52:1
(جبل) طُور جو قسم آھي
52:2
۽ لکيل ڪتاب جو (قسم آھي)
52:3
جو کُليل ورقن ۾ لکيل آھي
52:4
۽ آباد گھر جو (قسم) آھي
52:5
۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي
52:6
۽ اُڀامندڙ سمنڊ جو (قسم) آھي
52:7
تہ بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي
52:8
اُن کي ڪوبہ ٽارڻ وارو ڪونھي
52:9
جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو
52:10
۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا
52:11
تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي
52:12
جيڪي اجائي ڳالھائڻ ۾ راند ڪندا آھن
52:13
جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا
52:14
(تنھن ڏينھن چئبن تہ) ھيءَ اُھا باھ آھي، جنھن کي (اوھين) ڪُوڙ ڀائندا ھئو
52:15
ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نہ ٿا ڏسو؟
52:16
اُن ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نہ ڪريو، (تہ) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو، رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو
52:17
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا
52:18
جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا ۽ (اِنھيءَ ڪري بہ خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو
52:19
(چئبن تہ) انھيءَ ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو، مزي سان کائو ۽ پيئو
52:20
ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن پلنگن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون
52:21
۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان سان سندن پيروي ڪئي، تن سان سندن اولاد کي (جنت ۾) ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ (ذرو) بہ نہ گھٽائينداسون، ھر ھڪ ماڻھو جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳھ ٿيل آھي
52:22
۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون
52:23
اُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا، جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو
52:24
۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن
52:25
۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا
52:26
چوندا تہ بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون
52:27
پوءِ الله اسان تي (وڏو) احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين
52:28
بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھئاسون، بيشڪ اھو ئي احسان ڪندڙ مھربان آھي
52:29
پوءِ (اي پيغمبر! کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو ۽ نڪي چريو آھين
52:30
بلڪ (تو لاءِ) چوندا آھن ڇا تہ شاعر آھي؟ (۽ اسين) سندن حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون
52:31
(انھن ڪافرن کي) چئو تہ اوھين بہ انتظار ڪريو جو بيشڪ آءٌ بہ اوھان ساڻ انتظار ڪندڙ آھيان
52:32
کين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھن؟
52:33
چوندا آھن ڇا تہ ھن (قرآن) کي پاڻ بڻايو اٿس، (نہ!) بلڪ ايمان نہ ٿا آڻين
52:34
پوءِ (کين) جڳائي تہ جيڪڏھن سچا آھن تہ اُن جھڙو ڪو سخن (بڻائي) آڻين
52:35
اھي بي سبب (پاڻھي) پيدا ٿي پيا آھن ڇا يا اُھي (پاڻ) پيدا ڪندڙ آھن؟
52:36
آسمانن ۽ زمين کي بڻايو اٿن ڇا؟ (نہ!) بلڪ (اُھي) يقين نہ ڪندا آھن
52:37
تنھنجي پالڻھار جا خزانا وٽن آھن ڇا يا اُھي داروغا آھن؟
52:38
کين ڪا ڏاڪڻ آھي ڇا جنھن تي (چڙھي) ڪن ڏيئي ٻڌندا آھن؟ پوءِ جڳائي تہ اُنھن مان ٻُڌندڙ ڪو پڌرو دليل آڻي
52:39
الله کي ڌيئر آھن ڇا ۽ اوھان کي پُٽ؟
52:40
اُنھن کان ڪا مزوري گھرين ٿو ڇا؟ جو اُھي (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار (ھيٺ) ٿيا آھن
52:41
اُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا؟ جو اُھي لکندا آھن
52:42
ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن
52:43
اُنھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن، تنھن کان الله پاڪ آھي
52:44
۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا تہ چوندا تہ گھاٽو ڪَڪر آھي
52:45
پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي، جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن
52:46
جنھن سندن فريب کانئن ڪجھ بہ نہ ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي
52:47
۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (بہ) آھي، پر اُنھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
52:48
۽ (اي پيغمبر!) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇو تہ تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر
52:49
۽ ڪجھ رات جو (بہ) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (بہ)