19:1
ڪٓھٰيٰعٓصٓ
19:2
تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سندس ٻانھي زڪريا تي ٿيل جو (ھي) بيان آھي
19:3
جڏھن پنھنجي پالڻھار کي آھستي ٻاڏائي سڏيائين
19:4
چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مُنھنجي (لڱن جا) ھڏا ڪمزور ٿيا آھن ۽ ٻُڍائيءَ کان منھنجو مٿو (اڇو) چمڪيو آھي ۽ اي منھنجا پالڻھار! تو کي سڏڻ کان نااُميد نہ آھيان
19:5
۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش!
19:6
جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو (بہ) وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار! اُن کي صالح ڪر
19:7
(چيوسون تہ) اي زڪريا اسان تو کي ھڪ نينگر جي مبارڪ ڏيون ٿا جنھنجو نالو يحيٰ آھي اڳ اھڙي نالي وارو ڪونہ ڪيوسون
19:8
چيائين اي منھنجا پالڻھار! مون کي پٽ ھن حالت ۾ پٽ ڪيئن ٿيندو جو منھنجي زال سنڍ آھي ۽ بيشڪ آءٌ پيريءَ کان جھورائيءَ کي پھتو آھيان
19:9
(جبرئيل) چيو تہ اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار چيو آھي تہ اِھو مون تي آسان آھي ۽ بيشڪ ھن کان اڳ تو کي پيدا ڪيو اَٿم ۽ تون (اصل) ڪجھ نہ ھُئين
19:10
زڪريا چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! مون لاءِ ڪا نشاني ڪر، فرمايائين تہ تنھنجي نشاني (ھيءَ آھي) تہ ماڻھن سان ساندھ ٽي (ڏينھن) راتيون ڳالھائي نہ سگھندين
19:11
پوءِ محراب مان پنھنجي قوم ڏانھن نڪتو پوءِ اُنھن ڏانھن اشارو ڏنائين تہ صُبح ۽ سانجھيءَ جو (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو
19:12
(۽ يحيٰ ڄمي ڏھن ورھين جو ٿيو تہ) چيوسون تہ اي يحيٰ! ڪتاب کي مضبوطي سان وٺ، ۽ ٻاراڻي ۾ کيس عِلم ڏنوسون
19:13
۽ پاڻ وٽان کيس شفقت ۽ پاڪبازي ڏني سون، ۽ (اُھو) پرھيزگار ھو
19:14
۽ پنھنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو ھو ۽ ھٺيلو نافرمان نہ ھو
19:15
۽ جنھن ڏينھن ڄائو ۽ جنھن ڏينھن مرندو ۽ جنھن ڏينھن جيئرو ٿي اُٿندو (تنھن ڏينھن) مٿس سلام ھجي
19:16
۽ مريم (جو قصو) ڪتاب ۾ ياد ڪر، جڏھن پنھنجن گھر وارن کان اڀرندي ھنڌ پَرَ ڀري ٿي
19:17
پوءِ کانئن ھڪ اوٽ ورتائين، پوءِ ڏانھنس پنھنجو ملائڪ موڪليوسون پوءِ ھو ان جي اڳيان پورو ماڻھو (وانگر) بڻجي بيٺو
19:18
(مريم) چيو آءٌ توکان ٻاجھاري (الله) جي سام پوان ٿي جيڪڏھن پرھيزگار آھين (تہ مون کان پري ٿيءُ)
19:19
(ملائڪ) چيو تہ آءٌ تہ تنھنجي پالڻھار جو ھن لاءِ موڪليل آھيان تہ تو کي پاڪباز نينگر بخشيان
19:20
(مريم) چيو تہ مون کي ٻار ڪيئن ٿيندو جو مون کي ڪنھن ماڻھوءَ نہ ڇُھيو آھي ۽ نڪي آءٌ بدڪار آھيان
19:21
(ملائڪ) چيو تہ اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار فرمايو تہ اِھو مون کي سولو آھي، ۽ (ھن لاءِ) تہ ان کي ماڻھن جي لاءِ پنھنجي طرف کان نشاني ۽ ٻاجھ (جو وسيلو) ڪريون، ۽ (اِھو) ڪم طئي ٿيل آھي
19:22
پوءِ اُن سان پيٽ ٿيس پوءِ اُن سان پر ڀري ھنڌ الڳ ٿي
19:23
پوءِ ويَم جي سورن کجيءَ جي ٿڙ ڏانھن نِيس، چيائين تہ جيڪر ھن کان اڳ مران ھا ۽ اصل وسري ويل ھجان ھا! (تہ چڱو ھو)
19:24
پوءِ کيس (ملائڪ) ھيٺين طرف کان سڏيو تہ ڏک نہ ڪر بيشڪ تنھنجي پالڻھار تنھنجي ھيٺان تلاءُ پيدا ڪيو آھي
19:25
۽ کجيءَ جي ٿڙ کي پاڻ ڏانھن ڌوڻ تہ تو تي تازيون کارڪون ڇاڻي
19:26
پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ نيڻ ٺار، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڏسين تہ چئو تہ مون الله لاءِ روزو باسيو آھي تنھنڪري ڪنھن ماڻھوءَ سان اصل نہ ڳالھائيندس
19:27
پوءِ اُن کي پنھنجي قوم وٽ کڻي آئي، چيائون تہ اي مريم! بيشڪ بڇڙي شئي آندي اٿيئي
19:28
اي ھارون جي ڀيڻ! نڪي تنھنجو پيءُ بڇڙو مڙس ھو ۽ نڪي تنھنجي ماءُ ڪا بدڪار ھئي
19:29
پوءِ ڏانھنس اشارو ڏنائين، چيائون تہ جيڪو پينگھي ۾ ٻار آھي تنھن سان ڪيئن ڳالھايون
19:30
(عيسىٰ) چيو تہ آءٌ الله جو ٻانھو آھيان، مون کي ڪتاب ڏنو اَٿس ۽ مون کي پيغمبر ڪيو اٿس
19:31
۽ جتي ھوندس اُتي مون کي برڪت وارو ڪيائين، ۽ جيسين جيئرو ھوندس تيسين مون کي نماز (پڙھڻ) ۽ زڪوٰة (ڏيڻ) جو حُڪم ڪيائين
19:32
۽ پنھنجي ماءُ سان چڱائي ڪندڙ (ڪيائين)، ۽ مون کي ھٺيلو ۽ بدبخت نہ ڪيائين
19:33
۽ جنھن ڏينھن ڄائس ۽ جنھن ڏينھن مرندس ۽ جنھن ڏينھن وري جيئرو ٿي اُٿندس تنھن ڏينھن مون تي سلام آھي
19:34
اِھو (قصو) عيسىٰ پٽ مريم جو آھي، سچي ڳالھ آھي جنھن ۾ (ماڻھو) شڪ ڪندا آھن
19:35
الله کي (پاڻ لاءِ) ڪو پٽ وٺڻ نہ جڳائيندو آھي اُھو پاڪ آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي تڏھن اُن لاءِ رڳو چوندو آھي تہ ٿيءُ تہ ٿي پوندو آھي
19:36
۽ الله منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اِھا سڌي واٽ آھي
19:37
پوءِ ڪن ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ ڪافرن لاءِ وڏي ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان ويل آھي
19:38
جنھن ڏينھن اسان وٽ ايندا (تنھن ڏينھن) ڪھڙو نہ چڱو ٻڌندا! ۽ ڪھڙو نہ چڱو ڏسندا! پر ظالم اڄ پڌري گمراھي ۾ آھن
19:39
۽ کين پشيماني جي جي ڏينھن کان ڊيڄار جنھن ڏينھن ڪم پورو ڪبو، ۽ اُھي غفلت ۾ آھن ۽ اُھي ايمان نٿا آڻين
19:40
بيشڪ اسين زمين جا ۽ جيڪي مٿس آھي تنھن جا وارث آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽايا ويندا
19:41
۽ ابراھيم (جو قصو) ڪتاب ۾ ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچار پيغمبر ھو
19:42
جڏھن پنھنجي پيءُ کي چيائين تہ اي اَبا! جيڪو نہ ڪي ڏسي ۽ نہ ڪي توکان ڪجھ ٽاري تنھن جي پوڄا ڇو ڪندو آھين؟
19:43
اي اَبا! بيشڪ (الله جي پار کان) مون وٽ (اھا) ڄاڻ آئي آھي جا تو وٽ نہ آئي آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪر تہ تو کي سڌو رستو ڏيکاريان
19:44
اي اَبا! شيطان کي نہ پوڄ، ڇو تہ شيطان الله جو نافرمان آھي
19:45
اي اَبا! آءٌ تو تي الله جي عذاب پھچڻ کان ڊڄان ٿو پوءِ متان شيطان جي سنگتي ٿئين
19:46
(پڻس) چيو تہ اي ابراھيم! تون منھنجي معبودن کان ڇو ڦرڻ وارو آھين؟ جيڪڏھن نہ روڪبين تہ تو کي ضرور پٿرن سان ماريندس ۽ گھڻي مدت مون کان پاسي ٿيءُ
19:47
(ابراھيم) چيو تہ تو تي سلام ھجي، آءٌ تو لاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس ڇو تہ اُھو مون تي مھربان آھي
19:48
