12:1
الٓرٰ، ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن
12:2
۽ بيشڪ اسان اُن کي قُرآن عربي (ٻوليءَ وارو) ڪري نازل ڪيو تہ منَ اوھين سمجھو
12:3
(اي پيغمبر!) اسين توڏانھن ھن قرآن ۾ پنھنجي وحي موڪلڻ سان تمام سھڻو قصو تو کي پڙھي ٻڌايون ٿا، ۽ جڏھن تہ (تون) ھن کان اڳ بيشڪ بيخبرن مان ھئين
12:4
(ياد ڪر!) جڏھن يوسف پنھنجي پيءُ کي چيو تہ اي (منھنجا) ابا! مون يارھن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺا، اُنھن کي ڏٺم تہ مون کي سجدو ٿا ڪن
12:5
(يعقوب) چيو تہ اي منھنجا پٽڙا! پنھنجو خواب پنھنجن ڀائرن وٽ بيان نہ ڪج نہ تہ تو لاءِ ڪو ڦند ڦيريندا، ڇو تہ شيطان انسان جو پڌرو ويري آھي
12:6
۽ اَھڙي طرح تنھنجو پالڻھار تو کي سڳورو ڪندو ۽ تو کي خوابن جو تعبير سيکاريندو ۽ پنھنجي نعمت تو تي ۽ يعقوب جي اولاد تي (ايئن) پوري ڪندو جھڙي اڳ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيم ۽ اسحاق تي پوري ڪيائين، بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
12:7
بيشڪ يُوسف ۽ سندس ڀائرن (جي قصي) ۾ پڇندڙن لاءِ (گھڻيون) نشانيون آھن
12:8
جڏھن (پاڻ ۾) چيائون تہ بيشڪ يُوسف ۽ سندس (سڳو) ڀاءُ (بنيامين) اسان جي پيءُ وٽ اسان کان وڌيڪ پيارا آھن جيتوڻيڪ اسين (گھڻا ڄڻا) وڏو جٿو آھيون بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ آھي
12:9
(ھاڻي گھرجي تہ) يُوسف کي ڪُھو يا کيس ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو تہ اوھان جي پيءُ جي توجھ رڳو اوھان لاءِ ٿئي ۽ اُن (ڪم) کان پوءِ اوھين سڌريل ٿجو
12:10
منجھانئن (ھڪ) چوندڙ چيو تہ يُوسف کي نہ ماريو ۽ جيڪڏھن (ڪجھ) ڪندڙ آھيو تہ کوھ جي تري ۾ (کڻي) اُڇلايوس تہ ڪو واٽھڙو کيس ڪڍي ويندو
12:11
(يعقوب کي) چيائون تہ اي بابا! تو کي ڇا ٿيو آھي يُوسف جي باري ۾ تو کي اسان تي ڪو ڀروسو نٿو ٿئي حالانڪہ اسين سندس خيرخواھ آھيون
12:12
سڀاڻي اسان ساڻ کيس ڇڏ تہ کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگھبان آھيون
12:13
(يعقوب) چيو تہ اوھان جو کيس نئَڻ مون کي ضرور مونجھو ٿو ڪري ۽ ڊڄان ٿو تہ (متان) کيس بگھڙ کائي ۽ اوھين کانئس بي خبر ھجو
12:14
چيائون تہ اسان جي (گھڻن ڄڻن جي) وڏي ٽولي ھوندي بہ جيڪڏھن کيس بگھڙ کاڌو تہ اسين اُنھيءَ مھل ضرور ٽوٽي وارا ھونداسون
12:15
پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (تنھن مھل) ھن کي کوھ جي تري ۾ اُڇلڻ تي اتفاق ڪيائون، ۽ اسان ان ڏانھن وحي ڪيوسون تہ سندن ھن واقعي جي کين ضرور خبر ڏيندين ۽ اُھي (تو کي) نہ ڄاڻندا
12:16
۽ پنھنجي پيءُ وٽ رات جو روئيندا آيا
12:17
چيائون تہ اي بابا! اسين گوءِ ڀڄڻ وياسون ۽ يُوسف کي پنھنجن سامانن تي ڇڏيوسون پوءِ اُن کي بگھڙ کاڌو ۽ توڻي اسين سچا آھيون تہ بہ تون اسان کي پت ڪندڙ نہ ٿيندين
12:18
۽ سندس پھراڻ تي ڪوڙو رت لائي آندائون، (يعقوب) چيو تہ (ايئن نہ آھي) بلڪ اوھان جي نفسن اوھان لاءِ (اُن) ٺاھ کي ٺاھيو آھي، تنھنڪري (مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اوھين بيان ڪندا رھيا آھيو تنھن تي الله کان ئي مدد گھري وڃي ٿي
12:19
۽ (اُن کوھ تي) قافلو آيو پوءِ پنھنجي پاڻي ڀريندڙ کي موڪليائون جنھن پنھنجو ٻوڪو وڌو، چيائين وھ واھ! ھي نينگر آھي، ۽ کيس ھڪ (چڱي) موڙي سمجھي لڪايائون، ۽ جيڪي ڪيائون ٿي سو الله ڄاڻندڙ ھو
12:20
۽ کيس (ڀائرن) ھلڪيءَ بھا سان وڪيو جو ڪي چند درھم ھئا، سندس حق ۾ بيزاري (ظاھر) ڪندڙ ھئا
12:21
۽ مصر وارن مان جنھن کيس خريد ڪيو تنھن پنھنجي زال (زليخا) کي چيو تہ ھن جي چڱي تعظيم ڪج متان اسان کي ڪو فائدو ڏئي يا کيس پٽيلو ڪري رکون، ۽ ا ھڙي طرح يُوسف کي مصر ۾ جاءِ ڏني سون، ۽ ھن لاءِ تہ کيس خوابن جو تعبير سيکاريون، ۽ الله پنھنجي ڪم تي غالب آھي پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
12:22
۽ جنھن مھل (يُوسف) پنھنجي جوانيءَ کي پھتو (تنھن مھل) کيس حِڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ اھڙي طرح ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون
12:23
۽ جنھن مائيءَ جي گھر ۾ اُھو ھو تنھن سندس نفس کي راڻيو ٿي ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چيائين تہ اوري آءُ! (يوسف) چيو تہ الله جي پناھ (گھريم)! اُنھي منھنجي نپائيندڙ (يعني عزيز) مون کي چڱي ھنڌ رکيو آھي، ھيءَ (ڳالھ) سچي آھي تہ ظالم نہ ڇٽندا
12:24
۽ بيشڪ (اُھا) ان ڏانھن لڙي ۽ (يُوسف) بہ اُن ڏانھن لڙيو، جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو دليل نہ ڏسي ھا (تہ جيڪي ٿيڻو ھو سو ٿئي ھا!)، اھڙي طرح (اِنھي ڪري ٿيو) تہ بڇڙائي ۽ بي حيائي کانئس ٽاريون، سچ آھي تہ اھو اسان جي خالص ٻانھن مان ھو
12:25
۽ ٻئي دروازي ڏانھن ڊوڙيا ۽ مائيءَ ان (يُوسف) جو پھراڻ پٺيءَ کان (ڇڪ ڏيندي) ڦاڙي وڌو ۽ سندس مڙس کي دروازي وٽ مليا، (زليخا) چوڻ لڳي تہ جيڪو تنھنجي گھر واريءَ سان مدائي ڪرڻ جو ارادو ڪري تنھن جي سزا قيد ڪرڻ يا ڏکوئيندڙ عذاب کانسواءِ (ٻي ڪا) نہ آھي
12:26
(يُوسف) چيو تہ اھا پاڻ مون کي منھنجي نفس کان راڻي رھي ھئي، ۽ سندس گھر جي ڀاتين مان ھڪ شاھد شاھدي ڏني، تہ جيڪڏھن ھن جو پھراڻ اڳ کان ڦاڙيو ويو آھي تہ (زليخا) سچي آھي ۽ اُھو ڪوڙن مان آھي
12:27
۽ جيڪڏھن سندس پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ويو آھي تہ (زليخا) ڪوڙي ۽ اُھو سچن مان آھي
12:28
جنھن مھل (عزيز) پھراڻ پٺيءَ کان ڦاٽل ڏٺو (تنھن مھل) چيائين تہ اھو (چوڻ) اوھان (رنن) جي مڪرن مان آھي، ڇو تہ اوھان جو مڪر وڏو آھي
12:29
(اي يوسف!) اِن (ڳالھ) کان منھن موڙ، ۽ (اي زليخا!) تون (بہ) پنھنجي گناھ جي بخشش گھر، ڇو تہ تون ئي خطا وارن مان آھين
12:30
۽ شھر ۾ ڪيترين عورتن پچاريو تہ عزيز جي زال پنھنجي جوان ٻانھي کي سندس نفس کان (بڇڙي ڪم لاءِ) راڻيندي آھي، بيشڪ (يُوسف جو) پيار سندس دل ۾ پيھي ويو آھي، اسين کيس پڌري گمراھيءَ ۾ ضرور ڏسنديون آھيون
12:31
پوءِ جنھن مھل (زليخا) سندن گلا ڪرڻ ٻڌي (تنھن مھل) اُنھن ڏانھن (ماڻھو) موڪليائين ۽ اُنھن لاءِ مجلس تيار ڪيائين ۽ منجھائن ھر ھڪ کي ڪپ ڏنائين ۽ چيائين تہ (اي يُوسف!) مٿن نِڪر، جنھن دم کيس ڏٺائون تہ کيس وڌيڪ (سھڻو) ڄاتائون ۽ (سندس حسن ۾ محو ٿي) پنھنجا ھٿ وڍيائون، ۽ چيائون تہ الله پاڪ آھي ھيءُ (نينگر) ماڻھو نہ آھي، پر (ھڪ) ملائڪ سڳورو آھي
12:32
(زليخا) چيو تہ اِھو اُھو آھي جنھن (جي محبت) ۾ اوھين مون کي ٽوڪينديون ھيون، ۽ بيشڪ سندس نفس کان کيس راڻيم ٿي پوءِ پاڻ بچايائين، ۽ کيس جيڪي حُڪم ڪريان ٿي سو جيڪڏھن نہ ڪندو تہ ضرور قيد ڪيو ويندو ۽ ضرور بي مانن مان ٿيندو
12:33
(يُوسف) چيو اي منھنجا پالڻھار! جنھن (ڪم) ڏانھن مون کي سڏين ٿيون تنھن کان قيد مون کي وڌيڪ پسند آھي، ۽ جيڪڏھن سندن مڪر مون کان نہ ٽاريندين تہ اُنھن ڏانھن لڙندس ۽ جاھلن مان ٿيندس
12:34
پوءِ سندس پالڻھار اُن جي دُعا قبول ڪئي ۽ کانئس اُنھن جو مڪر ٽاريائين بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
12:35
وري بہ نشانين جي ڏسڻ کان پوءِ کين ھي (ڳالھ) نظر آئي تہ ڪجھ وقت تائين کيس ضرور قيد ۾ وجھن
12:36
