17:1
اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (محمد ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واريءَ مسجد (حرام) مان، اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين، جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون، ھن لاءِ سير ڪرايو تہ کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي
17:2
۽ موسىٰ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ اُن کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ڪيوسون (۽ چيوسون) تہ مون (الله) کان سواءِ (ٻيو) ڪو ڀرجھلو نہ وٺو
17:3
اي (اُن قوم جو) اولاد! جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) چاڙھيوسون، بيشڪ اُھو شاڪر ٻانھو ھو
17:4
۽ بني اسرائيلن ڏانھن (سندن) ڪتاب ۾ (ھيءُ حُڪم) موڪليوسون تہ اوھين مُلڪ ۾ ٻہ ڀيرا ضرور فساد ڪندؤ ۽ اوھين ضرور وڏي سرڪشي ڪندؤ
17:5
پوءِ جڏھن ٻنھين مان پھريون انجام (فساد جو) ايندو (تڏھن) اوھان تي پنھنجا ڏاڍا سورھيہ ٻانھان کڙا ڪنداسون جي شھرن جي وچ ۾ ڪاھي پوندا، ۽ اھو انجام (پورو) ٿيڻو آھي
17:6
وري اوھان کي ھڪ ڀيرو مٿن غلبو ڏينداسون ۽ مال ۽ اولاد سان اوھان کي (لڳولڳ) وڌائينداسون ۽ اوھان جي لشڪر کي وڌائينداسون
17:7
جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ تہ (اُھا) پاڻ لاءِ چڱائي ڪندؤ، ۽ جيڪڏھن اوھين بڇڙائي ڪندؤ تہ پاڻ لاءِ، پوءِ جڏھن ٻيو انجام (فساد جو) پھچندو تہ ٻيا اوھان جا منھن اَرھا ڪندا ۽ اھڙي طرح مسجد ۾ گھڙندا جھڙي طرح اُن ۾ پھريون ڀيرو گھڙيا ھئا ۽ جنھن تي غالب ٿيندا تنھن کي چڱي طرح اُجاڙيندا
17:8
(چيو ويو تہ) اوھان جو پالڻھار ويجھو ئي اوھان تي ٻاجھ ڪندو، ۽ جيڪڏھن اوھين (ٽيون ڀيرو) ڦرندؤ تہ اسين بہ (سزا ڏيڻ ڏانھن) ڦرنداسون، ۽ ڪافرن لاءِ دوزخ کي قيد خانو مقرر ڪيوسون
17:9
ھيءُ قرآن اُنھي (واٽ) ڏانھن رستو ڏيکاريندو آھي جيڪا ڏاڍي سڌي آھي ۽ اُنھن مؤمنن کي خوشخبري ڏيندو آھي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن تہ اُنھن لاءِ بلڪل وڏو اجر آھي
17:10
۽ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن لاءِ بلڪل ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون
17:11
۽ انسان برائيءَ کي (اھڙو) گھرندو آھي جھڙو ڀلائيءَ کي سندس گھرڻ ھوندو آھي، ۽ ماڻھو اٻھرو آھي
17:12
۽ رات ۽ ڏينھن کي ٻہ نشانيون ڪيون سون پوءِ رات جي نشاني کي ميٽايوسون ۽ ڏينھن جي نشاني کي ھن لاءِ روشن ڪيوسون تہ پنھنجي پالڻھار جو فضل ڳوليو ۽ (پڻ ھن لاءِ) تہ اوھين ورھين جو ڳاڻاٽو ۽ حساب ڄاڻو، ۽ ھر ھڪ شئي جو تفصيلي بيان ڪيوسون
17:13
۽ ھر ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ سندس عمل نامو ٻڌوسون، ۽ قيامت جي ڏينھن ھڪ ڪتاب اِنھيءَ لاءِ ڪڍنداسون جو اُن کي کليل ملندو
17:14
(چيو ويندس تہ) پنھنجو ڪتاب پڙھ، اَڄ تنھنجو نفس ئي تو تي حساب وٺندڙ ڪافي آھي
17:15
جيڪو ھدايت وارو ٿيو اھو رڳو پاڻ لاءِ ئي ھدايت وارو ٿيو، ۽ جيڪو ڀُلو (گمراھ ٿيو) سو رڳو پاڻ لاءِ ڀُلندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي ڪنھن جو بار نہ کڻندو، ۽ اسين ايستائين عذاب ڪندڙ نہ آھيون جيستائين ڪنھن پيغمبر کي (نہ) موڪليون
17:16
۽ جڏھن اسين ڪنھن ڳوٺ جو ناس ڪرڻ گھرندا آھيون (تڏھن) اُنھن مان آسودن کي (پيغمبر جي معرفت پنھنجي عبادت جو) حُڪم ڪندا آھيون پوءِ منجھس نافرماني ڪندا آھن تنھنڪري مٿس عذاب لازم ٿيندو آھي پوءِ چڱي طرح اُن جي پاڙ پٽيندا آھيون
17:17
۽ ڪيترائي جھانن مان نُوح کان پوءِ ناس ڪياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ ڪافي آھي
17:18
جيڪو دنيا (جي آسودگي) گھرندو آھي تنھن کي منجھس جيڪي گھرندا آھيون سو جلد ڏيندا آھيون، جنھن لاءِ گھرندا آھيون (تنھن کي ڏيندا آھيون) وري اُن لاءِ دوزخ مقرر ڪيوسون، جنھن ۾ (ھو) خوار (۽) تڙيل ٿي گھڙندو
17:19
۽ جنھن آخرت گھري ۽ اُن لاءِ چڱي ڪوشش ڪئي ۽ اُھو مؤمن (بہ) ھجي سي اُھي آھن جن جي ڪوشش قبول ٿيل آھي
17:20
ھِن ٽوليءَ جي ۽ ھن ٽوليءَ جي ھر ھڪ کي تنھنجي پالڻھار جي بخشش مان لڳولڳ ڏيون ٿا، ۽ تنھنجي رب جي ڏات ڪا روڪيل نہ آھي
17:21
ڏس تہ اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان (دنيا منجھ رزق ۽ مرتبي ۾) ڪھڙي طرح ڀلو ڪيو اٿئون، ۽ آخرت تہ درجن ڪري بلڪل وڏي ۽ مان ڏيڻ ڪري بلڪل وڌيڪ آھي
17:22
(اي ماڻھو تون) الله سان ٻيو ڪو معبود مقرّر نہ ڪر نہ تہ پشيمان (۽) خوار ٿي وھندين
17:23
۽ تنھنجي پالڻھار حُڪم ڪيو آھي تہ ان کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نہ ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪريو، جيڪڏھن ٻنھي مان ڪو ھڪڙو تنھنجي آڏو ٻُڍائيءَ کي پھچي يا ٻَئي تہ تون اُف (بہ) نہ چئج ۽ نڪي کين جھڻڪج ۽ ساڻن چڱي ڳالھ (ادب واري) ڳالھائج
17:24
۽ انھن لاءِ عاجزيءَ جون ٻانھون نرميءَ مان ھيٺاھيون ڪج ۽ چئج تہ اي منھنجا پالڻھار! اُنھن تي (اھڙي طرح) ٻاجھ ڪر جھڙي طرح مون کي ننڍپڻ ۾ پاليائون ٿي
17:25
جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو اوھان جو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪڏھن اوھين سڌريل ھوندؤ (تہ بخشيندوَ) ڇو تہ الله توبھ ڪندڙن کي بخشڻھار آھي
17:26
۽ مائٽي وارن ۽ مسڪينن کي ۽ مُسافرن کي سندن حق ڏي ۽ اڍنگائيءَ سان اجايو نہ وڃاءِ
17:27
ڇو تہ اجايو وڃائيندڙ شيطانن جا ڀائر آھن، ۽ شيطان پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪندڙ آھي
17:28
۽ جيڪڏھن تون (ان رزق جي اڻ ھوند ڪري) انھن کان منھن موڙين، جنھن رزق جي ملڻ جي پنھنجي پالڻھار کان اميد رکين ٿو تہ (کين جھڻڪي نہ موٽاءِ بلڪ) ساڻن مٺي ڳالھ ڳالھاءِ
17:29
۽ نڪي پنھنجي ھٿ کي (بخل مان) پنھنجي ڳچيءَ ۾ بند ڪر ۽ نڪي اھو سارو کولي ڇڏ جو پوءِ ملامت ڪيل ۽ پشيمان ٿي ويھي رھين
17:30
تنھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ گھٽ بہ ڪندو آھي، ڇو تہ اھو پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي
17:31
۽ پنھنجن ٻارن کي سُڃائيءَ جي ڊپ کان نہ ڪُھو، اسين کين ۽ (خود) اوھان کي روزي ڏيندا آھيون، بيشڪ اُنھن کي ڪُھڻ وڏو ڏوھ آھي
17:32
۽ زنا کي ويجھا نہ وڃو ڇو تہ اُھا بي حيائي آھي، ۽ اُھا واٽ بُڇڙي آھي
17:33
۽ اھڙي جيءَ کي نہ ڪُھو جنھن جو (شرعي) حق کانسواءِ ڪُھڻ الله حرام ڪيو آھي، ۽ جيڪو ناحق ماريو وڃي تنھن جي وارث کي (قصاص جو) اختيار ڏنوسون پوءِ جڳائي تہ مارڻ ۾ (پاڻؤن بدلو وٺي) زيادتي نہ ڪري، ڇو تہ اُھو (قصاص وٺڻ ۾) مدد ڏنل ٿيو آھي
17:34
۽ نڪي ڪنھن ڇوري ٻار جي مال کي چڱي (نيت) کانسواءِ ويجھا وڃو جيستائين ھو بلوغت کي پھچي، ۽ پنھنجو انجام پاڙيو، تحقيق انجام بابت بلڪل پڇا ٿيندي
17:35
۽ جڏھن ماڻ ڀريو تڏھن پورو ڀريو ۽ سنئين ترازيءَ سان توريو، اھا (پوري ماپ ۽ تور) ڀلي ۽ عاقبت جي ڪري بلڪل چڱي آھي
17:36
۽ (اي ٻانھا!) جنھن شئي جي تو کي ڪا سُڌ نہ آھي تنھن جي پويان نہ لڳ، ڇو تہ ڪَن ۽ اک ۽ دل انھن سڀني (عضون) کان اُنھي بابت بلڪل پڇا ٿيندي
17:37
۽ زمين ۾ (تون) اَڪڙ ڪري نہ گُھم، ڇو تہ تون نڪي زمين کي چيري سگھندين ۽ نڪي ڊيگھ ۾ جبل (جي چوٽي) کي پھچي سگھندين
17:38
اِنھن سڀني (عادتن) جي بڇڙائي تنھنجي پالڻھار وٽ ناپسند آھي
17:39
اِھي حُڪم اُنھن مان آھن جيڪي تنھنجي پالڻھار توڏانھن حڪمت منجھان وحي ڪيا آھن، ۽ الله سان ٻيو ڪوبہ معبود مقرر نہ ڪر نہ تہ تون خوار (۽) تڙيل ٿي دوزخ ۾ وڌو ويندين
17:40
(اي مشرڪؤ!) اوھان جي پالڻھار اوھان کي پُٽن جي لاءِ چونڊيو ۽ (پاڻ) ملائڪن کي (پنھنجيون) ڌيئر ڪري ورتائين ڇا؟ بيشڪ اوھين ھيءَ وڏي ڳالھ ڪندا آھيو
17:41
۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھن لاءِ وري وري سمجھايوسون تہ نصيحت وٺن، ۽ اُھو اُنھن بابت نفرت کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) ڪين ٿو وڌائي
17:42
(اي پيغمبر!) چئو تہ جيڪڏھن ساڻس ٻيا معبود جھڙي طرح چوندا آھن (تھڙي طرح) ھجن ھا تہ اُھي اُنھيءَ دم عرش جي مالڪ ڏانھن (جنگ جي) واٽ طلبين ھا
17:43
اُھو پاڪ آھي ۽ جيڪي چوندا آھن تنھن کان گھڻو مٿاھون آھي
17:44
ست آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي منجھن آھن سي اُن جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ ڪا (بہ) شئي اھڙي نہ آھي جا سندس ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان نہ ڪندي ھجي پر (اوھين) سندس تسبيح نہ سمجھندا آھيو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي
17:45
۽ جڏھن (تون) قرآن پڙھندو آھين (تڏھن) تنھنجي وچ ۾ ۽ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن جي وچ ۾ (اسين) لڪل پردو ڪندا آھيون
17:46
۽ اُن جي سمجھڻ کان سندين دلين تي پردو ۽ سندن ڪَنن ۾ گھٻرائي وجھندا آھيون، ۽ جڏھن پنھنجي ھڪڙي پالڻھار کي قرآن ۾ ياد ڪرين ٿو تڏھن نفرت ڪري پنھنجين پُٺين (ڀرپوءِ) تي موٽندا آھن
17:47
(اي پيغمبر!) جنھن مھل توڏانھن ڪن ڏيئي جنھن (ٺـٺوليءَ ڪرڻ جي ارادي) سان (قرآن کي) ٻڌندا آھن ۽ جنھن مھل ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن جڏھن ظالم چوندا آھن تہ (اوھين) رڳو جادو ڪيل مڙس جي تابعداري ڪريو ٿا (تنھن مھل سندين انھن ڳالھين کي) اسين چڱي طرح ڄاڻندا آھيون
17:48
ڏس تہ تو لاءِ ڪھڙا مٿال ڏيندا آھن! پوءِ گمراھ ٿيا تنھنڪري سڌي واٽ لھي نہ سگھندا آھن
17:49
۽ چوندا آھن تہ جڏھن اسين (مري ڳري) ھڏا ۽ ذرا ذرا ٿينداسين (تڏھن) اسين وري نوان بڻجي اُٿنداسين ڇا؟
17:50
چئو تہ پھڻ ٿيو يا لوھ ٿيو
17:51
يا پنھنجين دلين ۾ جيڪا (ٻي) وڏي خلق ڀائيندا آھيو (سا ٿيو تہ بہ اُٿندؤ)، پوءِ سگھوئي چوندا تہ ڪير اسان کي وري جياريندو؟ چئو تہ جنھن اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيو (اھو جياريندوَ)، پوءِ توڏانھن پنھنجا ڪنڌ لوڏيندا ۽ چوندا تہ اُھو ڪڏھن ٿيندو؟ چئو تہ اُميد آھي تہ سگھو ٿيڻو آھي
17:52
جنھن ڏينھن الله اوھان کي سڏيندو (تنھن ڏينھن) اوھين سندس ساراھ ڪندي ورندي ڏيندؤ ۽ ڀائيندؤ تہ ٿورڙوئي وقت رھيا آھيون
17:53
۽ (اي پيغمبر!) منھنجن ٻانھن کي چئو تہ (ھڪٻئي سان) بلڪل چڱي (ڳالھ) چوندا رھن، ڇو تہ شيطان سندن وچ ۾ جھيڙو وجھندو آھي، بيشڪ شيطان ماڻھو جو پڌرو ويري آھي
17:54
اوھان جو پالڻھار اوھان کي چڱي طرح ڄاڻندو آھي، جيڪڏھن وڻيس تہ اوھان تي ٻاجھ ڪري ۽ جيڪڏھن وڻيس تہ اوھان کي عذاب ڪري، ۽ اسان تو کي مٿن وڪيل ڪري نہ موڪليو آھي
17:55
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي، ۽ بيشڪ ھڪڙن نبين کي ٻـين کان وڌيڪ ڪيوسون ۽ دائود کي زبور ڏنوسون
17:56
(اي پيغمبر!) چئو تہ الله کانسواءِ ٻـين جن کي (الله جھڙو) ڀائيندا آھيو تن کي سڏيو پوءِ (اُھي) اوھان کان نڪي ڪنھن تڪليف لاھڻ جو ۽ نڪي ٽارڻ جو اختيار رکندا آھن
17:57
ھي (ڪافر خُدا کانسواءِ) جن کي سڏيندا آھن سي پاڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وسيلو ڳوليندا آھن تہ انھن مان ڪير ڏاڍو ويجھو آھي؟ ۽ سندس ٻاجھ جي اُميد رکندا آھن ۽ سندس عذاب کان ڊڄندا آھن، ڇو تہ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ڊڄڻ جھڙي شئي آھي
17:58
۽ ڪوبہ ڳوٺ نہ آھي جنھن (جي رھڻ وارن) کي (سندن بڇڙن ڪرتوتن سبب) قيامت جي ڏينھن کان اڳ اسين ناس ڪرڻ وارا نہ آھيون يا اُن کي سخت سزا سان (عذاب) ڏيندڙ آھيون، اِھو حُڪم ڪتاب ۾ لکيل آھي
17:59
۽ اسان کي مُعجزن موڪلڻ کان اِنھيءَ ڳالھ کانسواءِ ٻئي ڪنھن نہ روڪيو جو اڳين (ماڻھن) اُنھن کي ڪوڙ ڄاتو ھو، ۽ ثمود (جي قوم) کي ڏاچي مُعجزي لاءِ ڏني سون تہ اُن سان ظلم ڪيائون، ۽ اسين رڳو ڊيڄارڻ لاءِ مُعجزا موڪليندا آھيون
17:60
۽ (اي پيغمبر! ياد ڪر) جنھن مھل تو کي چيوسون تہ تنھنجي پالڻھار ماڻھن جو (پنھنجي قدرت سان) گھيرو ڪيو آھي، ۽ اسان تو کي جيڪو خواب ڏيکاريو سو ۽ جو لعنت ڪيل (ٿوھر جو) وڻ قرآن ۾ بيان ڪيو ويو آھي سو ماڻھن جي آزمائش کانسواءِ نہ آھي، ۽ اسين جو کين ڊيڄاريندا آھيون سو کين وڏي شرارت کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نہ وڌائيندو آھي
17:61
۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو، (ابليس) چيو تہ جنھن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيئي تنھن کي ڇو سجدو ڪريان؟
17:62
(وري ابليس) چيو تہ ڏس ھيءُ جنھن کي تو مون تي شرف ڏنو جيڪڏھن مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏيندين تہ ٿورڙن کان سواءِ سندس (ٻي) اولاد کي پاڙئون پٽيندس
17:63
(الله) چيو تہ وڃ پوءِ منجھانئن جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن اوھان سڀني جي سزا دوزخ آھي (۽ اُھا) بلڪل پوري سزا (آھي)
17:64
۽ منجھانئن جنھن کي (ڀُلائي) سگھين تنھن کي پنھنجي سڏ سان ڀُلاءِ ۽ پنھنجن سوارن ۽ پيادن سان مٿن چڙھائي ڪر ۽ سندن مال ۽ اولاد ۾ ڀائيواري ڪر ۽ کين انجام ڏي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ کين ڪو دلاسو نہ ڏيندو آھي
17:65
بيشڪ منھنجن ٻانھن تي تو کي ڪا سگھ نہ آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار نگھبان ڪافي آھي
17:66
اوھان جو پالڻھار اُھو آھي جيڪو اوھان لاءِ سمنڊ ۾ ٻيڙيون ھن لاءِ ھلائيندو آھي تہ سندس روزي ڳوليو، بيشڪ اُھو اوھان تي ٻاجھارو آھي
17:67
۽ جڏھن اوھان کي درياءَ ۾ ڪا تڪليف پھچندي آھي تڏھن خاص اُن (الله) کانسواءِ ٻـين جن کي اوھين سڏيندا آھيو سي وسري ويندا اٿوَ پوءِ جنھن مھل اوھان کي خشڪيءَ تي بچائيندو آھي (تنھن مھل) مُنھن موڙيندا آھيو، ۽ انسان ڏاڍو بي شڪر آھي
17:68
(اوھين) پاڻ کي خشڪيءَ جي ڪنھن پاسي ۾ ڳھائڻ کان يا پاڻ تي (پھڻن جي) طوفان اچڻ کان بي ڀوا ٿيا آھيو ڇا؟ وري اوھين پاڻ لاءِ ڪو واھرو نہ لھندؤ
17:69
يا ٻئي ڀيري اُن (ساڳئي سمنڊ) ۾ موٽائڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھيو ڇا؟ پوءِ اوھان تي واءُ جو طوفان موڪلي پوءِ اوھان کي اوھان جي ڪفر سببان ٻوڙي وري اُنھي (ٻوڙڻ جي) ڪري پاڻ لاءِ اسان تي ڪو پيڇي ڪرڻ وارو نہ لھندؤ
17:70
۽ بيشڪ آدم جي اولاد کي شرف ڏنوسون ۽ کين خوشڪيءَ ۽ سمنڊ ۾ (سوارين تي) کنيوسون ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏنيسون ۽ جيڪي خلقياسون تن مان گھڻن کان کين زيادھ مانَ وارو ڪيوسون
17:71
جنھن ڏينھن ھر ڪنھن ٽوليءَ کي سندن اڳواڻ سان سڏينداسون، پوءِ جنھن کي سندس اعمال نامو سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويندو سي پنھنجو اعمال نامو پڙھندا ۽ تند جيترو بہ ظلم نہ ڪبن
17:72
۽ جيڪو ھن دنيا ۾ (حق سڃاڻڻ کان) اَنڌو ٿيو سو آخرت ۾ (بہ) اَنڌو (ھوندو) ۽ واٽ کان بنھ ڀُليل رھندو
17:73
۽ جيڪي توڏانھن (پنھنجن حُڪمن جو) وحيُ ڪيوسون تنھن کانسواءِ تو کي ھن لاءِ دوکي ۾ وجھڻ لڳا ھئا تہ تون اُن کانسواءِ ٻيو ڪو اسان تي ٺاھ ٺاھين، ۽ اُنھيءَ مھل تو کي دوست بڻائين
17:74
۽ جيڪڏھن اسين تو کي (پنھنجي ڳالھ تي) پختو نہ رکون ھا تہ ويجھو ھو جو بيشڪ اُنھن ڏانھن ڪي ٿوروئي لڙي پوين ھا
17:75
تہ اُتي جو اُتي حياتي جو ٻيڻو عذاب ۽ موت جو (بہ) ٻيڻو عذاب تو کي چکايون ھا وري پاڻ لاءِ اسان تي ڪو مددگار نہ لھين ھا
17:76
۽ (اي پيغمبر! مڪي جي) زمين مان سگھوئي تو کي ھن لاءِ بيقرار ڪندا تہ منجھانئس تو کي لڏائين ۽ اُنھيءَ مھل توکان پوءِ (پاڻ بہ) ٿورو وقت رھندا
17:77
توکان اڳ جيڪي پنھنجا پيغمبر موڪلياسون تن جو دستور موافق (جو سندن قوم کين لڏايو تہ ناس ڪيو وَيُن) ۽ اسان جي دستور کي ڪا ڦير ڦار نہ لھندين
17:78
سج لڙي کان وٺي رات جي اونداھيءَ تائين نماز پڙھ ۽ فجر جو قرآن (پڙھ)، بيشڪ فجر جو قرآن پڙھڻ مھل ملائڪ حاضر ٿين ٿا
17:79
۽ ڪجھ رات جو اُن (قرآن) سان تھجد پڙھ جو (اِھا) تو لاءِ وڌڪي عبادت آھي تنھنجو پالڻھار سگھوئي تو کي ساراھيل جاءِ (مقام محمود) ۾ اُٿاريندو
17:80
۽ (اي پيغمبر!) چئو تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي (مديني ۾) سچائيءَ سان داخل ڪر ۽ (مڪي مان) مون کي سچائيءَ سان ٻاھر ڪڍ ۽ پاڻ وٽان مون لاءِ ڪا قوت مدد ڏيندڙ ڪر
17:81
۽ (اي پيغمبر!) چئو تہ سچ آيو ۽ ڪوڙ ڀڳو، ڇو تہ ڪوڙ ڀڄندڙ آھي
17:82
۽ اسين قرآن کي نازل ڪريون ٿا جو اُھو سارو مؤمنن لاءِ شفا ۽ ٻاجھ آھي ۽ ظالمن بابت نقصان کانسواءِ (ٻيو ڪي) نہ وڌائيندو آھي
17:83
