21:1
ماڻھن لاءِ سندن حساب ويجھو ٿيو آھي ۽ اُھي غفلت ۾ (رھي کانئس) منھن موڙيندڙ آھن!
21:2
سندن پالڻھار وٽان ڪا نئين نصيحت وٽن نہ ايندي آھي پر اُن کي (ٺـٺوليءَ وانگر راند) کيڏندي ٻڌندا آھن
21:3
سندن دليون وائڙيون آھن، ۽ ظالم ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن، تہ ھي (پيغمبر) اوھان جھڙو ئي ماڻھو آھي، ۽ اوھين ڏسي وائسي جادوءَ کي ڇو ويجھا ويندا آھيو؟
21:4
(پيغمبر) چيو تہ منھنجو پالڻھار سڀ ڳالھ ڄاڻندڙ آھي (جا) آسمان ۽ زمين ۾ (جتي ھُجي)، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
21:5
بلڪ چيائون تہ (اُھو قرآن) اجايا خيالات آھن بلڪ اُن کي ٺاھ ٺاھيو اَٿس بلڪ اُھو شاعر آھي، پوءِ جڳائي تہ اسان وٽ ڪا نشاني آڻي جھڙي طرح پھريان (پيغمبر) موڪليا ويا ھئا
21:6
(ھائو!) ڪوبہ ڳوٺ جنھن کي اڳ ناس ڪيوسون تنھن (جي رھاڪن پنھنجن پيغمبرن تي) ايمان نہ آندو ھو، پوءِ ھي ايمان آڻيندا آھن ڇا؟
21:7
۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳ رڳا مرد پيغمبر موڪلياسون جن ڏانھن وحي ڪيوھوسون (چؤ تہ) جيڪڏھن نہ ڄاڻندا آھيو تہ ڪتاب وارن کان پڇو
21:8
۽ اُنھن (پيغمبرن) جو اھڙو جُسو نہ بڻايوسون جو طعام نہ کائين ۽ نہ سدائين رھڻ وارا ھئا
21:9
وري ساڻن (پنھنجي) انجام کي سچو ڪيوسون پوءِ اُنھن کي ۽ جنھن لاءِ گھريوسون تنھن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگھندڙن کي ناس ڪيوسون
21:10
بيشڪ اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب نازل ڪيوسون جنھن ۾ اوھان لاءِ نصيحت آھي، پوءِ ڇو نہ سمجھندا آھيو؟
21:11
۽ ڪيترائي ڳوٺ جو اُھي ظالم ھئا ويران ڪياسون ۽ کانئن پوءِ ٻيو قومون پيدا ڪيون سون
21:12
پوءِ جنھن دم اسان جو عذاب محسوس ڪيائون (تنھن دم) اُمالڪ اُتاھون اُھي ڀڳا ٿي
21:13
(چيوسون تہ) نہ ڀڄو ۽ جن (نعمتن) ۾ سکيا ھُيؤ تن ڏانھن ۽ پنھنجن گھرن ڏانھن موٽو تہ منَ اوھان کان پڇيو وڃي
21:14
چوندا رھيا تہ اسان لاءِ ويل آھي بيشڪ اسين ظالم ھئاسون!
