53:1
ستاري جو قسم آھي جڏھن لٿو
53:2
تہ اوھان جو (ھيءُ) سنگتي (يعني محمد ﷺ) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو
53:3
۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي
53:4
ھيءُ (قرآن ٻيو) نہ آھي، سواءِ وحي جي جو ڏانھنس موڪليو ويندو آھي
53:5
اُن کي ڏاڍيءَ سگھ واري سيکاريو آھي
53:6
جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سڌو بيٺو
53:7
۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو
53:8
وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو
53:9
پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان بہ) تمام ويجھو ھو
53:10
پوءِ ان (الله) جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين، جيڪي پھچايائين
53:11
جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نہ ڄاتو
53:12
جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي، تنھن ۾ اُن سان ڇو جھڳڙو ڪندا آھيو؟
53:13
۽ بيشڪ اِنھيءَ (ملائڪ) کي (اُنھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھئائين
53:14
سدرة المنتھىٰ (وڏيءَ ٻير) وٽ
53:15
اُن (سدرة المنتھىٰ) وٽ رھڻ وارو باغ آھي
53:16
(ملائڪ کي اُنھيءَ مھل ڏٺائين)، جنھن مھل ٻير کي اُنھيءَ ٿي ڍڪيو، جنھن ڍڪيو ٿي
53:17
(پيغمبر جي) اک نہ ڪي ٿڙي ۽ نہ ڪي حد کان لنگھي
53:18
بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين
53:19
لات ۽ عُزىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟
53:20
۽ پوئين ٽين منات کي بہ؟ (جو اِھي بت الله بڻي نہ سگھندا آھن)
53:21
اوھان لاءِ پٽ آھن ڇا ۽ الله لاءِ ڌيئرون؟
53:22
اِھا (ورھاست) اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ واري ورھاست آھي
53:23
اِھي (سڀ) رڳا نالا آھن، جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پين ڏاڏن مقرر ڪيا آھن، الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نہ ڪيو آھي (ھيءُ رڳو) گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن، (تنھن تي بہ)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي
53:24
ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟
53:25
پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيءُ جَڳ الله جو آھي
53:26
۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو بہ نفعو نہ ڪندي، پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي
53:27
بيشڪ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن
53:28
۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نہ آھي، رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ بہ نفعو نہ ڏيندو آھي
53:29
پوءِ (اي پيغمبر!) اُنھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نہ گھريائين
53:30
اِھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي، جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو، تنھنکي (بہ) اُھو چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي
53:31
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي تہ جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون، تن کي ڀلائيءَ جو (جوڳو) بدلو ڏئي
53:32
جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي چڱو ڄاڻندڙ آھي، جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجن مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئو، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نہ ساراھيو، الله اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي، جيڪو پرھيزگار ٿيو
53:33
(اي پيغمبر) پوءِ ان کي نہ ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو ڦريو؟
53:34
۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو
53:35
وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي؟
53:36
اُنھيءَ جي خبر کيس نہ ڏني ويئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي؟
53:37
۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي)، جنھن (الله جي حقن کي) پورو ڪيو
53:38
(ھيءُ حڪم) تہ ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نہ کڻندو
53:39
۽ تہ ماڻھوءَ کي رڳو اُھا ئي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين
53:40
۽ تہ سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي
53:41
وري کيس تمام پورو بدلو (اُنھيءَ ڪمائيءَ موجب) ڏنو ويندو
53:42
۽ تہ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي
53:43
۽ تہ اُن ئي کلايو ۽ رئاڙيو
53:44
۽ تہ اُن ماريو ۽ جياريو
53:45
۽ تہ اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو
53:46
منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان، جڏھن (ڳھڻ ۾) ھاريو وڃي
53:47
۽ تہ اُن تي ئي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ آھي
53:48
۽ تہ اُن ئي آسودو ڪيو ۽ مالدار بڻايو
53:49
۽ تہ اُھو ئي شعرىٰ تاري جو پالڻھار آھي
53:50
۽ تہ اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو
53:51
۽ ثمود کي (بہ) پوءِ اُنھن مان (ڪنھين کي) باقي نہ ڇڏيائين
53:52
۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي بہ ھلاڪ ڪيائين، ڇو تہ اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھئا
53:53
۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين
53:54
پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو (يعني پھڻن جو مينھن وسايائين)
53:55
پوءِ (اي انسانو!) پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ ٿو شڪ ڪرين
53:56
ھيءُ (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي
53:57
ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آئي
53:58
اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي
53:59
ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟
53:60
۽ کلندا آھيو ۽ نہ رئندا آھيو
53:61
۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو
53:62
پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو