13:1
الٓمٓرٰ، ھي ڪتاب جون آيتون آھن، ۽ جيڪي توڏانھن تنھنجي پالڻھار وٽان نازل ڪيو ويو سو حق آھي پر گھڻا ماڻھو نہ مڃيندا آھن
13:2
الله اُھو آھي جنھن آسمانن کي بنا ٿنڀن جي کڙو ڪيو آھي اُنھن کي ڏسو ٿا وري عرش ڏي متوجہ ٿيو ۽ سج ۽ چنڊ کي نوايائين، سڀڪو ٺھرايل مدت تائين ھلندو آھي، (اُھو) سڀني ڪمن کي رٿيندو آھي نشانيون تفصيل سان بيان ڪندو آھي تہ منَ اوھين پنھنجي پالڻھار جي مِلڻ جو يقين ڪريو
13:3
۽ اُھو (الله) آھي جنھن زمين کي پکيڙيو ۽ منجھس جبل ۽ درياء بڻايائين، ۽ منجھس سڀ ڪنھن ميوي مان ٻہ ٻہ قِسم بڻايائين، ڏينھن کي رات سان ڍڪيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ پروڙيندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن
13:4
۽ زمين ۾ (مختلف قسم جا) ٽُڪرا لڳو لڳ آھن ۽ انگورن جا باغ آھن ۽ پوکون ۽ کجيون آھن (انھن مان ڪي) جُھڳٽا ۽ (ڪي) ھڪ ٿُڙ وارا آھن اُنھن کي ھڪ ئي پاڻي پياريو ويندو آھي، ۽ اسين ميوي ۾ ڪن (جي مزي) کي ڪِن کان وڌيڪ ڪندا آھيون، بيشڪ اُن ۾ سمجھندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن
13:5
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن تو کي (سندن انڪار جو) عجب ٿيندو آھي تہ سندن (ھن) چوڻ جو بہ عجب (ڪرڻو) آھي (جو چوندا آھن) تہ جڏھن مٽي ٿينداسون تہ اسين وري نئين سر بڻايا وينداسون ڇا؟ اِھي اُھي آھن جن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، ۽ اِھي اُھي آھن جن جي ڳچين ۾ ڳٽ ھوندا، ۽ اِھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
13:6
۽ (اي پيغمبر!) ڀلائي (جي پھچڻ) کان اڳي ئي تو کان برائي جلد گھرندا آھن ۽ بيشڪ کانئن اڳ (ماڻھن تي اھڙا) عذاب ٿي چُڪا آھن، ۽ تنھنجو پالڻھار ماڻھن کي سندن ڏوھي ھجڻ ھوندي بہ بخشڻ وارو آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار سخت عذاب ڪرڻ وارو (بہ) آھي
13:7
۽ ڪافر چوندا آھن تہ ھن (پيغمبر) تي سندس پالڻھار کان (ڪابہ) نشاني ڇو نہ نازل ڪئي وئي آھي؟ (اي پيغمبر) تون رڳو ڊيڄاريندڙ آھين ۽ ھر قوم لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ھوندو آھي
13:8
ھر مادي (پنھنجي پيٽ ۾) جيڪو (حمل) کڻندي آھي سو الله ڄاڻندو آھي ۽ ڳڀيرڻيون جيڪي گھٽائينديون آھن ۽ جيڪي وڌائينديون آھن (سو بہ ڄاڻندو آھي)، ۽ ھر شئي وٽس اندازي سان آھي
13:9
ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ وڏو مٿاھون آھي
13:10
اوھان مان جيڪو ڳالھ ھوريان ڪري ۽ جيڪو وڏي سڏ ڳالھائي ۽ جيڪو رات جو لڪي ۽ ڏينھن جو پڌرو ٿي گھمي (سي سندس علم ۾) ھڪ جھڙا آھن
13:11
اُن (ماڻھو) لاءِ (ملائڪ پھريدار) ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙ سندس اڳتان ۽ سندس پوئتان (مقرر) آھن جو الله جي حُڪم سان اُن جي نگھباني ڪندا آھن، پڪ الله ڪنھن قوم جي حالت کي (ايستائين) نہ ڦيرائيندو آھي جيستائين اُھي جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو (پاڻ) نہ ڦيرائين، ۽ جڏھن الله ڪنھن قوم جي خرابيءَ جو ارادو ڪندو آھي تڏھن اُن کي ڪو ٽَرڻ ڪونھي، ۽ نہ ڪي اُنھن جو الله کانسواءِ ڪو مددگار آھي
13:12
اُھو (الله) آھي جيڪو اوھان کي ڀؤ ۽ اُميد لاءِ وِڄ ڏيکاريندو آھي ۽ ڳَرن ڪڪرن کي اٿاريندو آھي
13:13
۽ گاج ۽ (سڀ) ملائڪ سندس ڀؤ کان سندس ساراھ سان پاڪائي واکاڻيندا آھن، ۽ وِڄون موڪليندو آھي پوءِ اُھي جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي ڪيرائيندو آھي ۽ ڪافر الله بابت تڪرار ڪندا آھن، حالانڪ اُھو سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي
13:14
کيس (ھر حال ۾) سڏڻ حق آھي، ۽ (ڪافر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن سي کين ڪنھن (بہ) طرح ورندي ڏيئي نہ سگھندا (اُنھن سڏيندڙن جو مثال) رڳو اُنھيءَ (ماڻھو) وانگر آھي جو پنھنجو ٻُڪ پاڻي ڏانھن ھن لاءِ ڊگھيريندڙ ھجي تہ پاڻي سندس وات ۾ پوي ۽ اُھو پاڻي سندس وات ۾ پوڻ وارو نہ آھي، ۽ ڪافرن جو سڏڻ رڳو گمراھي ۾ ھجڻ آھي
13:15
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن سي سَرھا ۽ ارھا ٿي الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ سندن پاڇا (بہ) صبح جو ۽ سانجھيءَ جو (سجدو ڪندا آھن)
13:16
(اي پيغمبر! کانئن) پُڇ تہ آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار ڪير آھي؟ (سندن پاران) چئو تہ الله، (وري کانئن) پڇا ڪر تہ پوءِ الله کانسواءِ ٻيا اھڙا مددگار ڇو ورتا اَٿو جي پنھنجو پاڻ کي نڪي نفعو ۽ نڪي نقصان پھچائي سگھندا آھن؟ (۽ اي پيغمبر!) کين چئو تہ اَنڌو ۽ سڄو ڪو برابر آھي ڇا؟ يا اُونداھيون ۽ سوجھرو برابر آھن ڇا؟ الله لاءِ (اھڙا) شريڪ مُقرر ڪيا اَٿن ڇا جو (اُنھن) الله جي مخلوقات جھڙي (خلق) خلقي ھجي جو (اُھا) خلق مٿن ھڪ جھڙي ٿي پيئي آھي؟ (اي پيغمبر! کين) چئو تہ سڀڪنھن جو خلقڻھار الله آھي ۽ اُھوئي اڪيلو غالب آھي
13:17
(جنھن) آسمان کان پاڻي وَسايو پوءِ واديون پنھنجي قدر سارو وھيون پوءِ ڇَر اُڀامندڙ گج کي کنيو، ۽ جيڪا شئي زيورن يا سامان جي طلب ڪرڻ لاءِ باھ ۾ ڳاريندا آھن اُن تي اُن جھڙي گجي (ٿيندي) آھي، اھڙي طرح الله کري ۽ کوٽي جو مثال ڏيندو آھي، پر گج تہ سڪي (ختم ٿي) ويندي آھي، ۽ جا شئي ماڻھن کي نفعو ڏيندي آھي سا زمين ۾ رھندي آھي، اھڙي طرح الله مثال ڏيندو آھي
13:18
جن پنھنجي پالڻھار جو حُڪم قبول ڪيو تن لاءِ ڀلائي آھي، ۽ جيڪي سندس (حُڪم) قبول نہ ٿا ڪن سي جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ ۽ پڻ اوترو ساڻس (ٻيو) اُنھن کي ھجي اُھو جيڪڏھن عيوض ڏين (تہ بہ قبول نہ ڪبو)، اُنھن لاءِ حساب جي خرابي آھي، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا بڇڙي جاءِ آھي
13:19
پوءِ جيڪي تو ڏانھن تنھنجي پالڻھار کان نازل ڪيو ويو آھي تنھن کي جيڪو ڄاڻندو آھي تہ سچ آھي سو ڪو اُن جھڙو آھي ڇا جيڪو انڌو ھجي؟ سمجھ وارن کانسواءِ ڪو نصيحت نہ وٺندو آھي
13:20
جيڪي الله جو انجام پاڙيندا آھن ۽ انجام نہ ڀڃندا آھن
13:21
۽ الله جنھن جي ڳنڍڻ جو حُڪم ڪيو تنھن کي جيڪي (ماڻھو) ڳنڍيندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن ۽ حساب جي سختيءَ جو ڀؤ ڪندا آھن
13:22
۽ جن پنھنجي پالڻھار جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو ۽ نماز پڙھي ۽ جيڪي کين روزي ڏني سون تنھن مان ڳجھو ۽ پڌرو خرچيائون ۽ ڀلائيءَ سان برائي ٽاريندا آھن تن لاءِ آخرت جو گھر آھي
13:23
(جي) ھميشگيءَ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان جيڪي سڌريل ھوندا سي (بہ گھڙندا) ۽ سڀڪنھن دروازي کان مٿن ملائڪ گھڙندا
13:24
(چوندا تہ) اِنھيءَ ڪري جو (ڏکن ۾) صبر ڪيو ھيوَ اوھان تي سلامتي آھي پوءِ آخرت جو گھر ڀلو آھي
13:25
۽ جيڪي الله جو انجام اُن جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃندا آھن ۽ الله جن ڪمن جي ڳنڍڻ جو حُڪم ڪيو آھي سو ڇنندا آھن ۽ زمين ۾ فساد وجھندا آھن، اُنھن تي لعنت آھي ۽ انھن لاءِ بڇڙو گھر آھي
13:26
الله جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن لاءِ روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ تنگ (بہ) ڪندو آھي، ۽ (ڪافر) دنيا جي حياتي سان خوش ٿيندا آھن، ۽ دنيا جي حياتي آخرت ۾ ٿوري موڙيءَ کانسواءِ نہ آھي
13:27
۽ ڪافر چوندا آھن تہ ھن جي پالڻھار کان ھن تي معجزو ڇو نہ نازل ڪيو ويو آھي؟ (اي پيغمبر! کين) چئو تہ الله جنھن جي لاءِ گھرندو آھي تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جيڪي موٽيو تنھن کي پاڻ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي
13:28
(اِھي اُھي آھن) جن ايمان آندو ۽ سندن دليون الله جي ذڪر سان آرامي ٿينديون آھن، خبردار! الله جي ذڪر سان دليون آرام وٺنديون آھن
13:29
جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن لاءِ (آخرت ۾) خوشي ۽ چڱي جاءِ آھي
13:30
اَھڙي طرح تو کي ھڪ اھڙي ٽوليءَ ڏانھن جو، بيشڪ کانئن اڳ ڪيتريون ٽوليون گذري ويون آھن، ھن لاءِ موڪليوسون تہ جيڪي توڏانھن وحي ڪيوسون سو کين پڙھي ٻڌائين ۽ اُھي رحمان جا مُنڪر آھن، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اُھو منھنجو پالڻھار آھي اُن کانسواءِ ٻيو ڪو مَعبُود نہ آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ ڏانھنس منھنجو موٽڻ آھي
13:31
۽ جيڪڏھن سچ پچ قرآن اھڙو ھجي ھا جو اُن سان جبل ھلائجن ھا يا اُن سان زمين ٽڪر ٽڪر ڪجي ھا يا اُن سان مئلن کي ڳالھرائجي ھا (تہ بہ اُھي ايمان نہ آڻين ھا) بلڪ سڀ ڪم الله جي وس ۾ آھن، اڃا مؤمنن نہ ڄاتو آھي ڇا تہ جيڪڏھن الله گھُري ھا تہ سڀني ماڻھن کي ھدايت ڪري ھا؟ ۽ ڪافرن کي سندن ڪرتوتن سببان سدائين سزا پھچندي آھي يا ايستائين سندن گھرن جي آسپاس پئي پھچندي جيستائين الله جو انجام ايندو، ڇو تہ الله پنھنجي انجام کي نہ ڦيرائيندو آھي
13:32
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توکان اڳ پيغمبرن تي ٺـٺوليون ڪيون ويون ھيون پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏنم وري کين پڪڙيم، پوءِ منھنجو عذاب ڪيئن ھو!
13:33
سڀڪنھن ماڻھو جيڪي ڪمايو تنھن جي جيڪو خبر رکندڙ ھجي (سو بيخبرن بتن جھڙو آھي) ڇا؟ ۽ (ڪافرن) الله جا شريڪ مقرر ڪيا آھن، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اُنھن جا نالا بيان ڪريو، يا کيس اُھو چتائيندا آھيو ڇا جيڪي (ھو) زمين ۾ نہ ڄاڻندو آھي؟ يا (بنا حقيقت جي الله سان شريڪ ڪرڻ اِھي) ڇڙيون ڳالھيون آھن، بلڪ ڪافرن کي سندن بڇڙو خيال سھڻو ڪري ڏيکاريو ويو آھي ۽ اُھي سنئين واٽ کان روڪيا ويا آھن، ۽ جنھن کي الله گمراھ ڪري تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو ڪونھي
13:34
اُنھن لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۾ عذاب آھي ۽ بيشڪ آخرت جي سزا تہ بلڪل سخت آھي، ۽ کين الله (جي عذاب) کان ڪو بچائڻ وارو نہ آھي
13:35
جنھن بھشت جو پرھيزگارن سان انجام ڪيو ويو آھي تنھن جو بيان (ھي) آھي، تہ ان جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن، ۽ اُن جا ميوا ھميشہ آھن ۽ اُن جي ڇانوَ (سدائين رھندڙ آھي)، پرھيزگارن جي اھا پڇاڙي آھي، ۽ ڪافرن جي پڇاڙي باھ آھي
13:36
۽ جن کي ڪتاب ڏنو اٿئون سي جيڪي توڏانھن نازل ڪيو ويو آھي تنھن سان سرھا ٿيندا آھن ۽ (انھن) جماعتن مان ڪو اھڙو آھي جو اُن جي ڪن (ڳالھين) جو اِنڪار ڪندو آھي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ مون کي اِنھيءَ کانسواءِ ٻيو حُڪم نہ ڪيو ويو آھي تہ الله جي عبادت ڪريان ۽ ساڻس ڪنھن کي شريڪ نہ ڪريان، ڏانھنس (ماڻھن کي) سڏيان ٿو ۽ ڏانھنس منھنجو موٽڻ آھي
13:37
۽ اھڙي طرح اُن (قرآن) کي (ھڪ) حُڪم (ڪندڙ) عربي (ٻوليءَ) ۾ موڪليوسون، ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن تو پاڻ وٽ علم جي اچڻ کان پوءِ سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين تہ الله وٽان نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو بچائيندڙ لھندين
13:38
۽ بيشڪ توکان اڳ (ڪيترائي) پيغمبر موڪلياسون ۽ کين زالون ۽ اولاد ڏنوسون، ۽ ڪنھن پيغمبر کي الله جي حُڪم کان سواءِ ڪنھن مُعجزي آڻڻ جو اختيار نہ آھي، ھر ڪنھن مدت لاءِ لکيل حُڪم آھي
13:39
الله ميٽيندو آھي جيڪي گھرندو آھي ۽ ثابت رکندو آھي جيڪي گھرندو آھي، ۽ وٽس اصل ڪتاب آھي
13:40
۽ (اي پيغمبر!) جيڪو انجام ساڻن ڪريان ٿو (تنھن مان) جيڪڏھن ڪجھ تو کي ڏيکاريان يا تو کي ماريان تہ (بھرحال) تو تي پيغام پھچائڻ ۽ اسان تي حساب وٺڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نہ آھي
13:41
اڃا نہ ڏسندا آھن ڇا تہ اسين زمين کي سندس چوڌاري گھٽائيندا آھيون، ۽ الله حُڪم ڪندو آھي سندس حُڪم کي ڪو روڪڻ وارو نہ آھي، ۽ اُھو (الله) سگھو حساب وٺندڙ آھي
13:42
۽ جيڪي کانئن اڳ ھئا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ سڀ بڇڙي سزا الله جي ھٿ ۾ آھي، ھر ماڻھو جيڪا ڪمائي ڪندو آھي (سا الله) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪافر سگھو ڄاڻندا تہ ڪنھن لاءِ آخرت جو گھر آھي
13:43
۽ ڪافر چوندا آھن تہ تون پيغمبر نہ آھين، (کين) چئو تہ منھنجي وچ ۾ ۽ اوھان جي وچ ۾ الله شاھد ڪافي آھي ۽ اھي (بہ) جن وٽ ڪتاب جو علم آھي