21:15
پوءِ سدائين سندن اھو پڪارڻ ھو تانجو کين لڻيل (۽) وسانيل ڪيوسون
21:16
۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سا ڪا اسان راند نہ بڻائي آھي
21:17
جيڪڏھن اسان کي راند بڻائڻ (يعني ٻارن ٻچن) جو ڪو ارادو ھجي ھا تہ ضرور اُنکي پاڻ وٽان وٺون ھا (يعني پاڻ جھڙا ڪريون ھا)، جيڪڏھن اسين ڪندڙ ھجون ھا! (پر اسين ايئن ڪندڙ نہ آھيون)
21:18
بلڪ سچ کي ڪُوڙ تي اُڇليندا آھيون پوءِ اُھو سندن مٿو ڀڃندو آھي پوءِ اُنھيءَ مھل اُھو (ڪوڙ) چٽ ٿيندڙ آھي ۽ جيڪي (الله جون) وصفون اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن سببان اوھان لاءِ خرابي آھي
21:19
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ جيڪي وٽس آھن سي سندس عبادت کان وڏائي نہ ڪندا آھن ۽ نڪي ٿڪبا آھن
21:20
(اُھي) رات جو ۽ ڏينھن جو پاڪائي بيان ڪندا آھن سُست نہ ٿيندا آھن
21:21
زمين (جي شين) مان اھڙا معبود ورتا اٿن ڇا جو اُھي (مئي کانپوءِ کين) کڙو ڪندا؟
21:22
جيڪڏھن آسمان ۽ زمين ۾ الله کانسواءِ (گھڻا) معبود ھجن ھا تہ (آسمان ۽ زمين) ٻئي اُجڙن ھا! پوءِ (ڪافر) جيڪو بيان ڪندا آھن تنھن (ڳالھ) کان عرش جو مالڪ الله پاڪ آھي
21:23
(الله) جيڪي ڪندو آھي تنھن بابت (اُھو) نہ پڇبو ۽ اُنھن کان پڇا ڪبي
21:24
اُن کانسواءِ (ٻيا) معبود ڇو ورتائون؟ (اي پيغمبر کين) چئو تہ پنھنجو (توريت ۽ انجيل مان) دليل آڻيو، ھي (قرآن) منھنجي سنگت جي نصيحت آھي ۽ (ھي) مون کان اڳ وارن جي نصيحت آھي بلڪ اُنھن مان گھڻا حق کي نہ ڄاڻندا آھن تنھن ڪري اُھي مُنھن موڙيندڙ آھن
21:25
۽ توکان اڳ جيڪو (بہ) پيغمبر موڪليوسون تنھن ڏانھن ھي وحي ڪيوسون تہ مون کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو
21:26
۽ چون ٿا تہ الله (پنھنجي لاءِ ملائڪ) اولاد ورتو آھي اُھو پاڪ آھي، بلڪ (ملائڪ الله جا) سڳورا ٻانھا آھن
21:27
ڳالھائڻ ۾ اُن کان آڳاٽائي نہ ڪندا آھن ۽ اھي سندس حُڪم موجب ڪم ڪندا آھن
21:28
جيڪي سندن اڳتان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (الله) جنھن کان راضي ٿئي تنھن کان سواءِ ٻئي لاءِ سفارش نہ ڪندا آھن ۽ اُھي سندس ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن
21:29
۽ منجھانئن جيڪو چوي تہ الله کان سواءِ آءٌ معبود آھيان تنھن کي دوزخ جي سزا ڏينداسون، ظالمن کي اھڙي ئي سزا ڏيندا آھيون
21:30
ڪافرن نہ ڏٺو آھي ڇا تہ آسمان ۽ زمين بند ٿيل ھئا؟ پوءِ انھن کي کوليوسون، ۽ سڀڪنھن جيئريءَ شئي کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيوسون، پوءِ ڇو نہ ايمان آڻيندا آھن؟
21:31
۽ زمين ۾ جبل پيدا ڪياسون تہ متان کين ڌوڏي ۽ منجھس ويڪرا رستا بڻاياسون تہ منَ اُھي واٽ لھن
21:32
۽ آسمان کي محفوظ ڇت بڻائي سون، ۽ اُھي اُن جي نشانين کان مُنھن موڙيندڙ آھن
21:33
۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ بڻايو، ھر ھڪ (پنھنجي) دائري ۾ ترندو آھي
21:34
۽ توکان اڳ ڪنھن ماڻھوءَ کي سدائين رھڻ وارو نہ ڪيوسون، جيڪڏھن تون مُئين تہ اُھي سدائين رھڻ وارا آھن ڇا؟
21:35
سڀڪو جيءُ موت (جو مزو) چکڻ وارو آھي، ۽ اوھان کي مدائي ۽ چڱائي سان آزمائش لاءِ پرکيندا آھيون، ۽ اسان ڏانھن موٽائبؤ
21:36
۽ جڏھن ڪافر تو کي ڏسندا آھن تڏھن تو کي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺندا آھن، (۽ چوندا آھن) تہ ھي اُھو آھي ڇا جيڪو اوھان جي معبودن (جي عيبن) جو ذڪر ڪندو آھي، ۽ اُھي الله ياد ڪرڻ کان انڪار ڪندا آھن
21:37
انسان (فطرتاً) جلدباز بڻايو ويو آھي، سگھو پنھنجيون نشانيون اوھان کي ڏيکاريندس پوءِ مون کان (عذاب) جلد نہ گھرو
21:38
۽ چون ٿا تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اُھو انجام ڪڏھن ٿيندو؟
21:39
جيڪڏھن ڪافر اُن وقت کي ڄاڻن ھا جنھن مھل نڪي پنھنجن منھن ۽ نڪي پنھنجين پٺين کان باھ کي جھلي سگھندا ۽ نڪي کين مدد ڏبي (تہ ايئن نہ چون ھا)
21:40
بلڪ (اُھا گھڙي) وٽن اوچتو ايندي پوءِ کين حيران ڪندي پوءِ نڪي اُھا ٽاري سگھندا ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي
21:41
۽ بيشڪ توکان اڳ پيغمبرن سان ٺـٺوليون ڪيون ويون پوءِ منجھانئن جن ٺـٺوليون ڪيون تن تي اُھو عذاب ڪڙڪيو جنھن سان ٺـٺوليون ڪندا ھئا
21:42
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ رات ۽ ڏينھن جو ٻاجھاري (الله جي عذاب) کان ڪير اوھان جي نگھباني ڪندو آھي؟ بلڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندا آھن
21:43
اسان کانسواءِ (بچائڻ وارا ٻيا) ڪي معبود آھن ڇا جو اُنھن کي بچائيندا؟ اُھي پاڻ کي بہ مدد ڏيئي نہ سگھندا آھن ۽ نڪي اُھي (ھڪ ٻئي جي مدد سان) اسان (جي عذاب) کان بچندا
21:44
بلڪ کين ۽ سندن پيءُ ڏاڏن کي آسودو ڪيوسون تان جو سندن ڄمار ڊگھي ٿي، پوءِ نہ ٿا ڏسن ڇا تہ (ڪافرن جي) مُلڪ کي اُن جي چوڌاريون (مسلمانن جي غلبي سان) گھٽائيندا پيا اچون؟ پوءِ اُھي ڏاڍا ٿيندا ڇا؟
21:45
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ آءٌ اوھان کي وحي سان ئي ڊيڄاريندو آھيان، ۽ جڏھن (ماڻھو) ڊيڄاريا ويندا آھن تڏھن ٻوڙو (ڊيڄارڻ جو) سڏ نہ ٻڌندو آھي
21:46
۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جي عذاب مان ٿوروئي کين پھچي تہ ضرور چون تہ ھاءِ ارمان! اسين ظالم ھئاسون
21:47
۽ قيامت جي ڏينھن عدل جي ترازي رکنداسون پوءِ ڪنھن بہ ماڻھوءَ تي ڪوبہ ظلم نہ ڪبو، ۽ جيڪڏھن (عمل) اَھرُ جي داڻي جي تور ھوندو تہ بہ اُن کي آڻينداسون، ۽ اسين حساب ڪندڙ بس آھيون
21:48
۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون کي (سچ کي ڪوڙ کان) نکيڙيندڙ ڪتاب ۽ (اُنھن) پرھيزگارن لاءِ روشني ۽ نصيحت ڏني سون
21:49
جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن ۽ اُھي قيامت کان (پڻ) ڊڄندڙ آھن
21:50
۽ ھي (قرآن) ھڪ برڪت واري نصيحت آھي جنھن کي نازل ڪيوسون، پوءِ ڇو اوھين اُن جا منڪر ٿيندا آھيو؟
21:51
۽ بيشڪ ابراھيم کي اڳي ئي سندس ھدايت ڏني سون ۽ کيس ڄاڻندڙ ھئاسون
21:52
جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين تہ ھي ڪھڙيون مورتون آھن جن تي اوھين ويھي عبادت ٿا ڪريو؟
21:53
چيائون تہ پنھنجا ابا ڏاڏا اُنھن جا پوڄيندڙ ڏٺاسون
21:54
(ابراھيم) چيو تہ بيشڪ اوھين پاڻ ۽ اوھان جا ابا ڏاڏا پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھيو
21:55
چيائون اسان وٽ سچ آندو اَٿئي يا تون راند ڪندڙن مان آھين؟
21:56
(ابراھيم) چيو تہ بلڪ اوھان جو پالڻھار اُھوئي آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي جنھن اُھي بڻايا آھن، ۽ آءٌ اُن (ڳالھ) تي شاھدي ڏيندڙن مان آھيان
21:57
۽ الله جو قسم آھي تہ اوھان جي پٺيري ٿي ڦرڻ کانپوءِ اوھان جي بتن لاءِ ضرور ڪا رٿ ڪندس
21:58
پوءِ اُنھن کي سندن وڏي بت کانسواءِ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائين تہ منَ اھي ڏانھس موٽن
21:59
چيائون تہ اسان جي بُتن سان ھھڙو حال ڪنھن ڪيو؟ بيشڪ اُھو ظالمن مان آھي
21:60
چيائون تہ ھڪ جوان کان ٻڌوسون تہ سندين گلا ٿي ڪيائين، اُن کي ابراھيم سڏيندا آھن
21:61
چيائون تہ کيس ماڻھن جي اکين آڏو آڻيو تہ منَ اُھي گواھي ڏين
21:62
(جڏھن آندائونس تڏھن) چيائون تہ اي ابراھيم! تو اسان جي بُتن جو ھيءُ حال ڪيو آھي ڇا؟
21:63
(ابراھيم) چيو تہ (نہ!) بلڪ اھو سندن ھن وڏي ڪيو آھي جيڪڏھن ڳالھائن ٿا تہ کانئن پڇو
21:64
پوءِ پاڻ ڏانھن (ڦڪا ٿي) موٽيا پوءِ (ھڪ ٻئي کي) چيائون تہ بيشڪ اوھين پاڻ بي انصاف آھيو
21:65
پوءِ پنھنجا ڪنڌ اُونڌا ڪيائون، (چيائون) تہ بيشڪ تون ڄاڻندو آھين تہ ھي نہ ڳالھائيندا آھن
21:66
(ابراھيم) چيو تہ الله کانسواءِ اُنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو جيڪي نڪي اوھان کي نفعو پھچائيندا آھن ۽ نڪي اوھان کي نقصان پھچائيندا آھن
21:67
اوھان تي ۽ جنھن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تنھن تي حيف ھُجي، پوءِ (اوھين) نہ سمجھندا آھيو ڇا؟
21:68
چيائون تہ اُن کي ساڙيو ۽ جيڪڏھن اوھين ڪجھ ڪرڻ گھرو ٿا تہ پنھنجن بُتن جو پلؤ وٺو
21:69
(پوءِ باھ ۾ وڌائونس) چيوسون تہ اي باھ! ابراھيم تي ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي پؤ
21:70
۽ کيس ايذائڻ گھريائون تنھنڪري کين بلڪل ٽوٽي وارو ڪيوسون
21:71
۽ کيس ۽ لوط کي اھڙي زمين ڏانھن بچائي آندوسون جنھن ۾ جھان وارن لاءِ برڪت ڪئي سون
21:72
۽ ابراھيم کي اسحاق بخشيوسون، ۽ يعقوب (جو سندس پوٽو ھو) وڌيڪ (بخشيوسون)، ۽ سڀني کي صالح ڪيوسون
21:73
۽ اُھي اھڙا امام ڪياسون جو اسان جي حُڪم موجب سڌو رستو ڏيکاريندا ھئا ۽ اُنھن ڏانھن چڱن ڪمن ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ اسان جي عبادت ڪندڙ ھئا
21:74
۽ لُوط کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون ۽ کيس اھڙي ڳوٺ (وارن) کان بچايوسون جو گندا ڪم ڪندا ھئا، ڇو تہ اُھي بڇڙي نافرمان قوم ھئا
21:75
۽ کيس پنھنجي ٻاجھ ھيٺ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھو صالحن مان ھو
21:76
