58:1
بيشڪ الله اُنھيءَ (عورت) جو ڳالھائڻ ٻڌو، جنھن پنھنجي مڙس بابت توسان جھڳڙو ٿي ڪيو ۽ الله جي آڏو (پنھنجو) ڏک جو احوال (بيان) ٿي ڪيو، ۽ الله اوھان ٻنھي جو پاڻ ۾ ڳالھائڻ ٻڌو ٿي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي
58:2
اوھان مان جيڪي پنھنجين زالن سان ظِھار ڪندا (يعني ماءُ چئي ويھندا) آھن، اُھي (زالون ڪي) اُنھن جون مائر نہ آھن، سندن مائر (تہ) اُھي آھن، جن کين ڄڻيو آھي ۽ بيشڪ اُھي (ظِھار ڪندڙ) ھڪ اڻ جڳائيندڙ ڳالھ ۽ ڪوڙ چوندا آھن، ۽ بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي
58:3
۽ جيڪي پنھنجي زالن سان ظِھار ڪندا آھن، پوءِ (وري) جيڪي چيائون تنھن کان (پوئتي) موٽندا (رجوع ڪندا) آھن تہ (زال مڙس) جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ (ھڪ) ٻانھون آجو ڪرڻ واجب آھي، اِنھيءَ (حُڪم) سان اوھان کي نصيحت ڏجي ٿي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
58:4
پوءِ جيڪو (ٻانھو) نہ لھي (تنھن تي) ٻنھي جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ ٻہ مھينا لڳولڳ روزا رکڻ (واجب) آھن، پوءِ جيڪي (روزا رکي) نہ سگھي، تنھن تي سٺ مسڪينن جو کارائڻ (واجب) آھي، اِھو (حُڪم) ھن لاءِ آھي تہ (اوھين) الله ۽ سندس پيغمبر (جي حڪم) کي مڃيو ۽ اھي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آھن، ۽ مُنڪرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
58:5
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندا آھن، تن کي (ايئن) خوار ڪيو ويو جيئن اُنھن کي خوار ڪيو ويو، جيڪي کانئن اڳ ھئا ۽ بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيون سون، ۽ مُنڪرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي
58:6
جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي الله اُٿاريندو (تنھن ڏينھن) کين (اُنھيءَ جي) سُڌ ڏيندو، جيڪي ڪمايو ھئائون، (جو) الله اُن (سندن ڪئي) کي ڳڻي (رکي) ڇڏيو آھي ۽ (ھنن) اُھو وساري ڇڏيو ۽ الله ھر شئي تي گواھ آھي
58:7
نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي؟ (ڪٿي بہ پاڻ ۾) ٽن ڄڻن جي ڳُجھي صلاح ڪرڻ نہ ھوندي آھي، پر اُنھن ۾ چوٿون الله آھي ۽ نڪي پنجن (ڄڻن) جي (ڳجھي صلاح ڪرڻ ھوندي آھي) پر انھن ۾ ڇھون الله آھي ۽ نڪي ان (ڳاڻاٽي) کان تمام گھٽ ۽ تمام وڌ آھن، پر الله ساڻن آھي، اُھي جتي بہ ھجن، وري جيڪي ڪيو اٿن (تنھن جي) قيامت جي ڏينھن کين سُڌ ڏيندو، ڇو تہ الله سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
58:8
(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا جن کي (مسلمانن جي ايذائڻ لاءِ پاڻ ۾) ڳُجھين صلاحن ڪرڻ کان جھليو ويو، وري جنھن کان جھليا ويا سو ئي ڪندا آھن ۽ گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرماني ڪرڻ بابت پاڻ ۾ ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن ۽ جڏھن تو وٽ ايندا آھن (تڏھن) تو کي اُنھيءَ (لفظ) سان سلام ڪندا آھن، جنھن سان تو کي الله سلام نہ ڪيو آھي ۽ پنھنجين دلين ۾ چوندا آھن تہ جيڪي چوندا آھيون، تنھن جي ڪري الله اسان کي ڇو نہ ٿو عذاب ڪري؟ کين دوزخ ڪافي آھي، اُن ۾ گھڙندا، پوءِ دوزخ بڇڙي جاءِ آھي
58:9
اي ايمان وارؤ! جڏھن (اوھين) پاڻ ۾ (ڪا) ڳُجھي صلاح ڪريو (تڏھن جڳائي) تہ گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرماني ڪرڻ بابت (ڪابہ) پاڻ ۾ صلاح نہ ڪريو ۽ چڱائيءَ ۽ پرھيزگاريءَ بابت صلاح ڪريو ۽ انھيءَ الله کان ڊڄو، جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ
58:10