۽ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کان ۽ اوھان کان پاسو ڪريان ٿو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪندس، اُميد آھي تہ پنھنجي رب جي دعا سان بدبخت نہ ٿيندس
19:49
پوءِ جڏھن کانئن ۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا ھئا تن کان پاسو ڪيائين (تڏھن) کيس اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ ھر ھڪ کي پيغمبر ڪيوسون
19:50
۽ کين پنھنجي ٻاجھ مان (گھڻيون شيون) عطا ڪيوسون ۽ انھن جي نيڪ نامي بلند ڪئي سون
19:51
۽ ڪتاب ۾ موسىٰ (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو چونڊيل ھو ۽ پيغمبر نبي ھو
19:52
۽ طور (جبل) جي سڄي ڀر کان کيس سڏيوسون ۽ ھمراز ٿيڻ لاءِ کيس ويجھو ڪيوسون
19:53
۽ پنھنجي ٻاجھ سان سندس ڀاءُ ھارون پيغمبر ڪري کيس عطا ڪيوسون
19:54
۽ ڪتاب ۾ اسماعيل (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو انجام جو پورو ۽ پيغمبر نبي ھو
19:55
۽ پنھنجي گھر وارن کي نماز ۽ زڪوٰة جو حُڪم ڪندو ھو، ۽ پنھنجي پالڻھار وٽ پسند ھو
19:56
۽ ڪتاب ۾ ادريس (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو
19:57
۽ وڏي مرتبي ڪري سندس مانُ مٿاھون ڪيوسون
19:58
اِھي اُھي آھن جن تي الله فضل ڪيو، آدم جي اولاد منجھان پيغمبرن مان، ۽ جن کي نوح سان (ٻيڙي ۾) کنيوسون، ۽ ابراھيم ۽ يعقوب جي اولاد مان، ۽ جن کي ھدايت ڪئي سون ۽ چونڊيوسون (تن مان آھن) جڏھن الله جون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن سجدو ڪندڙ ۽ روئيندڙ ٿي ڪري پوندا ھئا
19:59
پوءِ سندن پوئتان ڪيترا نااھل پيڙھيءَ تي ويٺا (جو) نماز ڇڏي ڏنائون ۽ خواھشن جي پٺيان لڳا پوءِ سگھو گمراھيءَ جي سزا لھندا
19:60
پر جن توبھ ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ مٿن ڪجھ ظلم نہ ڪبو
19:61
ھميشہ جا باغ آھن جن لاءِ الله پنھنجن ٻانھن سان پرپٺ انجام ڪيو آھي، بيشڪ سندس انجام پھچڻو آھي
19:62
اُن ۾ سلام کانسواءِ (ٻي) ڪا بيھودي ڳالھ نہ ٻڌندا، ۽ منجھس اُنھن لاءِ صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندن روزي آھي
19:63
اِھو بھشت اُھو آھي جو منھنجن ٻانھن مان جيڪو پرھيزگار بڻجندو تنھن کي (اُن جو) وارث ڪنداسون
19:64
۽ (ملائڪن چيو تہ) تنھنجي پالڻھار جي حُڪم کانسواءِ نہ لھندا آھيون، جيڪو اسان جي آڏو آھي ۽ جيڪي اسان جي پويان آھي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھن جي (سڀ خبر) اُن کي آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار وسارڻ وارو نہ آھي
19:65
آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي صبر ڪر (يعني مضبوط رھ)، تون اُن نالي وارو ڪو ڄاڻندو آھين ڇا؟
19:66
۽ ماڻھو چوندو آھي تہ جڏھن مرندس (تڏھن) جيئرو ٿي ڪڍبس ڇا؟
19:67
انسان کي ياد نہ آھي ڇا تہ کيس اڳ پيدا ڪيوسون حالانڪہ ڪجھ بہ نہ ھو؟
19:68
پوءِ پنھنجي رب جو قسم آھي تہ اُنھن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪنداسون وري دوزخ جي چوڌاري کين گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون
19:69
وري ھر ھڪ ٽوليءَ مان اھڙن (ماڻھن) کي ڌار ڪنداسون جن اُنھن مان ٻاجھاري (الله) جي سخت نافرماني ڪئي
19:70
وري جيڪي اُن (جھنم) ۾ گھڙڻ جا وڌيڪ حقدار آھن تن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻندا آھيون
19:71
۽ اوھان مان ڪو (اھڙو) ڪونھي جو اُن (جھنم) تي اچڻ وارو نہ آھي، تنھنجي پالڻھار تي اِھو (انجام) لازم مقرر آھي
19:72
وري پرھيزگارن کي بچائينداسون ۽ ظالمن کي منجھس ڪرونڊڙو ڇڏينداسون
19:73
۽ جڏھن اسان جون چٽيون آيتون اُنھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن تہ ٻنھين ٽولين مان ڪير، مرتبي جي ڪري بھتر ۽ مجلس جي ڪري معتبر آھي؟
19:74
۽ کانئن اڳ ڪيترائي جڳ ناس ڪياسون جو اُھي (ظاھري ساز) سامان ۽ ڏيک ويک جي ڪري وڌيڪ چڱا ھئا
19:75
چئو تہ جيڪو گمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي الله وڌيڪ وڌائيندو آھي، تان جو جيڪو انجام يا تہ عذاب جو يا قيامت جو (ساڻن) ڪيو ويو سو جڏھن ڏسندا، تڏھن ھو ڄاڻندا تہ بڇڙي مانَ وارو ۽ لشڪر جي ڪري وڌيڪ ھيڻو ڪير آھي
19:76
۽ الله ھدايت وارن کي ھدايت ۾ وڌائيندو آھي، ۽ باقي رھندڙيون نيڪيون تنھنجي پالڻھار وٽ ثواب ڪري ڀليون ۽ موٽ ڪري چڱيون آھن
19:77
(اي پيغمبر!) اُنھي کي نہ ڏٺو اٿيئي ڇا جنھن اسان جي آيتن کي نہ مڃيو ۽ چيائين تہ مون کي مال ۽ اولاد ضرور ڏنو ويندو؟
19:78
(اُھو) ڳجھ ڄاڻندو آھي ڇا يا الله وٽان ڪو انجام ورتو اٿس
19:79
ايئن (ھرگز) نہ آھي، جيڪي چوندو آھي سو سگھوئي لکنداسون ۽ اُن لاءِ ڊگھو عذاب وڌائينداسون
19:80
۽ جيڪي چوي ٿو سو کانئس کسينداسون ۽ اسان وٽ اڪيلو ايندو
19:81
۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ھن لاءِ ورتا اٿن تہ اُنھن لاءِ مانَ جو سبب ٿين
19:82
ايئن (اصل) نہ آھي، (اُھي) سندن پوڄا جو انڪار ڪندا ۽ اُنھن جا دشمن (۽ مخالف) ٿيندا
19:83
(اي پيغمبر!) نہ ڏٺو اَٿيئي ڇا تہ شيطانن کي ڪافرن تي موڪليوسون تہ (اُھي) کين لوڏا ڏيئي ڌُوڻين؟
19:84
پوءِ مٿن (عذاب جي) تڪڙ نہ ڪر، اسين اُنھن لاءِ (سندن عملن ۽ ڏينھن جي پوري) ڳَڻ ڳڻيندا آھيون
19:85
اُن ڏينھن پرھيزگارن کي مھمانن وانگر ٻاجھاري (الله) وٽ گڏ ڪنداسون
19:86
۽ ڏوھين کي دوزخ ڏانھن اُڃو روانو ڪنداسون
19:87
جنھن الله وٽان انجام ورتو تنھن کانسواءِ (ٻيا ڪي) شفاعت ڪري نہ سگھندا
19:88
۽ چوندا آھن تہ الله پاڻ لاءِ اولاد ورتو آھي
19:89
(چئبن تہ) بيشڪ اوھان بڇڙي شئي آندي
19:90
اِنھي (چوڻ) کان اِجھو آسمان ٽڙڪي پوندا ۽ زمين ڦاٽ پوندي ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ڪرندا!
19:91
اُنھي سببان جو (اُنھن) الله لاءِ پُٽ (بڻائي) سڏيا
19:92
۽ الله کي اولاد وٺڻ نہ جڳائيندو آھي
19:93
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن سي سڀ الله وٽ ٻانھا ٿي ايندا
19:94
بيشڪ (الله) کين شمار ڪيو آھي ۽ سندن ڳاڻاٽو ڳڻيو اٿس
19:95
۽ قيامت جي ڏينھن اُنھن مان ھر ھڪ وٽس ھيڪلو ايندو
19:96
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ الله سگھو محبت پيدا ڪندو
19:97
پوءِ اُھو (قرآن) تنھنجي زبان تي رڳو ھن لاءِ آسان ڪيوسون تہ (تون) ساڻس پرھيزگارن کي خوشخبري ڏئين ۽ اُن سان جھڳڙالو قوم کي ڊيڄارين
19:98
۽ کانئن اڳ ڪيترا جڳ ناس ڪياسون، منجائن ڪنھن ھڪ جو پتو لھين ٿو ڇا يا سندن ڀڻڪ ٻڌين ٿو ڇا؟