۽ (اي پيغمبر!) نوح (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن (اُنھن پيغمبرن کان) اڳ دُعا گھريائين تڏھن سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي وڏي مصيبت کان بچايو سون
21:77
۽ کيس اھڙي قوم تي سوڀارو ڪيوسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، بيشڪ اُھي بڇڙي قوم ھئا تنھنڪري اُنھن مڙني کي ٻوڙيوسون
21:78
۽ دائود ۽ سليمان (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پوک بابت فيصلو ڪيائون جو ھڪ قوم جي ڌڻ (رات جو) منجھس ڀيل ڪئي ھئي، ۽ سندن فيصلي ڪرڻ وقت حاضر ھئاسون
21:79
تڏھن اُھو سليمان کي سمجھايوسون، ۽ ھر ھڪ کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ دائود کي جبل ۽ پکي تابع ڪري ڏناسون جو (ساڻس) تسبيح چوندا ھئا، ۽ (اسين ايئن) ڪرڻ وارا ھئاسون
21:80
۽ دائود کي اوھان لاءِ زرھ بڻائڻ ھن لاءِ سيکاري سون تہ اوھان کي اوھان جي لڙائي (جي نقصان) کان بچائي، پوءِ اوھين ڪي شڪر ڪندڙ آھيو ڇا؟
21:81
۽ سُليمان کي تيز واءُ (تابع ڪري ڏنوسون) جو سندس حُڪم سان اھڙيءَ زمين ڏانھن ھلندو ھو جنھن ۾ برڪت رکي سون، ۽ سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھيون
21:82
۽ ديوَن مان ڪي اھڙا (تابع ڪري ڏناسون) جي اُن لاءِ ٽٻندا ھئا ۽ اُن کانسواءِ ٻيو ڪم (بہ) ڪندا ھئا، ۽ اسين سندن نگھبان ھئاسون
21:83
۽ (اي پيغمبر!) ايوب (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين تہ مون کي تڪليف پھتي آھي ۽ تون (سڀني) ٻاجھارن کان وڌ ٻاجھارو آھين
21:84
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ جيڪو کيس ڏک پھتو ھو سو لاٿوسون ۽ سندس گھر وارا کيس (ورائي) ڏناسون ۽ اوترا ٻيا بہ ساڻن گڏ پنھنجيءَ ٻاجھ وٽان (ڏناسون) ۽ (تہ) عبادت ڪندڙن لاءِ يادگيري ھجي
21:85
۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي (ياد ڪر)، ھر ھڪ صابرن مان ھو
21:86
۽ کين پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھي صالحن مان ھئا
21:87
۽ مڇي واري (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن ھو (پنھنجي قوم) تي ڪاوڙجي ويو پوءِ (ذوالنون ايئن) ڀانيو تہ اسان جي مٿس ڪڏھن پڪڙ نہ ھلندي، پوءِ اونداھين ۾ دانھون ڪيائين تہ توکان سواءِ ڪو معبود نہ آھي تون پاڪ آھين، آءٌ گنھگارن مان آھيان
21:88
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس غم کان بچايوسون، ۽ اھڙي طرح مؤمنن کي بچائيندا آھيون
21:89
۽ زڪريا (جو قصو ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي اڪيلو نہ ڇڏ ۽ تون چڱو وارث آھين
21:90
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس يحيٰ بخشيوسون ۽ سندس زال کي سندس لاءِ چڱو ڪيوسون، اُھي نيڪين ۾ اڳرائي ڪندا ھئا ۽ اسان کي اُميد ۽ ڀؤ ڪندي سڏيندا ھئا، ۽ اسان کان ڊڄندڙ ھئا
21:91
۽ (اُنھيءَ مائيءَ جوقصو ياد ڪر) جنھن پنھنجي اُگھڙ بچائي پوءِ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيوسون ۽ کيس ۽ سندس پٽ کي ساري جڳ لاءِ نشاني ڪئي سون
