50:1
قٓ، سڳوري قرآن جو قسم آھي (تہ تون الله جو پيغمبر آھين)
50:2
بلڪ (مڪي وارن) پنھنجيءَ قوم منجھان پاڻ وٽ ھڪ ڊيڄاريندڙ جي اچڻ جو عجب ڪيو، پوءِ ڪافرن چيو تہ، ھيءَ عجيب ڳالھ آھي
50:3
ڀلا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون (تڏھن وري جيئرا ٿينداسون ڇا؟)، اِھو (وري جيئرو ڪري) موٽائڻ (عقل کان) پري آھي
50:4
انھن (جي جسمن) مان جيڪي زمين (ڳاري) گھٽائيندي آھي، سو بہ بيشڪ ڄاتو اٿئون، ۽ اسان وٽ ھڪ حفاظت ڪندڙ ڪتاب آھي
50:5
بلڪ سچو دين جڏھن وٽن آيو (تڏھن) اُن کي ڪوڙ ڄاتائون، پوءِ اُھي وچڙيل ڳالھ ۾ (اَڙيل) آھن
50:6
پوءِ آسمان جو سندن مٿان آھي، تنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿن ڇا؟ تہ اُن کي ڪيئن بڻايو اٿئون ۽ اُن کي (ڪيئن) سينگاريو اٿئون ۽ اُن ۾ ڪا ڦوٽ نہ آھي
50:7
۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙياسون ۽ منجھس سڀڪنھن وڻندڙ جنس مان (سلا) ڄماياسون
50:8
سڀڪنھن (الله ڏانھن) ورندڙ ٻانھي جي واٽ ڏيکارڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ
50:9
۽ آسمان کان برڪت وارو پاڻي لاٿوسون، پوءِ اُن سان باغ ۽ لڻڻ واري پوک جو اَن ڄمايوسون
50:10
۽ ڊگھيون کجيون (بہ) جن جا گوشا (ڏوڪن سان) سٿيل آھن
50:11
ٻانھن جي روزي (ڏيڻ) لاءِ، ۽ اُن سان ويران شھر کي آباد ڪيوسون، ۽ اھڙيءَ طرح (اوھان جو قبرن مان وري جيئرو ٿي) نڪرڻ آھي
50:12
کانئن اڳ نوح جي قوم ۽ رس (جي شھر) وارن ۽ ثمود (قوم) ڪوڙو ڀانيو
50:13
۽ عاد ۽ فرعون ۽ لُوط جي ڀائرن
50:14
۽ ايڪه وارن ۽ تبع جي قوم، ھر ھڪ پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو پوءِ (مٿن) منھنجي عذاب جو انجام لازم ٿيو
50:15
پھرين (ڀيري جي) خلقڻ ۾ (ڪو) ٿڪا آھيو ڇا؟ (نہ) بلڪ اُھي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آھن
50:16
۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوسو وجھندو آھي سو بہ ڄاڻندا آھيون، ۽ اسين ڏانھس (سندس) ساھ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون
50:17
جڏھن ٻہ لکندڙ (ھڪ) سڄي پاسي کان ۽ (ٻيو) کٻي پاسي کان ويھندڙ لکندا آھن
50:18
ڪا ڳالھ نہ ڳالھائيندو آھي، جنھن جي لاءِ وٽس ھڪ نگھبان موجود نہ آھي
50:19
۽ موت جي سختي سچ پچ ايندي، (چئبو تہ) اِھا (سزا) آھي، جنھن کان پاسو ڪندو ھُئين
50:20
۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو، اھو عذاب جو ڏينھن آھي
50:21
۽ ھر ھڪ ماڻھو ايندو جو ساڻس ھڪ ھڪليندڙ ۽ ھڪ شاھِد ھوندو
50:22
(چئبو تہ) بيشڪ ھن (ڳالھ) کان بي خبريءَ ۾ ھُئين ھاڻي تو کان تنھنجو پردو کوليوسون، تنھنڪري اڄ تنھنجي نگاھ تِکي آھي
50:23
۽ سندس سنگتي (ملائڪ) چوندو تہ جيڪي مون وٽ (لکيل) موجود ھو سو ھيءُ آھي
50:24
(چئبو تہ) اي ٻئي (ملائڪؤ!) سڀڪنھن ناشڪر ھٺيلي کي دوزخ ۾ اُڇليو
50:25
(جو) خير کان جھليندڙ، حد کان لنگھندڙ، شڪ ڪندڙ آھي
50:26
جنھن الله سان ٻيو معبود ٺھرايو اھڙي (ھر ھڪ) کي سخت عذاب ۾ اُڇليو
50:27
سندس سنگتي (شيطان) چوندو تہ، اي منھنجا پالڻھار! مون اُن کي گمراھ نہ ڪيو ھو، پر اُھو (پاڻ) وڏيءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) ھو
50:28
(الله) چوندو تہ مون وٽ جھڳڙو نہ ڪريو، ھن ھوندي جو بيشڪ اوھان ڏانھن عذاب جو انجام (ھن کان) اڳي موڪليو ھئم
50:29
نہ ڪي مون وٽ انجام ڦيرائبو آھي ۽ نڪي آءٌ ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھيان
50:30
جنھن ڏينھن دوزخ کي چونداسون تہ ڀريو آھين (يا نہ؟) ۽ (دوزخ) چوندو تہ (ٻيو بہ) ڪجھ (اڃا ھن کان) وڌيڪ آھي ڇا؟
50:31
۽ بھشت پرھيزگارن لاءِ ويجھو ڪبو، پري نہ (ھوندو)
50:32
(چئبو تہ) جنھن جو اوھان کي سڀڪنھن (الله ڏانھن) رجوع ڪرڻ واري ۽ ادب نگاھ رکڻ واري لاءِ انجام ڏبو ھو سو ھيءُ آھي
50:33
جيڪو پرپٺ ٻاجھاري (الله) کان ڊنو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ٿيل دل سان آيو، (تنھن لاءِ نہ)
50:34
(چئبو تہ) سلامتيءَ سان بھشت ۾ گھڙو، اھو سدائين رھڻ جو ڏينھن آھي
50:35
جيڪي گھرندا سو منجھس انھن لاءِ (موجود) آھي ۽ اسان وٽ (اِن کان) وڌيڪ بہ آھي
50:36
۽ انھن کان اڳ ڪيترائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون، جي حملي ڪرڻ ۾ انھن کان بہ تمام ڏاڍا ھئا، پوءِ شھرن ۾ ڳولا ڪرڻ لڳا، تہ ڪا (ڀڄڻ جي) واھ آھي؟
50:37
بيشڪ انھيءَ ڳالھ ۾ انھيءَ لاءِ نصيحت آھي، جنھن کي دل ھجي يا جو دل لائي ڪن ڏئي
50:38
۽ بيشڪ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي، تنھن کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايوسون، ۽ اسان کي ڪو ٿَڪ نہ ٿيو
50:39
پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪي (ڪافر) چوندا آھن، تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي، ساراھ سان بيان ڪر
50:40
۽ ڪجھ (مھل) رات جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھ ۽ نماز کان پوءِ بہ
50:41
۽ (ھيءَ ڳالھ) ٻُڌ تہ جنھن ڏينھن ويجھي ھنڌ کان سڏيندڙ سڏيندو
50:42
جنھن ڏينھن سچ پچ سخت ھَڪل ٻُڌندا، اُھو (ڏينھن قبرن مان انھن جي) نڪرڻ جو ڏينھن آھي
50:43
بيشڪ اسين جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽڻ آھي
50:44
جنھن ڏينھن زمين انھن (جي مٿي) کان ڦاٽندي (تنھن ڏينھن) ڊوڙندا (ٻاھر ايندا)، اِھو گڏ ڪرڻ اسان کي آسان آھي
50:45
جيڪي ڪافر چوندا آھن، سو اسين چڱيءَ طرح ڄاڻندا آھيون ۽ تون مٿن (ڪو) ڏاڍ ڪرڻ وارو نہ آھين، پوءِ جيڪو منھنجي عذاب جي دڙڪي کان ڊڄي تنھن کي قرآن سان سمجھاءِ