al-Hashr (الحَشْر)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 59 • 24 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
59:1 جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
59:2 (الله) اُھو آھي جنھن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گھرن مان پھرينءَ ئي ويڙھ ۾ ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، (اي مسلمانؤ!) اُنھن جي نڪرڻ جو اوھين ڪو گمان نہ ڪندا ھئو ۽ اُھي ڀائيندا ھئا تہ الله جي (عذاب) کان سندن قلعا کين بچائڻ وارا ھوندا، پوءِ (اُتان) وٽن الله (جو عذاب) پھتو جتان ڄاڻندا ئي نہ ھئا ۽ سندن دلين ۾ اھڙي دھشت وڌائين جو پنھنجن ھٿن سان ۽ مُسلمانن جي ھٿن سان پنھنجن گھرن کي (پاڻ) ڊاھڻ لڳا، تنھنڪري اي اکين وارؤ! عبرت وٺو
59:3 ۽ جيڪڏھن الله مٿن ديس نيڪالي نہ لکي ھا تہ کين (ٻيءَ طرح) دنيا ۾ عذاب ڪري ھا ۽ انھن کي آخرت ۾ (بہ) باھ جو عذاب آھي
59:4 اِھو (عذاب) ھن ڪري آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله جي مخالفت ڪندو تہ بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي
59:5 (اي مؤمنؤ!) جيڪي کجين جا وڻ وڍيوَ يا اُنھن کي پنھنجن پاڙن تي (اصلوڪيءَ حالت ۾) بيٺل ڇڏيوَ سو الله جي حُڪم سان ۽ ھِن لاءِ ھو تہ بدڪارن (ڪافرن) کي خوار ڪري
59:6 ۽ اُنھن (يعني بني نضير جي مالن) مان جيڪو (مال) الله پنھنجي پيغمبر کي ھٿ ۾ ڏنو تنھن تي اوھان نڪي گھوڙا ۽ نڪي ڪي اُٺ ڊوڙايا ھئا، پر الله پنھنجن پيغمبرن کي جنھن تي وڻيس (تنھن تي) غالب ڪندو آھي ۽ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
59:7 ڳوٺاڻن (جي مالن) مان جيڪي الله پنھنجي پيغمبر جي ھٿ ۾ ڏنو سو خاص الله لاءِ ۽ پيغمبر لاءِ ۽ (پيغمبر جي) مائٽن لاءِ ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي (اِھو ھن لاءِ بيان ڪيو ويو) تہ اُھو (مال رڳو) اوھان مان دنيادارن جي درميان ڏيڻ وٺڻ ۾ نہ رھي، ۽ جيڪي پيغمبر اوھان کي ڏئي سو وٺو، ۽ جنھن کان اوھان کي جھلي تنھن کي ڇڏي ڏيو ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي
59:8 (۽ اُھو مٿي ڄاڻايل فيءَ جو مال) اُنھن ھجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ (بہ) آھي، جن کي سندن گھرن ۽ سندن مالن مان ٻاھر ڪڍيو ويو جيڪي (پنھنجي) الله کان فضل ۽ (سندس) رضامندي طلبيندا آھن ۽ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي مدد ڏيندا آھن، اِھي ئي سچا آھن
59:9 ۽ (اُنھن لاءِ بہ آھي) جن دارالاسلام (يعني مديني) ۾ ۽ ايمان ۾ مھاجرن کان اڳ گھر بڻايو، جيڪو وٽن لڏي اچي تنھن کي دوست رکندا آھن ۽ جيڪي مھاجرن کي ڏنو ويو، تنھن بابت پنھنجين دلين ۾ ڪا پريشاني نہ لھندا آھن ۽ (ٻـين کي) پاڻ تي ترجيح ڏيندا آھن، توڻيڪ کين ڪو احتياج بہ ھوندو آھي ۽ جن کي سندن نفس جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇٽڻ وارا آھن
59:10 ۽ (اِھو مال اُنھن لاءِ بہ آھي) جيڪي اِنھن (يعني مھاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا، چوندا آھن تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان کي بخش ۽ اسان جي (اُنھن) ڀائرن کي (بہ) جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن بنسبت اسان جي دلين ۾ ڪو کوٽ نہ وجھ، اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مھربان آھين
