54:1
قيامت ويجھي آئي ۽ چنڊ چيرجي پيو
54:2
۽ جيڪڏھن (ڪافر) ڪا نشاني ڏسندا تہ مُنھن موڙيندا ۽ چوندا تہ ھيءُ (اڳ کان) ھلندڙ جادو آھي
54:3
۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنھنجن سَڌن تي ھليا ۽ سڀڪو ڪم پنھنجي وقت تي ٺھرايل آھي
54:4
۽ بيشڪ وٽن اُھي خبرون آيون آھن جن ۾ دڙڪو آھي
54:5
پوري ڏاھپ (بہ) آھي پوءِ عبرت جون ڳالھيون کين ڪو فائدو نہ ٿيون ڏين
54:6
تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ، جنھن ڏينھن سڏيندڙ اَڻ وڻندڙ شئي ڏانھن سڏيندو
54:7
(تنھن ڏينھن) پنھنجن جھڪين اکين سان قبرن مان ايئن نڪرندا جو ڄڻڪ اُھي پکڙيل مڪڙ آھن
54:8
(اُن) سڏيندڙ ڏانھن ڊوڙندا ويندا، ڪافر تہ ھيءُ ڏکيو ڏينھن آھي
54:9
اِنھن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو پوءِ اسان جي ٻانھي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون تہ چريو آھي ۽ (کيس) ڌمڪايو ويو
54:10
پوءِ ھن پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪيو (۽ چيائين) تہ بيشڪ آءٌ ھيڻو آھيان، تنھنڪري (اي رب!) تون کانئن وير وٺ
54:11
پوءِ آسمان جا دروازا گھڻي وھندڙ پاڻيءَ سان کولياسون
54:12
۽ زمين مان چشما جاري ڪياسون، پوءِ (چوڌاري) پاڻي گڏ ٿيو، جنھن ڪم لاءِ فيصلو ڪيو ويو ھو
54:13
۽ کيس تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙي) تي چاڙھيوسون
54:14
جا اسان جي اکين آڏو ٿي ھلي (اھو پاڻي) انھيءَ شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنھن کي نہ مڃيو ھئائون
54:15
۽ بيشڪ اُنھيءَ (سزا) کي (عبرت لاءِ) ھڪ نشاني ڪري ڇڏيوسون، پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
54:16
پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھئا
54:17
۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿئون، پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
54:18
عاد (قوم) ڪوڙ ڀانيو، پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھئا؟
54:19
بيشڪ اسان سخت طوفان کي تمام سخت نڀاڳي ڏينھن ۾ مٿن موڪليو
54:20
جو ماڻھن کي پٽيائين ٿي ڄڻڪ اُھي کجيءَ جي ٿڙن جيان پاڙون پٽيل آھن
54:21
پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھئا
54:22
۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿئون، پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
54:23
ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڀانيو
54:24
پوءِ چيائون تہ اسين پنھنجيءَ ئي قوم مان ھڪڙي ماڻھوءَ جي تابعداري ڪريون ڇا؟ (جي ايئن ڪريون تہ) بيشڪ اُنھيءَ مھل ضرور گمراھيءَ ۽ چريائيءَ ۾ ھونداسون
54:25
اسان جي وچان انھيءَ تي (ئي) وحيُ نازل ڪيو ويو ڇا؟ (نہ!) بلڪ اُھو وڏو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آھي
54:26
اجھو سڀاڻي ڄاڻندا تہ پاڻ پڏائيندڙ وڏو ڪوڙو ڪير آھي؟
54:27
بيشڪ اسين سندن پرک لاءِ (ھڪ) ڏاچي موڪلينداسون، پوءِ (اي صالح) اُنھن جو منتظر رھ ۽ صبر ڪر
54:28
۽ کين خبردار ڪر تہ سندن وچ ۾ پاڻي وراھيل آھي، ھر ڪو (پنھنجي) واري تي حاضر ٿئي
54:29
پوءِ پنھنجي سنگتيءَ کي سڏيائون، پوءِ وڌيڪ ھلت ڪيائين ۽ (وار ڪري ڏاچيءَ کي) منڊو ڪيائين
54:30
پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھئا؟
54:31
بيشڪ اسان ھڪ ڌڌڪو مٿن موڪليو، پوءِ ڀُتي پيھر وانگر (ڍڳ) ٿي پيا
54:32
بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿئون، پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
54:33
لُوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڄاتو
54:34
بيشڪ اسان مٿن پٿرين وسائيندڙ واءُ کي موڪليو، سواءِ لُوط جي گھر وارن جي، جو انھن کي اَسر مھل بچايوسون
54:35
پاڻ وٽان فضل سان، جنھن شڪرانو ڪيو، تنھن کي ايئن ئي بدلو ڏيندا آھيون
54:36
۽ بيشڪ (لُوط) اسان جي پڪڙڻ کان کين ڊيڄاريو ھو، پوءِ ھٿون اُنھن دڙڪن ڏيڻ جي ڪري (شڪ آڻي) تڪرار ڪيائون
54:37
۽ بيشڪ لُوط کي سندس مھمانن (کسڻ) بَنسبت ڇڪتاڻ ڪيائون (تہ کيس غافل ڪن)، پوءِ سندن اکين (جي ديد) کي وڃايوسون، (پوءِ چيوسون) تہ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو
54:38
۽ بيشڪ صبح جو ھميشہ رھندڙ عذاب کين لٽيو
54:39
پوءِ (چيو وين) تہ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو
54:40
۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿئون، پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
54:41
۽ بيشڪ فرعون جي قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ آيا
54:42
ھنن اسان جي مڙني نشانين کي ڪوڙو ڄاتو، تنھنڪري کين زبردست طاقتور جي پڪڙڻ وانگر پڪڙيوسون
54:43
(اي قريشؤ!) اوھان جا ڪافر اُنھن (ٽولين) کان وڌيڪ ڀلا آھن ڇا يا اوھان لاءِ (اڳين) ڪتابن ۾ ڪا ڇوٽڪاري جي چٺي آھي؟
54:44
چوندا آھن ڇا تہ اسين (سڀ گڏجي) وير وٺڻ وارا آھيون؟
54:45
اُنھيءَ جماعت کي جلد شڪست ڏبي ۽ پُٺي ڦيرائي ڀڄندا
54:46
(نہ!) بلڪ سندن انجام جي جاءِ قيامت آھي ۽ قيامت ڏاڍي سخت ۽ تمام ڪَوڙي آھي
54:47
بيشڪ ڏوھاري گمراھيءَ ۽ چريائيءَ ۾ آھن
54:48
(ياد ڪر) جنھن ڏينھن انھن کي سندن مُنھن ڀر (دوزخ جي) باھ ۾ گھلبو، چئبو تہ ھاڻي دوزخ جي ڇھڻ جو مزو چکو
54:49
بيشڪ اسان سڀڪنھن شئي کي اندازي مطابق خلقيو آھي
54:50
۽ اسان جو ڪم رڳو اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ وارو ھڪ فرمان آھي
54:51
۽ بيشڪ اوھان جھڙيون (ڪيتريون ئي) ٽوليون ھلاڪ ڪيون سون، پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
54:52
۽ جيڪي ڪيو اٿن سو (سڀ سندن) اعمالن ۾ (لکيل) آھي
54:53
۽ ھر ننڍو ۽ وڏو (عمل سندن صحيفن ۾) لکيل آھي
54:54
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نھرن ۾ ھوندا
54:55
(اُھي) سچيءَ مجلس ۾ سگھاري بادشاھ وٽ رھندا