21:92
بيشڪ اِھو اوھان جو دين ھڪ دين آھي، ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو
21:93
۽ پنھنجي (دين جي) ڪمن کي پاڻ ۾ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائون، سڀيئي مون ڏانھن موٽندڙ آھن
21:94
پوءِ جيڪو چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن بہ ھوندو تنھن جي محنت جي بي قدري نہ ڪبي، ۽ اسين اُن لاءِ لکندڙ آھيون
21:95
جنھن ڳوٺ کي ناس ڪيوسون تنھن تي (موٽڻ) حرام ٿيل آھي بيشڪ اُھي (دنيا ڏانھن وري) نہ موٽندا
21:96
تانجو جڏھن ياجوج ۽ ماجوج کي کولبو ۽ اُھي ھر ڪنھن دڙي کان ڊوڙندا
21:97
۽ (جڏھن قيامت جو) سچو وعدو پھچندو تڏھن اوچتو ئي ڪافرن جو اکيون ٽڙي وينديون، (چوندا تہ) ھاءِ اَرمان! بيشڪ ھن (حال) کان بي خبريءَ ۾ ھئاسون بلڪ اسين ظالم ھئاسون
21:98
اوھين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو سي دوزخ جو ٻارڻ آھيو، اُن ۾ اوھين گھڙندڙ آھيو
21:99
جيڪڏھن اُھي (بُت) معبود ھجن ھا تہ اُن (دوزخ) ۾ نہ گھڙن ھا! ۽ مڙيئي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
21:100
منجھس انھن کي رڙيون ھونديون ۽ اُھي منجھس (ڪجھ) نہ ٻڌندا
21:101
جن لاءِ اسان وٽ اڳي ئي چڱائي (لکيل) آھي اُھي اُن (دوزخ) کان پري ڪبا
21:102
(اُھي) اُن جي ڀڻڪ نہ ٻڌندا، ۽ جنھن (عيش) ۾ سندن جيءُ (رھڻ) گھرندو تنھن ۾ اُھي سدائين رھندا
21:103
کين تمام وڏي گھٻراھٽ غمگين نہ ڪندي ۽ کين ملائڪ گڏبا، (۽ چوندن تہ) ھيءُ اُھو ڏينھن آھي جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو
21:104
جنھن ڏينھن آسمانن کي ڪاغذ جي ويڙھي وانگي ويڙھينداسون، جيئن پھريون (مخلوق) پيدا ڪرڻ شروع ڪئي سون (تيئن) اُن کي وري بڻائينداسون، اِھو انجام اسان تي لازم آھي، اسين ڪرڻ وارا آھيون
21:105
۽ بيشڪ توريت کان پوءِ زبور ۾ لکيوسون تہ منھنجا صالح ٻانھان زمين جا وارث ٿيندا
21:106
ھن (قِصّي) ۾ عبادت ڪندڙ قوم لاءِ (مطلب جي) پورائي آھي
21:107
۽ (اي پيغمبر!) تو کي خاص جھانن جي رحمت لاءِ موڪليوسون
21:108
چئو تہ مون وٽ ھن حُڪم کانسواءِ وحي نہ ٿيندو آھي تہ ھڪ الله کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نہ آھي، پوءِ اوھين ڇو نہ حُڪم مڃيندڙ آھيو؟
21:109
پوءِ جيڪڏھن ڦرن تہ چئو تہ اوھان سڀني کي (الله جي حڪم تي) ھڪ جھڙو خبردار ڪيم، ۽ جيڪو اوھان کي انجام ڏنو ويو سو نہ ٿو ڄاڻان تہ ويجھو آھي يا پري آھي
21:110
بيشڪ الله ظاھري ڳالھ (بہ) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي اوھين لڪائيندا آھيو سو (بہ) ڄاڻندو آھي
21:111
۽ آءٌ نہ ڄاڻندو آھيان تہ متان اُھا ٺھرايل (دير) اوھان لاءِ پرک ھجي ۽ ھڪ وقت تائين (اوھان لاءِ) نفعو ھُجي
21:112
(پيغمبر) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! سچو فيصلو ڪر، ۽ اسان جو پالڻھار ٻاجھارو آھي جيڪي اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن تي کانئس مدد گھري ويندي آھي