al-Mumtahinah (المُمْتَحَنَة)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 60 • 13 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
60:1 اي ايمان وارؤ! منھنجن دشمنن ۽ پنھنجن دشمنن کي دوست (ڪري) نہ وٺو، اُنھن ڏانھن دوستيءَ جا پيغام موڪليو ٿا، حالانڪ جيڪو اوھان وٽ سچو دين آيو آھي، تنھن جا (اُھي) مُنڪر ٿي چڪا آھن، پيغمبر کي ۽ اوھان کي (پنھنجن ديسن مان) ھن ڪري لوڌين ٿا جو پنھنجي پالڻھار الله تي ايمان آندو اَٿوَ (تہ کين دوست ڪري نہ وٺو) جيڪڏھن (خاص منھنجيءَ) واٽ ۾ جھاد ڪرڻ لاءِ ۽ منھنجي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ (پنھنجن ديسن مان) نڪتا آھيو، اُنھن ڏانھن دوستيءَ جو ڳُجھو پيغام (ڇو) ٿا موڪليو؟ حالانڪ جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي پڌرو ڪريو ٿا، سو آءٌ چڱيءَ طرح ڄاڻندو آھيان، ۽ اوھان مان جيڪو اِھو (ڪم) ڪندو سو بيشڪ سڌو رستو ڀُليو
60:2 جيڪڏھن (ڪافر) اوھان کي (ڪٿي بہ) لھندا تہ اوھان جا پڪا ويري ھوندا ۽ اوھان ڏانھن پنھنجا ھٿ ۽ پنھنجيون زبانون ايذاءَ لاءِ ڊگھيون ڪندا ۽ گھُرندا تہ جيڪر (ڪنھن طرح اوھين) ڪافر ٿيو
60:3 ڪڏھن نہ اوھان کي اوھان جا مائٽ ۽ نڪي اوھان جو اولاد قيامت جي ڏينھن ڪو فائدو ڏيندو، اوھان جي وچ ۾ (الله) فيصلو ڪندو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو، سو الله ڏسندڙ آھي
60:4 يشڪ ابراھيم ۽ جيڪي ساڻس ھئا تن (جي ڳالھين) ۾ اوھان لاءِ چڱي پيروي آھي، جڏھن پنھنجيءَ قوم کي چيائون تہ، بيشڪ اسين اوھان کان ۽ جن کي الله کانسواءِ (اوھين) پوڄيندا آھيو تن کان بيزار آھيون، اوھان جا مُنڪر ٿي چڪاسون ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ھميشہ دشمني ۽ وير (ايستائين) پڌرو ٿي چڪو جيستائين ھڪ الله تي ايمان (نہ) آڻيندؤ مگر ابراھيم، جو پنھنجي پيءُ کي (ھيءُ) چوڻ (پيروي جوڳو نہ آھي) تہ تولاءِ ضرور بخشش گھرندس ۽ الله کان تو لاءِ ڪجھ بہ نہ ٿو ڪري سگھان، (ابراھيم ۽ سندس ساٿين چيو تہ) اي اسان جا پالڻھار! تو تي ڀروسو ڪيوسون ۽ توڏانھن موٽياسون ۽ تو ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي
60:5 اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ڪافرن جو زيردست نہ ڪر ۽ اي اسان جا پالڻھار! اسان کي بخش، ڇو تہ تون ئي غالب حڪمت وارو آھين
60:6 بيشڪ انھيءَ (مٿينءَ) جماعت ۾ چڱي پيروي اوھان مان اُنھيءَ لاءِ آھي، جيڪو الله (جي ملاقات) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اُميد رکندو ھجي ۽ جيڪو منھن موڙيندو تہ بيشڪ الله سڀ کان بي پرواھ ساراھيل آھي
60:7 ويجھو آھي تہ الله اوھان جي ۽ اُنھن جي وچ ۾ دوستي پيدا ڪري جن سان اُنھن منجھان دشمني رکي اٿوَ، ۽ الله سگھارو آھي ۽ الله بخشڻھار آھي
60:8 الله اوھان کي اُنھن کان نٿو جھلي جن اوھان سان دين (جي ڳالھ) ۾ نہ جنگ ڪئي آھي ۽ نڪي اوھان جي گھرن مان اوھان کي (ٻاھر) ڪڍيو آھي تہ ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو، ڇو تہ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي
60:9 الله اوھان کي رڳو اُنھن کان جھلي ٿو، جن اوھان سان دين بابت ويڙھ ڪئي آھي ۽ اوھان کي اوھان جي گھرن مان (ٻاھر) ڪڍيو آھي ۽ اوھان جي ڪڍڻ ۾ (ٻـين جي) مدد ڪئي آھي (ھن کان جھلي ٿو) تہ ساڻن دوستي رکو، ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا سي ئي ظالم آھن
60:10 اي ايمان وارؤ! جڏھن اوھان وٽ مؤمنياڻيون وطن ڇڏي اچن تڏھن کين پرکيو، الله انھن جي ايمان کي چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ جيڪڏھن کين (پڪ) مؤمنياڻيون ڄاڻو (تہ) انھن کي ڪافرن ڏانھن موٽائي نہ موڪليو، نڪي اُھي (مُسلمان زالون) پوءِ اُنھن (جي مڙسن ڪافرن) کي حلال آھن ۽ نڪي اُھي (ڪافر مڙس) اُنھن (مسلمان زالن) کي حلال آھن ۽ جيڪي (ڪابين بابت) خرچ ڪيائون سو اُنھن (مڙسن) کي ڏيو ۽ جڏھن کين سندن ڪابين ڏيو (تڏھن) اُنھن جي نڪاح ڪرڻ ۾ اوھان تي (ڪو) گناھ نہ آھي ۽ (پنھنجين زالن) ڪافرياڻين جو قبضو بند نہ رکو، ۽ جيڪي اوھان (پنھنجين زالن تي ڪابين) خرچ ڪئي ھجي سا (اُنھن کان) گھرو ۽ جيڪي انھن (ڪافرن پنھنجين زالن تي) خرچ ڪيو سو ڀلي تہ اُھي (اوھان کان) گھرن، اھو الله جو حُڪم آھي، جو اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿو ڪري ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
60:11 ۽ جيڪڏھن اوھان جي زالن مان ڪا (اوھان جي ھٿن مان) ڪافرن ڏانھن (مُرتد ٿي) وئي ھجي (۽) پوءِ (ڪافرن کي) ايذايوَ (۽ لٽيوَ) تہ جن جون زالون ويون ھجن، تن کي (اُن مال مان) اوترو ڏيو، جيترو اُنھن (ڪابين ۾) خرچ ڪيو ھو، ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو، جنھن تي اوھين ويساھ رکندڙ آھيو
60:12 اي پيغمبر! جڏھن تو وٽ مؤمنياڻيون اچن ھن (شرط) تي، تو سان بيعت ڪن تہ ڪنھن کي الله سان شريڪ (مقرر) نہ ڪنديون ۽ نڪي چوري ڪنديون ۽ نڪي زنا ڪنديون ۽ نڪي پنھنجي اولاد کي ڪُھنديون ۽ نڪي اھڙي ڪوڙي تھمت آڻينديون، جنھن کي پنھنجن ھٿن ۽ پنھنجن پيرن سان ٺاھيو ھجين ۽ نڪي ڪنھن چڱي ڪم ۾ تنھنجي نافرماني ڪنديون تہ (تڏھن) سندن بيعت قبول ڪر ۽ انھن لاءِ الله کان بخشش گھر، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
60:13 اي ايمان وارؤ! اوھين اُنھيءَ قوم سان دوستي نہ رکو، جنھن تي الله ڏمريو آھي، بيشڪ اُھي آخرت (جي ثواب) کان (اھڙو) نااُميد ٿيا آھن، جھڙوڪ ڪافر قبرن وارن کان نااُميد ٿيا آھن