۽ ساڻس ٻہ جوان قيد ۾ گھڙيا، اُنھن مان ھڪ چيو تہ مون پاڻ کي (ننڊ ۾) ڏٺو تہ شراب نپوڙيان ٿو، ۽ ٻئي چيو تہ مون پاڻ کي مٿي تي ماني کڻندو ۽ منجھانئس پکين کي کائيندو ڏٺو، اسان کي اُن جي تعبير جي خبر ڏي، بيشڪ اسين تو کي ڀلارن مان ڏسون ٿا
12:37
(يُوسف) چيو تہ جيڪو طعام اوھين کارايا ويندا آھيو سو اوھان وٽ ايندو ئي نہ پر اوھان وٽ ان جي اچڻ کان اڳ ئي سندس تعبير آءٌ اوھان کي ڏسيندس، اِھو (تعبير ڪرڻ) اُنھن (ڳالھين) مان آھي جي منھنجي پالڻھار مونکي سيکاريون آھن، بيشڪ مون اُن قوم جي ريت ڦٽي ڪئي آھي جيڪي الله کي نہ مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت جا بہ مُنڪر آھن
12:38
۽ پنھنجي پيءُ ڏاڏن ابراھيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي دين جي پيروي ڪئي اَٿم، ڪنھن شئي کي الله سان شريڪ ڪرڻ اسان کي نہ جڳائيندو آھي، اِھو اسان تي ۽ ٻـين ماڻھن تي الله جو فضل آھي پر گھڻا ماڻھو شڪرانو نہ ڪندا آھن
12:39
اي منھنجا (ٻئي) سنگتي قيدي! (ھي ڳالھ سمجھندا آھيو تہ) جدا جدا گھڻا رب چڱا آھن يا اڪيلو زبردست الله (چڱو آھي)؟
12:40
الله کانسواءِ جن جي اوھين پوڄا ڪندا آھيو اُھي رڳو نالا آھن جو اوھان ۽ اوھان جي پيءُ ڏاڏن نالا رکيا آھن اُنھن جي بابت الله ڪا سندَ نازل نہ ڪئي آھي، الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جي حڪومت نہ آھي، حُڪم ڪيائين تہ خاص اُن (الله) کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نہ ڪريو، اِھو ئي دين سڌو آھي پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
12:41
اي منھنجا قيدي ساٿيو! اوھان مان ھڪڙو پنھنجي بادشاھ کي شراب پياريندو، ۽ ٻيو سوريءَ چاڙھيو ويندو ۽ پوءِ سندس مٿي مان پکي کائيندا، جنھن بابت پڇو ٿا سو ڪم پورو ٿي ويو
12:42
۽ اُنھن ٻنھي مان جنھن لاءِ گمان ھوس تہ (نيٺ) ڇٽندو تنھن کي چيائين تہ پنھنجي بادشاھ وٽ مون کي ياد ڪج، پوءِ شيطان سندس بادشاھ وٽ کانئس يادگيري وسارائي ڇڏي تنھنڪري (يُوسف) ڪيترائي ورھيہ قيد ۾ رھيو
12:43
۽ بادشاھ چيو تہ مون (ننڊ) ۾ ست سٻريون ڳـئون ڏٺيون آھن جن کي ستن ڏٻرين کاڌو ٿي ۽ (پڻ) ست ساوا سنگ ۽ ٻيا ست سُڪا (ڏٺا اٿم)، اي سردارؤ! جيڪڏھن اوھين خواب جو تعبير ڪندا آھيو تہ منھنجي خواب جو مون کي تعبير ٻڌايو
12:44
چيائون (اِھي) پريشان (گنجريل) خواب آھن، ۽ اسين ڪوڙن خوابن جو تعبير نہ ڄاڻندا آھيون
12:45
