نہ سڃاتو، ۽ قيامت جي ڏينھن ساري زمين سندس مُٺ ۾ ھوندي ۽ آسمان سندس سڄي ھٿ ۾ ويڙھيل ھوندا، اُھو پاڪ آھي ۽ اُنھيءَ کان مٿاھون آھي جيڪي ساڻس شريڪ ٺھرائيندا آھن
39:68
۽ (پھريون ڀيرو) صُور ۾ ڦوڪيو ويندو، پوءِ جيڪي بہ آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪو بہ زمين ۾ آھي سو (سڀڪو) مرندو پر جنھن لاءِ الله گھريو (سو نہ)، وري اُن ۾ ٻيو ڀيرو ڦوڪبو تہ اُمالڪ کڙا ٿي (پيا) ڏسندا
39:69
۽ زمين پنھنجي پالڻھار جي نُور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکبو ۽ پيغمبرن ۽ شاھدن کي آڻبو ۽ سندن وچ ۾ حق سان فيصلو ڪبو ۽ اُنھن تي ظلم نہ ڪبو
39:70
۽ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو، تنھن جو پورو بدلو کيس ڏبو ۽ جيڪي ڪندا آھن، تنھن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي
39:71
۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏانھن ھڪالبو، تان جو جڏھن اتي پھچندا (تڏھن) اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا داروغا کين چوندا تہ، اوھان مان اوھان وٽ ڪي پيغمبر نہ آيا ھئا ڇا؟ جو اوھان کي اوھان جي پالڻھار جون آيتون پڙھي ٻڌائين ۽ اوھان کي ھن ڏينھن جي پيش اچڻ کان ڊيڄارين، چوندا تہ ھائو! (آيا ھوا ڊيڄاريو بہ ھئائون) پر ڪافرن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو آھي
39:72
(پوءِ انھن کي) چئبو تہ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ آھيو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي!
39:73
۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا سي ٽوليون ٽوليون ڪري بھشت ڏانھن روانا ڪبا، تانجو جڏھن اتي ايندا ۽ وري اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا داروغا کين چوندا تہ اوھان تي سلام ھجي، اوھين (ھاڻي) خوش رھو پوءِ منجھس ھميشہ رھڻ لاءِ گھڙو
39:74
۽ چوندا تہ، سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جُڳائي، جنھن پنھنجو انجام اسان سان پورو ڪيو ۽ اسان کي (ھن) زمين جو وارث ڪيائين، بھشت مان جتي وڻندو اٿئون اُتي جڳھ وٺون ٿا، پوءِ عمل ڪندڙن جو اَجر (ڪھڙو نہ) چڱو آھي
39:75
۽ ملائڪن کي عرش جي چوڌاري وڪوڙيندڙ ڏسندين پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ اُنھن جي وچ ۾ انصاف جو حُڪم ڪبو ۽ (آخر ۾) چيو ويندو تہ سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي