57:1
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
57:2
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، (اُھو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي ۽ اُھو سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
57:3
اُھو (سڀ کان) پھريون ۽ (سڀ کان) پويون آھي ۽ (اُھو) پڌرو ۽ (اُھو) ڳجھو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
57:4
(الله) اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو، وري عرش تي قائم ٿيو، جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي منجھانئس نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھي ويندو آھي، سو (سڀ اُھو) ڄاڻندڙ آھي ۽ جتي اوھين ھجو اُتي اُھو اوھان سان گڏ آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو، سو الله ڏسندڙ آھي
57:5
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم ورايا وڃن ٿا
57:6
رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي ۽ اُھو سينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي
57:7
الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ (مال جي موڙيءَ) مان (اوھين) خرچيو جنھن ۾ اوھان کي ٻـين جو وارث ڪيو اٿس ۽ اوھان مان جن ايمان آندو ۽ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آھي
57:8
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله تي ايمان نہ ٿا آڻيو؟ حالانڪ پيغمبر اوھان کي سڏي ٿو تہ اوھين پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو ۽ بيشڪ الله اوھان کان انجام ورتو آھي، جيڪڏھن مڃڻ وارا آھيو
57:9
(الله) اُھو آھي، جيڪو پنھنجي ٻانھي (محمد ﷺ) تي پڌريون آيتون نازل ڪندو آھي تہ (ڪفر جي) اونداھين مان (اسلام جي) سوجھري ڏانھن اوھان کي ڪڍي ۽ بيشڪ الله اوھان تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي
57:10
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي واٽ ۾ نہ خرچيندا آھيو؟ حالانڪ آسمانن ۽ زمين جي ميراث خاص الله جي آھي، جنھن (مڪي جي) فتح کان اڳ خرچ ڪيو ۽ (الله جي دين لاءِ ڪافرن سان) وڙھيو، تنھن جي برابر اوھان مان ڪوبہ ڪونھي، اِھي انھن کان تمام وڏي مرتبي وارا آھن، جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ (دين لاءِ) وڙھيا، ۽ ھر ھڪ کي الله چڱو انجام ڏنو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن جي الله (پوري) خبر رکندڙ آھي
57:11
اُھو ڪير آھي جو الله کي چڱو قرض ڏئي؟ پوءِ (الله) اُھو (قرض) اُن کي ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ اُن لاءِ سڳورو اجر آھي
57:12
(ياد ڪر) جنھن ڏينھن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (ھن حالت ۾) ڏسندين جو سندن نُور اُنھن جي اڳيان ۽ اُنھن جي سڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو، (چئبن) تہ اوھانکي خوشخبري ھجي جو اڄ اوھان لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وَھن، اُتي سدائين رھندؤ، اِھا وڏي ڪاميابي آھي
57:13
جنھن ڏينھن منافق ۽ منافقياڻيون (گڏجي) مؤمنن کي چوندا تہ اسان ڏانھن (مھربانيءَ جي نظر سان) نھاريو (تہ سھي) تہ اوھان جي (ايماني) نُور مان (ڪجھ) روشني وٺون، چيو ويندو تہ اوھين پنھنجي پٺ تي (دنيا ڏانھن) موٽو، پوءِ ڪو سوجھرو ڳوليو، پوءِ سندن وچ ۾ ھڪ اھڙي ڀت ھنئي ويندي جنھن کي دروازو ھوندو، اُن (ڀت) جي اندارن رحمت ھوندي ۽ اُن (ڀت) جي ٻاھران سامھون عذاب ھوندو
57:14
منافق مُسلمانن کي سڏيندا ۽ چوندا تہ اسين اوھان سان (دنيا ۾) گڏ نہ ھئاسون ڇا؟ (مُسلمان) چوندا تہ ھائو پر پنھنجو پاڻ کي چَٽيءَ ۾ وڌوَ ۽ (ايمان آڻڻ ۾) دير ڪندا رھيؤ ۽ (نبوت ۾) شڪ آڻيندا رھيؤ ۽ اوھان کي سَڌن ٺڳي ڇڏيو تانجو الله جو حُڪم آيو ۽ اوھان کي الله (جي حُڪم مڃڻ) کان (شيطان) ٺڳيندڙ ٺڳي ڇڏيو
57:15
تنھن ڪري (اي منافقؤ!) اڄ نڪي اوھان کان ۽ نڪي ڪافرن کان ڪو بدلو وٺبو، اوھان جي جاءِ (دوزخ جي) باھ آھي، اھا اوھان جي لائق آھي ۽ اھا موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آھي
57:16
اڃا مؤمنن لاءِ اُھو وقت نہ آيو آھي ڇا؟ جو الله جي ياد ڪرڻ وقت ۽ وحيءَ الٰھيءَ مان جيڪي نازل ٿيو، تنھن (جي ياد) آڻڻ وقت سندن دليون آزي ڪن ۽ اُنھن وانگر نہ ٿين جن کي (ھن کان) اڳ ڪتاب ڏنو ويو، پوءِ مٿن ڊگھي مدت گذري، تنھنڪري سندن دليون سخت ٿي ويون ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن
57:17
ڄاڻو تہ الله زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪندو آھي، بيشڪ اسان اوھان لاءِ چٽيون نشانيون بيان ڪيون آھن تہ منَ اوھين پرجھو (سمجھو)
57:18
بيشڪ خيرات ڏيندڙن ۽ خيرات ڏيندڙين کي، ۽ جن الله کي سھڻو قرض ڏنو آھي، تن کي ٻيڻو ڪري ڏبو ۽ اُنھن لاءِ سڳورو اجر آھي
57:19
۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو، اُھي ئي پنھنجي پالڻھار وٽ سچار ۽ شھيد آھن، اُنھن لاءِ سندن اجر ۽ سندن نُور آھي، ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڀانيو اُھي دوزخي آھن
57:20
ڄاڻو تہ دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو ء (ظاھري) سينگار ۽ پاڻ ۾ فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ (ھڪ ٻئي کان) گھڻائي طلبڻ آھي، (انھيءَ جو مثال) انھيءَ مينھن وانگر (آھي) جنھن جو سلو (ڄمائڻ) ڪڙمين کي عجب ۾ وجھي وري سُڪي وڃي، پوءِ اُن کي پيلو ٿيل ڏسن وري ڀُري وڃي، ۽ آخرت ۾ (الله جي دشمنن لاءِ) سخت عذاب آھي ۽ (الله جي دوستن لاءِ) الله کان بخشش ۽ رضامندي آھي ۽ دنيا جي حياتي رڳو ٺڳيءَ جو سامان آھي
57:21
(تنھنڪري) پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ اُنھيءَ بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو، جنھن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائيءَ وانگر آھي، انھن لاءِ تيار ڪيو ويو آھي، جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو، اھو الله جو فضل آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي ۽ الله وڏي فضل وارو آھي
57:22
۽ ڪابہ مُصيبت نڪي زمين ۾ ۽ نڪي اوھان جي جندن ۾ پھچندي آھي، پر اُنھيءَ کان اڳ اُن (مصيبت) کي پيدا ڪريون ھڪ ڪتاب ۾ (لکيل) آھي، بيشڪ اِھو (ڪم) الله تي آسان آھي
57:23
ھن ڪري (اِھا خبر ڏني اٿئون) تہ جيڪي اوھان جي ھٿن مان ويو، تنھن تي ارمان نہ ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيائين، تنھن تي خوشي نہ ڪريو، ۽ الله سڀڪنھن ھٺيلي پاڻ پڏائيندڙ کي دوست نہ رکندو آھي
57:24
(۽ اُنھن کي بہ دوست نہ رکندو آھي) جيڪي بخل ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي بہ پيچائي ڏسيندا آھن ۽ جي ڪو منھن موڙيندو تہ بيشڪ الله ئي بي پرواھ ۽ ساراھيل آھي
57:25
بيشڪ پنھنجن پيغمبرن کي پڌرين نشانين سان موڪليوسون ۽ ساڻن ڪتاب ۽ (انصاف جي) تارازي ھن لاءِ موڪليوسون تہ ماڻھو انصاف کي قائم ڪن، ۽ لوھ لاٿوسون، جنھن جي ڪري سخت دٻدٻو آھي ۽ ماڻھن لاءِ ٻيا فائدا (بہ) آھن ۽ تہ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبرن کي پرپُٺ مدد ڏئي، تنھن کي الله معلوم ڪري، بيشڪ الله سگھارو زبردست آھي
57:26
۽ بيشڪ نُوح ۽ ابراھيم کي موڪليوسون ۽ سندن اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب (امانت) رکيوسون، پوءِ منجھانئن ڪي ھدايت وارا آھن، ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن
57:27
وري سندن پٺيان پنھنجا (ٻيا) پيغمبر موڪلياسون ۽ پوئتان عيسىٰ پُٽ مريم جي کي موڪليوسون ۽ کيس انجيل ڏنوسون ۽ جن سندس تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ ٻاجھ رکي سون، ۽ اُھا گوشہ نشيني جا پاڻ ٺاھي ھئائون، سا اسان مٿن فرض نہ ڪئي ھُئي، پر الله جي رضامندي جي طلب لاءِ (پاڻ ٺاھي ھئائون) پوءِ اُن جي نظرداريءَ جو پورو حق نظر نہ رکيائون، پوءِ منجھانئن جن (محمد ﷺ تي) ايمان آندو، تن کي سندن اجر ڏنوسون، ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن
57:28
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سندس پيغمبر (محمد ﷺ) تي ايمان آڻيو تہ اوھان کي پنھنجيءَ ٻاجھ مان بہ ڀاڱا ڏئي ۽ اوھان کي اھڙو نُور ڏئي جنھن سان (رستو) ھلو ۽ اوھان کي بخشي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
57:29
ھن ڪري (الله ھيءَ خبر ڏني) تہ اھل ڪتاب ڄاڻن تہ اُھي الله جي فضل مان ڪنھن شئي تي سگھ رکي نہ سگھندا آھن ۽ (ھيءُ بہ ڄاڻن) تہ فضل الله جي ھٿ ۾ آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي ۽ الله وڏي فضل وارو آھي