Ibrahim (إِبْرَاهِيم)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 14 • 52 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
14:1 الٓرٰ، ھيءُ ڪتاب آھي جو (اي پيغمبر!) اُھو اسان توڏانھن ھن لاءِ نازل ڪيو تہ ماڻھن کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍين، ۽ سندن رب جي حُڪم سان اُنھي ساراھيل غالب الله جي واٽ تي آڻين
14:2 جنھن جو اُھو (سڀئي) آھي جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي، ۽ سخت عذاب جي ڪري اُنھن ڪافرن لاءِ ويل آھي
14:3 جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي حياتيءَ کان وڌيڪ پيارو رکندا آھن ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، اِھي وڏي گمراھيءَ ۾ آھن
14:4 ۽ ڪنھن پيغمبر کي سندس قوم جي ٻوليءَ کانسواءِ ٻيءَ (ٻوليءَ) سان نہ موڪليوسون (ھن لاءِ) تہ اُنھن کي (پڌرو) بيان ڪري پوءِ الله جنھن کي گھري ٿو تنھن کي گمراھ ۽ جنھن لاءِ وڻيس تنھن کي ھدايت ڪري ٿو، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
14:5 ۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن معجزن سان موڪليوسون (چيوسون) تہ پنھنجي قوم کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍ، ۽ کين الله (جي ڏمر) وارا ڏينھن ياد ڏيار، بيشڪ اُن ۾ ھر ھڪ صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن
14:6 ۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو تہ پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو جڏھن تہ فرعون جي (اُنھن) ماڻھن کان اوھان کي بچايائين جيڪي اوھان کي سخت عذاب چکائيندا ھئا، ۽ اوھان جي پُٽ ڪُھندا ھئا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھئا، ۽ ھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي آزمائش ھُئي
14:7 ۽ جڏھن اوھان جي پالڻھار اوھان کي خبردار ڪيو تہ جيڪڏھن اوھين (منھنجو) شڪرانو ڪندؤ تہ اوھان کي ضرور وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ تہ بيشڪ منھنجو عذاب سخت آھي
14:8 ۽ موسىٰ چيو تہ اوھان جو ۽ سڀني جھان وارن جو انڪار ڪرڻ (الله کي ڪجھ نقصان لائي نہ سگھندو) ڇو تہ الله بي پرواھ ساراھيل آھي
14:9 اوھان کي اُنھن جي سُڌ نہ پھتي آھي ڇا؟ جيڪي اوھان کان اڳ نوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم ھئا، ۽ جيڪي کانئن پوءِ ھئا، جن کي الله کان سواءِ ڪوئي نہ ڄاڻندو آھي، سندن پيغمبر وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ پنھنجا ھٿ واتن ۾ ورايائون ۽ چيائون تہ جنھن شئي سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون ۽ جنھن ڏانھن اوھين اسان کي سڏيندا آھيو تنھن کان اسين سخت شڪ ۾ پيل آھيون
14:10 سندن پيغمبرن چيو تہ (اوھان کي) آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله جي بابت ڪو شڪ آھي ڇا؟ (اُھو) اوھان کي ھن لاءِ سڏيندو آھي تہ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ ٺھرايل مدت تائين اوھان کي مُھلت ڏئي، چيائون تہ اوھين بہ اسان جھڙا ماڻھو آھيو (تنھنڪري اوھانجي چوڻ تي ڪيئن لڳون)، جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھئا تن کان اسان کي جھلڻ جو ارادو رکندا آھيو (جي سچا آھيو) تہ اسان وٽ ڪو پڌرو دليل آڻيو
14:11 سندن پيغمبرن کين چيو تہ اسين (بہ) اوھان جھڙا ئي ماڻھو آھيون پر الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن جي لاءِ گھرندو آھي تنھن تي احسان ڪندو آھي، ۽ الله جي حُڪم کانسواءِ اوھان وٽ ڪنھن دليل جي آڻڻ جي اسان کي ڪا سگھ نہ آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي تہ الله تي ڀروسو ڪن
14:12 ۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي تہ الله تي ڀروسو نہ ڪريون ۽ بيشڪ اسان کي اسانجي سِڌن رستن جي ھدايت ڪيائين، ۽ جيڪي اسان کي ڏکوئيندا آھيو تنھن تي ضرور صبر ڪنداسون، ۽ ڀروسي ڪندڙن کي الله تي ڀروسو ڪرڻ گھرجي
14:13 ۽ ڪافرن پنھنجن پيغمبرن کي چيو تہ اوھان کي پنھنجي مُلڪ مان لوڌينداسون يا اسان جي دين ڏانھن ضرور موٽو، پوءِ سندن پالڻھار اہنھن ڏانھن وحي ڪيو تہ ظالمن کي ضرور ناس ڪنداسون
14:14 ۽ اُنھن کان پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي ضرور رھائينداسين، اِھو انجام اُنھي لاءِ آھي جيڪو منھنجي اڳيان بيھڻ کان ڊڄي ۽ منھنجي دڙڪي کان ڊڄي
14:15 ۽ (پيغمبرن) سوڀ جون دُعائون گھريون ۽ ھر ھٺيلو ضدي نامراد ٿيو
14:16 اُن جي پويان دوزخ آھي ۽ اُن کي پُونءَ جو پاڻي پياريو ويندو
14:17 اُن کي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو ۽ اُن کي ڳيت ڏيئي پي نہ سگھندو ۽ ھر ڪنھن پاسي کان موت ايندس ۽ ھو مُئل نہ ھوندو، ۽ اُن جي پويان سخت عذاب آھي
14:18 جن پنھنجي پالڻھار کان انڪار ڪيو تن جي ڪرتوتن جو مثال اُنھيءَ ڪيريءَ جھڙو آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ۾ واءُ اُڏائي، جيڪي ڪمايائون تنھن جي ذري تي پُھچي نہ سگھندا، اِھائي وڏي گمراھي آھي
14:19 (اي پيغمبر!) نہ ڏٺو اَٿئي ڇا تہ الله آسمانن ۽ زمين کي رِٿ ساڻ بڻايو آھي؟ جيڪڏھن وڻيس تہ اوھان کي نِئي ۽ ٻي نئين خلق آڻي
14:20 ۽ اِھو (ڪرڻ) الله تي اوکو نہ آھي
14:21 ۽ مڙيئي الله جي اڳيان حاضر ٿيندا پوءِ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا تہ اسين اوھان جي پٺيان لڳا ھئاسون پوءِ اوھين الله جي عذاب مان ڪجھ اسان کان ٽارڻ وارا آھيو ڇا؟ (ھٺيلا) چوندا تہ الله اسان کي ھدايت ڪري ھا تہ اسين بہ اوھان کي ھدايت ڪريون ھا، (ھاڻي) اسان جو رئڻ رڙڻ يا اسان جو صبر ڪرڻ اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھي اسان کي ڪا واھ ڪانہ آھي
14:22 ۽ جڏھن ڪم پورو ڪيو ويندو تڏھن شيطان چوندو الله اوھان سان سچو انجام ڪيو ھو ۽ مون اوھان سان (ڪوڙو) وعدو ڪيو ھو پوءِ اوھان سان نہ پاڙيم، مون کي اوھان تي اوھان جي سڏڻ کانسواءِ (ٻيو ڪو) زور نہ ھو پوءِ اوھان منھنجو چيو قبول ڪيو، تنھنڪري مون کي ملامت نہ ڪريو، ۽ (ھاڻي) پاڻ کي ڦٽ لعنت ڪريو، آءٌ اوھان جي دانھن ورنائڻ وارو نہ آھيان ۽ نڪي اوھين منھنجي دانھن ٻڌڻ وارا آھيو، اوھان اڳي مون کي (الله) جو شريڪ بڻايو ھو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان، ڇو تہ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
14:23 ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي (اُنھن) باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن پنھنجي پالڻھار جي موڪل سان منجھن سدائين رھندڙ آھن، منجھس سندن کيڪار سلام آھي
14:24 (اي پيغمبر!) تو کي معلوم نہ آھي ڇا؟ تہ الله ڪھڙو مثال بيان ڪيو آھي پاڪ ڪلمون (اھڙي) پاڪ وڻ وانگر آھي جنھن جي پاڙ مضبوط آھي ۽ سندس ٽاريون آسمان ۾ ھجن
14:25 پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان ھر وقت پنھنجا ميوا ڏيندو ھجي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي منَ اُھي نصيحت وٺن
14:26 ۽ بڇڙي لفظ جو مثال (اھڙي) بڇڙي وڻ وانگر آھي جو زمين تان پٽيو ويو اُن کي ڪو (پڪي پاڙ جو) ٽِڪاءُ نہ آھي
14:27 جن ايمان آندو تن کي الله دُنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ پڪي قول سام مضبوط رکندو آھي، ۽ الله ظالمن کي گمراھ ڪندو آھي، ۽ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي
14:28 (اي پيغمبر!) تو کي اُھي معلوم نہ آھن ڇا؟ جن بي شُڪريءَ سببان الله جي نعمتن کي مٽايو ۽ پنھنجي قوم کي تباھيءَ جي گھر ۾ وڌو
14:29 دوزخ (۾)، اُھي منجھس گھڙندا، اُھو بڇڙو ٽڪاڻو آھي
14:30 ۽ الله سان شريڪ مقرر ڪيائون تہ سندس واٽ کان (ماڻھن کي) ڀُلائين، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوھين مزا ماڻي وٺو ڇو تہ اوھان جو (دوزخ جي) باھ ڏانھن موٽڻ آھي
14:31 (اي پيغمبر!) منھنجن اُنھن ٻانھن کي چئو جن ايمان آندو آھي تہ نماز پڙھندا رھن ۽ جيڪي کين رزق ڏنو اٿئون تنھن منجھان ڳجھو ۽ پڌرو اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪندا رھن جنھن ۾ نہ ڪو واپار ۽ نہ ڪا ياراڻي ھوندي
14:32 الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ آسمان کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان (سڀڪنھن جنس جي) ميون مان اوھان جي روزي ڪڍيائين، اوھان کي ٻيڙيون ھن لاءِ نِوائي ڏنائين تہ سندس حُڪم سان سمنڊ ۾ ترنديون رھن، ۽ اوھان کي نديون (بہ) نِوائي ڏنائين
14:33 ۽ اوھان لاءِ سدائين ھلندڙ سج ۽ چنڊ نِوائي ڏنائين، ۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن نِوائي ڏنائين
14:34 ۽ جيڪا شئي کانئس گھريوَ تنھن سڀ مان ڪجھ اوھان کي ڏنائين، ۽ جيڪڏھن الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ تہ اُھي ڳڻي نہ سگھندؤ، بيشڪ انسان ضرور بي انصاف بي شڪر آھي
14:35 ۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! ھن شھر (مڪي) کي امن وارو ڪر ۽ مون کي ۽ منھنجي اولاد کي بُتن جي پوڄڻ کان پاسي ڪر
14:36 اي منھنجا پالڻھار! اُنھن (بتن) ماڻھن مان گھڻن کي ڀُلايو آھي، پوءِ جيڪو منھنجي پويان لڳو سو بيشڪ منھنجو آھي، ۽ جنھن منھنجي نافرماني ڪئي تہ بيشڪ تون بخشڻھار مھربان آھين
14:37 اي اسانجا پالڻھار! مون پنھنجي اولاد مان ڪن کي غير آباد ميدان ۾ تنھنجي تعظيم واري گھر (بيت الله) وٽ ھِن لاءِ ٽڪايو آھي تہ اي اسانجا پالڻھار! اُھي نماز پڙھن پوءِ ڪن ماڻھن جون دليون اُنھن ڏانھن لڙندڙيون ڪر ۽ کين ميون جي روزي ڏي تہ منَ اُھي شُڪرانو ڪن
14:38 اي اسان جا پالڻھار! جيڪي (اسين) ڳجھو ڪريون ٿا ۽ جيڪي پڌرو ڪريون ٿا سو تون ڄاڻندو آھين، ۽ ڪا شئي نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ الله کان ڳُجھي آھي
14:39 سڀ ساراھ اُنھي الله کي جڳائي جنھن مون کي ٻڍاپي ۾ اسماعيل ۽ اسحاق عطا ڪيو، ڇو تہ منھنجو پالڻھار ضرور دُعا ٻڌندڙ آھي
14:40 اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ منھنجي اولاد مان ڪن کي نماز پڙھندڙ ڪر ۽ اي اسان جا پالڻھار! منھنجي دُعا قبول ڪر
14:41 اي اسان جا پالڻھار! مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي ۽ مؤمنن کي (اُنھي ڏينھن) بخش جنھن ڏينھن حساب قائم ٿيندو
14:42 ۽ جيڪي ظالم ڪندا آھن تنھن کان الله کي بي خبر ھر گز نہ ڀانءِ الله رڳو کين اُنھي (ڏينھن) تائين ڍر ڏني آھي جنھن ڏينھن اکيون ٽڙي وينديون
14:43 پنھنجا ڳاٽ کڻندڙ تڪڙا ڊوڙندڙ ھوندا! پاڻ ڏانھن سندن نظر وري نہ سگھندي، ۽ سندين دلون پيون دھڪنديون
14:44 ۽ (اي پيغمبر!) ماڻھن کي اُن ڏينھن کان ڊيڄار (جنھن ڏينھن) کين عذاب پھچندو پوءِ ظالم چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ويجھيءَ مدت تائين مُھلت ڏي تہ تنھنجي سڏڻ کي قبول ڪريون ۽ پيغمبرن جي فرمانبرداري ڪريون، (چيو ويندن تہ) ھن کان اڳ اوھين قسم نہ کڻندا ھيؤ ڇا تہ اوھان کي ڪا زوالي نہ ٿيندي؟
14:45 ۽ اوھين انھن جي جاين ۾ ٽڪيؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ اوھان لاءِ واضح ٿيو تہ اُنھن سان ڪيئن ڪيوسون ۽ اوھان لاءِ ڪيئي مثال بيان ڪياسون
14:46 ۽ بيشڪ اُنھن پنھنجو (وڏو) مڪر ڪيو ۽ الله وٽ سندن مڪر (جي سزا) آھي، ۽ سندن مڪر ڪو اھڙو نہ آھي جنھن سان جبل (پنھنجي جاين کان) ھٽي وڃن
14:47 پوءِ (اي پيغمبر!) الله کي پنھنجن پيغمبرن ساڻ پنھنجي وعدي جي خلافي ڪندڙ ھرگز نہ ڀانءِ، ڇو تہ الله زبردست (اُن ڏينھن) بدلي وٺڻ وارو آھي
14:48 جنھن ڏينھن ھيءَ زمين مٽائي ٻي زمين ڪئي ويندي ۽ آسمان (بہ) ۽ (سڀ ماڻھو) الله ھڪڙي زبردست جي آڏو ٿيندا
14:49 ۽ اُن ڏينھن ڏوھارن کي زنجيرن ۾ ٻَڌل ڏسندين
14:50 سندن ڪپڙا گندرف مان ھوندا ۽ سندن مُنھن کي باھ وڪوڙيندين
14:51 ھن لاءِ تہ ھر ڪنھن ماڻھو جيڪي ڪمايو تنھن جو اُن کي الله بدلو ڏئي، بيشڪ الله جلد حساب ڪندڙ آھي
14:52 اِھو (قرآن) ماڻھن کي پھچائڻو آھي تہ اُن سان ڊيڄاريا وڃن ۽ ڄاڻن تہ اُنھي ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نہ آھي ۽ عقل وارا نصيحت وٺن