al-Waqi`ah (الوَاقِعَة)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 56 • 96 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
56:1 جڏھن قيامت ايندي
56:2 جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نہ آھي
56:3 (ڪن کي) جھڪي ڪرڻ واري ۽ (ڪن کي) مٿاھين ڪرڻ واري
56:4 جڏھن زمين سخت ڌوڏي (سان) ڌوڏبي
56:5 ۽ جبل پوريءَ طرح ڀڃي ڀورا ڪيا ويندا
56:6 پوءِ اُڏاريل دز وانگر ٿيندا
56:7 ۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ
56:8 پوءِ (ھڪڙا نيڪ بخت) سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا تہ چڱا ھوندا!
56:9 ۽ (ٻيا بدبخت) کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (تہ) بدحال ھوندا
56:10 ۽ (نيڪين ۾) اڳرائيءَ ڪرڻ وارا (تہ ٺيٺ) اڳرائي وارا آھن
56:11 اِھي (ئي) مقرب آھن
56:12 نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا
56:13 گھڻا پھرين مان
56:14 ۽ ٿورا پوين مان
56:15 (سون سان) واڻيل پلنگن تي
56:16 ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا
56:17 ھميشہ (نئين ننڍي) رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ڦرندا رھندا
56:18 پيالن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالن (سان)
56:19 (اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ٿيندا
56:20 ۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جنھن (جنس) مان پسند ڪندا (تنھن مان پيا آڻيندن)
56:21 ۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پاڻ) گھرندا (تنھن سان نينگر سدائين مٿن پيا ايندا ويندا)
56:22 ۽ وڏين اکين وارون حورون
56:23 ڄڻڪ ڍڪيل موتين جھڙيون
56:24 جيڪي ڪمايو ھئائون تنھنجي بدلي ۾ (اِھو ڏبن)
56:25 اُتي نہ ڪا اجائي بَڪ نہ ڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا
56:26 پر (ھي ٻڌندا جو) ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو
56:27 ۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا
56:28 لاسڙين (بنا ڪنڊي) ٻيرين ۾
56:29 ۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن (جي وڻن) ۾
56:30 ۽ ڊگھن پاڇن ۾
56:31 ۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻيءَ ۾
56:32 ۽ گھڻن ميون ۾
56:33 (جو) نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کانئن) جھلبا
56:34 ۽ اُچا وڇاڻا (جن تي ھو ھوندا)
56:35 بيشڪ اسان حورن کي ھڪ (خاص) نموني تي پيدا ڪيو آھي
56:36 پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون
56:37 مڙسن کي وڻندڙيون ھڪ جيڏيون
56:38 (نيڪ بختن) سڄي پاسي وارن لاءِ
56:39 گھڻي جماعت پھرين مان
56:40 گھڻي جماعت پوين مان
56:41 ۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا تہ بدحال ھوندا!
56:42 ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا
56:43 ۽ (اھڙي) ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ رھندا
56:44 (جو) نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي وڻندڙ
56:45 بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پليل ھئا
56:46 ۽ وڏي گناھ (يعني شرڪ) تي ضد ڪندا ھئا
56:47 ۽ چوندا ھئا تہ، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟
56:48 يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا (بہ اُٿاربا ڇا)؟
56:49 (اي پيغمبر)! چئو تہ بيشڪ اڳيان ۽ پويان
56:50 ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا
56:51 وري بيشڪ اوھين اي گمراھؤ، ڪوڙ ڀانئيندڙؤ!
56:52 ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ
56:53 پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ
56:54 پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ
56:55 پوءِ اُڃايلن اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ
56:56 قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي
56:57 اسان اوھان کي پيدا ڪيو، پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇو نہ سچ ڀائيندا آھيو؟
56:58 ڀلا ڏسو تہ سھي تہ جيڪا ٽيپو (زالن جي ڳھڻين ۾) ڪيرائيندا آھيو
56:59 تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟
56:60 اسان اوھان ۾ موت (اندازر سان) مقرر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نہ آھيون
56:61 (ٻين) اوھان جھڙن جي مٽائي آڻڻ تي ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون، جنھن کي ڄاڻندا ئي نہ ھجو
56:62 ۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ، پوءِ ڇو نہ ٿا نصيحت وٺو؟
56:63 ڏسو تہ سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو
56:64 سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا؟ يا اسين ڄمائيندا آھيون؟
56:65 جيڪڏھن گھُرون تہ اُن کي ناس ڪري ڇڏيون، پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو
56:66 (۽ پيا چئو) تہ بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پوڻ وارا آھيون
56:67 بلڪ اسين بي نصيب آھيون
56:68 ڀلا ڏسو تہ سھي تہ جيڪو پاڻي پيئندا آھيو
56:69 اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟
56:70 جيڪڏھن گھُرون تہ اُن کي کارو ڪري ڇڏيون، پوءِ ڇو نہ شڪرانو ڪندا آھيو؟
56:71 ڀلا ڏسو تہ سھي تہ جا باھ (وڻ جي ٽاريءَ مان) ٻاريندا آھيو
56:72 تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھي ڇا، يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون؟
56:73 اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي
56:74 تنھنڪري پنھنجي پالڻھار جي وڏي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر
56:75 پوءِ تارن جي لھڻ جي جاين جو قسم کڻان ٿو
56:76 ۽ جيڪڏھن ڄاڻو تہ بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي
56:77 بيشڪ اھو (ڪتاب) سڳورو قرآن آھي
56:78 سانڀيل ڪتاب ۾ (لکيل) آھي
56:79 پاڪائي وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نہ لائيندو آھي
56:80 جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي
56:81 پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ انڪار ڪرڻ وارا آھيو ڇا؟
56:82 ۽ اوھين (اُن مان) پنھنجو حصو (ھيءُ) بڻائيندا آھيو جو اوھين (اُن کي) ڪوڙ ٿا ڀانيو
56:83 پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نڙگھٽ وٽ پھچي
56:84 ۽ اوھين اُنھيءَ مھل پيا ڏسو
56:85 ۽ اسين اوھان جي بنسبت ڏانھنس تمام ويجھا آھيون، پر اوھين نہ ڏسندا آھيو
56:86 پوءِ جيڪڏھن (اوھين الله جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نہ آھيو
56:87 تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ ان (روح) کي (ڇو نہ ٿا) موٽايو؟
56:88 پر جيڪڏھن (مئل، الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو
56:89 تہ اُن لاءِ خوشي ۽ خوشبوءِ ۽ نعمت وارو باغ آھي
56:90 ۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو
56:91 تہ (چئبس اي ٻڌڻ وارا) سڄي پاسي وارن مان، تو کي سلامتي آھي
56:92 ۽ پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو
56:93 تہ (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني آھي
56:94 ۽ (اُن کي) دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي
56:95 بيشڪ ھيءَ خبر پوري يقيني آھي
56:96 تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر