61:1
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حِڪمت وارو آھي
61:2
اي ايمان وارؤ! جيڪي نہ ڪندا آھيو سو (زبان سان) ڇو چوندا آھيو؟
61:3
الله وٽ اِھا (ڳالھ) ڏاڍي ناپسند آھي، جو (ٻين کي) اُھا (ڳالھ) چئو، جا (پاڻ) نہ ٿا ڪريو
61:4
بيشڪ الله انھن کي دوست رکندو آھي، جي سندس واٽ ۾ (اھڙي) صف ٻڌي وڙھندا آھن (جو) ڄڻڪ اُھي ھڪڙي شيھي پلٽيل ڀت آھن
61:5
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجيءَ قوم کي چيو تہ، اي منھنجي قوم! مون کي ڇو ايذائيندا آھيو؟ ۽ بيشڪ (اوھين) ڄاڻندا آھيو تہ، آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪيل (رسول) آھيان، پوءِ جنھن مھل ڏنگائي ڪيائون (تنھن مھل) الله سندن دلين کي ڏنگو ڪيو، ۽ الله بدڪار قوم کي سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
61:6
۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن عيسىٰ پُٽ مريم جي چيو تہ، اي بني اسرائيلؤ! بيشڪ آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪليل (رسول) آھيان، جيڪو توريت منھنجي اڳيان آھي، تنھنجو سچو ڪندڙ آھيان ۽ ھڪ اھڙي پيغمبر جي خوشخبري ڏيندڙ آھيان جو مُون کانپوءِ ايندو، جنھن جو نالو احمد ھوندو، پوءِ جنھن مھل (اُھو احمد ﷺ) چٽن مُعجزن سان وٽن آيو، چيائون تہ ھيءُ پڌرو جادو آھي
61:7
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ جنھن الله تي ڪوڙ ٻَڌو، حالانڪ ان کي اسلام ڏانھن سڏيو ويندو آھي ۽ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
61:8
(اِھي ڪافر) گھرندا آھن تہ الله جي نُور کي پنھنجي واتن سان وسائين، حالانڪ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ وارو آھي، توڻيڪ ڪافر بڇان لڳي
61:9
(الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو تہ اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڻيڪ مشرڪ بڇان ڀانئين
61:10
اي ايمان وارؤ! اوھان کي اُنھيءَ واپار جو ڏس (نہ) ڏيان ڇا جو اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچائي؟
61:11
(يعني) الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جانين سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪريو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو تہ اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي
61:12
(جيڪڏھن ايئن ڪندؤ تہ الله) اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ۽ سُٺين جاين ھميشہ (رھڻ) وارن بھشتن ۾، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي
61:13
۽ ٻي (نعمت بہ ڏيندو) جنھن کي پسند ڪندا آھيو، (اُھا نعمت) الله جي طرف کان مدد ۽ سوڀ آھي (جا) ويجھي (ٿيڻي) آھي ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي
61:14
اي ايمان وارؤ! (اوھين) الله جي دين جا مددگار بڻجو، جھڙيءَ طرح عيسىٰ پٽ مريم جي پنھنجن خاص يارن کي چيو تہ، الله (جي دين) ڏانھن (مھاڙ ڪري) منھنجا مددگار ڪير آھن؟ اُنھن خاص يارن چيو تہ اسين الله (جي دين) جا مددگار آھيون، پوءِ بني اسرائيلن مان ھڪ ٽوليءَ ايمان آندو ۽ ٻئي ٽوليءَ انڪار ڪيو، تنھنڪري ايمان وارن کي سندن دشمنن تي غلبو ڏنوسون، پوءِ غالب ٿي پيا