al-Kahf (الكَهْف)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 18 • 110 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
18:1 سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جڳائي جنھن پنھنجي ٻانھي (محمد ﷺ) تي ڪتاب لاٿو ۽ اُن ۾ ڪو ڏِنگ (ڏانؤ) نہ رکيائين
18:2 (ھن لاءِ) سڌو ڪيائين تہ پاڻ وٽان سخت مُصيبت کان ڪافرن کي ڊيڄاري ۽ اُنھن مؤمنن کي خوشخبري ڏي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن تہ اُنھن لاءِ چڱو اجر آھي
18:3 منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
18:4 ۽ اُنھن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا تہ الله (پاڻ لاءِ) پُٽ ورتو آھي
18:5 جنھن جو نڪي کين ۽ نڪي سندن پيءُ ڏاڏن کي ڪو علم آھي، وڏي (گناھ جي) ڳالھ آھي جا سندن واتان نڪري ٿي! اُھي ڪوڙ چوڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نہ چوندا آھن
18:6 جيڪڏھن انھن ھن (قرآن واري) ڳالھ تي ايمان نہ آندو تہ شايد تون (اي پيغمبر! ان) ارمان مان سندن پويان پاڻ کي ھلاڪ ڪرين
18:7 جيڪي زمين تي آھي سو اسان اُن جي سينگار لاءِ ھن ڪري ڪيو تہ کين آزمايون تہ اُنھن منجھان عملن ۾ وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟
18:8 ۽ اُن زمين تي جيڪا (آبادي) آھي سا اسين ميدان ڪرڻ وارا آھيون
18:9 ڀانيو اَٿيئي ڇا؟ تہ غار ۽ رقيم (سندن نالن واري ڪتبي) وارا اسان جي عجب نشانين مان ھئا
18:10 جڏھن غار ۾ انھن جوانن پناھ ورتي تڏھن چيائون تہ اي اسان جا پالڻھار پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ چڱائي ڪر
18:11 پوءِ ڪيترائي ورھيہ غار ۾ سندن ڪَنن تي (گھاٽي ننڊ جا پردا) ھنياسون
18:12 وري کين ھن لاءِ اُٿاريوسون تہ ڏيکاريون تہ جا مدت رھيا سا ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي کي ياد آھي
18:13 اسين تو کي سندن سچي خبر بيان ڪريون ٿا، بيشڪ اُھي چند نوجوان ھئا جو پنھنجي رب تي ايمان آندو ھئائون ۽ کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ھئي سون
18:14 ۽ سندن دلين کي مضبوط ڪيوسون جڏھن اُٿيا تڏھن چيائون تہ اسان جو رب! آسمانن ۽ زمين جو رب آھي اُن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي معبُود ڪري نہ سڏينداسون (جي سڏيوسون تہ) ضرور بيشڪ اُنھي مھل بيھودي ڳالھ چئي سون
18:15 اسان جي ھن قوم الله کانسواءِ ٻيا معبود ورتا آھن، مٿن ڇو نہ ڪو پڌرو دليل آڻيندا آھن؟ پوءِ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟
18:16 ۽ جڏھن اوھين اُنھن (مشرڪن) کان ۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن تن کان پاسي ٿيو تڏھن غار ڏانھن پناھ وٺو تہ اوھان جو رب اوھان لاءِ پنھنجي رحمت پکيڙيندو ۽ اوھان جي ڪم ۾ اوھان لاءِ سولائي مھيا ڪندو
