adh-Dhariyat (الذَّارِيَات)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 51 • 60 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
51:1 قسم آھي اُڏائڻ واري (ھوائن) جو، جو (خاڪ کي) اُڏائين
51:2 پوءِ (پاڻيءَ جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي
51:3 پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي
51:4 پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي
51:5 تہ بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي
51:6 ۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي
51:7 واٽن واري آسمان جو قسم آھي
51:8 تہ (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو
51:9 ان (قرآن) کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي، جيڪو (ازل ۾ نيڪيءَ کان) ڦيرايل آھي
51:10 اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي
51:11 جيڪي اَڻڄاڻائي ۾ غافل آھن
51:12 پڇندا آھن تہ قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
51:13 (ھائو!) اُنھيءَ ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو
51:14 (چئبو تہ) پنھنجو عذاب چکو، ھيءُ اُھو آھي، جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو
51:15 بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا
51:16 جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھئا
51:17 (اھڙا ھئا جو) رات جو ٿورو سمھندا ھئا
51:18 ۽ اُھي اَسُر جو بخشش گھرندا ھئا
51:19 ۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نہ سوال ڪندڙ مُحتاج (ٻنھي) جو حصو (ٺھرايل) ھو
51:20 ۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ (گھڻيون) نشانيون آھن
51:21 ۽ اوھان جي وجودن ۾ بہ، پوءِ اوھين نہ ٿا ڏسو ڇا؟
51:22 ۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (بہ) جنھن جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو
51:23 پوءِ آسمان ۽ زمين جي رب جو قسم آھي تہ اھا خبر سچي آھي، جھڙيءَ طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو
51:24 اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نہ) آئي آھي ڇا؟
51:25 جڏھن اُھي وٽس آيا، تڏھن سلام چيائون، ھن (بہ جواب ۾) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين تہ ھي) اوپرا ماڻھو آھن
51:26 پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين
51:27 پوءِ اُھو انھن کي ويجھو ڪيائين، چيائين تہ ڇو نہ ٿا کائو؟
51:28 پوءِ کانئن دل ۾ ڊپ محسوس ڪيائين، چيائون تہ نہ ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون
51:29 پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي، پوءِ (عجب کان) پنھنجو منھن پٽيائين ۽ چيائين تہ ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟)
51:30 چيائون تہ، ايئن ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇو تہ اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي
51:31 (ابراھيم) چيو تہ، اي قاصد‍ؤ! اوھان جو ڪھڙو غرض آھي؟
51:32 چيائون تہ، بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون
51:33 تہ مٿن مٽيءَ جون ڳوڙھا وسايون
51:34 جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن
51:35 پوءِ مؤمنن مان جيڪو اُتي ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون
51:36 پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نہ ڏٺوسون
51:37 ۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن، تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون
51:38 ۽ موسىٰ (جي قصي) ۾ (بہ عبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون
51:39 پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت مُنھن موڙيو، چيائين تہ (ھيءُ) جادوگر يا چريو آھي
51:40 تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون، پوءِ انھن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون
51:41 ۽ عاد جي (قصي) ۾ (بہ عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪت واءُ موڪليوسون
51:42 جو جنھن شئي تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نہ ڇڏي
51:43 ۽ ثمود (جي قصي) ۾ (بہ عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو تہ، (اوھين) ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو
51:44 پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون، تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو
51:45 پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھئا
51:46 ۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) ڇو جو اُھي بدڪار ماڻھو ھئا
51:47 ۽ آسمانن کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون
51:48 ۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون
51:49 ۽ سڀڪنھن شئي مان جوڙو جوڙو بڻايوسون تہ منَ اوھين نصيحت وٺو
51:50 تنھن ڪري (اي پيغمبر! منھنجن ٻانھن کي چئو تہ) الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندن طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
51:51 ۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نہ ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
51:52 اھڙيءَ طرح جيڪي انھن کان اڳ ھئا تن وٽ ڪوبہ پيغمبر نہ آيو، جو ان کي جادوگر يا چريي (سڏڻ) کانسواءِ ٻيو ڪي نہ چيائون
51:53 اِن (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آھن ڇا؟ (نہ!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن
51:54 تنھنڪري (اي پيغمبر!) کانئن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نہ آھين
51:55 ۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ، ڇو تہ سمجھائڻ مؤمنن کي فائدو ڏيندو آھي
51:56 ۽ جنن ۽ ماڻھن کي (ٻئي ڪنھن ڪم لاءِ) نہ پيدا ڪيوسون، سواءِ ھن جي تہ منھنجي عبادت ڪن
51:57 نڪي کانئن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو تہ مون کي کارائين
51:58 بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي
51:59 پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نہ گُھرن
51:60 پوءِ ڪافرن لاءِ سندن اُن ڏينھن کان ويل آھي، جنھن جو کين دڙڪو ڏنو وڃي ٿو