23:1
بيشڪ (اُھي) مؤمن ڪامياب ٿيا
23:2
جيڪي پنھنجيءَ نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن
23:3
۽ جيڪي اجائي ڳالھ کان منھن موڙيندڙ آھن
23:4
۽ جي زڪوٰة ادا ڪندڙ آھن
23:5
۽ جي پنھنجين اگھڙن کي (زنا کان) بچائيندڙ آھن
23:6
رڳو پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين سا (گڏ ٿيندا آھن) پوءِ بيشڪ اُھي ملامت ڪيل نہ آھن
23:7
پوءِ جيڪي اُنھن (پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين) کانسواءِ طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن
23:8
۽ جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجي انجام جي رعايت ڪندڙ آھن
23:9
۽ جيڪي پنھنجين نمازن جي نگاھ رکندا آھن
23:10
اِھي اُھي ئي وارث آھن
23:11
جيڪي (نيٺ) بھشت جا وارث ٿيندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
23:12
۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي مٽيءَ جي سَتَ مان بڻايوسون
23:13
وري اُن کي نطفو ڪري مُحڪم جاءِ ۾ رکيوسون
23:14
وري (اُن) نُطفي کي رت جو دڳ بڻايوسون وري (اُن) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسون وري (اُن) ٻوٽي کي ھڏا بڻايوسون پوءِ (اُنھن) ھڏن کي گوشت پھرايوسون، وري اُن کي ٻي (نئين) بڻاوت بڻائي سون، پوءِ الله (وڏيءَ) برڪت وارو (سڀ کان) وڌيڪ سھڻو خلقيندڙ آھي
23:15
وري بيشڪ اوھين ان کانپوءِ ضرور مرندؤ
23:16
وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن اُٿاربؤ
23:17
۽ بيشڪ اوھان جي مٿان ست آسمان بڻاياسون، ۽ بڻائڻ کان بي خبر نہ ھئاسون
23:18
۽ آسمان کان پاڻي اندازي سان وسايوسون، پوءِ اُن کي زمين ۾ رھايوسون ۽ بيشڪ اسين اُن جي ورائي نيڻ تي وس وارا آھيون
23:19
پوءِ اُن سان کجين ۽ انگورن جا باغ اوھان لاءِ ڄماياسون، اوھان لاءِ انھن (باغن) ۾ گھڻا ميوا آھن ۽ انھن مان (ڪجھ) اوھان کائيندا آھيو
23:20
۽ اھُو (زيتون جو) وڻ (پيدا ڪيوسون) جو طُورسَينا مان نڪرندو آھي (اھڙيءَ طرح) ڄمندو آھي جو تيل ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ پيدا ٿيندو آھي
23:21
۽ بيشڪ اوھان لاءِ ڍورن ۾ (بہ) عبرت آھي، (جو) جيڪي سندن پيٽن (يعني اوھن) ۾ آھي تنھن مان اوھان کي (کير) پياريندا آھيون ۽ اوھان لاءِ منجھن (ٻيا بہ) گھڻا فائدا آھن ۽ منجھائن (ڪجھ) کائيندا (بہ) آھيو
23:22
۽ انھن تي ۽ ٻيڙين تي اوھان کي سوار ڪبو آھي
23:23
۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو، اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نہ آھي، پوءِ ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
23:24
پوءِ سندس قوم مان جيڪي سردار ڪافر ھئا تن چيو تہ ھي رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي، اوھان تي سرداري (حاصل) ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ ملائڪن کي موڪلي ھا، اِھا (ڳالھ تہ) پنھنجن اڳين اَبن ڏاڏن ۾ نہ ٻڌيسون
23:25
اِھو تہ رڳو ھڪڙو ديوانو شخص آھي تنھنڪري اُن لاءِ ھڪ وقت تائين ترسو
23:26
(نوح) چيو اي منھنجا پالڻھار! مون کي مدد ڏي، انھيءَ ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون
23:27
پوءِ ڏانھنس وحي ڪيوسون تہ اسان جي اکين آڏو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي ٺاھ پوءِ جڏھن اسان جو حُڪم اچي ۽ تنور اُڀامي تڏھن سڀڪنھن جوڙي مان ٻہ ٻہ (نر ۽ مادي) ۽ پنھنجي گھر وارا منجھس چاڙھ پر منجھائن جن بابت (ھلاڪ ٿيڻ جو) حُڪم ٿي چڪو (سي نہ چاڙھ)، ۽ ظالمن بابت مون کي نہ چئو، ڇو تہ اُھي ٻُڏل آھن
23:28
پوءِ جڏھن ٻيڙيءَ تي تون چڙھي ويھين ۽ تنھنجا سنگتي (بہ ويھن) تڏھن چئو تہ سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جنھن ظالمن جي قوم کان اسان کي بچايو
23:29
۽ چئو تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي برڪت واري ھنڌ لاھ ۽ تون (سڀ کان) چڱو لاھيندڙ آھين
23:30
بيشڪ ھن (قصي) ۾ نشانيون آھن ۽ بيشڪ اسين پرکڻ وارا ھئاسون
23:31
وري کانئن پوءِ ٻيو جُڳ پيدا ڪنداسون
23:32
پوءِ منجھن ھڪ پيغمبر اُنھن (جي قبيلي) مان موڪليوسون (تنھن چين) تہ الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھانجو ڪو معبود نہ آھي، پوءِ ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
23:33
۽ سندس قوم مان جن سردارن ڪفر ڪيو ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کين دنيا جي حياتيءَ ۾ آسودو بہ ڪيو ھوسون تن چيو تہ ھيءُ (پيغمبر) رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي (جو) جنھن (قسم) منجھان (اوھين) کائيندا آھيو تنھن مان (اُھو بہ) کائيندو آھي ۽ جنھن (قسم) منجھان (اوھين) پيئندا آھيو تنھن مان (اُھو بہ) پيئندو آھي
23:34
۽ جيڪڏھن پاڻ جھڙي ماڻھوءَ جو چيو مڃيندؤ تہ اوھين انھيءَ مھل ٽوٽي وارا ٿيندؤ
23:35
اوھان سان انجام ڪندو آھي ڇا تہ جڏھن (اوھين) مرندؤ ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿيندؤ (تڏھن) اوھين ٻاھر ڪڍبؤ؟
23:36
جنھن جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (ٻڌڻ ۽ چوڻ کان) پري (بلڪل) پري آھي
23:37
اسان جي رڳي ھيءَ دنيا جي حياتي آھي (جنھن ۾) مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسين (وري جيئرا ٿي) اُٿڻ وارا نہ آھيون
23:38
ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻڌو آھي ۽ اسين کيس (ڪڏھن) مڃڻ وارا نہ آھيون
23:39
(پيغمبر) چيو تہ منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي ھن ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون
23:40
(الله) فرمايو تہ ٿوري مُدت کان پوءِ پشيمان ٿيندا
23:41
پوءِ کين سچي انجام جي ڪري دھڪي پڪڙيو پوءِ کين ڪُٽو ڪيوسون، پوءِ ظالمن جي قوم تي لعنت ھجي
23:42
وري کانئن پوءِ ٻيا جُڳ پيدا ڪياسون
23:43
ڪائي ٽولي پنھنجيءَ مُدت کان نہ اڳي ويندي آھي ۽ نڪي (اُھي) دير ڪندا آھن
23:44
وري لڳو لڳ پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون، جڏھن ڪڏھن ڪنھن ٽوليءَ وٽ سندن پيغمبر آيو (تڏھن) کيس ڪوڙو ڄاتائون، پوءِ انھن کي ھڪ ٻئي پٺيان (ناس) ڪيوسون ۽ کين (ٻـين لاءِ) آکاڻيون ڪيوسون، پوءِ نہ مڃيندڙ قوم تي لعنت ھُجي
23:45
وري پنھنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ھارون کي موڪليوسون
23:46
فرعون ۽ سندس لشڪر ڏانھن، پوءِ (اُنھن) وڏائي ڪئي ۽ (اُھي) ھٺيلي قوم ھئا
23:47
پوءِ چيائون تہ پاڻ جھڙن ٻن ماڻھن تي ڇو ايمان آڻيون؟ ۽ سندن قوم (تہ) اسان جو ٻانھپو ڪندڙ آھي
23:48
پوءِ انھن کي ڪوڙو ڄاتائون پوءِ ھلاڪ ڪيلن مان ٿيا
23:49
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون تہ منَ اُھي سِڌو رستو لھن
23:50
۽ مريم جي پٽ کي ۽ سندس ماءُ کي ھڪ نشاني ڪئي سون ۽ انھن کي سنئينءَ ۽ وھندڙ چشمن واري مٿاھين دڙي تي (رھڻ جي) جاءِ ڏني سون
23:51
(چيوسون تہ) اي پيغمبرؤ! سٺين شين مان کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو آءٌ ڄاڻندڙ آھيان
23:52
۽ بيشڪ اوھان جو ھي دين ھڪ دين آھي ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان، تنھنڪري مون کان ڊڄو
23:53
پوءِ (اُنھن) پنھنجي ڪم کي پاڻ ۾ ذرا ذرا ڪري ڇڏيو، سڀڪنھن ٽوليءَ وٽ جيڪي آھي، تنھن سان اُھا سرھي (رھندي) آھي
23:54
پوءِ (اي پيغمبر!) کين سندس غفلت ۾ ھڪ وقت تائين ڇڏي ڏي
23:55
جنھن مال ۽ اولاد سان کين واڌارو ڏنو سون تنھن کي ڀانئيندا آھن ڇا؟
23:56
تہ ڪا انھن لاءِ چڱاين ڏيڻ ۾ تڪر ٿا ڪريون (نہ!) بلڪ نہ سمجھندا آھن
23:57
بيشڪ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن
23:58
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي نشانين تي ايمان آڻيندا آھن
23:59
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مقرر نہ ڪندا آھن
23:60
۽ اُھي جيڪي (اُھو) ڏيندا آھن جيڪي (سندس واٽ ۾) ڏنائون ھن حال ۾ جو سندن دليون ھن ڪري ڏڪنديون آھن تہ اُھي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھن
23:61
اھي (ماڻھو) چڱاين ۾ تڪڙائي ڪندا آھن ۽ اُھي اُن لاءِ اڳرائي ڪندڙ آھن
23:62
۽ (اسين) ڪنھن بہ جيءَ تي سندس طاقت کانسواءِ تڪليف نہ ٿا رکون ۽ اسان وٽ ھڪ ڪتاب آھي، جو سچ ڳالھائيندو آھي ۽ انھن تي ظلم نہ ڪبو
23:63
بلڪ سندن دليون انھن (ڳالھين) کان غفلت ۾ آھن ۽ ھن کانسواءِ انھن جا ٻيا ڪرتوت بہ آھن، جي اُھي ڪندا آھن
23:64
تان جو منجھائن عياشين (ماڻھن) کي جڏھن عذاب سان پڪڙيوسون، تڏھن دانھون ڪندا رھيا
23:65
(چيوسون) تہ اڄ دانھون نہ ڪريو، ڇو تہ اسان کان اوھان کي مدد نہ ملندي
23:66
بيشڪ اوھان کي منھنجيون آيتون پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن اوھين پنھنجين کڙين (ڀر پوئتي) ڀڄندا ھُيؤ
23:67
اُن (قرآن) کان وڏائي ڪندڙ (۽) آکاڻين ۾ مشغول ٿي (کيس) ڇڏيوَ ٿي
23:68
قرآن کي نہ سوچيائون ڇا يا وٽن اھڙي شئي آئي آھي، جا سندن اڳين پيءُ ڏاڏن وٽ نہ آئي ھُئي؟
23:69
يا پنھنجي پيغمبر کي نہ سڃاتائون ڇا؟ تنھنڪري اُھي سندس مُنڪر (ٿيا) آھن
23:70
يا چوندا آھن تہ کيس چريائي آھي (نہ!) بلڪ (پيغمبر) وٽن سچي ڳالھ آندي آھي ۽ منجھائن گھڻا سچ کي بُرو ڀائيندڙ آھن
23:71
۽ جيڪڏھن الله سَندن سَڌن تي ھلي ھا تہ آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي منجھن آھي، سي ويران ٿين ھا، (نہ!) بلڪہ سندين نصيحت وٽن آندي سون ۽ اُھي پنھنجيءَ نصيحت (ڪتاب) کان مُنھن موڙيندڙ آھن
23:72
يا کانئن ڪو نزرانو گھرندو آھين ڇا؟ پوءِ تنھنجي پالڻھار جو نزرانو (ڏئڻ) ڀلو آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) چڱو روزي ڏيندڙ آھي
23:73
۽ بيشڪ تون سڌيءَ واٽ ڏانھن کين سڏيندو آھين
23:74
۽ بيشڪ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن، سي سڌيءَ واٽ کان پاسيرا ٿيندڙ آھن
23:75
۽ جيڪڏھن مٿن رحم ڪريون ھا ۽ جيڪو کين ڏک پُھتو سو لاھيون ھا تہ (بہ) سدائين پنھنجيءَ گمراھيءَ ۾ حيران رھن ھا
23:76
۽ بيشڪ کين عذاب سان پڪڙيوسون، پوءِ (بہ) پنھنجي پالڻھار جي اڳيان نہ نِوڙيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون
23:77
(پنھنجيءَ غفلت ۾ رھيا) تانجو جنھن مھل مٿن سخت عذاب وارو دروازو کوليوسون (تنھن مھل) اُتي جا اُتي اُنھي ۾ نااُميد ٿيا
23:78
۽ (الله) اُھو آھي، جنھن اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايون، (پر اوھين تمام) ٿورو شڪر ڪندا آھيو
23:79
۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پيدا ڪيو ۽ ڏانھس وري گڏ ڪيا ويندؤ
23:80
۽ (الله) اُھو آھي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ۽ ڏينھن جو ڦيرڦار ڪرڻ اُن جو (ڪم) آھي، پوءِ نہ سمجھندا آھيو ڇا؟
23:81
بلڪ جيئن اڳين چيو تہ تيئن چوندا آھن
23:82
چون ٿا تہ اسان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) وري جيئرا ٿي اٿنداسون ڇا؟
23:83
بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھيءَ (ڳالھ) جو انجام ڏنو ويو آھي، اِھي رڳو اڳين جا قصا آھن
23:84
چئو تہ جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو تہ زمين ۽ جيڪي منجھس آھي سو ڪنھن جو آھي؟
23:85
سگھوئي چوندا تہ (اُھو سڀ) الله جو آھي، چئو تہ پوءِ ڇو نہ نصيحت وٺندا آھيو؟
23:86
(اي پيغمبر کانئن پڇ) تہ ستن آسمانن جو رب ۽ وڏي عرش جو پالڻھار ڪير آھي؟
23:87
سگھوئي چوندا تہ (اِھو سڀ) الله جو آھي، چئو تہ پوءِ ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
23:88
(کانئن) پڇ تہ (اُھو) ڪير آھي جنھنجي ھٿ ۾ سڀڪنھن شئي جي حڪومت آھي ۽ اُھو پناھ ڏيندو آھي ۽ اُن (جي عذاب) کان ڪنھن کي پناھ ڏيئي نہ سگھبي آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (تہ ڏسيو)
23:89
سگھوئي چوندا تہ (اھو سڀ) الله جي (ھٿ ۾) آھي، (کين) چئو تہ پوءِ اوھين ڪٿان ٺڳجو ٿا
23:90
بلڪ وٽن سچي (ڳالھ) آندي اٿئون ۽ بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن
23:91
الله نڪي (پاڻ لاءِ) ڪنھن کي پٽ ڪري ورتو آھي ۽ نڪي ساڻس ڪو (ٻيو) معبود آھي (جيڪڏھن ايئن ھجي ھا) تہ ھر ڪو معبود پنھنجيءَ مخلوق کي وٺيو وڃي ھا ۽ اُھي ھڪ ٻئي تي ڏاڍ ڪن ھا، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي
23:92
ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي جنھن کي (اُن سان) شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي
23:93
(اي پيغمبر!) چئو تہ اي منھنجا پالڻھار! جيڪو انجام ڪجين ٿو، سو جيڪر مون کي ڏيکارين
23:94
اي منھنجا پالڻھار! مون کي ظالمن جي قوم ۾ (داخل) نہ ڪر
23:95
۽ جيڪو کين انجام ڏيون ٿا تنھن جي تو کي ڏيکارڻ تي بيشڪ اسين وس وارا آھيون
23:96
ڏاڍي چڱيءَ طريقي سان برائيءَ کي ٽار (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن سو اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيون
23:97
۽ (اي پيغمبر!) چئو تہ اي منھنجا پالڻھار! شيطانن جي وسوسن کان تنھنجي پناھ گھران ٿو
23:98
۽ اي منھنجا پالڻھار! پاڻ وٽ انھن جي ويجھي ٿيڻ کان (بہ) تنھنجي پناھ وٺان ٿو
23:99
(ڪافر پنھنجي غفلت ۾ ھوندا) تانجو جنھن مھل منجھانئن ڪنھن کي موت ايندو (تنھن مھل) چوندو تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي دنيا ۾ (ورائي) موٽاءِ
23:100
تہ جيڪي (اُتي) ڇڏيم تنھن ۾ آءٌ چڱا عمل ڪريان، ايئن (ڪڏھن ٿيڻو) نہ آھي، بيشڪ اِھا ھڪ ڳالھ آھي جا اھو چوندڙ آھي، ۽ سندن اڳيان ھڪ پردو (عالَم قبر) انھيءَ ڏينھن تائين رھندو (جنھن ڏينھن قيامت ۾) اُٿاريا ويندا
23:101
پوءِ جنھن مھل صور ۾ ڦوڪبو (تنھن مھل) اُن ڏينھن سندن وچ ۾ نہ ذاتيون رھنديون ۽ نڪي پاڻ ۾ پُڇا ڳاڇا ڪندا
23:102
پوءِ جنھن (جي نيڪيءَ) جو پلڙو ڳرو ٿيو سي ئي ڇُٽل آھن
23:103
۽ جنھن جو پلڙو ھلڪو ٿيو سي اُھي آھن جن پاڻ کي نقصان لاتو (اُھي) دوزخ ۾ سدائين رھندڙ آھن
23:104
سندن مُنھن کي باھ ساڙيندي ۽ اُھي منجھس بدشڪلا ٿيندا
23:105
(چيو ويندن تہ) منھنجون آيتون اوھان کي نہ پڙھي ٻڌائبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھين اُنھن کي ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ؟
23:106
چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان جي بدبختي اسان تي غالب ٿي وئي ۽ گمراھ قوم ھئاسون
23:107
اي اسان جا پالڻھار! ھتان اسان کي ٻاھر ڪڍ پوءِ جيڪڏھن موٽي (ڪفر) ڪريون تہ بيشڪ اسين ظالم ٿيون
23:108
(الله) فرمائيندو تہ منجھس خوار پيا رھو ۽ مون سان نہ ڳالھايو
23:109
ڇو تہ منھنجن ٻانھن مان ھڪ ٽولي ھئي جا چوندي ھئي تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان ايمان آندو تنھنڪري اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر جو تون (سڀ کان) چڱو ٻاجھارو آھين
23:110
پوءِ (ايسين) کين مزاڪ ڪري ورتوَ جيسين (سندن دشمنيءَ) اوھان (جي دلين) کان منھنجي يادگيري وسارائي ۽ اوھين مٿن کِليؤ ٿي
23:111
بيشڪ اڄ کين بدلو ڏنم انھيءَ ڪري جو صبر ڪيو ھئائون جو اُھي ئي مراد ماڻيندڙ آھن
23:112
(الله) فرمائيندو تہ زمين ۾ (اوھين) ڪيترا ورھيہ رھيؤ؟
23:113
چوندا تہ ھڪ ڏينھن يا ڏينھن جو ڀاڱو رھياسون پوءِ ڳڻيندڙن کان پُڇا ڪر
23:114
(الله) فرمائيندو تہ ٿوريءَ (دير) کانسواءِ نہ رھيا ھيؤ جيڪر اوھين ڄاڻو ھا
23:115
اوھين ڀانيو ٿا ڇا تہ اوھان کي اجايو بڻايو اٿئون ۽ اوھين اسان ڏانھن وري نہ موٽايا ويندؤ؟
23:116
پوءِ الله سچو بادشاھ تمام مٿاھون آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي (اھو) سڳوري عرش جو رب آھي
23:117
۽ جيڪو الله سان گڏ ٻئي معبود کي سڏيندو، جنھن جو کيس ڪو دليل ڪونھي، تنھن جو حساب سندن پالڻھار وٽ ئي آھي، سچ آھي تہ ڪافر نہ ڇُٽندا
23:118
۽ چئو تہ اي منھنجا پالڻھار! بخش ۽ رحم ڪر ۽ تون (سڀني) ٻاجھارن کان چڱو آھين