18:17 ۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن سج اُڀري (تڏھن) ڏسندين تہ (اُس) سندن غار کان سڄي پاسي لڙندي آھي ۽ جڏھن لھي تڏھن سندن کٻي پاسي مڙندي آھي ۽ اھي اُن (غار جي) ويڪرائيءَ ۾ آھن، اِھا الله جي نشانين مان آھي، جنھن کي الله ھدايت ڪري سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي گمراھ ڪري تنھن لاءِ ڪوبہ دوست واٽ ڏيکارندڙ نہ لھندين
18:18 ۽ تون کين جاڳندڙ ڀائيندين پر اِھي (ننڊ ۾) سمھيل آھن، ۽ کين سڄي پاسي ۽ کٻي پاسي تي اُٿلائيندا آھيون، ۽ سندن ڪتو چائٺ تي اڳيون ٽنگون ڊگھيريو پيو آھي، جيڪڏھن مٿن بيھي ڏسين تہ کانئن ڀڄندڙ ٿي پٺي ڦيرين ۽ کانئن دھشت مان ڀرجي وڃين
18:19 ۽ اھڙي طرح کين ھن لاءِ اٿاريوسون تہ پاڻ ۾ پڇن، منجھانئن چوندڙ چيو تہ (اوھين ھتي) ڪيترو ٽڪيؤ، چيائون تہ ھڪ ڏينھن يا ڏينھن جو ڪجھ (حصو) رھياسون (ڪن) چيو تہ جيترو اوھين رھيا آھيو سو اوھان جو رب وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، پوءِ پاڻ مان ھڪ کي ھن پنھنجي سڪي سان شھر ڏانھن موڪليو پوءِ ڀلي ڏسي تہ اُن (ڳوٺ) جو ڪھڙو وڌيڪ پاڪ (حلال) طعام آھي پوءِ منجھانئس ڪجھ (طعام) اوھان وٽ آڻي ۽ جڳائي تہ (خريداري مھل) نرمي (۽ ھوشياري) ڪري ۽ اوھان جو حال ڪنھن ھڪڙي کي نہ ڄاڻائي
18:20 ڇو تہ جيڪڏھن (اُھي) اوھان تي واقف ٿيندا تہ اوھان کي سنگسار ڪندا يا پنھنجي مذھب ۾ اوھان کي موٽائيندا ۽ اُنھيءَ مھل اوھين بلڪل ڪڏھن نہ ڪامياب ٿيندؤ
18:21 ۽ اھڙي طرح (تڏھن) ماڻھن کي ھن لاءِ مٿن خبردار ڪيوسون تہ ڄاڻن تہ الله جو انجام سچو آھي ۽ بيشڪ قيامت (ٿيڻي) آھي ان ۾ ڪو شڪ نہ آھي، تڏھن اُنھن جي ڳالھ بابت پاڻ ۾ جھڳڙو ڪرڻ لڳا پوءِ چيائون تہ اُنھن (جي غار) تي ڪا اڏاوت اَڏيو، سندن پالڻھار کين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، جيڪي پنھنجي ڳالھ ۾ غالب ٿيا تن چيو تہ اُنھن (جي غار) تي مسجد ضرور بڻائينداسون
18:22 (ڪي) چوندا تہ (اُھي) ٽي آھن چوٿون سندن ڪتو آھي، ۽ (ڪي) چوندا تہ پنج آھن ڇھون سندن ڪتو آھي ڳُجھ بابت اٽڪل ھڻندا آھن، ۽ (ڪي) چوندا تہ ست آھن اَٺون سندن ڪتو آھي، (اي پيغمبر!) چئو تہ سندن ڳاڻيٽو منھنجو پالڻھار وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي اُنھن کي رڳا ڪي ٿورا ڄاڻندا آھن، پوءِ اُنھن بابت سرسري جھڳڙي ڪرڻ کانسواءِ جھڳڙو نہ ڪر، ۽ نڪي اُنھن بابت ڪافرن مان ڪنھن ھڪ کان پڇا ڪر
18:23 ۽ ڪنھن ڪم لاءِ ھر گز نہ چئو تہ آءٌ ھي سڀاڻي ڪندس
18:24 مگر (چئو) انشاءَ الله، ۽ جڏھن وسارين (تڏھن) پنھنجي رب کي ياد ڪر ۽ چئو تہ سگھوئي منھنجو پالڻھار ھن کان بہ وڌيڪ ويجھو سڌو رستو مونکي ڏيکاريندو
18:25 ۽ اُھي پنھنجي غار ۾ ٽن سوَن ورھين کان نوَ ورھيہ وڌيڪ رھيا
18:26 چئو تہ جيڪي رھيا سو الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اُن کي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ (معلوم) آھي، ڪھڙو عجيب ڏسندڙ ۽ ڪھڙو عجيب ٻڌندڙ آھي! اُن کانسواءِ ڪو اُنھن جو مددگار نہ آھي، ۽ پنھنجي حُڪم ۾ ڪنھن ھڪ کي ڀائيوار نہ ڪندو آھي
18:27 ۽ تنھنجي پالڻھار جي ڪتاب مان جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ سندس حُڪم کي ڪا ڦير ڦار نہ آھي، ۽ اُن کانسواءِ تون ڪا واھ نہ لھندين
18:28 ۽ پاڻ کي اُنھن سان صبر ۾ رک جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪندا آھن سندس رضامندي گھرندا آھن ۽ (گھرجي تہ) تنھنجون اکيون دُنيا جي حياتيءَ جي سينگار جو ارادو رکي اُنھن (ياد ڪندڙن) کان (ٻئي پاسي) نہ واجھائين، ۽ اُنھيءَ جي فرمانبرداري نہ ڪر جنھن جي دل اسان پنھنجي ياد ڪرڻ کان غافل ڪئي ۽ پنھنجي خواھش جي پٺيان لڳو ۽ سندس ڪم حد کان وڌيل آھي
18:29 ۽ چئو تہ (اِھو سخن) اوھان جي پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، پوءِ جنھن کي وڻي سو ايمان آڻي ۽ جنھن کي وڻي سو نہ مڃي، اسان ظالمن لاءِ باھ تيار ڪئي آھي ۽ اُن جا پردا اُنھن کي ويڙھيندا، ۽ جيڪڏھن فرياد ڪندا تہ اُنھن جي فرياد اھڙي پاڻيءَ سان ورائي ويندي جو پگھاريل ٽامي وانگر ھوندو سندن منھن کي ڀُڃندو، اُھو بڇڙو پيڻ آھي، ۽ بڇڙو آرام جو ھنڌ آھي
18:30 بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تہ جنھن چڱو ڪم ڪيو آھي تنھن جو اَجر اسين نہ وڃائينداسون
18:31 اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ (بھشت) عدن جا باغ آھن جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھس سونن ڪنگڻن جا زيور اُنھن کي پارايا ويندا ۽ سُندسُ ۽ استبرق پٽ جي سائي پوشاڪ ڍڪيندا اُتي تختن تي تڪيو لائي وھندا، اِھو بدلو ڀلو آھي، ۽ آرام جي جاءِ بہ چڱي آھي
18:32 ۽ (اي پيغمبر!) کين ٻن مڙسن جو قصو بيان ڪر، اُنھن مان ھڪڙي لاءِ انگورن جا ٻہ باغ پيدا ڪيا ھئاسون ۽ اُنھن جي چوڌاري کجيون پيدا ڪيو ھيوسون ۽ اُنھن جي وچ ۾ پوک پيدا ڪئي ھئي سون
18:33 ٻنھين باغن پنھنجا ميوا پچايا ۽ منجھانئن ڪجھ گھٽ نہ ڪيائون ۽ اُنھن جي وچ ۾ واھ وھايوسون
18:34 ۽ اُن کي (گھڻو) ڦر مليو، پوءِ پنھنجي سنگتيءَ سان ڳالھائيندي کيس چيائين تہ آءٌ توکان مال ۾ وڌيڪ آھيان ۽ افرادن جي اعتبار کان (بہ) وڌيڪ طاقتور آھيان
18:35 ۽ پنھنجي باغ ۾ گھڙيو ۽ اُھو پاڻ لاءِ ظالم ھو، چيائين تہ مون کي ھن (باغ) جي ناس ٿيڻ جو بلڪل ڪو گمان نہ آھي
