Ta Ha (طٰهٰ)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 20 • 135 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
20:1 طٰهٰ
20:2 تو تي قرآن ھن لاءِ نہ لاٿوسون تہ تون اوکو ٿئين
20:3 پر جيڪو ڊڄي تنھن جي نصيحت ڏيڻ لاءِ (لاٿوسون)
20:4 اُنھي (جي طرف) کان لھڻ وارو آھي جنھن زمين ۽ بلند آسمانن کي بڻايو آھي
20:5 (اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي
20:6 جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي ۽ جيڪي ٻنھين جي وچ ۾ آھي ۽ جيڪي زمين جي تري ھيٺان آھي سو اُن جو آھي
20:7 ۽ جيڪڏھن (تون ڀل) ڏاڍيان ڳالھائين تہ بيشڪ اُھو لڪ (۾) ۽ صفا آھستي (چيل ڳالھ سڀ) ڄاڻندو آھي
20:8 الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو بہ معبود نہ آھي، اُن جا نالا تمام سھڻا آھن
20:9 ۽ (اي پيغمبر!) تو کي مُوسىٰ جي ڳالھ نہ پُھتي آھي ڇا؟
20:10 جڏھن باھ ڏٺائين تڏھن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيائين تہ ترسو جو مون باھ ڏٺي آھي اُميد تہ منجھانئس ڪو اَڱر اوھان وٽ کڻي اچان يا باھ تي ڪو (دڳ جي) ڏَس ڏيڻ وارو لھان
20:11 پوءِ جنھن مھل باھ وٽ آيو (تنھن مھل) اُن کي سڏيو ويو تہ اي موسىٰ
20:12 بيشڪ آءٌ تنھنجو پالڻھار آھيان تنھنڪري پنھنجي جُتي (پري) لاھ، ڇو تہ تون پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ آھين
20:13 ۽ مون تو کي چونڊيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي ٿو سو ٻُڌ
20:14 سچ پچ آءٌ الله آھيان، مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نہ آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر
20:15 بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن جي (وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو تہ جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس محنت جو بدلو ڏجي
20:16 جيڪو اُن کي نہ مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو تو کي اُن (جي مڃڻ) کان متان روڪي تہ پوءِ ھلاڪ ٿيندين
20:17 ۽ اي موسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟
20:18 چيائين تہ ھيءَ منھنجي لٺ آھي، مٿس ٽيڪ ڏيندو آھيان ۽ اُن سان پنھنجين ٻڪرين تي (وڻ جا) پن ڇاڻيندو آھيان ۽ منجھس مون لاءِ ٻيا (بہ) فائدا آھن
20:19 (الله) فرمايو تہ اي موسىٰ! اُھا اُڇلاءِ
20:20 پوءِ اُھا اُڇليائين تہ اُھا اُنھي مھل ڊوڙندڙ واسينگ (نانگ) ٿي پئي
20:21 (الله) فرمايو تہ اُنھيءَ کي وٺ ۽ نہ ڊڄ، اسين اجھو اُنھي کي سنديس پھرينءَ شڪل ۾ موٽائينداسون
20:22 ۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي بغل سان ملاءِ تہ بي عيبو اَڇو ٿي نڪري، اِھا ٻي نشاني (ھن لاءِ) آھي
20:23 تہ تو کي پنھنجين وڏين نشانين مان ڏيکاريون
20:24 فرعون ڏانھن وڃ جو بيشڪ اُھو سرڪش ٿيو آھي
20:25 (مُوسىٰ) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! مون لاءِ منھنجو سينو کول
20:26 ۽ منھنجو ڪم مون لاءِ سولو ڪر
20:27 ۽ منھنجي زبان جي ھٻڪ لاھ
20:28 تہ (اُھي) مُنھنجي ڳالھ سمجھن
20:29 ۽ منھنجي گھر وارن منجھان مون لاءِ ڪو وزير مقرر ڪر
20:30 (يعني) منھنجي ڀاءُ ھارون کي
20:31 اُن سان منھنجي طاقت مضبوط ڪر
20:32 ۽ منھنجي ڪم ۾ اُن کي ڀائيوار ڪر
20:33 تہ تنھنجي گھڻي پاڪائي بيان ڪريون
20:34 ۽ تو کي گھڻو ياد ڪريون
20:35 بيشڪ تون اسان جو حال ڏسندڙ آھين
20:36 (الله) چيو تہ اي موسىٰ! بيشڪ (تو لاءِ) تنھنجو سوال قبول ڪيو ويو
20:37 ۽ بيشڪ تو تي ھڪ ڀيرو (ٻيو بہ) احسان ڪيوسون
20:38 جڏھن تنھنجي ماءُ ڏانھن اُھو الھام ڪيوسون جيڪو الھام ڪرڻو ھو
20:39 تہ اُن (نينگر) کي صندوق ۾ وجھ پوءِ اُن کي درياءَ ۾ اُڇل تہ درياءُ کيس ڪپ تي اُڇليندو (۽) منھنجو ويري ۽ سندس ويري کيس وٺندو، ۽ پاڻ وٽان تو تي (اي موسىٰ) پيار وڌم، ۽ (گھريم) تہ منھنجي اکين اڳيان پلجن
20:40 جڏھن تنھنجي ڀيڻ گھمي ٿي (تڏھن) چيائين ٿي جيڪو اُن کي سنڀالي تنھنجو اوھان کي ڏس ڏيان؟ پوءِ تو کي تنھنجي ماءُ ڏانھن موٽايوسون تہ اُن جا نيڻ ٺرن ۽ غمگين نہ ٿي، ۽ ھڪڙو ماڻھو ماريئہ پوءِ تو کي ڏک کان ڇڏايوسين ۽ تو کي پرکڻ طرح پرکيوسون، پوءِ مدين وارن ۾ ڪيترائي ورھيہ رھين، وري اي موسىٰ! تون تقدير (الٰھي) مطابق آئين
20:41 ۽ (اي موسىٰ!) تو کي خاص پاڻ لاءِ بڻايم
20:42 تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجين نشانين سميت (فرعون ڏانھن) وڃو ۽ منھنجي ياد ڪرڻ ۾ سُستي نہ ڪجو
20:43 فرعون ڏانھن وڃو جو اُھو سرڪش ٿيو آھي
20:44 پوءِ اُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو تہ منَ اُھو نصيحت وٺي يا ڊڄي
20:45 چيائون تہ اي اسان جا پالڻھار! اسين ڊڄون ٿا تہ متان اسان تي زيادتي ڪري يا حد کان لنگھي
20:46 (الله) چيو تہ نہ ڊڄو بيشڪ آءٌ اوھان ساڻ گڏ آھيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو
20:47 پوءِ وٽس وڃو ۽ چئو تہ اسين پنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون پوءِ بني اسرائيلن کي اسان سان (ھلڻ جي) موڪل ڏي، ۽ کين نہ ڏکوءِ بيشڪ تو وٽ تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان نشانيءَ سان آيا آھيون، ۽ جيڪو سڌي رستي تي ھلي تنھن تي سلامتي آھي
20:48 بيشڪ اسان ڏانھن وحي موڪليو ويو آھي تہ جيڪو (الله جي حُڪمن کي) ڪُوڙ ڀانئي ۽ منھن موڙي تنھن تي عذاب (مقرر ٿيل) آھي
20:49 (فرعون) چيو تہ پوءِ اي موسىٰ! اوھان جو رب ڪير آھي؟
20:50 (موسىٰ!) چيو تہ اسان جو رب اُھو آھي جنھن ھر شئي کي سندس صورت بخشي وري ھدايت ڪيائين
20:51 (فرعون) چيو تہ پھرين قومن جو ڪھڙو حال آھي؟
20:52 (موسىٰ) چيو تہ اُنھن جي خبر منھنجي رب وٽ ڪتاب ۾ آھي، منھنجو رب نڪي ڀُلندو آھي ۽ نڪي وساريندو آھي
20:53 جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ توھان لاءِ منجھس رستا جاري ڪيا ۽ آسمان کان پاڻي وَسايو، پوءِ اُن سان ھر جنس جا سلن مان جوڙا ڄماياسون
20:54 (چيوسون تہ) کائو ۽ پنھنجن ڍورن کي چاريو، بيشڪ اُن ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آھن
20:55 ان (مٽيءَ) مان اوھان کي خلقيوسون ۽ منجھس اوھان کي ورائينداسون ۽ منجھانئس اوھان کي ٻيو ڀيرو ڪڍنداسون
20:56 ۽ بيشڪ اُن (فرعون) کي سڀئي نشانيون ڏيکاريون سون پوءِ ڪوڙ ڀانيائين ۽ انڪار ڪيائين
20:57 (فرعون) چيو تہ اي موسىٰ! اسان وٽ ھِن لاءِ آيو آھين ڇا تہ پنھنجي جادوءَ سان اسان جي مُلڪ مان اسان کي لوڌين؟
20:58 پوءِ اسان بہ اھڙوئي جادو تو وٽ ضرور آڻينداسون (جھڙو تون اسان کي ڏيکارين ٿو) تنھنڪري اسانجي ۽ پنھنجي وچ ۾ اھڙو انجام (جو وقت) ڪنھن صاف پڌر ۾ مقرر ڪر جو ان کان نڪي تون ۽ نڪي اسين پٺتي ٿيون
20:59 چيائين تہ اوھان جي اَنجام جو وقت جشن جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھو ڏينھن چڙھي گڏ ٿين
20:60 پوءِ فرعون (گھر ڏانھن) موٽيو ۽ پنھنجا ڦند گڏ ڪيائين وري آيو
20:61 موسىٰ جادوگرن کي چيو تہ اوھان تي ويل ھجي! الله تي ڪوڙو ٺاھ نہ ٺاھيو نہ تہ اوھان جي ڪنھن آفت سان پاڙ پٽيندو، ۽ جنھن ٺاھ ٺاھيو سو بيشڪ نامراد ٿيو
20:62 پوءِ پنھنجي ڪم ۾ پاڻ ۾ گفتگو ڪيائون ۽ ڳجھيون صلاحون ڪيائون
20:63 چيائون تہ ھي ٻئي ضرور جادوگر آھن پنھنجي جادوءَ سان اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان لوڌڻ ۽ اوھان جي (جادوگريءَ واري) نرالي طريقي کي وڃائڻ گھرندا آھن
20:64 تنھنڪري پنھنجا جادوءَ (جا سامان) گڏ ڪريو وري قطار ٻڌي اچو، ۽ جيڪو اڄ مٿانھون ٿيو سو بيشڪ ڪامياب ٿيو
20:65 چيائون تہ اي موسىٰ! (تون) اُڇليندين يا پھرين اسين (پنھنجو ڍارو) اُڇليون
20:66 (مُوسىٰ) چيو تہ ڀلي (اوھين) اُڇليو، پوءِ اوچتوئي سندن رسا ۽ سندن لٺيون جادوءَ (جي اثر) کان موسىٰ جي خيال ۾ آيو تہ ڄڻڪ اُھي ڊوڙن ٿيون
20:67 پوءِ موسىٰ پنھنجي دل ۾ ڪجھ ڊپ ڀانيو
20:68 چيوسون تہ نہ ڊڄ پڪ تون ئي غالب آھين
20:69 ۽ جيڪي تنھنجي سڄي ھٿ ۾ آھي سو اُڇل تہ جيڪي بڻايائون سو ڳھي وڃي، جيڪي بڻايائون سو رڳو ھڪ جادوگر جو فريب ئي آھي، ۽ جادوگر جتي ويندو اُتي ڪامياب نہ ٿيندو