۽ جڏھن انسان تي ڪا نعمت نازل ڪندا آھيون (تڏھن) مُنھن موڙيندو آھي ۽ پاسيرو ٿيندو آھي، ۽ جڏھن کيس تڪليف پھچندي آھي (تڏھن) مايوس ٿيندو آھي
17:84
(اي پيغمبر!) چئو تہ سڀڪو پنھنجي ڊول تي ڪم ڪندو آھي، پوءِ جيڪو وڌيڪ سڌيءَ واٽ تي آھي تنھن کي تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي
17:85
۽ (اي پيغمبر!) تو کان رُوح بابت پُڇن ٿا، چئو تہ رُوح منھنجي پالڻھار جي اَمر مان آھي ۽ اوھان کي ٿورڙي علم کانسواءِ ڪجھ نہ ڏنو ويو آھي
17:86
۽ جيڪو (قرآن) توڌانھن وحي ڪيوسون سو جيڪڏھن گھرون تہ ورائي وٺون تہ پوءِ تون پاڻ لاءِ اسان تي ڪو ڀرجھلو نہ لھندين
17:87
پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ (اُن ورائي وٺڻ کي جھلي رکيو) آھي، ڇو تہ سندس فضل تو تي وڏو آھي
17:88
(اي پيغمبر!) چئو تہ جيڪڏھن ماڻھو ۽ جِنّ ھن قرآن جھڙي (ٻئي ڪنھن ڪتاب) آڻڻ لاءِ گڏ ٿين تہ ان جھڙو ڪڏھن آڻي نہ سگھندا جيتوڻيڪ ھڪ ٻئي کي مدد ڏين
17:89
۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھر مثال ماڻھن لاءِ دھرائي بيان ڪيو اٿئون، پر گھڻا ماڻھو بي شڪر ٿي انڪار ڪندا آھن
17:90
۽ چوندا آھن تہ اسين تو کي (ايستائين) ڪڏھن نہ مڃينداسون جيستائين زمين ۾ اسان لاءِ ڪو چشمو وھائين
17:91
يا کجين ۽ انگورن مان تو لاءِ باغ ٿئي پوءِ سندس وچ ۾ تون وھندڙ واھيون وھائين
17:92
يا جھڙيءَ طرح تو ڀانيو تھڙيءَ طرح اسان تي آسمان ٽُڪر ٽُڪر ڪيرائين يا تون الله ۽ ملائڪن کي سامھون آڻين
17:93
يا تو کي ڪو سوني ماڙي ھجي يا آسمان تي چڙھين، ۽ تنھنجي چڙھڻ کي (ايستائين) ڪڏھن نہ مڃينداسون جيستائين اسان تي (اھڙو لکيل) ڪتاب لاھين جنھن کي پڙھون، چئو تہ منھنجو پالڻھار پاڪ آھي آءٌ رڳو پيغام پھچائڻ وارو ماڻھو آھيان
17:94
۽ جڏھن ماڻھن وٽ ھدايت آئي (تڏھن) کين ايمان آڻڻ کان ھن ڏاران ڪنھن نہ جھليو آھي جو چوندا آھن تہ الله پيغمبرن کي ڇو ماڻھو ڪري موڪليو
17:95
(اي پيغمبر!) چئو تہ جيڪڏھن ملائڪ (اوھان جيان) زمين ۾ ٽڪندڙ ٿي گھمن ڦرن ھا تہ اسين مٿن ضرور آسمان مان ملائڪ پيغمبر ڪري موڪليون ھا
17:96
(اي پيغمبر!) چئو تہ الله اوھان ۽ اسان جي وچ ۾ شاھد ڪافي آھي، بيشڪ اُھو پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي
17:97
۽ جنھن کي الله ھدايت ڪئي سو ھدايت وارو آھي، ۽ جيڪي گمراھ ٿيا تن لاءِ تون الله کانسواءِ ڪوئي دوست نہ لھندين، ۽ کين قيامت جي ڏينھن سندن مُنھن ڀر انڌا ۽ گنگا ۽ ٻوڙا ڪري گڏ ڪنداسون، سندن جاءِ دوزخ آھي، جنھن مھل جھڪو ٿيندو تنھن مھل اُنھن لاءِ دوزخ کي وڌيڪ تپائينداسون
17:98
اِھا سندن سزا ھن سببان آھي جو اسانجي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ چيائون تہ جڏھن اسين ھڏا ۽ چُورو ٿينداسون (تڏھن) وري نئين سر پيدا ٿي اُٿاريا وينداسون ڇا؟
17:99
نہ ڏسندا آھن ڇا تہ جنھن الله آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو سندن اھڙي بڻائڻ تي وس وارو آھي ۽ اُنھن لاءِ اِھا مدت مقرر ڪيائين جنھن ۾ ڪو شڪ نہ آھي، پوءِ ظالم اِنڪار کانسواءِ ڪجھ قبول نہ ڪندا آھن
17:100
(اي پيغمبر!) چئو تہ جيڪڏھن اوھين منھنجي پالڻھار جي ٻاجھ جي خزانن جا مالڪ ھجو ھا تہ اُنھيءَ مھل (سڀ) خرچ ٿي وڃڻ جي ڀَو کان اوھين ضرور بند رکو ھا، ۽ ماڻھو پڪو پيچ (بخيل) آھي
17:101
۽ بيشڪ مُوسى کي نَوَ پڌريون نشانيون ڏنيوسون پوءِ بني اسرائيلن کان پُڇ تہ جڏھن (اُھو) وٽن آيو تڏھن کيس فرعون چيو تہ اي مُوسى بيشڪ آءٌ تو کي يقيناً جادو ٿيل ڀائيندو آھيان
17:102
(موسىٰ) چيو تہ بيشڪ تو ڄاتو آھي تہ اِھي (نشانيون) آسمانن ۽ زمين جي پالڻھار کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) نہ نازل ڪيون آھن (اوھانجي) سمجھائڻ لاءِ (تہ کين ڏسي مون مڃيو)، ۽ اي فرعون! بيشڪ آءٌ تو کي (اُنھن جي انڪار سببان) ھلاڪ ٿيل ڀائيندو آھيان
17:103
پوءِ فرعون ملڪ مان سندن لوڌڻ جو ارادو ڪيو پوءِ فرعون ۽ سندس ساري سنگت کي ٻوڙيوسون
17:104
۽ کانئس پوءِ بني اسرائيلن کي چيوسون تہ اُنھيءَ مُلڪ ۾ رھو پوءِ جڏھن آخرت جو وعدو آيو (تڏھن) اوھان کي لپيٽي آڻينداسون
17:105
۽ اُن (قرآن) کي اسان سچ سان نازل ڪيو آھي ۽ اُھو سچ سان نازل ٿيو آھي، ۽ تو کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ کانسواءِ نہ موڪليوسون
17:106
۽ اُن قرآن کي جُدا جُدا (سُورتون ۽ آيتون) ھن لاءِ ڪيوسون تہ اُھو ماڻھن کي آھستي آھستي پڙھي ٻڌائين ۽ اُن کي ٿورو ٿورو ڪري لاٿوسون
17:107
(اي پيغمبر!) چئو تہ اوھين اُن قرآن کي مڃو توڙي نہ مڃو، بيشڪ جن کي ھن کان اڳ علم ڏنو ويو آھي تن وٽ جڏھن (قرآن) پڙھبو آھي (تڏھن) سجدو ڪندڙ ٿي کاڏين ڀر ڪِرندا آھن
17:108
۽ چوندا آھن تہ اسان جو پالڻھار پاڪ آھي بيشڪ اسان جي پالڻھار جو انجام ضرور (پورو) ٿيڻو آھي
17:109
۽ روئيندا کاڏين ڀر ڪِرندا آھن ۽ (قرآن) منجھن عاجزي وڌائيندو آھي
17:110
(اي پيغمبر!) چئو تہ (الله کي) الله (جي نالي سان) سڏيو يا رحمان (جي نالي سان) سڏيو، جنھن نالي سان (اوھين) سڏيو اُنھيءَ جا (سڀ) نالا سھڻا آھن، ۽ پنھنجي نماز ۾ نڪي تمام ڏاڍيان پڙھ ۽ نڪي تمام ھوريان پڙھ اُنھيءَ جي وچواري واٽ اختيار ڪر
17:111
۽ چئو تہ سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جنھن (پاڻ لاءِ) ڪو اولاد نہ ورتو آھي ۽ نڪي سندس مُلڪ ۾ ڪو ڀائيوار آھي ۽ نڪي ڪنھن ھيڻائي جي سبب سندس ڪو مددگار آھي ۽ ھن جي گھڻي قدر وڏائي بيان ڪر