59:11 اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا؟ جيڪي منافق ٿيا جي پنھنجن اُنھن ڀائرن کي چوندا آھن جيڪي ڪتاب وارن مان مُنڪر آھن، تہ (قسم آھي تہ) جيڪڏھن اوھان کي (وطن مان) تڙايو ويو تہ (اسين بہ) اوھان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوھان جي حق ۾ ڪڏھن بہ ڪنھن جو چيو نہ مڃينداسون ۽ جيڪڏھن اوھان سان ويڙھ ڪئي ويندي تہ اوھان جي ضرور مدد ڪنداسون، ۽ الله شاھدي ٿو ڏيئي تہ اِھي پڪ ڪوڙا آھن
59:12 (قسم آھي تہ) جيڪڏھن (ڪتاب وارن کي وطن مان) تڙبو تہ (اِھي منافق) ساڻن (وطن مان) نہ نڪرندا، ۽ جيڪڏھن اُنھن سان جنگ ڪبي تہ کين مدد نہ ڏيندا، پر جيڪڏھن (کڻي) کين مدد ڏيندا بہ تہ ضرور (پنھنجون) پٺيون ڦيرائيندا، وري (پوءِ ڪٿان بہ) کين مدد نہ ڏبي
59:13 (اي مُسلمانؤ!) بيشڪ اوھين اُنھن جي دلين ۾ الله کان (بہ) وڌيڪ دھشت وارا آھيو، اِھو ھِن ڪري جو اُھي بي سمجھ قوم آھن
59:14 (سڀ) ھڪ ھنڌ تي اوھان سان (ٻاھر ڪڏھن) ويڙھ نہ ڪندا، پر قلعي واري (مضبوط) ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي آڙ ۾ (ڪندا)، پاڻ ۾ اُنھن جي ويڙھ تمام سخت پيل آھي، کين (مصلحت ۾) گڏ ٿيل ڀانئيندو آھين، پر اُنھن جون دليون ڌار ڌار آھن، اِھو ھن ڪري جو اُھي بي عقل قوم آھن
59:15 (سندن مثال) اُنھن جي مثال جھڙو آھي، جيڪي کانئن ڪجھ اڳ ھئا (جن) پنھنجي ڪئي جي سزا چکي ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
59:16 (ڪتاب وارن سان منافقن جو مثال) شيطان جي مثال وانگر آھي، جڏھن ماڻھوءَ کي چوندو آھي تہ ڪافر ٿيءُ، پوءِ جنھن مھل ڪافر ٿيو (تنھن مھل ھو) چوندو آھي تہ بيشڪ آءٌ توکان بيزار آھيان، آءٌ جھانن پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو
59:17 پوءِ (شيطان ۽ ماڻھوءَ) ٻنھي جي پڇاڙي ھيئن ٿي تہ ٻئي اُتي باھ ۾ ھميشہ ھوندا، ۽ اِھا ظالمن جي سزا آھي
59:18 اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جڳائي تہ سڀڪو شخص سوچي تہ سڀاڻي (قيامت) لاءِ ڇا اڳي موڪليو اٿس، ۽ (وري بہ) الله کان ڊڄندا رھو، ڇو تہ جيڪي اوھين ڪندا آھيو، تنھن بابت الله خبر رکندڙ آھي
59:19 ۽ (اوھين) اُنھن جھڙا نہ ٿيو جن الله کي وساريو، پوءِ الله اُنھن کان سندن نفسن (جي سڌاري) کي وسارائي ڇڏيو، اِھي ئي بي دين آھن
59:20 دوزخي ۽ بھشتي (پاڻ ۾) برابر نہ آھن، بھشتي ئي مُراد ماڻيندڙ آھن
59:21 جيڪڏھن ھن قرآن کي ڪنھن جبل تي نازل ڪريون ھا تہ ضرور ان کي الله جي خوف کان عاجزي ڪندڙ، پرزا پرزا ٿيل ڏسين ھا ۽ اِھي مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪريون ٿا تہ منَ اُھي سوچ ڪن
59:22 الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جي لائق ئي نہ آھي، (جو) ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، اُھو ٻاجھارو مھربان آھي
59:23 الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق ئي نہ آھي، (جو) بادشاھ، تمام پاڪ ذات (سڀني عيبن کان) سلامت اَمن ڏيڻ وارو، نگھبان، غالب، زبردست، وڏائي جو سائين آھي، اُنھن جي شريڪ مقرر ڪرڻ کان الله پاڪ آھي
59:24 اُھو الله خلقڻھار، نئون بڻائيندڙ، شڪليون ٺاھيندڙ آھي، اُن جا (سڀ) سھڻا نالا آھن، جيڪي (بہ) آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي (سڀ) سندس پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي