22:1
اي ماڻھؤ! پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، ڇو تہ قيامت وارو زلزلو وڏي شئي آھي
22:2
جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندؤ (تنھن ڏينھن) ھر ٿڃ پياريندڙ (زائفان) جنھن (ٻار) کي ٿڃ پياريندي ھوندي تنھن کي (دھشت کان) وساريندي ۽ ھر پيٽ واري پنھنجي ڳڀ کي ڪيريندي ۽ ماڻھن کي بيھوش ڏسندين حالانڪ اُھي نشي ۾ نہ ھوندا پر الله جو عذاب سخت آھي
22:3
۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي شان ۾ بي سمجھيءَ سان تڪرار ڪندو آھي ۽ ھر شيطان تڙيل جي پٺيان لڳندو آھي
22:4
اُن (شيطان) تي لازم ڪيو ويو آھي تہ جيڪو کيس دوست رکندو تنھن کي بيشڪ اُھو گمراھ ڪندو ۽ اُن کي دوزخ جي عذاب ڏانھن سڌو رستو ڏيکاريندو
22:5
اي ماڻھؤ! جيڪڏھن (قيامت ۾) اٿارڻ کان اوھين شڪ ۾ پيل آھيو تہ اسان اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري گوشت جي ٻوٽيءَ مان پورو بڻايل ۽ اڻ پورو بڻايل، ھن لاءِ تہ اوھان کي کولي بيان ڪريون، ۽ جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي مُقرر مُدّت تائين ڳھڻين ۾ رھائيندا آھيون وري ٻار بڻائي اوھان کي ٻاھر ڪڍندا آھيون وري (نپائيندا آھيون) تہ اوھين پنھنجي جواني کي پھچو، ۽ اوھان مان ڪو (اڳي) مرندو آھي ۽ اوھان مان ڪنھن کي (جھورائي جي) نڪمي ڄمار ڏانھن ھن لاءِ ورايو ويندو آھي تہ ڄاڻپ کانپوءِ ڪجھ نہ ڄاڻي، ۽ زمين کي غيرآباد ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس پاڻي وسائيندا آھيون تڏھن اُڀامندي آھي ۽ تازي ٿيندي آھي ۽ سڀڪنھن جنس مان چڱا سلا ڄمائيندي آھي
22:6
اِھو (بيان) ھن لاءِ آھي جو الله (جو ئي ھجڻ) حق آھي ۽ اُھوئي مُئن کي جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
22:7
۽ تہ قيامت اچڻي آھي منجھس ڪو شڪ نہ آھي ۽ تہ جيڪي قبرن ۾ ھوندا تن کي الله (قيامت ۾) اُٿاريندو
22:8
۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي شان ۾ بنا علم ۽ بنا ھدايت ۽ بنا ڪنھن روشن ڪتاب جي تڪرار ڪندو آھي
22:9
(وڏائيءَ کان) ڪنڌ موڙيندڙ ٿي، ھن لاءِ تہ، (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان گمراھ ڪري، اُن لاءِ دنيا ۾ خواري آھي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس سڙڻ جو عذاب چکائينداسون
22:10
(چئبس تہ) اِھا سزا اُنھن ڪمن جي ڪري آھي جو تنھنجي ھٿن اَڳي موڪليا آھن ۽ (اِنھيءَ ڪري) تہ الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نہ آھي
22:11
۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي عبادت آسيري پاسيري ڪندو آھي، پوءِ جيڪڏھن کيس ڪو نفعو پھچندو آھي تہ اُن سان مطمئن ٿيندو آھي، ۽ جيڪڏھن کيس ڪو ڏک پھچندو آھي تہ پنھنجي مُنھن ڀر ڦرندو آھي، دُنيا ۽ آخرت گنوايائين، اِھوئي پڌرو نقصان آھي
22:12
(اُھو) الله کانسواءِ اُنھي کي سڏيندو آھي جيڪو کيس نڪي نقصان لائيندو آھي ۽ نڪي کيس نفعو ڏيندو آھي، اِھا ئي وڏي گمراھي آھي
22:13
اُنھي کي سڏيندو آھي جنھن جو نقصان سندس نفعي کان وڌيڪ ويجھو آھي، بيشڪ (اھڙو) سائين بڇڙو آھي ۽ (اھڙو) ھمراھ (بہ) بڇڙو آھي
22:14
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن، بيشڪ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي
22:15
جيڪو ڀائيندو آھي تہ الله پيغمبر کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪڏھن مدد نہ ڪندو تنھن کي گھرجي تہ ڇت ڏانھن رسي ٻڌي (ڦاھي) چڙھي وري گھرجيس تہ (اھا) ڇني پوءِ نھاري تہ اُن جي ان حيلي اُن کي ختم ڪيو جنھن اُن کي ڪاوڙايو ٿي؟
22:16
۽ اھڙي طرح اُن (قرآن) کي پڌريون آيتون ڪري نازل ڪيوسون ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي
22:17
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جيڪي يھودي ۽ صابئي ۽ نصارىٰ ۽ مجوسي ۽ مشرڪ آھن تن (سڀني) جي وچ ۾ الله قيامت جي ڏينھن نبيرو ڪندو، ڇو تہ الله سڀڪنھن شئي تي حاضر آھي
22:18
(اي پيغمبر!) نہ ڏٺئي ڇا تہ جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ ۽ ڍور ۽ ماڻھن مان گھڻا الله کي سجدو ڪندا آھن، ۽ گھڻا (ماڻھو) آھن جن تي عذاب لازم ٿيو آھي، ۽ جنھن کي الله خوار ڪري تنھن کي ڪو مانُ ڏيڻ وارو ڪونھي، ڇو تہ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي
22:19
اِھي ٻئي ٽوليون پاڻ ۾ ويري آھن پنھنجي پالڻھار بابت تڪرار ڪندڙ آھن، پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ باھ جا ڪپڙا ورڇيا ويندا، (۽) سندن مٿن جي مٿان ٽھڪندڙ پاڻي ھاربو
22:20
جيڪي سندن پيٽن ۾ ھوندو سو ۽ کَلون اُن سان ڳاربيون
22:21
۽ اُنھن جي ڪُٽڻ لاءِ لوھ جا وڏاڻ ھوندا!
22:22
جڏھن بہ منجھانئس ڏک جي ڪري نڪرڻ گھُرندا تڏھن وري ورائبا، ۽ (چيو ويندن تہ) سڙڻ جو عذاب چکو
22:23
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان نھرون پيون وھنديون منجھن سون جا زيور ۽ موتي پارائبا، ۽ منجھن سندين پوشاڪ پَٽَ جي ھوندي
22:24
۽ (دُنيا ۾) کين چڱي ڳالھ ڏانھن ھدايت ڪئي وئي ھئي، ۽ (الله) ساراھيل جي واٽ ڏانھن دڳ لاتا ويا ھئا
22:25
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ ۽ اُنھي تعظيم واريءَ مسجد (حرام) کان جھليندا آھن جا ماڻھن لاءِ بڻائي سون ۽ جنھن ۾ شھري ۽ ٻھراڙيءَ وارا برابر آھن، ۽ جيڪو منجھس ظلم سان زيادتيءَ جو ارادو ڪندو تنھن کي ڏکوئيندڙ عذاب چکائينداسون
22:26
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم لاءِ بيت الله جو ھنڌ مقرر ڪيوسون، (۽ سمجھايوسون) تہ مون سان ڪنھن کي شريڪ نہ ڪر ۽ منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ قيام ڪندڙن ۽ رڪوع ڪندڙن (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رک
22:27
۽ ماڻھن ۾ حج جو پڙھو ڏي تہ توڏانھن پيادا ۽ ڏٻرن ڏاچين تي جيڪي ڏوراھين پنڌ کان اينديون (ھن لاءِ) چڙھي ايندا
22:28
تہ پنھنجي فائدي جي ھنڌ تي پھچن ۽ ڍورن مان جيڪا روزي کين الله ڏني تنھن تي ڄاڻايلن ڏينھن ۾ (ذبح مھل) الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ اُنھن منجھان (پاڻ بہ) کائو ۽ عاجز فقير کي بہ کارايو
22:29
وري ڀلي تہ پنھنجي (جسي جي) مَرُ لاھين ۽ پنھنجيون مڃتائون پوريون ڪن ۽ ھن قديم گھر جو طواف ڪن
22:30
اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي عبادت جي رڪنن جو ادب ڪندو تنھن لاءِ اُھو سندن پالڻھار وٽ ڀَلو آھي، ۽ جيڪي اوھان کي پڙھي ٻڌائبو تنھن کانسواءِ ٻيا ڍور اوھان تي حلال ڪيا ويا تنھنڪري بُتن جي پليتيءَ کان پاسو ڪريو ۽ ڪوڙي ڳالھ کان (بہ) پاسو ڪريو
22:31
الله ڏانھن ھڪ طرفا ٿي (۽) ساڻس شريڪ نہ مقرر ڪندڙ ٿي، (پاسو ڪريو)، ۽ جيڪو الله سان شريڪ مقرر ڪندو سو ڄڻڪ آسمان کان ڪِريو جنھن کي (مردار خور) پکي کڻي ويا يا کيس واءُ (اُڏائي) پري ھنڌ اُڇليو
22:32
اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي (عبادت جي) نشانين جو ادب ڪري (بُتن ۽ ڪوڙ کان پاڻ پَلي سو پرھيزگار آھي) ڇو تہ اِھو (ڪم) دلين جي پرھيزگاريءَ مان آھي
22:33
اوھان لاءِ اُنھن (ڍورن) ۾ گھڻا نفعا مقرر مُدت تائين آھن وري قديم گھر ڏانھن (ڪسڻ لاءِ) پھچڻ جو ھنڌ اٿن
22:34
۽ ھر ڪنھن ٽوليءَ لاءِ قرباني جو طريقو ھن لاءِ مقرر ڪيو سون تہ کين ڍورن مان جيڪي روزي الله ڏني تنھن تي (قرباني ڪرڻ مھل) الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ اوھان جو معبود ھڪ الله آھي تنھنڪري سندس حُڪم مڃيو، ۽ اُنھن عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ڏي
22:35
جن جون دليون جڏھن الله ياد ڪبو آھي (تڏھن) ٿَڙڪنديون آھن ۽ (پڻ اُنھن ماڻھن کي جو) جيڪي مٿن آيو تنھن تي صبر ڪندڙ آھن ۽ نماز پڙھندڙ آھن ۽ کين جيڪا روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن
22:36
۽ قربانيءَ وارن اُٺن کي اوھان لاءِ الله جي عبادت جي نشانين مان ڪيوسون منجھس اوھان لاءِ ڀلائي آھي، پوءِ (قرباني ڪرڻ مھل) قطاري ٻڌائي، مٿن الله جو نالو ياد ڪريو، پوءِ جڏھن اُھي (ڪسجڻ کان بعد) پاسن ڀر ليٽن تڏھن منجھائن کائو ۽ (فقيرن مان) گھرندڙ ۽ نہ گھرندڙ کي کارايو، اھڙيءَ طرح اُھي اوھان کي تابع ڪري ڏناسون تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
22:37
نڪي اُنھن (قربانين) جو گوشت ۽ نڪي اُنھن جو رتُ الله کي پھچندو آھي پر اوھان جي پرھيزگاري الله کي پھچندي آھي، اھڙي طرح اھي (جانور) اوھان کي تابع ڪري ڏنائين تہ جيئن اوھين الله جي وڏائي (ھن شڪراني سببان) بيان ڪريو جو اوھان کي ھدايت ڪيائين، ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏي
22:38
بيشڪ الله مؤمنن کان (سندن ويري) ٽاريندو آھي، ڇو تہ الله ھر خيانت ڪندڙ بي شڪر کي دوست نہ رکندو آھي
22:39
جن سان (ڪافر) وڙھندا آھن تن کي (جھاد لاءِ) اُنھيءَ ڪري موڪل ڏني ويئي جو اُنھن تي ظلم ڪيو ويو آھي، ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي وس وارو آھي
22:40
جن کي پنھنجن ديسن مان ناحق (ھن ڪري) لوڌيو ويو جو (ھن) چوڻ کانسواءِ (ٻيو) نہ چيو تہ اسانجو پالڻھار الله آھي، ۽ جيڪڏھن ڪن ماڻھن سان ڪن کي الله نہ ٽاري ھا تہ (جيڪر) خانقاھون ۽ گرجائون ۽ ڪنيسا ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گھڻو ياد ڪبو آھي سي ضرور ڊاٺيون وڃن ھا، ۽ جيڪو الله (جي دين) جي مدد ڪندو آھي تنھنکي الله ضرور مدد ڏيندو آھي، ڇو تہ الله زبردست (۽) زور وارو آھي
22:41
اُنھن ماڻھن کي جو جيڪڏھن کين زمين ۾ غلبو ڏينداسون تہ نماز قائم ڪندا ۽ زڪوٰة ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا ۽ برن ڪمن کان روڪيندا، ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله لاءِ آھي
22:42
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن تو کي ڪوڙو ڀانئين ٿا تہ بيشڪ کانئن اڳ نوح جي قوم ۽ عادين ثمودين (پيغمبرن کي) ڪوڙ ڄاتو ھو
22:43
۽ ابراھيم جي قوم ۽ لُوط جي قوم (بہ)
22:44
۽ مدين وارن (بہ پنھنجي پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو)، ۽ موسىٰ کي (بہ) ڪوڙو ڄاتو ويو پوءِ اُنھن ڪافرن کي ڍر ڏنم وري کين پڪڙيم، پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي (نہ سخت) ھُئي!
