an-Nur (النُّور)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 24 • 64 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
24:1 (ھيءَ ھڪ) سُورة آھي جا نازل ڪئي سون ۽ اُن (جي حڪمن) کي فرض ڪيوسون ۽ منجھس پڌريون آيتون نازل ڪيوسون تہ منَ نصيحت وٺو
24:2 ۽ زنا ڪندڙ عورت ۽ زنا ڪندڙ مرد ٻنھي منجھان ھر ھڪ کي سئو دُرا ھڻو، ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو تہ الله جي دين ۾ اوھان کي انھي ٻنھي تي نرمي ڪرڻ نہ جڳائي، ۽ مؤمنن مان ھڪ ٽوليءَ کي انھن ٻنھي جي سزا تي حاضر ٿيڻ گھرجي
24:3 زنا ڪندڙ مرد، زنا ڪندڙ عورت يا مشرڪياڻيءَ کانسواءِ ٻي نہ پرڻبو، ۽ زنا ڪندڙ عورت، کيس زنا ڪندڙ مرد يا مشرڪ کانسواءِ ٻيو نہ پرڻبو، ۽ اِھو (زنا ڪندڙ زئفان سان نڪاح ڪرڻ) مؤمنن تي حرام ڪيو ويو
24:4 ۽ جيڪي پاڪدامن عورتن کي تھمت لائين وري چار شاھد نہ آڻين تہ کين اسي دُرا ھڻو ۽ انھن جي گواھي اصلي قبول نہ ڪريو، ۽ اُھي ئي بي دين آھن
24:5 پر ھن کان پوءِ جن توبھ ڪئي ۽ پاڻ سُڌاريو، تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
24:6 ۽ جيڪي پنھنجي زالن کي تُھمت لائين ۽ کين پاڻ کانسواءِ ڪي شاھد نہ ھجن تہ اھڙي ھر ھڪ جي (سچي) شاھدي چار ڀيرا (ھيئڻ ڏيڻ) آھي تہ الله جو قسم تہ بيشڪ پاڻ سچ چوندڙن مان آھي
24:7 ۽ پنجون ڀيرو چوي تہ جيڪڏھن ڪوڙن مان ھوندو تہ مٿس الله جي لعنت ھجي
24:8 ۽ اُن زال کان (ھيءَ ڳالھ) سزا ٽاريندي جو چار ڀيرا شاھدي ڏئي تہ الله جو قسم تہ بيشڪ اُھو مُڙس ڪُوڙ چوندڙن مان آھي
24:9 ۽ پنجون ڀيرو (ھيءَ شاھدي ڏئي) تہ جيڪڏھن اُھو مڙس سچن مان آھي تہ اُن (يعني زال) تي الله جو ڏمر ھُجي
24:10 ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نہ ھجي ھا (تہ عذاب ٿئيوَ ھا) ۽ بيشڪ الله توبھ قبول ڪندڙ حِڪمت وارو آھي
24:11 بيشڪ جن ڪُوڙو بُھتان آندو سي اوھان مان ھڪ ٽولي آھن، (اوھين) اُن (بُھتان) کي نہ ڀانيو تہ اوھان لاءِ (ڪو) خراب آھي، بلڪ اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي، منجھائن سڀڪنھن ماڻھوءَ گناھن مان جيڪي ڪمايو سو، سندس لاءِ آھي، ۽ منجھائن جنھن بھتان جو وڏو لُڙ مچايو تنھن لاءِ وڏو عذاب آھي
24:12 جڏھن اُھو ٻُڌوَ تڏھن مؤمنن مردن ۽ مؤمنن زالن پنھنجن (ھم دينن) ۾ چڱو گمان ڇو نہ ڪيو ۽ ڇو نہ چيائون تہ ھيءُ پڌرو بُھتان آھي؟
24:13 اِن (ڳالھ) تي چار شاھد ڇو نہ آندائون؟ پوءِ جڏھن شاھد نہ آندائون تڏھن اِھي ئي الله وٽ ڪُوڙا آھن
24:14 ۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ دنيا ۽ آخرت ۾ اوھان تي نہ ھجي ھا تہ جنھن (ڳالھ) بابت چرچو مچايوَ (تنھن بابت) اوھان کي (تڏھن ئي) وڏو عذاب پھچي ھا
24:15 جڏھن ان کي پنھنجن زبانن سان ٻاڦيندا رھيؤ ۽ جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي اوھان کي ڪا خبر نہ ھئي سا پنھنجن واتن سان چوندا رھيؤ ۽ اُن کي ھلڪو ٿي ڀانيوَ، ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽ وڏو (گناھ) ھو
24:16 ۽ جڏھن اُھو ٻُڌوَ (تڏھن) ڇو نہ چيوَ تہ اسان کي اھو چوڻ نہ جڳائيندو آھي، (اي الله) تنھنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا، ھي وڏو بُھتان آھي
24:17 الله اوھان کي نصيحت ٿو ڪري تہ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ (ٻيھر) وري اصلي اھڙو (ڪم) نہ ڪجو
24:18 ۽ الله اوھان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
24:19 بيشڪ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن (جي نسبت) ۾ بدڪاريءَ (جي تھمت) جي پڌري ٿيڻ کي دوست رکندا آھن تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
24:20 ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نہ ھجي ھا (تہ ضرور خراب ٿيو ھا) ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
24:21 اي ايمان وارؤ! اوھين شيطان جي وِکن تي نہ ھلو، ۽ جيڪو شيطان جي وکن تي ھلندو تہ شيطان تہ بيحيائي (جون ڳالھيون) ۽ گندا ڪم ڏسيندو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نہ ھجي ھا تہ اوھان مان ڪو ھڪ ڪڏھن نہ سُڌري ھا پر الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) پاڪ ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
24:22 ۽ اوھان مان فضل وارا ۽ آسودا مائٽيءَ وارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندڙن کي (ڪجھ بہ) نہ ڏيڻ جو قسم نہ کڻن، ۽ جڳائي تہ معاف ڪن ۽ ٽارو ڪن، اوھين نہ گھرندا آھيو ڇا تہ الله اوھان کي بخشي؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
24:23 بيشڪ جيڪي (ماڻھو) پاڪدامن بيخبر مؤمنياڻن کي تُھمت لائيندا آھن تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آھي، ۽ اُنھن لاءِ (اُنھي ڏينھن) وڏو عذاب آھي
24:24 اُنھن جيڪي ڪمايو ھو تنھن بابت سندن زبانون ۽ سندن ھٿ ۽ سندن پير جنھن ڏينھن مٿن شاھدي ڏيندا
24:25 اُن ڏينھن الله کين انصاف سان سندن بدلو پُورو ڏيندو ۽ (اھو) ڄاڻندا تہ الله ئي سچو پڌري ڪرڻ وارو آھي
24:26 پليت زالون پليت مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پليت مرد پليت زالن لاءِ (لائق) آھن، ۽ پاڪ زالون پاڪ مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پاڪ مرد پاڪ زالن لاءِ (لائق) آھن، (انھن جي بنسبت ماڻھو) جيڪي چوندا آھن تنھن (ڳالھ) کان اُھي پاڪ آھن، انھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي
24:27 اي ايمان وارؤ! پنھنجن گھرن کانسواءِ ٻـين (ماڻھن جي) گھرن ۾ (ايسين) نہ گھڙو جيسين (نہ) موڪلايو ۽ اُن جي رھڻ وارن تي سلام (نہ) ڏيو، اِھو اوھان لاءِ چڱو آھي منَ اوھين نصيحت وٺو
24:28 پوءِ جيڪڏھن منجھس ڪنھن کي نہ ڏسو تہ اُن ۾ (ايسين) نہ گھڙو، جيسين اوھان کي موڪل (نہ) ڏجي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي چئجي تہ موٽو تہ موٽي وڃو، اِھو اوھان لاءِ تمام سٺو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو، سو الله ڄاڻندڙ آھي
24:29 اھڙن گھرن ۾ گھڙڻ کان اوھان کي ڪو گناھ ڪونھي جنھن ۾ ڪوئي نہ رھندو ھجي منجھس اوھان جو سامان (رکيل) ھجي، ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو، سو الله ڄاڻندو آھي
24:30 مؤمنن کي چئو تہ پنھنجين اکين کي ھيٺ ڪن ۽ پنھنجن اوگھڙن کي بچائيندا رھن، اِھو اُنھن لاءِ تمام سٺو آھي، جيڪي ڪندا آھن تنھن جي بيشڪ الله خبر رکندڙ آھي
24:31 ۽ مؤمنياڻين کي چئو تہ، پنھنجيون اکيون جھڪيون ڪن ۽ پنھنجن اوگھڙن کي بچائينديون رھن ۽ پنھنجي سينگار (يعني زيورن جي جاين) کي ظاھر نہ ڪن، پر اُنھن مان جيڪي ظاھر (ضروري) آھن (جھڙا ھٿ پير) ۽ جڳائين تہ پنھنجن چادرن کي پنھنجي گريبانن تي لاھي ڇڏين، ۽ پنھنجن مڙسن يا پنھنجن پين يا پنھنجن سُھرن يا پنھنجن پُٽن يا پنھنجن مڙسن جي پُٽن يا پنھنجن ڀائرن يا پنھنجن ڀائيٽن يا پنھنجن ڀاڻيجن يا پنھنجن (مسلمان) زائفن يا پنھنجن ٻانَھن يا خدمتگار مردن مان (عورتن ڏانھن) اڻ خواھش وارن يا جن ٻارن کي عورتن جي اوگھڙ جو سماءُ نہ پوي تن کانسواءِ ٻـين (سڀني) جي اڳيان پنھنجو سينگار ظاھر نہ ڪن، ۽ پنھنجن پيرن سان (زيور) ھن لاءِ نہ ڇمڪائين تہ سندن سينگار مان جيڪي ڳجھو آھي، سو ڄاتو وڃي ۽ اي مسلمانؤ! اوھين مڙيئي الله جي اڳيان توبھ ڪريو تہ منَ اوھين ڇُٽو
24:32 ۽ پنھنجيءَ (قوم) مان رنن زالن کي پرڻايو ۽ پنھنجن ٻانھن ۽ پنھنجين ٻانھين مان نيڪن کي (بہ پرڻايو)، جيڪڏھن (ھو) غريب ھوندا تہ الله پنھنجي فضل سان کين آسُودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي
24:33 ۽ جيڪي پرڻجي نہ ٿا سگھن تن کي ايسين پاڪدامن رھڻ گھرجي، جيسين کين الله پنھنجي فضل سان آسودو ڪري، ۽ اوھان جي ٻانھن مان جيڪي (آزاديءَ لاءِ عوض ڏيڻ جو) لکيل انجام گھرن تن ۾ جيڪڏھن ڪا چڱائي ڄاڻو تہ کين لکيل انجام ڏيو، ۽ جيڪو مال الله اوھان کي ڏنو آھي تنھن مان کين ڏيو، ۽ اوھانجيون ٻانھيون جيڪڏھن پاڪدامن رھڻ جو ارادو ڪن ٿيون تہ انھن کي اوھين دُنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ بدڪاريءَ تي زور نہ ڪريو، ۽ جيڪو کين زور ڪندو تہ زور ڪرڻ کانپوءِ انھن (ٻانھين) کي الله بخشڻھار مھربان آھي
24:34 ۽ بيشڪ اوھان ڏانھن چٽيون نشانيون ۽ جيڪي اوھان کان اڳ گذري ويا تن جا مثال ۽ پرھيزگارن لاءِ نصيحت لاٿي سون
24:35 الله آسمانن ۽ زمين کي روشن کي ڪندڙ آھي، سندس نُور جو مثال انھيءَ جاري وانگر آھي، جنھن ۾ ڏيو ھجي، ڏيو قنديل ۾ ھجي، اُھو قنديل ڄڻڪ چمڪندڙ ستارو آھي جو انھيءَ برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻارجي جو نڪي اوڀر ۽ نڪي اولھ (ڄمندو) آھي سندس تيل جيتوڻيڪ باھ نہ پھتي ھجيس تہ بہ سوجھري ڪرڻ کي ويجھو آھي، نُور تي نُور آھي، الله جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي پنھنجي نُور سان سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
24:36 (اُنھيءَ نُور جو ھنڌ) اُنھن گھرن ۾ (آھي) جن لاءِ الله حُڪم ڪيو آھي تہ انھن جي تعظيم ڪجي ۽ انھن ۾ سندس نالو ياد ڪجي انھن ۾ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن
24:37 (يعني اھڙا) مڙس جو کين نڪي واپار ۽ نڪي سودو الله جي ياد ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان جھليندو آھي، انھيءَ ڏينھن کان ڊڄندا آھن، جنھن ۾ دليون ۽ اکيون اُبتيون ٿينديون
24:38 ھن لاءِ تہ جيڪي تمام چڱا عمل ڪيائون، تن جو کين الله بدلو ڏئي ۽ کين پنھنجي فضل سان وڌيڪ بہ ڏئي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي
24:39 ۽ جن ڪُفر ڪيو، تن جا اعمال رڻ پَٽ جي رُڃ وانگر آھن، جو اُڃو اُن کي پاڻي ڀانئي، تانجو جڏھن اُن وٽ پُھچي (تڏھن) اُن کي ڪا شئي نہ لھي ۽ الله کي ئي پاڻ وٽ لھي پوءِ اُھو کيس سندس حساب پورو پُھچائي ڏئي، ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آھي
24:40 يا (ڪافر جي اعمالن جو مثال) اونداھين وانگر آھي جو اُونھي درياءَ ۾ لھرين جي مٿان لھرين ويڙھيس مٿانئس جھُڙ ھُجي، ھڪ ٻئي جي مٿان (اُھي) اونداھيون ھُجن، جڏھن پنھنجو ھٿ ڪڍي (تڏھن) اُن کي ڏسي نہ سگھي، ۽ جنھن کي الله سوجھرو نہ ڏنو تنھن کي ڪو سوجھرو ڪونھي
24:41 نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن سي ۽ کليل پرن وارا پکي الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن؟ بيشڪ سڀئي پنھنجيءَ نماز ۽ پنھنجيءَ تسبيح (پڙھڻ جي طريقي) کان واقف آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي
24:42 ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھت الله جي آھي، ۽ الله ڏانھن ورڻو آھي
24:43 (اي پيغمبر!) نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ الله ڪڪرن کي ھلائيندو آھي، وري انھن کي پاڻ ۾ گڏيندو آھي، وري کين تھن تي تھ ڪندو آھي، پوءِ ڦڙي ڏسندو آھين تہ سندس وچيان نڪرندي آھي ۽ آسمان کان اُتي جي ڳڙن جي جبلن مان ڳڙو وسائيندو آھي پوءِ جنھن کي وڻيس، تنھن کي اُھو لڳائيندو آھي ۽ جنھن کان وڻيس تنھن کان اُھو ٽاريندو آھي، اُن (ڪڪر) جي وِڄ جو چمڪاٽ (ڄڻ تہ) اِجھو اکيون ٿو نِئي
24:44 الله رات ۽ ڏينھن کي مٽائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت آھي
24:45 ۽ الله سڀڪو جاندار پاڻيءَ مان بڻايو آھي، پوءِ منجھائن ڪي پنھنجي پيٽ ڀر ھلندا آھن ۽ منجھانئن ڪي ٻن پيرن تي ھلندا آھن ۽ منجھانئن ڪي چئن (پيرن) تي ھلندا آھن، الله جيڪي گھرندو آھي، سو پيدا ڪندو آھي، ڇو تہ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
24:46 بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيوسون، ۽ الله جنھن کي گھري تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي
24:47 ۽ (منافق) چوندا آھن تہ، الله تي ۽ پيغمبر تي ايمان آندوسون ۽ فرمانبرداري ڪئي سون، وري اُن کانپوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري وڃي ٿي، ۽ اُھي ايمان وارا نہ آھن
24:48 ۽ جڏھن الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏبا آھن تہ سندن وچ ۾ (پيغمبر) نبيرو ڪري (تڏھن) اُمالڪ منجھانئن ھڪ ٽولي منھن موڙيندڙ آھي
24:49 ۽ جيڪڏھن (ڪنھن تي) سندن حق ھوندو آھي تہ پيغمبر ڏانھن ڪنڌ نوائي ايندا آھن
24:50 سندين دلين ۾ بيماري آھي ڇا يا شڪ ۾ پيا آھن يا ڊڄندا آھن تہ الله ۽ سندس پيغمبر مٿن ظلم ڪندو؟ (نہ!) بلڪ اُھي پاڻ بي انصاف آھن
24:51 جڏھن مؤمنن کي الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏبو آھي تہ (پيغمبر) سندن وچ ۾ نبيرو ڪري تڏھن انھن جو چوڻ رڳو ھيءُ ھوندو آھي تہ ٻڌوسون ۽ حُڪم مڃيوسون، ۽ اِھي ڇٽل آھن
24:52 ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو ۽ الله کان ڊڄندو ۽ اُن (جي نافرمانيءَ) کان بچندو، (تہ) پوءِ اِھي ئي مراد ماڻيندڙ آھن
24:53 ۽ الله جا وڏا قسم پڪيءَ طرح کڻندا آھن تہ جيڪڏھن کين (جھاد جو) حُڪم ڪرين تہ ضرور (سڀ ڦٽي ڪري پنھنجي ديس مان) نڪرندا، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوھين قسم نہ کڻو، دستوري فرمانبرداري (ڪريو)، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھيو (تنھن جي) الله خبر رکندڙ آھي
24:54 چئو تہ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ تہ جيڪي پيغمبر تي (الله جي حُڪمن پُھچائڻ جو حق) رکيو ويو، تنھن جو ذمو مٿس ئي آھي ۽ جيڪي اوھان تي رکيو ويو، (تنھن تي عمل ڪرڻ جو حق) اوھان تي ئي آھي، ۽ جيڪڏھن سندس چيو مڃيندؤ تہ ھدايت وارا ٿيندؤ، ۽ پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پُھچائڻ (لازم) آھي
24:55 اوھان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله انجام ڏنو آھي تہ مُلڪ ۾ ضرور کين خليفو ڪندو، جيئن کانئن اڳين کي حاڪم ڪيائين، ۽ سندن اُنھيءَ دين کي جو اُنھن واسطي پسند ڪيو اٿس، اُنھن لاءِ ضرور پختو ڪندو ۽ سندن خوف کان پوءِ کين مٽائي اَمن ڏيندو (اُھي) منھنجي عبادت ڪندا رھندا (۽) مون سان ڪنھن شئي کي شريڪ نہ ڪندا ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي بي دين آھن
24:56 ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو تہ منَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي
24:57 ڪافرن کي نہ ڀانءِ تہ زمين ۾ ٿَڪائيندڙ آھن، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، البتہ اُھو موٽڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي
24:58 اي ايمان وارؤ! اوھان جي ٻانَھن کي ۽ جيڪي اوھان (جي ٻارن) مان بلوغت کي نہ پُھتا آھن، تن کي ٽي وقت (گھرن ۾ اچڻ لاءِ) اوھان کان موڪلائڻ گھرجي، فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجھند جو جڏھن اوھين پنھنجا ڪپڙا لاھي رکندا آھيو ۽ سومھاڻي جي نماز کان پوءِ، (جو اِھي) اوھان لاءِ ٽي اوگھڙ (جا وقت) آھن، اُنھن (وقتن) کان پوءِ (ھڪ ٻئي وٽ اوھان جي اچڻ وڃڻ ۾) نڪي اوھان تي ۽ نڪي اُنھن تي گناھ آھي، اوھين ھڪٻئي تي ھر ھر ڦرندڙ گھرندڙ آھيو اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
24:59 ۽ جڏھن اوھان مان ٻار بلوغت کي پھچن، تڏھن کين اھڙيءَ طرح موڪل وٺڻ گھرجي، جھڙيءَ طرح انھن (ڇوڪرن) جا اڳيان (يعني وڏا) موڪل وٺندا آھن، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حُڪم بيان فرمائي ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
24:60 ۽ جيڪي ٻڍيون زائفون پرڻي جو ڪو آسرو نہ رکنديون ھجن سي جيڪڏھن سينگارجي پڌري نہ ڪرڻ جي ارادي سان پنھنجون چادرون نہ ڍڪين تہ مٿن گناھ ڪونھي، ۽ جيڪڏھن (اُن کان بہ) بچن تہ اُنھن لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
24:61 انڌي تي ڪو حرج نہ آھي ۽ نڪي منڊي تي ڪو حرج ۽ نڪي بيمار تي ڪو حرج ۽ نڪي خود اوھان (ماڻھن) تي (ڪو حرج) آھي، جي اوھين پنھنجن گھرن (مان) يا پنھنجن پيُن جي گھرن يا پنھنجن مائرن جي گھرن يا پنھنجي ڀائرن جي گھرن يا پنھنجن ڀينرن جي گھرن يا پنھنجن چاچن جي گھرن يا پنھنجين پڦين جي گھرن يا پنھنجن مامن جي گھرن يا پنھنجين ماسين جي گھرن يا جن (گھرن) جون ڪنجيون اوھان جي ھٿ آھن، يا پنھنجن دوستن جي گھرن مان کائو، گڏجي (کائڻ) يا ڌار ڌار ٿي کائڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن گھرن ۾ گھڙو تڏھن پنھنجن ماڻھن تي سلام ڏيو جو (اھا) الله وٽان برڪت واري سٺي دُعا آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪندو آھي تہ منَ اوھين سمجھو
24:62 مؤمن رڳا اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو آھي ۽ جڏھن گڏ ٿي ڪَرڻ واري ڪنھن ڪم ۾ ساڻس ھوندا آھن (تڏھن) ايسين ڪيڏي نہ ويندا آھن جيسين کانئن موڪل (نہ) وٺندا آھن، بيشڪ (اي پيغمبر!) جيڪي توکان موڪلائيندا آھن سي اُھي آھن جي الله ۽ سندس پيغمبر کي مڃيندا آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ڪن ڪمن لاءِ توکان موڪلائين تڏھن انھن مان جنھن لاءِ گھرين تنھن کي موڪل ڏي ۽ اُنھن لاءِ الله کان بخشش گُھر، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
24:63 اوھين پيغمبر کي سڏڻ اھڙيءَ طرح نہ ڀانيو جھڙيءَ طرح اوھان جو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي سڏڻ آھي، بيشڪ الله اُنھن کي ڄاڻندو آھي جيڪي اوھان مان ٻئي جي اوٽ ڪري کسڪي ويندا آھن، پوءِ جيڪي سندس حڪم جي ابتڙ ھلندا آھن تن کي پاڻ تي آفت پھچڻ کان يا پاڻ تي ڪنھن ڏکوئيندڙ عذاب پھچڻ کان ڊڄڻ گھرجي
24:64 خبردار! جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي، سو بيشڪ الله جو آھي، جنھن (حال) تي اوھين آھيو تنھن کي بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ جنھن ڏينھن ڏانھس موٽايا ويندا (تنھن ڏينھن) جيڪي (عمل) ڪيائون تنھن جي کين سُڌ ڏيندو، ۽ الله سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي