15:1
الٓرٰ، ھي آيتون (ھن) ڪتاب ۽ چِٽي قرآن جون آھن
15:2
ڪافر گھڻو ئي (ھيءَ) خواھش ڪندا تہ جيڪر مُسلمان ھُجون ھا!
15:3
(اي پيغمبر!) کين ڇڏي ڏي تہ (دُنيا ۾) کائين ۽ (لذتن ۾) مزا ماڻي وٺن ۽ کين اميد غافل ڪري ڇڏي ۽ پوءِ سگھوئي ڄاڻندا
15:4
۽ ڪنھن ڳوٺ کي ويران نہ ڪيوسون پر (سندن بڇڙن ڪمن جي ڪري) اُن لاءِ مقرر حڪم ڪيل ھو
15:5
ڪائي قوم پنھنجي مقرر مدت کان نڪي اڳرائي ڪندي ۽ نڪي پوئتي رھي سگھندي
15:6
۽ (ڪافرن) چيو تہ اي شخص جنھن تي قرآن لاٿو ويو آھي! بيشڪ تون پڪ چريو آھين
15:7
جيڪڏھن تون سچن مان آھين تہ اسان وٽ ملائڪ ڇو نہ آڻيندو آھين؟
15:8
(اي پيغمبر!) کين چئو تہ ملائڪ پڪي رٿ کانسواءِ نازل نہ ڪندا آھيون ۽ (جيڪڏھن نازل ڪريون ۽ نہ مڃين تہ) اُنھيءَ مھل اُنھن کي مُھلت نہ ڏني ويندي
15:9
اسان ئي نصيحت (يعني قرآن) نازل ڪيو ۽ اسين ئي سندس ضرور حفاظت ڪندڙ آھيون
15:10
۽ بيشڪ توکان اڳي پھرين ٽولين ۾ پيغمبر موڪلياسون
15:11
۽ ڪو پيغمبر وٽن نہ ايندو ھو جو اُنھيءَ سان ٺـٺوليون ڪرڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نہ ڪندا ھئا
15:12
۽ اھڙي طرح ڏوھارين جي دلين ۾ (اھڙو خيال) وجھندا آھيون
15:13
جو اُن کي نہ مڃيندا ۽ بيشڪ اڳين جي ريت ھلي ايندي آھي
15:14
۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون ھا پوءِ ان ۾ سدائين مٿي چڙھندا رھن ھا
15:15
تڏھن بہ ضرور چون ھا تہ رڳو اسان جون منڊيون ويون آھن بلڪ اسين جادو ڪيل قوم آھيون
15:16
۽ بيشڪ آسمان ۾ بُرج بڻاياسون ۽ اُن کي ڏسندڙن لاءِ سينگاريوسون
15:17
۽ اُن کي ھر ڪنھن تڙيل شيطان کان بچايوسون
15:18
پر جيڪو چوريءَ ڪن ڏئي تنھن جي ڪڍ چٽو اُلانبو پوندو آھي
15:19
۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙياسون ۽ منجھس ھر شئي اندازي سان ڄمائي سون
15:20
۽ منجھس اوھان لاءِ ۽ اُنھن لاءِ (قسم قسم جي) روزي (پيدا) ڪئي سون جن کي (اوھين) روزي ڏيندڙ نہ آھيو
15:21
اھڙي ڪا شئي آھي ئي ڪانہ جنھن جا خزانا اسان وٽ نہ ھجن اُنھن شين کي (اسين) مقرر اندازي کانسواءِ نہ لاھيندا آھيون
15:22
۽ ڪڪرن کڻندڙن وائن کي موڪليندا آھيون پوءِ آسمان مان پاڻي وسائيندا آھيون پوءِ اُھو اوھان کي پياريندا آھيون، ۽ اُھو اوھين (تلاون ۾) گڏ ڪرڻ وارا نہ آھيو
15:23
۽ اسين ئي جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسين (سڀڪنھن جا) وارث آھيون
15:24
۽ بيشڪ اوھان کان اڳ وارا ڄاڻندا آھيون ۽ بيشڪ (اوھان کان) پوءِ ايندڙ (بہ) ڄاڻندا آھيون
15:25
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار کين اٿاريندو، بيشڪ اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي
15:26
۽ بيشڪ اسان آدم کي ڳوھيل گنديءَ وڄندڙ مٽيءَ مان بڻايو
15:27
۽ ان (آدم) کان اڳ جنن کي ڄَڀيءَ واري باھ مان بڻايوسون
15:28
۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو تہ آءٌ آدم کي ڳوھيل سڙيل وڄندڙ مٽيءَ مان بڻائيندڙ آھيان
15:29
پوءِ جڏھن کيس بڻائي برابر ڪريان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو
15:30
پوءِ اُنھن مڙني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو
15:31
سواءِ ابليس جي، جنھن سجدي ڪندڙن سان گڏ ھجڻ کان انڪار ڪيو
15:32