18:36 ۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مون کي ڪو گمان آھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي پالھڻار ڏانھن (کڻي) موٽيس (بہ) تہ ھن کان (بہ) ڀلي جاءِ ضرور لھندس
18:37 سندس سنگتيءَ ساڻس گفتگو ڪندي کيس چيو تہ جنھن تو کي مٽيءَ مان بڻايو وري نطفي سان وري سنئين لڱين مڙس ڪيائين تنھن جو تو ڇو انڪار ڪيو؟
18:38 (آءٌ ھيءُ ويساھ رکندو آھيان تہ) منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ آءٌ پنھنجي پالڻھار سان ڪوبہ شريڪ نہ ڪندس
18:39 ۽ جڏھن تون پنھنجي باغ ۾ گھڙين تڏھن ڇو نہ چيئي تہ جيڪي ماشاءَ الله (جيڪي الله گھريو سو ٿيڻو آھي) الله (جي مدد) کانسواءِ ڪا طاقت نہ آھي، جيڪڏھن تون پاڻ کان مون کي مال ۽ اولاد ۾ گھٽ ڏسين ٿو
18:40 تہ اُميد آھي جو منھنجو پالڻھار تنھنجي باغ کان ڀلو مونکي ڏي ۽ اُن (تنھنجي باغ) تي آسمان کان ڪا آفت موڪلي پوءِ ڦري صاف ميدان ٿي پَوي
18:41 يا سندس پاڻي سُڪي وڃي پوءِ اُن کي ڪڏھن لھي نہ سگھين
18:42 ۽ سندس ميوي کي چَٽُ ڪيو ويو پوءِ اُن (جي بڻائڻ) ۾ جيڪي خرچ ڪيو ھئائين تنھن تي پنھنجا ھٿ مَليندو رھيو ۽ اُھو (باغ) پنھنجين (بڻايل) ڇپرن سميت ڪريل ھو ۽ چوندو رھيو تہ افسوس آھي پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن کي شريڪ مُقرر نہ ڪريان ھا! (تہ چڱو ھو)
18:43 ۽ نڪي اہن لاءِ ڪا جماعت ھئي جو الله کانسواءِ کيس مدد ڏئي ۽ نڪي (پاڻ) بدلو وٺڻ وارو ھو
18:44 ان ھنڌ سچي الله جي بادشاھي آھي، اُھو ثواب (ڏيڻ) ۾ ڀلو ۽ بدلي ڏيڻ ۾ (بہ) ڀلو آھي
18:45 ۽ (اي پيغمبر!) اُنھن کي دُنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر جا اُنھيءَ پاڻيءَ وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ اُن سان زمين جا سلا گھاٽا ڄميا پوءِ ڦري ڀُريل ڪک ٿيا اُنھن کي وائن اُڏايو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي
18:46 مال ۽ اولاد دنيا جي حياتيءَ جو سينگار آھي، ۽ سدائين رھندڙ چڱايون تنھنجي پالڻھار وٽ ثواب ڪري ڀليون ۽ اُميد ڪري چڱيون آھن
18:47 ۽ (ياد ڪر) جنھن ڏينھن جبلن کي ھلائينداسون ۽ زمين کي صفا پٽي ڏسندين ۽ ماڻھن کي گڏ ڪنداسون پوءِ منجھانئن ڪنھن ھڪ کي نہ ڇڏينداسون
18:48 ۽ (اُھي) تنھنجي پالڻھار وٽ صفون ڪري پيش ڪيا ويندا (چونداسون تہ) جھڙي طرح اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيوھوسون (تھڙي طرح) اسان وٽ آيا آھيو، بلڪ ڀائيندا ھيؤ تہ اوھان جي لاءِ انجام (جو ھنڌ) نہ ڪنداسون
18:49 ۽ اعمال نامو رکيو ويندو پوءِ جيڪي منجھس ھوندو تنھن کان ڏوھارين کي ڊڄندڙ ڏسندين ۽ چوندا تہ اسان لاءِ ارمان آھي ھن اعمال نامي کي ڇا ٿيو آھي جو نڪي ننڍي (گناھ) ۽ نڪي وڏي کي ڳاڻاٽي کانسواءِ ڇڏيو اٿس، ۽ جيڪي ڪيائون سو حاضر لھندا، ۽ تنھنجو پالڻھار ھڪڙي تي بہ ظلم نہ ڪندو
18:50 ۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو تڏھن ابليس کانسواءِ ٻـين سجدو ڪيو، اُھو جنن مان ھو پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم جي نافرماني ڪيائين، پوءِ اوھين کيس ۽ سندس اولاد کي مون کانسواءِ ڇو دوست وٺندا آھيو؟ حالانڪ اُھي اوھان جا ويري آھن، (شيطان) ظالمن لاءِ بڇڙو بدلو آھي
18:51 نڪي آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ مھل اُنھن (شيطانن ۽ سندس اولاد) کي حاضر ڪيو ھوم ۽ نڪي کين پيدا ڪرڻ مھل ۽ نڪي آءٌ گمراھن کي ٻانھن ٻيلي وٺندڙ آھيان
18:52 ۽ جنھن ڏينھن الله چوندو تہ (اي مشرڪؤ!) اوھين اُنھن کي سڏيو جن کي منھنجا شريڪ ڄاڻندا ھيؤ پوءِ اُنھن کي سڏيندا پوءِ اُھي کين ورندي نہ ڏيندا ۽ سندن وچ ۾ ھلاڪت جو ھنڌ ڪنداسون
18:53 ۽ ڏوھاري باھ کي ڏسندا پوءِ (پڪ) ڀائيندا تہ اُھي اُن ۾ (اجھو) ڪِرندا ۽ کانئس موٽڻ جي واھ نہ لھندا
18:54 ۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھر طرح جا مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪياسون ۽ انسان ھر شئي کان وڌيڪ جھڳڙالو آھي
18:55 ۽ ماڻھن وٽ جڏھن ھدايت آئي تڏھن کين ايمان آڻڻ ۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرڻ کان ھن ڌاران ڪنھن نہ جھليو جو اڳين جي رسم (جھڙي پاڙپَٽ سزا) وٽن اچي يا وٽن سامھون عذاب پُھچي
18:56 ۽ پيغمبرن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليون ٿا، ۽ ڪافر ڪوڙو جھڳڙو ھن لاءِ ڪندا آھن تہ ان سان سچ کي ٿيڙين ۽ منھنجين نشانين کي ۽ جنھن سان ڊيڄاريا ويا تنھنکي ڀوڳ ڪري ورتائون
18:57 ۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي نشانين سان نصيحت ڏني وڃي تہ اُن کان مُنھن موڙي ۽ جيڪي سندس ھٿن اڳي ڪري موڪليو سو وساري؟ اسان ان جي سمجھڻ کان سندين دلين تي پردا ڪيا ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي (وڌي سون) ۽ جيڪڏھن تون کين ھدايت ڏانھن سڏين تہ اُن وقت سِڌو رستو ڪڏھن بہ نہ لھندا
18:58 ۽ تنھنجو رب بخشڻھار ٻاجھارو آھي، جيڪڏھن کين سندن ڪيئي سببان پڪڙي ھا تہ اُنھن لاءِ عذاب تڪڙو موڪلي ھا، (نہ!) بلڪ اُنھن لاءِ انجام ٿيل آھي جو اُن کانسواءِ ڪا واھ نہ لھندا
18:59 ۽ اِھي ڳوٺ آھن جو اُنھن کي (تڏھن) ناس ڪيوسون جڏھن ظلم ڪيائون ۽ اُنھن جي ناس ڪرڻ لاءِ (ھڪ) انجام مقرر ڪيوسون
18:60 ۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي سنگتيءَ کي چيو تہ سدا پيو پنڌ ڪندس جيستائين ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ پُھچندس يا گھڻو وقت پيو ھلندس
18:61 پوءِ جنھن مھل ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ کي پُھتا (تنھن مھل) پنھنجي مڇي وساريائون جنھن پنھنجي واٽ درياءَ ۾ سرنگھ جان ورتي
18:62 پوءِ جڏھن اڳي ھليا (تڏھن موسىٰ) پنھنجي سنگتيءَ کي چيو تہ اسان کي اسان جو منجھند جو کاڌو ڏي، بيشڪ اسان جي ھن مسافريءَ ۾ اسان کي ٿَڪ پُھتو آھي
18:63 چيائين تہ (نہ) ڏٺئي ڇا جڏھن پھڻ وٽ ترسيا ھئاسون تڏھن مون (اُتي) مڇي وساري، ۽ اُن جي يادگيري مون کان شيطان کانسواءِ ٻئي ڪنھن نہ وسارائي، ۽ پنھنجي واٽ درياءَ ۾ عجب طرح سان ورتائين
18:64 (موسىٰ) چيو تہ اِھو ھنڌ اُھو آھي جنھن کي اسين ڳوليون ٿا، پوءِ ھو پنھنجي پوئين پيرين ڳوليندا موٽيا
18:65 پوءِ مُنھنجن ٻانھن مان اُھو ٻانھو لڌائون جنھن کي پاڻ وٽا ٻاجھ ڏني ھئي سون ۽ پاڻ وٽان کيس عِلم سيکاريو ھوسون
18:66 موسىٰ اُن کي چيو تہ جي آءٌ تنھنجي سنگت ڪريان تہ جيڪا تو کي سڌي واٽ سيکاري ويئي آھي تنھن مان مون کي بہ سيکارين
18:67 (خضر) چيو تہ تون مون سان ڪڏھن صبر ڪري نہ سگھندين
18:68 ۽ جنھن جي تو کي خبر ئي نہ آھي تنھن تي تون ڪٿي صبر ڪندين
18:69 (موسىٰ) چيو تہ جي الله گھريو تہ مون کي صبر ڪندڙ لھندين ۽ آءٌ تنھنجي ڪنھن حُڪم جي نافرماني نہ ڪندس
18:70 (خضر) چيو تہ جيڪڏھن منھنجي سنگت ڪرين تہ (ايستائين) مون کان ڪنھن ڳالھ بابت نہ پُڇج جيسين (آءٌ) پاڻ توسان اُن جو بيان (نہ) ڪريان
18:71 پوءِ ٻئي (اُٿي) ھليا، تان جو ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تڏھن (خضر) اُن کي سوراخ ڪيو، (موسىٰ) چيو تہ تو اُن کي اِنھيءَ لاءِ سوراخ ڪيو ڇا تہ ٻيڙيءَ وارن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو اڍنگو ڪم ڪيو
18:72 (خضر) چيو تہ تو کي نہ چيو ھوم ڇا تہ تون مون سان صبر ڪري نہ سگھندين
18:73 (موسىٰ) چيو تہ جيڪي مون وساريو تنھن سببان مون کي نہ پڪڙ ۽ منھنجي ڪم ۾ مون تي سختي نہ وجھ
18:74 پوءِ ٻئي ھليا، تان جو جڏھن ھڪ ڇوڪر کي مليا تڏھن (خضر) اُن کي ڪُٺو (موسىٰ) چيو تہ قصاص ڌاران بيگناھ جان کي ڇو ڪُٺئي؟ بيشڪ تو خراب ڪم ڪيو
18:75 (خضر) چيو تہ تو کي نہ چيو ھوم ڇا تہ تون مون سان (گڏ رھي) ڪڏھن نہ صبر ڪري سگھندين؟
18:76 (موسىٰ) چيو تہ جيڪڏھن ھِن کانپوءِ ڪنھن ڳالھ بابت توکان پڇان تہ منھنجي سنگت نہ ڪج، بيشڪ منھنجي پاران عذر (جي حد) کي پھتين
18:77 پوءِ (ٻئي) ھليا، تان جو جنھن مھل ھڪڙي ڳوٺ وارن وٽ آيا (تنھن مھل) اُن جي رھاڪن کان کاڌو گھريائون تہ (اُنھن) سندن مھماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو پوءِ اُن (ڳوٺ) ۾ ھڪ ڊھڻ کي ويجھي ڀِت ڏٺائون پوءِ اُھا (خضر ڊاھي ٻيھر) اَوساري (موسىٰ) چيو تہ جيڪڏھن گھرين ھا تہ اُن (جي اوسارڻ) تي مزدوري ضرور وٺين ھا!
18:78 (خضر) چيو تہ ھاڻي منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ جُدائي پيئي، ھاڻي تو کي اُنھن ڳالھين جي حقيقت جي سُڌ ڏيان ٿو جن تي تون صبر نہ ڪري سگھين
18:79 پر ٻيڙي (جا ڀڳي ويئي سا) مسڪينن جي ھئي (جنھن تي) ھو درياءَ ۾ پورھيو ڪندا (وتندا) ھئا پوءِ اُن کي عيب دار ڪرڻ گھريم جو سندن پوئتان اھڙو بادشاھ ھو جنھن سڀڪا ٻيڙي بيگر ۾ ٿي ورتي
18:80 ۽ نينگر (جو، ماريو ويو) تنھن جا ماءُ پيءُ مؤمن ھئا تنھنڪري ڊناسون تہ نافرمانيءَ ۽ ڪفر ڪرڻ سان ٻنھين کي عاجز ڪندو
18:81 پوءِ گھُريوسون تہ سندن پالڻھار کين اُن جي بدلي اُن کان بہ پاڪبازيءَ جي ڪري وڌيڪ ڀلو ۽ ٻاجھ جي ڪري وڌيڪ ويجھو (اولاد) ڏئي
18:82 ۽ جا ڀِت (ٺاھي ويئي) سا شھر ۾ ٻن يتيمن ٻارن جي ھُئي ۽ ان جي ھيٺان سندن خزانون ھو ۽ سندن ماءُ پيءُ نيڪ ھئا، پوءِ تنھنجي پالڻھار گھريو تہ ٻئي پنھنجي جواني کي پھچن ۽ پنھنجو خزانو تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان ڪڍن، ۽ اِھو پنھنجي راءِ سان نہ ڪيم، اِھا اُن جي حقيقت آھي جنھن تي تو صبر ڪري نہ سگھيو
18:83 ۽ (اي پيغمبر!) توکان ذوالقرنين بابت پڇن ٿا، چئو تہ اوھان کي اُن جو (ڪُجھ) بيان ڪري ٻڌايان ٿو
18:84 بيشڪ اسان اُن کي زمين ۾ مضبوط حڪومت ڏني ۽ سڀ ڪنھن شئي جو سان کيس ڏنوسون
18:85 پوءِ سامان (جي مدد) سان ھليو
18:86 ايترو (سير ڪيائين) جو سچ لھڻ جي ھنڌ پھتو اُن کي گپڙاٺي تلاءُ ۾ لھندو ڏٺائين ۽ اُن (تلاءُ) وٽ ھڪ قوم کي ڏٺائين، چيوسون تہ اي ذوالقرنين! اُنھن کي سزا ڏين يا منجھن ڪو چڱائيءَ جو سڌارو ڪرين (تہ تو کي اختيار آھي)
18:87 (ذوالقرنين) چيو تہ جيڪو (ماڻھو) ظلم ڪندو تنھن کي سزا ڏينداسون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن ورايو ويندو پوءِ اُھو کيس سخت عذاب جي سزا ڏيندو
18:88 ۽ جيڪو ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کي چڱو بدلو ملندو، ۽ پنھنجي معاملي مان اُن کي سولائي (جھڙو ڪم) چونداسون
18:89 وري سامان (جي مدد) سان ھليو
18:90 ايترو (سفر ڪيائين) جو سج اُڀرڻ جي ھنڌ پھتو تہ اُھو ھڪ اھڙي قوم تي اُڀرندو ڏٺائين جن لاءِ سج کان اوريان ڪا اوٽ نہ بڻائي ھئي سون
18:91 اھڙي طرح (سندس قصو آھي)، ۽ بيشڪ اسان وٽ اُن جي ساري خبر آھي
18:92 وري سامان (جي مدد) سان ھليو
18:93 ايترو جوجڏھن ٻن جبلن جي وچ ۾ پھتو تہ اُنھن جي ھِن پاسي اھڙي قوم ڏٺائين جا ڪابہ ڳالھ سمجھي نہ ٿي سگھي
18:94 چيائون تہ اي ذوالقرنين! بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج مُلڪ ۾ فساد وجھندڙ آھن تنھن ڪري تو لاءِ اسين ھن شرط تي ڏن مقرر ڪريون تہ تون اسان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻاءِ
18:95 (ذوالقرنين) چيو تہ منھنجي پالڻھار جيڪا مون کي ان بابت سگھ ڏني آھي سا ڀلي آھي، پوءِ اوھين مون سان زور بار جي مدد ڪريو تہ اوھان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻايان
18:96 لوھ جا ٽُڪر مون وٽ آڻيو، جڏھن ٻنھي جبلن جي وچ ۾ (ڀري) پورائي ڪيائين (تڏھن) چيائين تہ (ھاڻ ڌوڻ) ڌنئون، تان جو جڏھن اُن کي (تپائي) باھ ڪيائين (تڏھن) چيائين تہ مون وٽ آڻيو تہ مٿس پگھاريل ٽامون پلٽيان
18:97 پوءِ (ياجوج ماجوج) نڪي اُن تي چڙھي سگھيا ۽ نڪي اُن کي ڪا سرنگھ ھڻي سگھيا
18:98 چيائين تہ ھيءَ منھنجي رب جي (ھڪڙي) ٻاجھ آھي، جنھن مھل منھنجي رب جو انجام ايندو (تنھن مھل) اُن کي سنئون ڪري ڇڏيندو ۽ منھنجي رب جو انجام سچو آھي
18:99 ۽ اُن ڏينھن ڇڏينداسون تہ ھڪ ٻئي ۾ ڳاھٽ ٿيندا (ايندا) ۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ اُنھن مِڙني کي گڏ ڪنداسون
18:100 ۽ اُن ڏينھن اُنھن ڪافرن کي دوزخ آڏو ڪنداسون جيئن آڏو ڪجي
18:101 جن جون اکيون منھنجي يادگيريءَ کان ڍَڪ ۾ ھيون ۽ (ساڙ کان ڪجھ) ٻُڌي نہ سگھندا ھئا
18:102 ڪافرن (اڃا پاڻ کي سزا جوڳو) نہ ڀانيو آھي ڇا جو مون کان سواءِ منھنجن ٻانھن کي دوست ورتو اَٿن؟ اسان ڪافرن جي رھڻ لاءِ دوزخ تيار ڪيو آھي
18:103 (اي پيغمبر!) چئو تہ ڪرتوتن جي ڪري بلڪل ٽوٽي وارن جي اوھان کي سُڌ ڏيون ڇا؟
18:104 جن پنھنجي محنت دنيا جي حياتيءَ ۾ اَجائي وڃائي ۽ اُھي (پنھنجي لاءِ) ڀائيندا آھن تہ اُھي (پاڻ) چڱو ڪم ڪندا آھن
18:105 اِھي اُھي آھن جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن ۽ سندس ملڻ جو انڪار ڪيو پوءِ سندن ڪئي ڪمائي چٽ ٿي پوءِ اُنھن لاءِ قيامت جي ڏينھن ڪا تور کڙي نہ ڪنداسون
18:106 اِھا سندين سزا دوزخ اِنھي سببان آھي جو ڪفر ڪيائون ۽ منھنجي آيتن ۽ منھنجي پيغمبرن کي ٺـٺولي ڪري ورتائون
18:107 جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ فردوس جا باغ مھماني (جي جاءِ) آھن
18:108 منجھن سدائين رھڻ وارا آھن کانئن وري ڦرڻ نہ گھرندا
18:109 چئو تہ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار جي سُخنن (لکڻ) لاءِ سمنڊ مسُ ٿئي تہ منھنجي پالڻھار جي سُخنن پوري ٿيڻ کان اڳ سمنڊ کَپي ويندو توڻيڪ جھڙس (ٻيا سمنڊ) مدد لاءِ آڻيون
18:110 چئو تہ آءٌ اوھان جي جھڙوئي ماڻھو آھيان مون ڏانھن وحي موڪليو ويندو آھي تہ اوھان جو معبود رڳو ھڪ الله آھي، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ملڻ جي اُميد رکي تنھنکي جڳائي تہ چڱا ڪم ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ۾ ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ نہ ڪري