۽ جيڪو ٻنھين مان ڇُٽو ھو ۽ گھڻي مدت کانپوءِ ياد آيس تنھن چيو تہ اُن جي تعبير جي آءٌ تو کي سُڌ ڏيندس پوءِ مونکي موڪليو
12:46
(پوءِ قيد خاني ڏانھن ويو چيائين تہ) اي سچار يُوسف! ستن سٻرين ڳئن بابت جن کي ستن ڏٻرين کاڌو ۽ ستن ساون سنگن ۽ ٻـين (ستن) سُڪن بابت (تعبير) ٻڌاءِ تہ جيڪر آءٌ ماڻھن ڏانھن موٽان تہ منَ اُھي ڄاڻن
12:47
(يوسف) چيو تہ ست ورھيہ ساندھ پوک ڪندا رھو، پوءِ جيڪو فصل لُڻو (تنھن مان جيڪي کائو تنھن کانسواءِ ٻيو) سڀ سندن سَنگن ۾ رکي ڇڏيو، اُنھن ٿورن کانسواءِ جيڪي اوھين کائو
12:48
وري اُن کانپوءِ ست سال سخت (ڏڪار) جا ايندا اُنھن لاءِ جيڪي (اَن) اڳي رکي ڇڏيو ھوندوَ سو جيڪي بچائي رکندؤ تنھن مان ٿورڙي کانسواءِ (ٻيو سڀ) کائيندا
12:49
وري اُن کانپوءِ اھڙو سال ايندو جنھن ۾ ماڻھن تي مينھن وسايا ويندا ۽ منجھس (ڊاک وغيرھ) نپوڙيندا
12:50
۽ بادشاھ چيو تہ يُوسف کي مون وٽ آڻيو، جنھن مھل وٽس قاصد آيو (تنھن مھل يُوسف) چيو تہ پنھنجي بادشاھ ڏانھن موٽ! پوءِ کانئس پُڇ تہ انھن زائفن جو ڪھڙو حال ھو جن پنھنجا ھٿ وڍيا؟ بيشڪ منھنجو پالڻھار سندن مِڪر کي ڄاڻندڙ آھي
12:51
(بادشاھ عورتن کان) پڇيو تہ اوھان جو ڇا حال ھو جڏھن يُوسف کي سندس نفس کان راڻيوَ ٿي؟ چيائون تہ الله پاڪ آھي ڪا بُڇڙائي مٿس نہ ڄاتي سون، عزيز جي زال چيو تہ ھاڻي حق پڌرو ٿيو، مون کيس سندس نفس کان راڻڻ گھريو ھو ۽ اُھو بيشڪ سچن مان آھي
12:52
(يُوسف چيو تہ) اِھو ھن لاءِ ھو تہ (عزيز) ڄاڻي تہ مون پرپٺ سندس خيانت نہ ڪئي ھئي ۽ الله خيانت ڪندڙن جو فريب پورو ٿيڻ نہ ڏيندو آھي
12:53
۽ (آءٌ) پنھنجي نفس کي پاڪ نہ ٿو ڀانيان، ڇو تہ (جنھن تي) مُنھنجو پالڻھار ٻاجھ ڪري تنھن کانسواءِ نفس (ھميشہ) بڇڙائيءَ ڏانھن گھڻو ڇڪيندڙ آھي، بيشڪ منھنجو پالڻھار بخشڻھار مھربان آھي
12:54
۽ بادشاھ چيو تہ کيس مون وٽ آڻيو تہ (آءٌ) کيس پاڻ لاءِ مقرر ڪريان، پوءِ جنھن مھل ساڻس ڳالھايائين (تنھن مھل سندس سياڻپ سمجھي) چيائين تہ تون اڄ اسان وٽ وڏي معتبر امانت وارو آھين
12:55
(يوسف) چيو تہ مون کي ھن مُلڪ (مصر) جي خزانن تي مقرر ڪر، ڇو تہ آءٌ نگھبان (۽ سڀني ڪمن جو) وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيان
12:56
۽ اھڙي طرح يُوسف کي (اُنھيءَ) ملڪ ۾ مرتبي وارو ڪيوسون، جتي وڻندو ھئس تِتي ٽڪندو ھو، جنھن لاءِ وڻندو اٿئون تنھن تي ٻاجھ پھچائيندا آھيون ۽ نيڪَن جو اجر نہ وڃائيندا آھيون