(الله) چيو تہ اي اِبليس! تو کي ڇا ٿيو جو سجدي ڪرڻ وارن مان نہ ٿئين
15:33
(ھن) چيو تہ مون کي نہ جڳائيندو آھي تہ آءٌ اھڙي ماڻھوءَ کي سجدو ڪريان جنھن کي ڳوھيل گنديءَ وڄندڙ مٽيءَ مان بڻايو اٿيئي
15:34
(الله) فرمايو تہ اُن (بھشت) مان نڪر ڇو تہ تون تڙيل آھين
15:35
۽ تو تي قيامت تائين لعنت آھي
15:36
(ابليس) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي
15:37
(الله) فرمايو تہ بيشڪ تون مُھلت ڏنلن مان آھين
15:38
ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين
15:39
(ابليس) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! تو جو مون کي گمراھ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ اُنھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ ضرور سڀني کي گمراھ ڪندس
15:40
سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن
15:41
(الله) فرمايو تہ ھيءَ واٽ مون تائين سڌي آھي
15:42
گمراھن مان جنھن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو وس نہ آھي
15:43
۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي
15:44
اُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ اُنھن مان وراھيل ڀاڱو آھي
15:45
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا
15:46
(کين چئبو تہ) اُنھن ۾ بي فڪرا ٿي سلامتيءَ سان گھڙو
15:47
۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو اُنھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا
15:48
اُتي کين نڪو ٿڪ پھچندو ۽ نہ ڪي اُتان ڪڍيا ويندا
15:49
(اي پيغمبر!) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي تہ آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان
15:50
۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي
15:51
۽ (اي پيغمبر!) اُنھن کي ابراھيم جي مھمانن جي خبر ڏي
15:52
جنھن مھل وٽس پھتا (تنھن مھل) چيائون سلام، (ابراھيم) چيو تہ اسين اوھان کان ڊڄندڙ آھيون
15:53
چيائون تہ نہ ڊڄ! اسين تو کي علم واري پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا
15:54
(ابراھيم) چيو تہ مون کي ھن ھوندي بہ مبارڪ ڏيو ٿا ڇا جو مون کي ٻڍائپ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟
15:55
چيائون تہ تو کي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نااُميدن مان نہ ٿيءُ
15:56
(ابراھيم) چيو تہ پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان گمراھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نااُميد ٿيندو؟
15:57
(وري) ابراھيم چيو تہ اي موڪليل (ملائڪؤ) اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي
15:58
چيائين تہ اسين ڏوھارين جي قوم ڏانھن موڪليل آھيون
15:59
لُوط جي گھراڻي وارن کانسواءِ، جن مڙني کي اسين ضرور بچائيندڙ آھيون
15:60
سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ طئي ڪيوسون تہ اُھا رھيلن مان آھي
15:61
پوءِ جنھن مھل موڪليل (ملائڪ) لُوط جي گھراڻي وارن ڏانھن آيا
15:62
(تنھن مھل لُوط) چيو تہ اوھين اوپري قوم آھيو
15:63
چيائون تہ (نہ) بلڪ تو وٽ اُھو (عذاب) وٺي آيا آھيون جنھن ۾ (ڪافر) شڪ ڪندا ھئا
15:64
۽ تو وٽ سچ سان آيا آھيون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون
15:65
پوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (بہ) پوئتي نہ واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو ويو اَٿوَ اُتي وڃو
15:66
۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون تہ اُنھن جي پاڙ صبح ٿيندي ئي پٽي ويندي
15:67
۽ شھر وارا خوشيون ڪندا آيا
15:68
(لُوط) چيو تہ ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون کي لڄي نہ ڪريو
15:69
۽ الله کان ڊڄو ۽ خوار نہ ڪريوم
15:70
چيائون تہ تو کي ڏيھ جھان وارن (جي مھماني) کان نہ جھليو ھوسون ڇا؟
15:71
(لوط) چيو تہ جيڪڏھن اوھين (منھنجو چيو) ڪندڙ ٿيندؤ تہ ھي منھنجون ڌيئر حاضر آھن
15:72
(اي پيغمبر!) تنھنجي حياتيءَ جو قسم آھي تہ اِھي (ڪافر) پنھنجي گمراھيءَ ۾ حيران آھن
15:73
پوءِ سج اُڀرڻ مھل ڪَڙڪي ورتن
15:74
۽ اُن شھر جو مٿيون پاسو اُن جي ھيٺ ڪيوسون ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا ڳوڙھا وساياسون
15:75
بيشڪ اُن ۾ عبرت وٺندڙن لاءِ نشانيون آھن
15:76
۽ اِھو ڳوٺ ھميشہ (جي اچ وڃ) واري واٽ تي ھو
15:77
بيشڪ اُن ۾ مؤمنن لاءِ نشانيون آھن
15:78
۽ ايڪہ (شھر) وارا ظالم ھئا
15:79
پوءِ کائن بدلو ورتوسون، ۽ (لُوطين ۽ ايڪہ وارن جا) ٻئي ڳوٺ پڌري رستي تي ھئا
15:80
۽ بيشڪ حِجر وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو
15:81
۽ کين پنھنجون نشانيون ڏنيون سون پوءِ اُنھن کان مُنھن موڙيندڙ ٿيا
15:82
۽ بي فڪرا ٿي جبلن مان ٽُڪي گھر ٺاھيندا ھئا
15:83
پوءِ کين صبح ٿيندي ئي ڪڙڪي (اچي) ورتو
15:84
پوءِ جيڪو ڪمايائون سو کائن ڪجھ بہ ٽاري نہ سگھيو
15:85
۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نہ بڻايو اَٿئون، ۽ قيامت ضرور اَچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح درگذر ڪر
15:86
بيشڪ تنھنجو پالڻھار (وڏو) خلقيندڙ ۽ گھڻو ڄاڻندڙ آھي
15:87
۽ بيشڪ تو کي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون
15:88
اُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيون سون تن ڏانھن تون پنھنجيون اکيون کڻي نہ نھار ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجو پاسو (شفقت مان) جھڪو ڪر
15:89
۽ چئو تہ بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
15:90
جھڙي طرح اُنھن وراھست ڪندڙن تي (عذاب) نازل ڪيوسون
15:91
جن قرآن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو
15:92
(تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي تہ اُنھن مڙني کان ضرور پڇنداسون
15:93
جيڪي ڪندا آھن تنھن بابت
15:94
پوءِ جيڪي تو کي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ
15:95
اسان تنھنجي طرفان اُنھن چٿر ڪندڙن جي پورائي ڪئي
15:96
جي الله سان ٻيو معبود مقرر ڪندا آُھن، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا
15:97
۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون تہ جيڪي چوندا آھن تنھن سببان تنھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي
15:98
پوءِ تون پاڪائيءَ سان پنھنجي پالڻھار جي ساراھ ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ھُج
15:99
۽ (ايستائين) پنھنجي پالڻھار جي عبادت (پيو) ڪر جيستائين تو کي موت پھچي