an-Nahl (النَّحْل)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 16 • 128 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
16:1 الله جو حُڪم پُھتو تنھنڪري اُن جي تڪڙ نہ ڪريو، الله پاڪ آھي ۽ اُنھيءَ شئي کان مٿاھون آھي جيڪا ساڻس شريڪ مقرر ڪندا آھن
16:2 پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ارادي سان ملائڪن کي وحيءَ سان ھن لاءِ نازل ڪندو آھي تہ (ماڻھن کي) ڊيڄاريو (تہ الله ٿو فرمائي) تہ مون کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نہ آھي تنھنڪري مون کان ڊڄو
16:3 آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايائين، جيڪا شئي ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) مٿاھون آھي
16:4 آدميءَ کي نطفي مان خلقيائين پوءِ اوچتو ئي اُھو پڌرو جھڳڙالو ٿي پيو
16:5 ۽ اوھان لاءِ ڍور خلقيائين انھن مان گرم پوشاڪون ۽ (ٻيا) فائدا آھن ۽ منجھانئن ڪي کائيندا آھيو
16:6 جنھن مھل (اُھي ڍور) واڙيندا آھيو ۽ جنھن مھل ڇيڙيندا آھيو (تنھن مھل) اوھان لاءِ سونھن آھي
16:7 ۽ جنھن شھر ڏانھن اوھين پنھنجي جيءَ کي جوکي ۾ وجھڻ کانسواءِ پھچي نہ سگھندا آھيو تنھن ڏانھن اوھان جو بار کڻندا آھن، ڇو تہ اوھان جو پالڻھار وڏو ٻاجھارو مھربان آھي
16:8 ۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ ھن لاءِ (خلقيائين) تہ اُنھن تي اوھين چڙھو ۽ (اُنھن کي) زينت ڄاڻو، ۽ جيڪي شيون (اوھين) نہ ڄاڻندا آھيو سي (بہ) پيدا ڪندو آھي
16:9 ۽ الله تي سِڌو رستو (ڏسڻ) آھي ۽ اُن مان ڪي (رستا) ڏنگا آھن، ۽ جيڪڏھن (الله) گھري ھا تہ اوھان مڙني کي سِڌو رستو ڏيکاري ھا
16:10 اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان اوھان لاءِ پاڻي وسايو منجھانئس ڪجھ پئڻ جو آھي ۽ منجھانئس جھنگ (پيدا ٿيندو) آھي جنھن ۾ مال چاريندا آھيو
16:11 اُن سان پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ انگور ۽ ھر جنس جا ميوا اوھان لاءِ ڄمائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ سوچيندڙ قوم لاءِ ضرور نشاني آھي
16:12 ۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ تابع ڪيائين، ۽ تارا سندس حُڪم سان تابع ڪيل آھن بيشڪ اُن ۾ سمجھدار قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن
16:13 ۽ قسمين قسمين رنگن جون (شيون ۽ جانور) جيڪي زمين ۾ پيدا ڪيائين سي بہ اوھان لاءِ آھن، بيشڪ اُن ۾ نصيحت وٺندڙ قوم لاءِ ضرور نشاني آھي
16:14 ۽ اُھو (الله) آھي جنھن درياءَ کي ھن لاءِ تابع ڪيو تہ اوھين منجھانئس تازو گوشت (يعني مڇي) کائو ۽ منجھانئس اُھي زيور (يعني موتي) ڪڍو جيڪي اوھين ڍڪيندا آھيو، ۽ منجھس ترندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين ۽ اِنھيءَ لاءِ تہ اوھين سندس رزق ڳوليو ۽ تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
16:15 ۽ زمين ۾ مضبوط جبل کوڙيائين تہ متان اُھا اوھان کي ڌوڏو ڏئي ۽ نديون (وھايائين) ۽ رستا بڻايائين تہ منَ اوھين سِڌو رستو لھو
16:16 ۽ (ٻيا بہ گھڻا) نشان، ۽ تارن سان اُھي (ماڻھو) سِڌو رستو لھندا آھن
16:17 جيڪو پيدا ڪري سو اُنھي جھڙو آھي ڇا جو (ڪي بہ) پيدا نہ ڪري؟ پوءِ ڇو نہ نصيحت وٺندا آھيو؟
16:18 جيڪڏھن اوھين الله جي نعمتن کي ڳڻيو تہ اُنھن کي (ڪڏھن بہ) ڳڻي نہ سگھندؤ، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
16:19 ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي
16:20 ۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شئي خلقي نہ سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن
16:21 مُردا بي جان آھن، ۽ نہ ڄاڻندا آھن تہ ڪڏھن اٿاريا ويندا
16:22 اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نہ آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن
16:23 (ڪافر) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي (ھو) پڌرو ڪندا آھن سو بلاشڪ الله ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو وڏائي ڪندڙن کي پسند نہ ڪندو آھي
16:24 ۽ جڏھن اُنھن کي چئبو آھي تہ اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ (تڏھن) چوندا آھن تہ اڳين جون اکاڻيون
16:25 (اِھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجا پورا بار کڻندا ۽ جن کي بنا علم جي گمراھ ڪندا آھن تن جا (بہ) ڪجھ بار کڻندا، خبردار! جيڪو (بہ) بار کڻندا سو بڇڙو آھي
16:26 جيڪي کائن اَڳ ھئا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ الله جي حُڪم سندن اڏاوتن کي بنيادن کان پٽيو پوءِ انھن تي مٿانئن ڇت اچي ڪري ۽ کين عذاب اُتان پُھتو جتان ڄاتائون ئي نہ ٿي
16:27 وري قيامت جي ڏينھن کين خوار ڪندو ۽ چوندو تہ (اوھان جا) مون سان ٺھرايل شريڪ جن جي بابت اوھين تڪرار ڪندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ جن کي عِلم ڏنو ويو سي چوندا تہ اَڄ اُنھن ڪافرن تي خواري ۽ بڇڙائي آھي
16:28 جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساھ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھئا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا تہ) اسان ڪا بڇڙائي نہ ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا تہ) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي
16:29 پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي
16:30 ۽ پرھيزگارن کي چيو ويندو تہ اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ چوندا تہ چڱائي، جن ھن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آھي، ۽ آخرت جو گھر ضرور ڀلو آھي، ۽ پرھيزگارن جو گھر ضرور ڀلو آھي
16:31 جو ھميشہ جي رھڻ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا اُنھن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن جيڪي گھرندا سو اُنھن لاءِ منجھس آھي، اَھڙي طرح الله پرھيزگارن کي بدلو ڏيندو
16:32 (اِھي اُھي آھن) جن کي ملائڪ پاڪ حالت ۾ ماريندا آھن (ملائڪ) چوندا آھن السلام عليڪم جيڪي (عمل) ڪندا ھيؤ تنھن سببان بھشت ۾ گھِڙو
16:33 ڪافر (موت جي) ملائڪن جي پاڻ وٽ اچڻ يا تنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جي حُڪم اچڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انتظار نہ ڪندا آھن، جيڪي کانئن اڳ ھئا تن بہ اھڙي طرح ڪيو ھو، ۽ الله مٿن ظلم نہ ڪيو پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪندا ھئا
16:34 پوءِ کين سندن ڪرتوتن جي بڇڙائي پھتي ۽ جنھن لاءِ ٺـٺوليون ڪندا ھئا سا کين ويڙھي ويئي