12:57
۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪندا رھيا تن لاءِ آخرت جو اجر ڀلو آھي
12:58
۽ يُوسف جا ڀائر آيا پوءِ وٽس (لنگھي) ويا تہ کين سڃاتائين ۽ اُھي کيس نہ سڃاڻندا ھئا
12:59
۽ جنھن مھل اُنھن لاءِ سندن سامان تيار ڪيائين (تنھن مھل کين) چيائين تہ پنھنجي پيئيتي ڀاءُ کي مون وٽ آڻيو، اوھين نہ ٿا ڏسو ڇا تہ آءٌ پورو ماڻ ڏيان ٿو ۽ آءٌ چڱو مھماني ڪندڙ آھيان؟
12:60
پوءِ جيڪڏھن کيس مون وٽ نہ آڻيندؤ تہ اوھان لاءِ مون وٽ ڪا مئپ ڪانھي ۽ نڪي مون کي ويجھا ٿجو
12:61
چيائون اُن بابت (ڪنھن بھاني سان) سندس پيءُ کي جلد راڻينداسون ۽ ضرور اسين (ايئن) ڪرڻ وارا ٿينداسون
12:62
۽ (يوسف) پنھنجن جوانن کي چيو تہ سندن موڙي سندن مڏين ۾ وجھي ڇڏيو پوءِ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽي وڃن (تڏھن) منَ اُنھي کي سڃاڻن تہ شايد اُھي وري اچن
12:63
پوءِ جنھن مھل پنھنجي پيءُ وٽ (ڪنعان ۾) موٽي آيا (تنھن مھل) چيائون تہ اي ابا! (اَن) ماپي ڏيڻ اسان کان روڪيو ويو آھي تنھنڪري اسان سان اسان جي ڀاءُ (بنيامين) کي موڪل (ڏي تہ) مئپ وٺون ۽ اسين سندس ضرور نگھبان آھيون
12:64
(يعقوب کين) چيو تہ ھن جي نسبت اوھان تي اھڙو ئي اعتبار ٿو ڪريان جھڙو اڳ سندس ڀاءُ جي بہ نسبت اوھان تي اعتبار ڪيو ھوم، پوءِ الله چڱو نگھبان آھي، ۽ اُھو ٻاجھارن کان کان وڏو ٻاجھارو آھي
12:65
۽ جنھن مھل پنھنجو سامان کوليائون (تنھن مھل) پنھنجي موڙي پاڻ وٽ موٽايل ڏٺائون، چيائون تہ اي اسان جا ابا! (ٻيو) اسان کي ڇا گھرجي، (جو) ھيءَ موڙي اسان جي اسان ڏانھن وري موٽايل آھي (تہ موٽي وڃون)، ۽ پنھنجن گھر وارن لاءِ اَن آڻيون ۽ پنھنجي ڀاءُ جي نگھباني ڪنداسون ۽ ھڪ اُٺ جو بار وڌيڪ بہ وٺنداسون، اِھو (جيڪي اَن آندو اٿئون سو) ماڻ ٿورو آھي
12:66
(يعقوب کين) چيو تہ (آءٌ) اوھان سان اُن کي (ايسين) ڪڏھن نہ موڪليندس جيسين مون وٽ الله جي ساک (نہ) کڻندؤ تہ اوھين ڪنھن گھيري ۾ پوڻ کانسواءِ اُن کي مون وٽ ضرور آڻيندؤ، پوءِ جنھن مھل کيس پنھنجو پڪو انجام ڏنائون (تنھن مھل يعقوب) چيو تہ جيڪي اسين چئون ٿا تنھن تي الله ذميوار آھي
12:67
۽ (چيائين) تہ اي پٽؤ! اوھين ھڪ دروازي کان نہ گھِڙجو ۽ الڳ الڳ دروازن مان گھڙجو، ۽ آءٌ اوھان کان الله جي تقدير مان ڪابہ شئي ٽاري نہ ٿو سگھان، الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جو حُڪم نہ آھي، مٿس ڀروسو ڪيم، ۽ سڀڪنھن ڀروسي ڪندڙ کي مٿس ڀروسو ڪرڻ گھرجي
