ar-Rahman (الرَّحْمَٰن)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 55 • 78 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
55:1 ٻاجھاري (الله)
55:2 قرآن سيکاريو
55:3 ماڻھو کي پيدا ڪيائين
55:4 اُن کي چٽو ڳالھائڻ سيکاريائين
55:5 سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن
55:6 ۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن
55:7 ۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين
55:8 ھن لاءِ تہ تور ۾ حد کان نہ لنگھو
55:9 ۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نہ ڪريو
55:10 ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين
55:11 منجھس (ھر جنس جو) ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن
55:12 ۽ بُھ وارو اَن ۽ خوشبودار ٻوٽا (بہ اُن ۾) آھن
55:13 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:14 ماڻھوءَ کي ٺڪريءَ جھڙيءَ (سنھڙي سڪيءَ) وڄندڙ مٽيءَ مان بڻايائين
55:15 ۽ جنّ کي باھ جي اُلانبي مان بڻايائين
55:16 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:17 جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي
55:18 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:19 ٻن دريائن (کاري ۽ مٺي) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن
55:20 اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نہ ڪندا آھن
55:21 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:22 انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن
55:23 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:24 ۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُونچا اُنھيءَ (الله) جا آھن
55:25 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:26 جيڪو بہ زمين تي آھي، سو سڀ فنا ٿيندو
55:27 ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ھڪ ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي
55:28 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:29 جيڪو بہ آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو (پنھنجي مخلوق جي ٻئي ٻئي) ڪم ۾ آھي
55:30 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:31 اي جنؤ ۽ ماڻھؤ اسين واندا ٿي جلد (حساب ڪتاب لاءِ) اوھان ڏانھن متوجھ ٿينداسون
55:32 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:33 اي جنن ۽ ماڻھن جا جٿؤ! جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو تہ نڪرو، وڏيءَ ھمت کانسواءِ ٻيءَ طرح ٻاھر نڪري نہ سگھندؤ (جا اوھان ۾ آھي ئي ڪانہ)
55:34 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:35 اوھان تي باھ جو اُلانبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نہ سگھندؤ
55:36 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:37 پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن ڳاڙھيءَ چمڙيءَ وانگر گلابي ٿيندو
55:38 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:39 پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا
55:40 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:41 ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا، ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا
55:42 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:43 (چئبو تہ) ھيءُ اُھو دوزخ آھي، جنھن کي گنھگارن ڪوڙو ڀانيو ھو
55:44 انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا
55:45 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:46 جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو، تنھن لاءِ ٻہ باغ آھن
55:47 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:48 ٻئي باغ ساين ٽارين وارا (گھاٽا) آھن
55:49 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:50 اُنھن (ٻن باغن) ۾ ٻہ چشما وھن ٿا
55:51 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:52 انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻہ ٻہ جنسون آھن
55:53 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:54 اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا، جنھن جو استر استبرق پَٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو
55:55 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:56 ٻنھي (باغن جي ماڙين) ۾ ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حيادار حُورون) ھونديون، جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھوءَ ۽ نڪي ڪنھن جن ڇھيو آھي
55:57 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:58 اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن
55:59 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:60 چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو نہ آھي
55:61 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:62 اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻہ باغ بہ آھن
55:63 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:64 ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن
55:65 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:66 اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻہ چشما ھوندا
55:67 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:68 اِنھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا
55:69 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:70 اِنھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون
55:71 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:72 حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون
55:73 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:74 اُنھن کي اُنھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ڪنھين ماڻھوءَ ۽ نڪي ڪنھين جن ڇھيو آھي
55:75 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:76 ساون وھاڻن ۽ سھڻن غاليچن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا
55:77 پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:78 تنھنجي پالڻھار عزت واري ۽ نعمتن واري جو نالو وڏيءَ برڪت وارو آھي