16:35 ۽ مُشرڪ چوندا آھن تہ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ اُن کانسواءِ ڪا شئي نڪي اسين پوڄيون ھا ۽ نڪي اسان جا ابا ڏاڏا (پوڄين ھا) ۽ نڪي اُن جي حُڪم کانسواءِ ڪا شئي حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح جيڪي کانئن اڳ ھئا تن بہ ڪيو ھو، پوءِ پيغمبرن تي پڌري (پيغام) پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي لازم) نہ آھي
16:36 ۽ بيشڪ ھر قوم ۾ (ھڪ) پيغمبر موڪليوسون تہ الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي پوڄا) کان پري ٿيو، پوءِ منجھانئن ڪي اھڙا آھن جن کي الله ھدايت ڪئي ۽ منجھانئن ڪي اھڙا آھن جن تي گمراھي ثابت ٿي، پوءِ مُلڪن ۾ گھُمو وري ڏسو تہ ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي
16:37 (اي پيغمبر!) جيڪڏھن ھنن کي ھدايت ڪرڻ لاءِ حرص ڪندين (تہ منجھانئن ڪوبہ فائدو نہ آھي) ڇو تہ الله جنھن کي گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ھدايت نہ ڪندو آھي ۽ اُنھن جو ڪوبہ مددگار نہ آھي
16:38 ۽ الله جو پڪيءَ طرح قسم کنيائون تہ جيڪو مرندو تنھن کي (الله) وري نہ جياريندو، ھائو! (وري جياريندو) اُن ڳالھ تي پڪ ٿي چڪي آھي مگر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
16:39 ھن لاءِ (وري جياريندو) تہ جنھن بابت تڪرار ڪندا آھن سو اُنھن کي پڌرو ڪري ٻڌائي ۽ تہ ڪافر ڄاڻن تہ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا ھئا
16:40 ڪنھن بہ شئي لاءِ اسان جو چوڻ بس ھي آھي تہ جڏھن اسين اُن کي پيدا ڪرڻ گھرندا آھيون تڏھن اُن کي چوندا آھيون تہ ٿيءُ تہ ٿي پوندي آھي
16:41 ۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کانپوءِ الله (جي واٽ) ۾ وطن ڇڏيو تن کي ضرور دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏيندا آھيون، ۽ ضرور آخرت جو اَجر تمام وڏو آھي، ڪاش جو ڄاڻن ھا
16:42 (اُھي نعمتون انھن کي آھن) جن صبر ڪيو ۽ (جي) پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪن ٿا
16:43 ۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳ (ڪو پيغمبر) مَردن کان سواءِ نہ موڪليو اٿئون اُنھن ڏانھن وحي ٿي ڪيوسون پوءِ (اي انسانؤ!) جيڪڏھن (اوھين) نہ ڄاڻندا آھيو تہ علم وارن کان پڇو
16:44 دليلن ۽ ڪتابن سان (موڪلياسون)، ۽ اسان توڏانھن قرآن ھن لاءِ نازل ڪيو تہ جيڪي ماڻھن ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو اُنھن کي بيان ڪري ٻڌائين ۽ منَ اُھي سوچين
16:45 جن براين جي رٿ رٿي سي (ھن کان) بي ڀوا ٿيا آھن ڇا تہ الله کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا جتان نہ ڄاڻندا ھُجن اُتان مٿن عذاب اچي؟
16:46 يا اُنھن کي سندن گھمڻ ڦرڻ ۾ پڪڙي پوءِ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نہ آھن
16:47 يا ڀوائتي حالت ۾ کين پڪڙي پوءِ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو مھربان آھي
16:48 الله جيڪي شيون خلقيون تن ڏانھن ڇو نہ ڏسندا آھن جو سندن پاڇا سڄي ۽ کٻي (پاسي) الله کي سجدو ڪندڙ ٿي لڙندا آھن ۽ اُھي عاجزي ڪندڙ آھن
16:49 ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي سي ۽ جيڪي ساھدار زمين ۾ آھن سي ۽ ملائڪ (سڀ) الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نہ ڪندا آھن
16:50 (ملائڪ) پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن جو سندن مٿان آھي ۽ جيڪو حُڪم ڪبو اٿن سو ڪندا آھن
16:51 ۽ الله فرمايو آھي تہ اوھين ٻہ خدا ڪري نہ وٺو، اُن ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبہ عبادت جو لائق نہ آھي، تنھنڪري اوھين خاص مون کان ڊڄندا رھو
16:52 ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي ۽ اُن جي عبادت سدائين (لازم) آھي، پوءِ الله کانسواءِ ٻـين کان ڇو ڊڄندا آھيو؟
16:53 ۽ جيڪا نعمت اوھان تي ٿيل آھي سا الله جي پار کان آھي، پوءِ جڏھن اوھان تي سختي پھچي ٿي تہ ڏانھس دانھون ڪندا آھيو
16:54 وري جڏھن اوھان کان ڏک لاھي (تڏھن) جھٽ پٽ اوھان مان ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مقرر ڪندي آھي
16:55 ھن لاءِ تہ کين جيڪي ڏنوسون تنھن جي بي شڪري ڪن، پوءِ دنيا ۾ خوش گذاريو، پوءِ سِگھو ڄاڻندؤ
16:56 ۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان (ڪافر) اُنھن (بُتن) لاءِ حصو مقرر ڪندا آھن جي نہ ڄاڻندا آھن، الله جو قسم آھي تہ جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھيو تنھن بابت ضرور پڇيا ويندؤ
16:57 ۽ الله لاءِ ڌيئرون (مقرر) ڪندا آھن اُھو پاڪ آھي ۽ پاڻ لاءِ جيڪي وڻندو اٿن (يعني پٽ سو مقرر ڪندا آھن)
16:58 ۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ کي ڌيءَ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آھي (تڏھن) سندس منھن ڪارو ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ھوندو آھي
16:59 جيڪا کيس خراب خبر ڏني ويئي تنھن جي (ناراضپي) سببان قوم کان پيو لڪندو آھي، (ڳڻتيءَ ۾ پوندو آھي تہ) اُن (ڌيءَ جي ٻار) کي خواريءَ ھوندي (بہ زندھ) رکي يا اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، خبردار اُھي جيڪو فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي
16:60 جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله جو مثال مٿاھون آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
16:61 ۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ظلم سببان پڪڙي تہ ڪنھن چُرندڙ کي زمين تي نہ ڇڏي پر اُنھن کي مقرر مدت تائين مُھلت ڏيندو آھي، پوءِ جنھن مھل سندن مدت پھچندي (تنھن مھل) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا
16:62 ۽ الله لاءِ اُھا شئي مقرر ڪندا آھن جيڪا (پاڻ) ناپسند ڪندا آھن ۽ سندن زبانون ڪوڙ بڪنديون آھن تہ، سندن لاءِ (ڇوٽڪاري جي) جي چڱائي آھي، بلاشڪ اُنھن لاءِ (دوزخ جي) باھ آھي ۽ اُھي حد کان لنگھي ويل آھن
16:63 الله جو قسم آھي تہ بيشڪ توکان اڳ اُمتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ کين شيطان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا پوءِ اُھو اَڄ سندن دوست آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
16:64 ۽ (اي پيغمبر!) تو تي ڪتاب ھن کانسواءِ نازل نہ ڪيوسون تہ جن اُن بابت تڪرار ڪيو تن لاءِ تون وضاحت ڪرين ۽ (پڻ) مؤمن قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي
16:65 ۽ الله آسمانن کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشاني آھي
16:66 ۽ بيشڪ ڍورن ۾ اوھان لاءِ عبرت آھي، جيڪي سندن پيٽن ۾ آھي تنھن مان ڇيڻن ۽ رت جي وچان نج کير اوھان کي پياريندا آھن جو پيئندڙن کي لذت ڏيندڙ آھي
16:67 ۽ کجين جي ۽ انگورن جي ميون مان ڪو (اھڙو قسم) آھي جو اُن مان شراب ۽ سٺي روزي بڻائيندا آھيو، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشاني آھي