22:45
پوءِ ڪيترائي ڳوٺ آھن جن کي ناس ڪيوسون ۽ اُھي ظالم ھئا پوءِ اُھي پنھنجي ڇتن سميت ڊٺل آھن، ۽ گھڻا کُوھ اُجڙيل ۽ ڪيئي بلند ماڙيون (سُڃيون پيون) آھن
22:46
پوءِ مُلڪ ۾ نہ گھميا آھن ڇا؟ تہ کين (اھڙيون) دليون ھجن جن سان اُھي سمجھن يا کين (اھڙا) ڪن ھجن جن سان ٻُڌن، بيشڪ ھيءَ (حالت) آھي تہ سندن اکيون انڌيون نہ آھن پر دليون اَنڌيون اَٿن جيڪي (سندن) سينن ۾ آھن
22:47
۽ (اي پيغمبر!) توکان عذاب جو جلد اچڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجو انجام ڪڏھن اُبتڙ نہ ڪندو، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽ ھڪ ڏينھن اوھان جي ڳاڻيٽي جي ھزار ورھيہ جي برابر آھي
22:48
۽ گھڻا ڳوٺ آھن جن کي مُھلت ڏنم ۽ اُھي ظالم ھئا وري کين پڪڙيم، ۽ مون ڏانھن موٽڻ آھي
22:49
(اي پيغمبر!) چئو تہ اي ماڻھؤ! آءٌ اوھان کي رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
22:50
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آھي
22:51
۽ جيڪي اسان جي آيتن جي جھڪي ڪرڻ ۾ ڊوڙيا سي دوزخي آھن
22:52
۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳ نہ ڪوئي پيغمبر ۽ نہ ڪوئي نبي موڪليوسون پر جڏھن ڪا (انساني) آرزو ڪيائون تڏھن شيطان سندس آرزوءَ ۾ (حرڪت) وجھڻ لڳو، پوءِ جيڪي شيطان وڌو سو الله مٽائيندو رھيو وري الله پنھنجين آيتن کي مُحڪم ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
22:53
ھن لاءِ تہ جيڪا شيطان حرڪت وڌي تنھن سان اُنھن کي (ڌار ڪري) پرکي جن کي دلين ۾ بيماري آھي ۽ سندين دليون سخت آھن، ۽ بيشڪ ظالم وڏي ڦيٽي ۾ آھن
22:54
۽ تہ جن کي علم ڏنو ويو سي ڄاڻن تہ اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي پوءِ اُن تي ايمان آڻين ۽ سندن دليون الله لاءِ عاجزي ڪن، ۽ بيشڪ الله مؤمنن کي سڌي واٽ ڏانھن ضرور سڌو رستو ڏيکاريندو آھي
22:55
۽ ڪافر اُنھيءَ (وحي) کان (ايسين) سدائين شڪ ۾ ھوندا جيسين اوچتو وٽن قيامت پھچي يا نڀاڳي ڏينھن جو عذاب وٽن پھچي
22:56
اُنھيءَ ڏينھن الله جي بادشاھي آھي، (اُھو) سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا سي نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا
22:57
۽ جن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو سي اُھي آھن جن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آھي
22:58
۽ جن الله جي واٽ ۾ ديس ڇڏيو وري ڪُسجي ويا يا مُئا تن کي الله چڱو رِزق ڏيندو، ۽ الله چڱو روزي ڏيندڙ آھي
22:59
جو ھنڌ ھنن کي وڻندو تنھن ۾ ضرور کين داخل ڪندو، ۽ بيشڪ الله ضرور ڄاڻندڙ بُردبار آھي
22:60
اِھو (فيصلو) آھي، ۽ جيڪو جيترو ايذايو ويو اوترو ايذائي، وري مٿس زيادتي ڪئي وڃي تہ اُن (ايذايل) کي الله مدد ڏيندو، بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي
22:61
اِھا (مدد) ھن سببان آھي تہ الله رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪندو آھي ۽ (ھن ڪري) تہ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي
22:62
اِھا (مدد) ھن ڪري آھي تہ الله پاڻ برحق آھي ۽ الله کانسواءِ جنھن کي سڏيندا آھن سو ڪوڙو آھي ۽ (ھن ڪري) تہ الله ئي مٿاھون وڏو آھي
22:63
(اي پيغمبر!) نہ ڏٺو اَٿئي ڇا تہ الله آسمان مان (مينھن جو) پاڻي وسايو؟ پوءِ زمين ساول واري ٿيندي آھي، ڇو تہ الله لُطف ڪندڙ خبر رکندڙ آھي
22:64
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ضرور بي پرواھ ساراھيل آھي
22:65
(اي پيغمبر!) نہ ڏٺو اَٿئي ڇا تہ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان لاءِ نِوايو آھي ۽ ٻيڙيون درياءَ ۾ سندس حُڪم سان تَرنديون آھن، ۽ آسمان کي زمين تي ڪِرڻ کان جھليندو آھي پر (جي ڪيرائيس تہ) سندس اختيار آھي، بيشڪ الله ماڻھن تي باجھارو مھربان آھي
22:66
۽ اُھوئي آھي جنھن اوھان کي جياريو، وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي جياريندو، بيشڪ ماڻھو بي شڪر آھي
22:67
سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ ھڪ شريعت مقرر ڪئي سون جنھن تي اُھي عمل ڪندڙ آھن پوءِ جڳائين تہ توسان ھِن ڪم ۾ جھڳڙو نہ ڪن ۽ (تون) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن کي) سڏيندو رھ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين
22:68
۽ جيڪڏھن توسان جھڳڙو ڪن تہ چئو تہ جيڪي ڪندا آھيو تنھنکي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي
22:69
جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو تنھن بابت قيامت جي ڏينھن الله اوھان جي وچ ۾ نبيرو ڪندو
22:70
(اي پيغمبر!) معلوم نہ اٿئي ڇا تہ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي؟ بيشڪ اِھا (ڳالھ) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آھي، بيشڪ اُھو الله تي آسان آھي
22:71
۽ (ڪافر) الله کانسواءِ اُنھيءَ کي پوڄيندا آھن جنھن لاءِ ڪا سند نہ لاٿي اَٿس ۽ (پڻ) اُنھيءَ کي (پوڄيندا آھن) جنھن جي کين ڪا خبر نہ آھي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار ڪونھي
22:72
۽ جڏھن اسان جون چٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن ڪافرن جي منھن ۾ ناراضپو سڃاڻندو آھين، جيڪي مٿن اسان جون آيتون پڙھندا آھن تن تي ڪاھي پوڻ لاءِ ويجھا ٿيندا آھن، (اي پيغمبر!) کين چئو تہ ھن کان وڌيڪ بڇڙي ڳالھ جي سُڌ اوھان کي ڏيان ڇا؟ (اُھا) باھ آھي، جنھن جو الله ڪافرن کي انجام ڏنو آھي، ۽ اُھا جاءِ بُڇڙي آھي
22:73
اي ماڻھؤ! ھڪ مثال بيان ڪجي ٿو اُھو اوھين ٻڌو، بيشڪ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي ڪا مک بہ پيدا نہ ڪندا آھن توڻيڪ اُن (جي بڻائڻ) لاءِ سڀئي گڏ ٿين، ۽ جيڪڏھن مک کانئن ڪا شئي کسي وٺي تہ اُھا کانئس ڇڏائي بہ نہ سگھندا، طالب ۽ مطلوب (يعني پوڄاري ۽ بت) ٻئي ھيڻا آھن
22:74
جھڙو الله جو قدر آھي (تھڙو) سندس قدر بجاءِ نہ آندائون، بيشڪ الله ڏاڍو طاقتور (۽) غالب آھي
22:75
الله ملائڪن ۽ ماڻھن مان پيغام پھچائڻ وارا چونڊيندو آھي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي
22:76
جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا
22:77
اي ايمان وارؤ! رڪوع ڪريو ۽ سجدو ڪريو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريو ۽ چڱا ڪم ڪريو تہ منَ (اوھين) ڇُٽو
22:78
۽ الله (جي دين) ۾ اھڙو جھاد ڪريو جھڙو اُن جي جھاد جو حق آھي، اُنھيءَ اوھان کي چونڊيو ۽ اوھان تي دين ۾ ڪا تنگي نہ ڪيائين، اوھان جي پيءُ ابراھيم وارو دين (اوھان جو دين ڪيائين)، الله اوھان جو نالو ھن کان اڳ ۽ ھن (قرآن) ۾ مسلمان ھن لاءِ رکيو آھي تہ پيغمبر (محمد ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي ۽ اوھين ماڻھن تي شاھد ھجو، پوءِ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چنبڙي وٺو، (جو) اُھو اوھان جو سائين آھي، پوءِ چڱو سائين ۽ چڱو مددگار آھي