al-Furqan (الفُرْقَان)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 25 • 77 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
25:1 اُھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي، جنھن پنھنجي ٻانھي تي (حق ۽ باطل جو) فرق ڪندڙ (قرآن ھن لاءِ) نازل ڪيو تہ جھان وارن لاءِ ڊيڄاريندڙ ھجي
25:2 (اُھو آھي) جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي ۽ (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ورتائين ۽ نڪي بادشاھيءَ ۾ ساڻس ڪو شريڪ آھي ۽ سڀڪنھن شئي کي بڻايائين، پوءِ اُن جو اندازو پوريءَ طرح ٺھرايائين
25:3 ۽ (ڪافرن) الله کانسواءِ اُھي معبود ورتا آھن، جو ڪجھ بڻائي نہ سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ پيدا ڪيل آھن ۽ پاڻ لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جو اختيار اٿن ۽ نڪي موت ۽ نڪي حياتيءَ ۽ نڪي وري جيئري ٿيڻ جو اختيار اٿن
25:4 ۽ ڪافر چوندا آھن تہ ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙو قصّو آھي، (جو) اُھو پاڻ ٺاھيو اٿس ۽ اُن (جي ٺاھڻ) تي ٻي قوم بہ کيس مدد ڏني آھي، (اھڙي چوڻ سان) بيشڪ اُنھن ظلم ۽ ڪوڙ (ڪم ۾) آندو آھي
25:5 ۽ چيائون تہ (ھي قرآن) اڳين جا قصّا آھن جو اُھي لکايا اٿس، پوءِ اھي مٿس صُبح ۽ سانجھيءَ پڙھبا آھن
25:6 (اي پيغمبر! کين) چئو تہ، اُھو (قرآن) اُنھي (الله) نازل ڪيو آھي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي
25:7 ۽ (ڪافر) چون ٿا تہ، ھن پيغمبر کي ڇا (ٿيو) آھي، جو کاڌو کائيندو آھي ۽ بازارين ۾ گھمندو آھي، ڏانھس ملائڪ ڇو نہ نازل ڪيو ويو آھي تہ اُھو ساڻس (گڏ) ڊيڄاريندڙ ھجي
25:8 يا ڏانھس (آسمان کان) خزانو ڇو نہ اُڇليو ويو يا اُن کي ڪو باغ ڇو نہ آھي، جو منجھانئس کائي ۽ ظالم چوندا آھن تہ، اوھين رڳو جادو ڪيل ماڻھو جي تابعداري ڪندا آھيو
25:9 (اي پيغمبر) ڏس تہ تو لاءِ ڪھڙي طرح جون ڳالھيون ڪندا آھن پوءِ (اُھي) گمراھ ٿيا ۽ (ھاڻي) ڪا واٽ لھي نٿا سگھن
25:10 اُھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي، جيڪڏھن گھري تہ (دنيا ۾) تولاءِ ھن (چيل) کان ڀلا باغ جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، سي توکي ڏئي ۽ تو کي وڏيون ماڙيون (بہ) ڏئي
25:11 بلڪ قيامت کي ڪُوڙ ڀانيو اٿن ۽ جنھن قيامت کي ڪوڙو ڀانيو تنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿئون
25:12 جڏھن (دوزخ) اُنھن کي ڏوراھين ھنڌ کان ڏسندو (تڏھن) اُن جون ڪاوڙ جون ھڪلون ۽ گجڪار ٻڌندا
25:13 ۽ جڏھن اُتان ھٿ پير جڪڙيل، سوڙھي ھنڌ سٽيا ويندا (تڏھن) اُتي (پاڻ لاءِ) ھلاڪت کي سڏيندا
25:14 (چيو ويندن تہ) اڄ اوھين ھڪ ھلاڪت کي نہ پڪاريو پر گھڻن ھلاڪتن کي پُڪاريو
25:15 (اي پيغمبر!) کين چئو تہ اُھو ڀلو آھي يا اُھو ھميشہ وارو بھشت جنھن جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي؟ جو اُنھن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو ھنڌ ھوندو
25:16 جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس سدائين (موجود) ھوندو، تنھنجي پالڻھار کان (اِھو) وعدو گھريل آھي
25:17 ۽ اُن ڏينھن کين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن، تن کي الله گڏ ڪندو، پوءِ چوندو تہ اوھان ھنن منھنجن ٻانَھن کي گمراھ ڪيو ھو يا اُھي پاڻ واٽ کان گمراھ ٿيا ھئا؟
25:18 چوندا تہ تنھنجي پاڪائي بيان ٿا ڪريون، تو کانسواءِ اسان کي ڪو دوست وٺڻ نہ جڳائيندو ھو، پر اُنھن کي ۽ سندن پين ڏاڏن کي آسودو ڪيئي تان جو نصيحت وساريائون ۽ ھلاڪ ٿيل قوم ٿيا
25:19 پوءِ (چونداسون تہ اي ڪافرؤ!) بيشڪ جيڪي (ڳالھيون ھنن معبودن بابت) چيوَ ٿي تن ۾ اُنھن اوھان کي ڪُوڙو ڪيو پوءِ (اوھين) نڪي عذاب ٽاري سگھو ٿا ۽ نڪي مدد وٺي سگھو ٿا، ۽ اوھان مان جنھن ظلم ڪيو ھوندو تنھن کي وڏو عذاب چکائينداسون
25:20 ۽ توکان اڳ پيغمبرن مان جيترا بہ موڪلياسون سي (بہ تو ئي وانگر) کاڌو کائيندا ھئا ۽ بازارين ۾ گھمندا ھئا، ۽ اوھان کي (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي لاءِ پرک ڪيو اٿئون، (تہ ڏسون تہ) صبر ڪريو ٿا (يا نہ)؟ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏسندڙ آھي
25:21 ۽ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نہ رکندا آھن سي چوندا آھن تہ اسان تي ڇو نہ ملائڪ نازل ڪيا ويا يا پنھنجي پالڻھار کي (ڇو نہ ٿا) ڏسون؟ بيشڪ اُنھن پنھنجن دلين (نفسن) ۾ وڏائي ڪئي ۽ تمام وڏو ھٺ ڪيائون
25:22 جنھن ڏينھن ملائڪن کي ڏسندا تنھن ڏينھن ڏوھارين لاءِ ڪا خوشخبري نہ آھي ۽ چوندا تہ (الله ڪري اوھين شال) گھڻو پري ھجو!
25:23 ۽ جيڪو بہ عمل ڪيائون تنھن ڏانھن اسين رخ ڪنداسون، پوءِ اُن کي اڏاميل ڌوڙ ڪري ڇڏينداسون
25:24 اُنھيءَ ڏينھن بھشتن جي رھڻ جي جاءِ تمام ڀلي ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ بہ تمام سھڻي ھوندي
25:25 ۽ جنھن ڏينھن آسمان ڪڪرن سان ڦاٽندو ۽ ملائڪ لڳو لڳ لاھبا
25:26 اُن ڏينھن سچي حڪومت ٻاجھاري (الله) جي آھي، ۽ اُھو ڏينھن ڪافرن تي سخت ٿيندو
25:27 ۽ جنھن ڏينھن ظالم پنھنجا ٻئي ھٿ چَٻيندو چوندو تہ، ھاءِ اَرمان! (جيڪر) پيغمبر سان گڏ واٽ وٺان ھا! (تہ چڱو ھو)
25:28 ھاءِ ھاءِ ارمان! جيڪر فلاڻي کي دوست نہ وٺان ھا
25:29 بيشڪ جڏھن مون وٽ نصيحت آئي تنھن کانپوءِ ھن مون کي اُن کان گمراھ ڪيو، ۽ شيطان ماڻھوءَ کي (وقت تي) دغا ڏيندڙ آھي
25:30 ۽ پيغمبر چوندو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منھنجيءَ قوم ھن قرآن کي ڇڏي ڏنو ھو
25:31 ۽ اھڙيءَ طرح سڀڪنھن پيغمبر لاءِ ڏوھارين مان ويري بڻاياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار ھدايت ڪرڻ وارو ۽ مدد ڏيڻ وارو ڪافي آھي
25:32 ۽ ڪافر چون ٿا تہ، پيغمبر تي سارو قرآن ھڪ ئي ڀيري ڇو نہ نازل ڪيو ويو؟ اھڙيءَ طرح (ٿورو ٿورو ڪري لاٿوسون)، تہ اُن سان تنھنجيءَ دل کي مضبوط ڪريون ۽ اُھو آھستي آھستي پڙھي ٻڌايوسون
25:33 ۽ (ڪافر) تو وٽ اھڙي ڪا حُجّت نہ ٿا آڻين جنھنجو اسين سچو (جواب) ۽ وڌيڪ سھڻو تفصيل تو وٽ نہ ٿا آڻيون
25:34 جيڪي پنھنجن منھن ڀر دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا اُھي جاءِ جي اعتبار کان تمام بُڇڙا ۽ واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن!
25:35 ۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ۽ ساڻس سندس ڀاءُ ھارون وزير ڪيوسون
25:36 پوءِ چيوسون تہ (ٻئي) اُنھيءَ قوم ڏانھن وڃو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، پوءِ (آخر) کين پاڙئون پٽيوسون
25:37 ۽ نوح جي قوم جڏھن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو (تڏھن) کين ٻوڙيوسون ۽ کين ماڻھن لاءِ (عبرت وٺڻ جي) نشاني بڻايو سون، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيوسون
25:38 ۽ عادين ۽ ثمودين ۽ رَس وارن ۽ اُنھن جي وچ ۾ گھڻن جُڳن کي (ناس ڪيوسون)
25:39 ۽ ھر ھڪ کي بيان ڪري ٻڌايوسون، ۽ سڀني کي ناس ڪيوسون (جيئن) ناس ڪرڻ (گھرجي)
25:40 ۽ بيشڪ (ڪافر) اُن ڳوٺ وٽان ٿي آيا آھن، جنھن تي (پٿرن جو) بڇڙو مينھن وسايو ويو ھو، اُن کي نہ ٿي ڏٺائون ڇا؟ بلڪ اُھي وري جيئري ٿيڻ جي اُميد نہ رکندا ھئا
25:41 ۽ جڏھن تو کي ڏسن ٿا، (تڏھن) تو کي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺن ٿا (چون ٿا تہ) ھيءُ اُھو (شخص) آھي ڇا جنھن کي الله پيغمبر ڪري موڪليو آھي؟
25:42 بيشڪ اسان کي پنھنجن بتن (جي پوڄا) کان تڏھن ئي ڀُلائي ڇڏي ھا، جيڪڏھن اسين مٿن پڪا نہ رھون ھا ۽ جڏھن عذاب ڏسندا (تڏھن) ڄاڻندا تہ واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ ڪير آھي؟
25:43 (اي پيغمبر! تو) اُن کي ڏٺو جنھن پنھنجيءَ سَڌ کي پنھنجو معبود ڪري ورتو؟ پوءِ تون مٿس ڪو نگھبان ٿيندين ڇا؟
25:44 ڀانيو اٿئي ڇا تہ منجھانئن گھڻا ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا؟ اُھي رڳو ڍورن وانگر آھن، بلڪ اُھي واٽ کي (جانورن کان بہ) وڌيڪ وڃائيندڙ آھن
25:45 (اي پيغمبر!) پنھنجي پالڻھار ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ پاڇي کي ڪيئن ڊگھو ڪيائين؟ ۽ جيڪڏھن گھري ھا تہ اُن کي (ھڪ ھنڌ) بيھاري ڇڏي ھا! وري سج کي مٿس (پنھنجيءَ قدرت جو) دليل ڪيوسون
25:46 وري اُن (پاڇي) کي پاڻ ڏانھن ھوريان ھوريان سوڙھو ڪيوسون (جيئن) سوڙھو ڪرڻ (گھرجي)
25:47 ۽ (الله) اُھو آھي، جنھن اوھان لاءِ رات کي پردو ۽ ننڊ کي آرام ڪيو ۽ ڏينھن کي ٽڙڻ پکڙڻ جو وقت ڪيائين
25:48 ۽ (الله) اُھو آھي جنھن پنھنجيءَ ٻاجھ (يعني مينھن) کان اڳي وائُن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو، ۽ آسمان مان پاڪ پاڻي (ھن لاءِ) وسايوسون
25:49 تہ اُن سان ويران شھر کي آباد ڪريون ۽ تہ پنھنجن پيدا ڪيل ڍورن ۽ گھڻن ماڻھن کي اُھو پياريون
25:50 ۽ بيشڪ اُن (مينھن) کي سندن وچ ۾ ھن ڪري ڦيرائيندڙ آھيون تہ نصيحت وٺن، پوءِ گھڻا ماڻھو بي شڪريءَ کانسواءِ نٿا رھن
25:51 ۽ جيڪڏھن گھرون ھا تہ ھر ھڪ ڳوٺ ۾ ھڪ ڊيڄاريندڙ موڪليون ھا
25:52 پوءِ تون ڪافرن جو چيو نہ مڃ ۽ اُن (قرآن جي حُڪم) سان (مقابلي طرح) ساڻن وڏو جھاد ڪر
25:53 ۽ (الله) اُھو آھي، جنھن ٻن دريائن کي پاڻ ۾ ملايو جو ھيءُ (ھڪڙو) مِٺو اُڃ لاھيندڙ ۽ ھيءُ (ٻيو) لوڻاٺيو کارو آھي، ۽ سندن وچ ۾ اوٽ ۽ مضبوط پردو بڻايائين
25:54 ۽ (الله) اُھو آھي جنھن پاڻيءَ مان ماڻھوءَ کي بڻايو پوءِ کيس پيڙھيءَ ۽ سيڻپيءَ (ساھراڻ) جي مائٽيءَ وارو ڪيائين، ۽ تنھنجو پالڻھار وس وارو آھي
25:55 ۽ الله کان سواءِ اھڙن جي پوڄا ڪندا آھن، جي کين نہ ڪي سُک ڏين ۽ نہ ڪو کين ڏک پھچائن، ۽ ڪافر پنھنجي پالڻھار کي پُٺي ڏيڻ وارو آھي
25:56 ۽ (اي پيغمبر!) اسان تو کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آھي
25:57 (کين) چئو تہ، آءٌ اوھان کان اُن (قرآن جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، پر جيڪو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺڻ گھري (سو ڀل تہ وٺي)