16:68 ۽ تنھنجي پالڻھار ماکيءَ جي مَک ڏانھن الھام ڪيو تہ ڪن جبلن ۾ ۽ وڻن ۾ ۽ جن شين مان (ماڻھو گھرن جون) ڇتيون جوڙيندا آھن تن ۾ گھر بڻاءِ
16:69 وري ھر جنس جي ميون مان کاءُ پوءِ پنھنجي پالڻھار جي واٽن تي آسانيءَ سان ھل، سندس پيٽن مان رنگارنگ پئڻ جي شئي (يعني ماکي) نڪرندي آھي منجھس ماڻھن لاءِ شفا آھي، بيشڪ اُن ۾ سوچ ڪندڙ قوم لاءِ عبرت آھي
16:70 ۽ الله اوھان کي خلقيو ۽ وري اوھان کي ماريندو ۽ اوھان مان ڪو نڪمپ (جھور) عُمر ڏانھن ھن لاءِ موٽايو ويندو آھي تہ ڄاڻڻ کانپوءِ ڪُجھ نہ ڄاڻي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ وڏي وس وارو آھي
16:71 ۽ الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڌيڪ روزي ڏني آھي، پوءِ اُھي وڌ ڏنل روزيءَ وارا پنھنجي روزيءَ کي پنھنجن ٻانھن تي موٽائڻ وارا نہ آھن تہ اُھي (سڀ) منجھس برابر ھُجن، پوءِ الله جي نعمتن جو ڇو انڪار ڪندا آھن؟
16:72 ۽ الله اوھان لاءِ اوھان جي جنس مان زالون پيدا ڪيون ۽ اوھان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا (پيدا) ڪيائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، پوءِ ڇو باطل کي مڃيندا آھن ۽ اُھي ڇو الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن؟
16:73 ۽ الله ڌاران اُنھن جي عبادت ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان کين روزي ڏيڻ جو ڪجھ اختيار نہ رکندا آھن ۽ نہ ڪي (ڪجھ ڪري) سگھندا آھن
16:74 پوءِ الله لاءِ (بڇڙا) مثال بيان نہ ڪريو، ڇو تہ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
16:75 الله ھڪ خريد ٿيل ٻانھي جو مثال بيان ڪري ٿو جنھن جو ڪنھن شئي تي وس نہ ھُجي ۽ (ٻيو) اُھو جنھن کي پاڻ وٽان چڱي روزي ڏنيسون پوءِ اُھو اُن مان (اسان جي واٽ ۾) ڳجھو ۽ پڌرو خرچ ڪندو ھجي (اُھي ٻئي پاڻ ۾) برابر آھن ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي جڳائي، پر انھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
16:76 ۽ الله ٻن ماڻھن جو (ٻيو) مثال بيان ڪري ٿو جن ٻنھي مان ھڪڙو گونگو ھجي ڪنھن شئي تي وس ڪونہ ھجيس ۽ اُھو پنھنجي مالڪ تي بار ھجي جيڏانھن موڪليس اُتان ڪا ڀَلائي نہ آڻي اُھو اُنھيءَ جي برابر آھي ڇا جيڪو انصاف جو حُڪم ڏئي ۽ اُھو سڌيءِ واٽ تي ھُجي؟
16:77 ۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ الله کي (معلوم) آھي، ۽ قيامت (آڻڻ) جو ڪم (سندس اڳيان) رڳي اک ڇنڀ (جي دير) جھڙو آھي بلڪ اُھو اُنھيءَ کان بہ وڌيڪ نزديڪ آھي، ڇو تہ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
16:78 ۽ الله اوھان کي اوھان جي مائن جي پيٽن مان ڪڍيو جو ڪُجھ نہ ڄاڻندا ھيؤ ۽ اوھان جا ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
16:79 آسمان جي فضا ۾ لڙڪيل پکين ڏانھن نہ ڏسندا آھن ڇا؟ اُنھن کي الله کانسواءِ ڪونہ جھليندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آھن
16:80 ۽ الله اوھان جي گھرن مان اوھان لاءِ آرام (جو ھنڌ) بڻايو ۽ ڍورن جي چمڙن مان اوھان لاءِ گھر بڻايائين جن کي اوھين پنھنجي مسافريءَ جي ڏينھن ۽ پنھنجي ھڪ ھنڌ رھڻ جي ڏينھن ۾ ھلڪو ڀانئيندا آھيو ۽ سندين اُنّن ۽ سندين مِلسن ۽ سندين ڏاسن مان (گھر جو) اسباب ۽ فائدي جو سامان بڻايو ٿا (جو ڳچ) مدت تائين (ڪم ڏئي ٿو)
16:81 ۽ الله پنھنجين خلقيل شين مان اوھان لاءِ ڇانئون بڻايون ۽ جبلن مان اوھان لاءِ چُرون بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ڪپڙا بڻايائين جي اوھان کي گرميءَ (۽ سرديءَ) کان بچائيندا آھن ۽ ڪپڙا جي، اوھان کي اوھان جي ويڙھ کان بچائيندا آھن، اھڙي طرح اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو آھي تہ منَ اوھين فرمانبرداري ڪريو
16:82 پوءِ جيڪڏھن ڦرندا تہ (اي پيغمبر) تو تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نہ آھي
16:83 الله جي نعمت ڄاڻندا آھن وري اُن کي نہ مڃيندا آھن ۽ اُنھن مان گھڻا ڪافر آھن
16:84 ۽ جنھن ڏينھن سڀ ڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد کڙو ڪنداسون اُنھي ڏينھن ڪافرن کي (عُذر ڪرڻ لاءِ) موڪل نہ ڏبي ۽ نڪي اُنھن جا عُذر قبول ڪيا ويندا
16:85 ۽ جڏھن ظالم عذاب ڏسندا تڏھن کانئن (عذاب) نڪي ھلڪو ڪبو ۽ نڪي اُنھن کي مُھلت ڏبي
16:86 ۽ جڏھن مشرڪ پنھنجن بتن کي ڏسندا (تڏھن) چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! ھي اسان جا اُھي بت آھن جن کي تو کانسواءِ سڏيندا ھئاسين، پوءِ اُھي (بُت) اُنھن کي ورندي ڏيندا تہ اوھين ڪُوڙا آھيو
16:87 اُنھيءَ ڏينھن الله جي آڏو عاجزي ڪندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀُلجي ويندو
16:88 جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليو تن کي عذاب جي مٿان عذاب انھيءَ سببان وڌائينداسون جو (ھو) فساد ڪندا ھئا
16:89 ۽ اُن ڏينھن ھر ٽوليءَ ۾ سندن جنس مان مٿن شاھد بيھارينداسون ۽ (اي پيغمبر!) تو کي ھنن (يعني اُمّت) تي شاھد آڻينداسون، ۽ ھر شئي جي وضاحت لاءِ ۽ مُسلمانن جي ھدايت ۽ ٻاجھ ۽ خوشخبري ڏيڻ لاءِ تو تي ڪتاب نازل ڪيوسون
16:90 بيشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) ۽ مائٽي وارن کي ڏيڻ جو حُڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائيءَ ۽ برائيءَ ۽ زبردستيءَ کان جھلي ٿو، اوھان کي نصيحت ڏئي ٿو تہ منَ اوھين نصيحت وٺو
16:91 ۽ جڏھن اوھين (الله جو نالو وٺي پاڻ ۾) انجام ڪريو (تڏھن اُھو) انجام پاڙيو ۽ اوھين قَسمن کي سندن پڪي ڪرڻ کانپوءِ نہ ڀڃو جو بيشڪ الله کي پاڻ تي نگھبان ڪيو اٿوَ، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي
16:92 ۽ اُن عورت وانگر نہ ٿيو جنھن پنھنجو سُٽ (ڪتڻ ۽) پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڇني کوھي ڇڏيو، اوھين قسمن کي ھن لاءِ پاڻ ۾ حيلو بڻايو ٿا تہ (ھڪ) ٽولي ٻيءَ ٽوليءَ کان وڌيڪ ٿئي، الله تہ اوھان کي رڳو اُن سان پرکيندو آھي، ۽ جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو سو قيامت جي ڏينھن اوھان جي لاءِ ضرور بيان ڪندو
16:93 ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ اوھان کي ھڪ جماعت ڪري ھا پر جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت اوھين ضرور پُڇبؤ
16:94 ۽ اوھين پنھنجن قسمن کي پاڻ ۾ ٺڳي نہ بڻايو نہ تہ اُنھن جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ اوھان جا پيرَ ترڪندا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ سببان سزا چکندؤ، ۽ اوھان کي وڏو عذاب ٿيندو
16:95 ۽ الله جي اَنجام کي ٿوري مُلھ سان نہ وِڪڻو، ڇو تہ جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو تہ جيڪي الله وٽ آھي سو اوھان جي لاءِ چڱو آھي