20:70 پوءِ سڀ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيا چيائون تہ موسىٰ ۽ ھارون جي رب تي آيمان آندوسون
20:71 (فرعون) چيو تہ اوھان منھنجي موڪل ڏيڻ کان اڳ اُن تي ڇو ايمان آندو؟ بيشڪ اُھو اوھان جو ضرور وَڏو (استاد) آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو آھي، تنھنڪري اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتا سُبتا ضرور وڍيندس ۽ اوھان کي کجين جي ٿُڙن ۾ ضرور سُوريءَ چاڙھيندس، ۽ ضرور ڄاڻندؤ تہ ان مان ڪنھن جو عذاب وڌيڪ سخت ۽ گھڻي تائين رھڻ وارو آھي
20:72 چيائون تہ چٽن دليلن مان جيڪي اسان وٽ آيا تن تي ۽ جنھن اسان کي پيدا ڪيو تنھن تي تو کي ڪڏھن زيادتي نہ ڏينداسون تنھنڪري جيڪي تون ڪرڻ وارو آھين سو ڪر، (تون) رڳو دُنيا جي حياتيءَ بابت فيصلو ڪندين
20:73 بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي تہ اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله (سڀ کان) ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي
20:74 سچ آھي تہ جيڪو پنھنجي پالڻھار وٽ ڏوھاري ٿي ايندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ آھي، اُھو منجھس نڪي مرندو ۽ نڪي جيئندو
20:75 ۽ جيڪي مؤمن ٿي چڱا ڪم ڪري وٽس ايندا سي اُھي آھن جن لاءِ وڏا مرتبا آھن
20:76 سدائين رھڻ جا باغ، جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي
20:77 ۽ بيشڪ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون تہ راتو واھ منھنجي ٻانھن سميت نڪر پوءِ سمنڊ ۾ اُنھن لاءِ سُڪي واٽ بڻاءِ (ويرين کان) پڪڙجڻ جي ڀئو نہ ڪر ۽ نڪي (ٻُڏڻ کان) ڊڄ
20:78 پوءِ فرعون پنھنجي لشڪر سميت سندن پوئتان پيو پوءِ سمنڊ مان (پاڻيءَ جو اُھو ڪُن) کين وري ويو جيڪو کين ورڻو ھو
20:79 ۽ فرعون پنھنجي قوم کي گمراھ ڪيو ۽ سڌي رستي نہ لاتو
20:80 اي بني اسرائيلؤ! بيشڪ اوھان کي اوھان جي دشمنن کان بچايوسون ۽ طور (جبل) جي سڄي پاسي کان اوھان کي (توريت ڏيڻ جو) انجام ڪيوسون ۽ مَن ۽ سَلوىٰ اوھان تي لاٿاسون
20:81 (۽ چيوسون تہ) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نہ ڪريو نہ تہ اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو
20:82 ۽ جنھن توبھ ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا وري سڌو رستو لڌائين تنھن کي بيشڪ آءٌ بخشيندڙ آھيان
20:83 ۽ اي موسىٰ! ڪنھن تو کي پنھنجي قوم کان (اڳ اچڻ جي) تڪڙ ڪرائي؟
20:84 چيائين تہ اُھي منھنجي پوئتان آھن ۽ اي منھنجا پالڻھار! توڏانھن ھن لاءِ تڪڙ ڪيم تہ راضي ٿئين
20:85 (الله) چيو تہ اسان تنھنجي پويان تنھنجي قوم کي پرکيو ۽ کين سامريءَ گمراھ ڪيو