بڇڙي صلاح ڪرڻ تہ شيطان جو ئي ڪم آھي، ھن لاءِ تہ مؤمنن کي دلگير ڪري ۽ ھو الله جي حُڪم کانسواءِ کين ڪجھ بہ نُقصان پُھچائڻ وارو نہ آھي، ۽ جڳائي تہ مؤمن الله تي ڀروسو ڪن
58:11
اي ايمان وارؤ! جڏھن اوھان کي چئجي تہ (پنھنجين) مجلسن ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو، تہ پوءِ (جاءِ) ڪشادي ڪريو تہ الله بہ اوھان (جي سڀڪنھن مشڪل) جي ڪشادگي ڪري ۽ جڏھن چئجي تہ اُٿو، تڏھن اُٿو تہ اوھان مان جن ايمان آندو آھي ۽ جن کي علم ڏنو ويو آھي، تن جا مرتبا الله وڏا ڪري ۽ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
58:12
اي ايمان وارؤ! جڏھن اوھين (گھرو تہ) پيغمبر سان ڪا ڳجھي ڳالھ ڪريو، تڏھن پنھنجيءَ ڳجھيءَ ڳالھ ڪرڻ کان اڳ پھريائين خيرات ڏيو، اِھو (ڪم) اوھان لاءِ ڀَلو ۽ تمام سٺو آھي، پوءِ جيڪڏھن ڪُجھ نہ لھو تہ بيشڪ الله بخشڻھار مھربا آھي
58:13
اوھين (اِنھي ڳالھ کان) ڊڄي ويؤ ڇا تہ پنھنجيءَ ڳجھيءَ ڳالھ چوڻ کان پھريائين خيرات ڏيو؟ پوءِ جڏھن اوھان (ايئن) نہ ڪيو ۽ الله اوھان کان ٽارو ڪيو تڏھن (ھاڻي) نماز پڙھندا رھو ۽ زڪوٰة ڏيندا رھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيو، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي
58:14
(اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا، جن ھڪ اھڙيءَ قوم سان دوستي رکي جن تي الله ڏمريو آھي، نڪي اِھي (يعني منافق) اوھان مان آھن ۽ نڪي انھن (يھودين) مان آھن ۽ اُھي ڄاڻي ٻجھي ڪوڙ تي قسم کڻندا آھن
58:15
اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، ڇو تہ اُھي جيڪي ڪندا ھئا سو بڇڙو آھي
58:16
پنھنجن قَسمن کي ڍال ڪري ورتو اٿن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليائون، تنھنڪري اُنھن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي
58:17
الله (جي عذاب) کان نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد کانئن ڪجھ بہ ٽاريندو، اِھي دوزخي آھن، اِھي اُن ۾ سدائين رھندا
58:18
جنھن ڏينھن اِنھن مڙني کي الله اٿاريندو، تنھن ڏينھن سندس آڏو (ايئن) قسم کڻندا جيئن اوھان جي آڏو قَسم کڻندا آھن ۽ ڀائيندا آھن تہ اِھي ڪنھن (چڱيءَ) ڳالھ تي آھن، خبردار ٿيو، بيشڪ اِھي اصل ڪوڙا آھن
58:19
مٿن شيطان غالب ٿي ويو آھي، پوءِ اُنھن (جي دل) کان الله جي يادگيري وساريائين، اِھي (ماڻھو) شيطان جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو تہ) بيشڪ شيطان جي جماعت ئي ٽوٽي واري آھي
58:20
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر (جي حُڪم) کان مخالفت ڪندا آھن، سي تمام خواريءَ وارن (ذليل ماڻھن) ۾ آھن
58:21
الله لکي ڇڏيو آھي تہ آءٌ ضرور غالب رھندس ۽ منھنجا پيغمبر بہ، ڇو تہ الله سگھارو زبردست آھي
58:22
(اي پيغمبر) اھڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندي ھجي، تنھن کي تون (ھن وصف سان) نہ ڏسندين تہ جنھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي آھي، تنھن سان دوستي رکندا ھجن، توڙيجو اُھي (ماڻھو) سندن ابا ڏاڏا يا سندن پُٽ يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ ھجن، اِھي (مؤمن اُھي) آھن جن جي دلين ۾ الله ايمان لکيو آھي ۽ جن کي پنھنجي ڳجھي فيض سان مدد ڏني اٿس ۽ انھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، ھو اُنھيءَ ۾ سدائين رھندا، الله کانئن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اِھي الله جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو تہ) بيشڪ الله جي جماعت ئي ڪامياب ٿيندڙ آھي