25:58 ۽ (اي پيغمبر! تون اُنھيءَ الله) جيئري تي ڀروسو ڪر، جيڪو (ڪڏھن) نہ مرندو ۽ سنديس ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر، ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڪافي آھي
25:59 جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي (سو) ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو، وري عرش تي قائم ٿيو، (اُھو) ٻاجھارو آھي، پوءِ سندس (صفتون) ڪنھن خبر رکندڙ کان پُڇ
25:60 ۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ رحمٰن کي سجدو ڪريو، (تڏھن) چوندا آھن تہ رحمٰن ڇا آھي؟ جنھن لاءِ اسان کي حُڪم ٿو ڪرين، تنھن کي ڇو سجدو ڪريون؟ ۽ (اُنھيءَ ڳالھ ھٿئون) سندن نفرت وڌائي
25:61 اُُھو (الله) وڏيءَ برڪت وارو آھي، جنھن آسمان ۾ برج بڻايا ۽ منجھس ڏيو (يعني سِج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بڻايو
25:62 ۽ (الله) اُھو آھي، جنھن رات ۽ ڏينھن کي ھڪ ٻئي جي پٺيان ايندڙ اُنھيءَ (ماڻھوءَ) لاءِ بڻايو، جيڪو نصيحت وٺڻ گھري يا شڪرانو ڪرڻ گھري
25:63 ۽ ٻاجھاري (الله) جا ٻانھا اُھي آھن جيڪي زمين تي نِوڙت سان گھمندا آھن ۽ جڏھن بي عقل ساڻن ڳالھائيندا آھن (تڏھن) چوندا آھن تہ سلامت ھجو (شال)
25:64 ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندڙ ۽ قيام ڪندڙ ٿي راتيون گذاريندا آھن
25:65 ۽ اُھي جيڪي چوندا آھن تہ، اي اسان جا پالڻھار! اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار! بيشڪ دوزخ جو عذاب (وڏي) چَٽي آھي
25:66 بيشڪ اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۽ رھڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي
25:67 ۽ اُھي جو جڏھن خرچ ڪندا آھن (تڏھن) نہ ڪي اجايو خرچيندا آھن ۽ نہ ڪي تنگي ڪندا آھن ۽ اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ پورا ھلندا آھن
25:68 ۽ اُھي جيڪي الله ساڻ ڪنھن ٻئي معبود کي نہ پوڄيندا آھن ۽ نڪي اھڙي ماڻھوءَ کي ماريندا آھن، جنھنجو حق کانسواءِ مارڻ الله حرام ڪيو آھي ۽ نڪي زنا ڪندا آھن، ۽ جيڪو اِھي ڪم ڪندو، سو سخت عذاب لھندو
25:69 قيامت جي ڏينھن اُن کي ٻيڻو عذاب ڪبو ۽ منجھس سدائين خوار رھندو
25:70 پر جن توبھ ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي، اُھي آھن جن جون مدايون الله ڦيرائي نيڪيون ڪندو ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
25:71 ۽ جيڪو توبھ ڪري ۽ چڱا ڪم ڪري سو بيشڪ الله ڏانھن نيٺ وري موٽي ٿو
25:72 ۽ اُھي جيڪي ڪوڙي شاھدي نہ ڏيندا آھن ۽ جڏھن بيھودي ڪم تي لنگھندا آھن (تڏھن چڱيءَ ريت) معززن وانگر لنگھندا آھن
25:73 ۽ اُھي جو جڏھن کين سندن پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏبي آھي (تہ) اُن (جي ٻڌڻ) سان ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نہ ڪرندا آھن
25:74 ۽ اُھي جيڪي چوندا آھن تہ، اي اسانجا پالڻھار! اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار بخش ۽ اسان کي پرھيزگارن جو اِمام ڪر
25:75 اِھي (اُھي) آھن، جن کي سندن صبر سببان وڏيون ماڙيون عوض ۾ ڏبيون ۽ اُن ۾ چڱي دُعا ۽ سلام پھچائبن
25:76 منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اُھو آرام ڪرڻ جو ۽ رھڻ جو سھڻو ھنڌ آھي
25:77 (اي پيغمبر کين) چئو تہ جيڪڏھن (الله کي) اوھان جو سڏڻ نہ ھجي تہ منھنجي پالڻھار کي اوھان جي ڪا پرواھ نہ آھي، بيشڪ اوھان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو، تنھنڪري سگھو (اوھان لاءِ) عذاب لازم ٿيندو