20:86 پوءِ موسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙجي ارمان ۾ موٽيو، چيائين تہ اي منھنجي قوم! اوھان جي پالڻھار اوھان کي چڱو انجام نہ ڏنو ھو ڇا؟ پوءِ اوھان تي مُدو ڊگھو ٿي پيو ڇا يا پنھنجي پالڻھار جو ڏمر پاڻ تي نازل ٿيڻ گھريوَ؟ تنھنڪري منھنجي انجام جي برخلافي ڪيوَ
20:87 چيائون تہ پنھنجي وس کان تنھنجي انجام جي برخلافي نہ ڪئي سون پر (فرعون جي) قوم جي زيورن مان بار کنيا ھئاسون پوءِ اُھي اُڇلاياسون ۽ اھڙي طرح سامريءَ (باھ ۾) وڌا
20:88 پوءِ اُنھن لاءِ گابي جو بوتو (ٺاھي) ڪڍيائين جنھن کي رنڀ ھئي پوءِ چيائون تہ ھيءُ اوھان جو معبود ۽ موسىٰ جو معبود آھي، ۽ (مُوسى) ڀلي ويو آھي
20:89 نہ ٿي ڏٺائون ڇا تہ (اُھو) اُنھن کي ورندي ورائي نہ ٿو ڏئي، ۽ کين نڪي ڏُک ۽ نڪي سُک ڏئي سگھي ٿو؟
20:90 ۽ بيشڪ ھارُون اڳ ئي کين چيو ھو تہ اي منھنجي قوم! اوھين اُن (گابي) سان پرکيا ويا آھيو، ۽ بيشڪ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو (الله) آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪريو ۽ منھنجو حُڪم مڃيو
20:91 چيائون تہ (اسين ايسين) مٿس مجاور رھنداسون جيسين موسىٰ اسان ڏانھن موٽي
20:92 (موسىٰ اچي) چيو تہ اي ھارون! تو کي ڪنھن جھليو جڏھن کين گمراھ ٿيندو ڏٺئي
20:93 تہ منھنجي پٺيان نہ لڳين، منھنجي حُڪم جي ڇو نافرماني ڪيئي؟
20:94 (ھارون) چيو تہ اي ادا! نڪي مون کي ڏاڙھيءَ کان وٺ ۽ نڪي منھنجي مٿي کان، آءٌ (ھن ڳالھ کان) ڊنس تہ متان چوين تہ يعقوب جي اولاد جي وچ ۾ جدائي وڌئي ۽ منھنجي چوڻ جي نگاھ نہ رکيئي
20:95 (موسىٰ) چيو تہ اي سامري! تنھنجو ڇا معاملو آھي؟
20:96 چيائين تہ اُھا (شئي) ڏٺم جا (ماڻھن) نہ ڏٺي پوءِ اُن قاصد (ملائڪ) جي پيرن جي (مٽيءَ جي) ھڪ مُٺ ڀريم پوءِ اُھا (گابي جي بوتي ۾) وڌم ۽ اھڙي طرح مُنھنجي نفس (اُھو) مون لاءِ سينگاريو
20:97 (موسىٰ) چيو تہ وڃ! بيشڪ تو کي حياتيءَ ۾ (ھيءَ سزا) آھي تہ چوندو رھندين تہ: نہ ڇُھو، ۽ تو لاءِ بيشڪ (ٻيو بہ) انجام آھي جنھن جي توسان برخلافي نہ ڪبي، ۽ پنھنجي معبود ڏانھن نھار جنھن تي مجاور ٿي ويٺو ھُئين، تہ اُن کي ساڙينداسون وري اُن (جي ڪيريءَ) کي درياءَ ۾ کنڊائڻ وانگر کِنڊائينداسين
20:98 اوھان جو معبود الله ئي آھي اُنھيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، سڀ ڪا شئي سندس علم ۾ سمائي آھي
20:99 (اي پيغمبر!) اھڙي طرح جيڪي گذري ويا تن جي خبرن مان تو تي بيان ڪريون ٿا، ۽ پاڻ وٽان تو کي نصيحت (يعني قرآن) ڏنوسون
20:100 جيڪو کانئس مُنھن موڙيندو سو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) بار کڻندو
20:101 منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ قيامت جي ڏينھن اُنھن کي بار کڻڻ بڇڙو آھي
20:102 جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اُن ڏينھن ڏوھارين کي جھرو ڪري اُٿارينداسون
20:103 (تنھن ڏينھن) پاڻ ۾ سُس پُس ڪندا تہ اوھين (دُنيا ۾) رڳو ڏھاڪو ڏينھن رھيؤ
20:104 جيڪي چوندا سو اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون اُن مھل منجھانئن صحيح طريقي وارو چوندو تہ ھڪ ڏينھن کانسواءِ نہ رھيا آھيو
20:105 ۽ (اي پيغمبر!) جبلن بابت توکان پُڇن ٿا چئو تہ منھنجو پالڻھار اُنھن کي اُڏائي کِنڊائيندو
20:106 پوءِ اُن (ھنڌ) کي صاف ميدان ڪري ڇڏيندو
20:107 منجھس نڪي ھيٺاھين ۽ نڪي مٿاھين ڏسندين
20:108 اُن ڏينھن سڏيندڙ جي پوئتان لڳندا جنھن کي ڪا ڏنگائي نہ ھوندي، ۽ سڀ آواز الله لاءِ جھڪا ٿيندا پوءِ ڀُڻڪ کانسواءِ ڪُجھ نہ ٻڌندين
20:109 جنھن کي الله موڪل ڏني ۽ اُن جي چوڻ کان راضي ٿيو تنھن کانسواءِ اُن ڏينھن ڪا سفارش فائدو نہ ڏيندي
20:110 جيڪي سندن اڳتان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (ماڻھو) کيس سندن علم سان نٿا ڄاڻي سگھن
20:111 ۽ سڀ چھرا سدائين جيئري، (جڳ کي) قائم رکندڙ عاجزي ڪندڙ آھن، ۽ جنھن ظلم (جو بار) کنيو سو بيشڪ نامراد ٿيو
20:112 ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن (بہ) ھوندو سو نڪي ظلم کان ۽ نڪي نقصان کان ڊڄندو
20:113 ۽ اھڙي طرح اھو عربي قرآن لاٿوسون ۽ منجھس طرحين طرحين دڙڪا بيان ڪياسون تہ منَ اُھي ڊڄن يا (اُھو) اُنھن لاءِ نصيحت پيدا ڪري
20:114 پوءِ الله سچو بادشاھ مٿاھون آھي، ۽ قرآن (جي پڙھڻ) ۾ اُن کان اڳ جو، تو ڏانھن اُن جو لھڻ پورو ڪجي تڪڙ نہ ڪر ۽ چئو تہ اي منھنجا پالڻھار! منھنکي علم ۾ وڌاءِ
20:115 ۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيو ھيوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نہ لڌي سون
20:116 ۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، اُن انڪار ڪيو
20:117 پوءِ چيوسون تہ اي آدم! ھيءُ تنھنجو ۽ تنھنجي زال جو ويري آھي متان اوھان کي بھشت مان ڪڍي تہ ڏکيا ٿيو
20:118 بيشڪ تولاءِ (ھي آھي تہ) منجھس نڪي بُک لڳندئي نڪي اُگھاڙو ٿيندين
20:119 ۽ پڪ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندئي
20:120 پوءِ کيس شيطان وسوسو ڏنو چيائين تہ اي آدم! سدائين رھڻ جي وڻ جو ۽ سدائين رھڻ واري بادشاھيءَ جو تو کي ڏس ڏيان؟
20:121 پوءِ منجھانئس ٻنھين کاڌو تنھنڪري اُنھن کي سندين اوگھڙ ظاھر ٿي ۽ بھشت (جي وڻ) جا پن پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ آدم پنھنجي پالڻھار کان نافرماني ڪئي تنھن ڪري ڀٽڪي ويو
20:122 وري سندس پالڻھار کيس چونڊيو پوءِ مٿس ٻاجھ سان موٽيو ۽ (کيس) سڌي رستي لاتائين
20:123 چيائين تہ منجھانئس ٻئي گڏ لھي وڃو اوھان مان ڪي ڪن جا ويري ٿيندا، پوءِ جڏھن اوھان وٽ منھنجي ھدايت اچي، تڏھن جنھن منھنجي تابعداري ڪئي سو گمراھ نہ ٿيندو ۽ نڪي بدبخت ٿيندو
20:124 ۽ جيڪو منھنجي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندو تنھن لاءِ بيشڪ حياتي اَھنجي ٿيندي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس اَنڌو ڪري اُٿارينداسون
20:125 چوندو اي منھنجا پالڻھار! مون کي اَنڌو ڪري ڇو اُٿاريئي ۽ بيشڪ (اڳي) سڄو ھوس
20:126 (الله) چوندو تہ ايئن آھي، تو وٽ اسان جو آيتون آيون پوءِ کين وساريئي، ۽ اھڙي طرح اڄ وساربين
20:127 ۽ اھڙي طرح انھي کي سزا ڏينداسون جيڪو حد کان لنگھيو ۽ پنھنجي پالڻھار جي نشانين کي نہ مڃيائين، ۽ آخرت جو عذاب ڏاڍو سخت ۽ جٽادار آھي
20:128 (ھن ڳالھ) کين سڌو رستو نہ ڏيکاريو ڇا تہ کانئن اڳ ڪيترائي جڳ ناس ڪياسون جن جي جاين ۾ گھمندا آھن؟ بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نشانيون آھن
20:129 ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم آڳاٽو نہ ٿئي ھا ۽ (پڻ) مدت مقرر ٿيل نہ ھجي ھا تہ ضرور (عذاب) لازم ٿئي ھا
20:130 پوءِ جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪر، ۽ رات جي (پھرين) گھڙين ۾ ۽ ڪجھ گھڙيون ڏينھن جون پاڪائي بيان ڪر تہ منَ تون خوش ٿئين
20:131 ۽ (اي پيغمبر!) تون پنھنجين اکين کي ان ڏانھن نہ کول جنھن سان منجھانئن (ڪافرن جي) ٽولين کي دنيا جي حياتيءَ جي سينگار سان ھن لاءِ آسودو ڪيوسون تہ منجھس کين پرکيون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو رزق ڀلو ۽ سدائين (رھڻ) وارو آھي
20:132 ۽ پنھنجي گھر وارن کي نمازجو حڪم ڪر ۽ مٿس صبر ڪر (يعني قائم رھ) توکان رزق نہ گھرندا آھيون، اسين تو کي رزق ڏيندا آھيون، ۽ چڱي عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي
20:133 ۽ چون ٿا تہ اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي ڪا نشاني ڇو نہ آڻيندو آھي؟ جيڪي پھرين صحيفن ۾ آھي سي نشانيون وٽن نہ آيون آھن ڇا؟
20:134 ۽ جيڪڏھن اسين کين ھن (پيغمبر موڪلڻ) کان اڳ عذاب سان ناس ڪريون ھا تہ ضرور چون ھا تہ اي اسانجا پالڻھار! اسان ڏانھن پيغمبر ڇو نہ موڪليئي تہ پنھنجي ذليل ٿيڻ ۽ خوار ھجڻ کان اڳ تنھنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ھا!
20:135 (اي پيغمبر!) چئو تہ سڀ ڪو منتظر آھي پوءِ (اوھين بہ) منتظر رھو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندؤ تہ سڌيءَ واٽ وارا ڪير آھن ۽ ھدايت وارو ڪير ٿيو؟