16:96 جيڪي اوھان وٽ آھي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ھميشہ رھڻ وارو آھي، ۽ جن صبر ڪيو تن کي سندن عملن جو بلڪل چڱي طرح بدلو ڏينداسون
16:97 جنھن چڱو عمل ڪيو (پوءِ) اُھو مرد ھُجي يا عورت ۽ اُھو مؤمن ھوندو تہ ضرور کيس ڀلي حياتي ڏيئي جيارينداسون، ۽ جيڪي ڪندا ھئا تنھن جو بدلو ضرور کين تمام ڀلو ڏينداسون
16:98 پوءِ (اي پيغمبر!) جڏھن قرآن پڙھين تڏھن تڙيل شيطان (جي شر) کان الله جي سام پؤ
16:99 اُن کي ايمان وارن تي ۽ جي پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن تن تي ڪو غلبو نہ آھي
16:100 سندس غلبو رڳو اُنھن تي آھي جيڪي کيس دوست رکندا آھن ۽ (اُنھن تي بہ) جيڪي الله سان شريڪ (مقرر) ڪندا آھن
16:101 ۽ جڏھن ھڪڙيءَ آيت جي جاءِ تي ٻي آيت مٽائي آڻيندا آھيون ۽ الله جيڪي نازل ڪندو آھي سو چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي (تڏھن) چوندا آھن تہ تون رڳو پاڻون بڻائيندڙ آھين، (نہ!) بلڪ اُنھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
16:102 (اي پيغمبر!) کين چئو تہ اُھو قرآن تنھنجي پالڻھار وٽان جبرئيل سچ سان ھن لاءِ نازل ڪيو آھي تہ مؤمنن کي ثابت رکي ۽ مُسلمانن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري ھجي
16:103 ۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون تہ اُھي چوندا آھن تہ اُن (پيغمبر) کي ڪو ماڻھو سيکاريندو آھي، جنھن ڏانھن اِھا نسبت ڪندا آھن تنھن جي ٻولي عجمي آھي ۽ ھيءُ (قرآن) چٽي عربي ٻوليءَ ۾ آھي
16:104 بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نہ مڃيندا آھن تن کي الله سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
16:105 ڪوڙو ٺاھ اُنھن کان سواءِ ڪونہ ٺاھيندو آھي جيڪي الله جي آيتن کي نہ مڃيندا آھن، ۽ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا آھن
16:106 جنھن کي (ڪفر ڪرڻ تي) زور ڪيو وڃي (اُھو زبان سان ڪجھ چوي) ۽ سندس دل ايمان سان مطمئن ھجي اُن کان سواءِ جيڪو پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ الله جو انڪار ڪري بلڪ ڪُفر سان سينو ويڪرو ڪري (يعني راضي ٿئي) اھڙن تي الله جو ڏمر آھي، ۽ انھن لاءِ وڏو عذاب آھي
16:107 اِھو ھن ڪري آھي جو اُنھن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان زيادھ پسند ڪيو آھي ۽ (اِنھيءَ ڪري) تہ الله ڪافرن جي قوم کي ھدايت نہ ڪندو آھي
16:108 اِھي اُھي آھن جو سندن دلين ۽ سندن ڪَنن ۽ سندن اکين تي الله مُھر ھنئي، ۽ اُھي بي خبر آھن
16:109 بلاشڪ اُھي ئي آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن
16:110 وري بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھن کي (بخشي ٿو) جيڪي (ڪفر جي ڪلمي چوڻ لاءِ ڪافرن جي ھٿان) ايذايا ويا پوءِ وطن ڇڏيائون وري جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُن کانپوءِ ضرور بخشڻھار مھربان آھي
16:111 اُنھيءَ ڏينھن ھر ھڪ ماڻھو پنھنجي جيءَ طرفان جھيڙو ڪندو ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھو جيڪي ڪمايو تنھن جو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن سان ظلم نہ ڪبو
16:112 ۽ الله ھڪ ڳوٺ جو (ھڪ) قصو بيان ڪيو آھي جو امن ۽ سڪون سان ھو اُن کي سندس روزي ھر ڪنھن ھنڌان ججھي ايندي ھئي پوءِ الله جي نعمتن جي بي شڪري ڪيائين پوءِ جيڪي ڪندا ھئا تنھن سببان الله کين بُک ۽ ڀوَ جي پوشاڪ (جو مزو) چکايو
16:113 ۽ بيشڪ منجھانئن (ھڪ) پيغمبر وٽن آيو پوءِ کيس ڪُوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين عذاب پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھئا
16:114 پوءِ الله اوھان کي جيڪا حلال (۽) سُٺي شئي روزي ڪري ڏني تنھن مان کائو، ۽ جيڪڏھن اُھين خاص الله جي عبادت ڪندا آھيو تہ سندس نعمتن جو شڪرانو ڪريو
16:115 مئل ڍور ۽ رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شئي کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي تنھن کانسواءِ ٻيو (ڪجھ بہ) اوھان تي حرام نہ ڪيائين، پوءِ جيڪو نڪي بي فرماني ڪندڙ ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي (۽ کائي) تہ بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي
16:116 ۽ جن شين کي اوھان جون زبانون ڪوڙ سان بيان ڪنديون آھن تن لاءِ (ھن ڪري) نہ چئو تہ ھيءَ حلال آھي ۽ ھيءَ حرام آھي تہ الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيو، ڇو تہ جيڪي الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي (ڪڏھن) نہ ڇٽندا
16:117 ۽ ھيءَ (حياتي) ٿوري موڙي آھي، ۽ اُنھن لاءِ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
16:118 ۽ جيڪي تو تي ھن کان اڳ بيان ڪيوسون سو يھودين تي حرام ڪيو ھوسون، ۽ اسان مٿن ظلم نہ ڪيو پر (ھو) پاڻ تي ظلم ڪندا ھئا
16:119 وري جن بي سمجھائي سان بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کانپوءِ توبھ ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون تن لاءِ تنھنجو پالڻھار اُن (توبھ) کانپوءِ بلڪل ضرور بخشڻھار مھربان آھي
16:120 ابراھيم ھڪ طرفو ٿيل الله جي عبادت ڪندڙ امام ھو، ۽ مُشرڪن مان نہ ھو
16:121 الله جي نعمتن جو شُڪر ڪندڙ ھو، (الله) کيس سڳورو ڪيو ۽ سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪيائينس
16:122 ۽ دنيا ۾ کيس چڱائي ڏني سون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ ڀلارن مان آھي
16:123 (اي پيغمبر! اُن کان) پوءِ تو ڏانھن وحي ڪيوسون تہ ھڪ مُھاڙي ابراھيم جي دين جي تابعداري ڪر، ۽ ابراھيم مشرڪن مان نہ ھو
16:124 جن ڇنڇر بابت تڪرار ڪيو تن کانسواءِ ٻـين تي اُن (جي تعظيم) جو حُڪم لازم نہ ڪيو ويو، ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ اُنھيءَ جو ضرور نبيرو ڪندو جنھن ۾ تڪرار ڪندا آھن
16:125 (اي پيغمبر!) حڪمت ۽ سھڻي نصيحت سان پنھنجي پالڻھار جي واٽ ڏانھن (ماڻھن کي) دعوت ڏي ۽ سھڻي نموني ساڻن بحث ڪر، ڇو تہ جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ ٿيو تنھنکي تنھنجو پالڻھار وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي (بہ) وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي
16:126 ۽ جيڪڏھن (ڪافرن کان) بدلو وٺو تہ جيترو ايذايا ويا ھجو اوترو اُنھن کي ايذايو، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو تہ اُھو صابرن لاءِ ڀلو آھي
16:127 ۽ (اي پيغمبر!) صبر ڪر ۽ تنھنجو صبر الله جي توفيق سان ئي آھي ۽ جيڪو فريب ڪندا آھن تنھن بابت نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ نڪي تنگ دڪ ٿيءُ
16:128 پڪ جيڪي پرھيزگاري ڪندڙ آھن ۽ جيڪي ڀلارا آھن تن سان الله گڏ آھي