12:68
۽ جھڙي طرح سندن پيءُ کين حُڪم فرمايو ھو تھڙي طرح جنھن مھل (مصر جي دروازن کان) گھڙيا، (تنھن مھل جي ڪا سختي پھچين ھا تہ سندن پيءُ) الله جي تقدير مان کانئن ڪجھ بہ ٽاري نہ ٿي سگھيو (اِھو حُڪم ڪرڻ) يعقوب جي دل ۾ رڳو ھڪ خيال ھو جو اُن کي پورو ڪيائين، ۽ جيڪي کيس سيکاريو ھوسون تنھن سببان (اُھو) علم وارو ھو پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
12:69
۽ جنھن مھل يُوسف وٽ ويا تنھن مھل اُن پنھنجي (سڳي) ڀاءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏني چيائين تہ سچ پچ آءٌ تنھنجو ڀاءُ آھيان تنھنڪري جيڪي ڪيو اٿن تنھن تي ڏک نہ ڪر
12:70
پوءِ جنھن مھل اُنھن لاءِ سندن سامان سنبرايائين (تنھن مھل) پنھنجي (سڳي) ڀاءُ جي مڏيءَ ۾ پيالو لڪايائين وري آواز ڪندڙ آواز ڪيو تہ اي قافلي وارؤ! اوھين ضرور چور اھيو
12:71
(قافلي وارن ٻڌي) اُنھن ڏانھن مُنھن ڪري چيو تہ ڇا وڃايو اٿوَ؟
12:72
چيائون تہ بادشاھ جو پيالو وڃايو اٿئون ۽ جنھن اُھو (لھي) آندو تنھن لاءِ اُٺ جو بار (اِنعام) آھي ۽ آءٌ (اُن انجام) جو ذميوار آھيان
12:73
چيائون تہ الله جو قسم آھي تہ اوھان کي خبر ھوندي تہ اسين ھن لاءِ نہ آيا آھيون تہ مُلڪ ۾ ڏڦيڙ وجھون ۽ نڪي اسين چور آھيون
12:74
(وري نوڪرن) چيو تہ جيڪڏھن ڪوڙا ھُجو تہ اُن (چور) جي سزا ڪھڙي آھي؟
12:75
چيائون تہ اُن جي سزا (ھيءَ) آھي تہ جنھنجي مڏيءَ مان اُھو لڌو سو، (پاڻ) ان جو بدلو آھي، اھڙي طرح اسين ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون
12:76
پوءِ (يوسف) پنھنجي (سڳي) ڀاءُ جي ٻوري (ڳولڻ) کان اڳ انھن (ٻـين) جون ٻوريون ڳولڻ شروع ڪيون وري اُھو (پيالو) پنھنجي ڀاءُ جي ٻوري مان ڪڍيائين، اھڙي طرح يُوسف کي تجويز سيکاري سون، جو بادشاھ جي قانون موجب پنھنجي ڀاءُ کي الله جي گھُر کانسواءِ وٺي نہ ٿي سگھيو، جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، ۽ ھر ڪنھن سياڻي جي مٿان سياڻو آھي
12:77
چيائون تہ جيڪڏھن (ھن) چوري ڪئي آڳي تہ اڳ سندس ڀاءُ (بہ) بيشڪ چوري ڪئي ھئي، پوءِ اُن (ڳالھ) کي يوسف پنھنجي دل ۾ لڪايو ۽ کين اُھا پڌري نہ ڪيائين، (دل ۾) چيائين تہ اوھين بڇڙي مان وارا آھيو، ۽ جيڪي بيان ڪريو ٿا سو الله چڱو ڄاڻندڙ آھي
12:78
چيائون تہ اي عزيز! ھن جو پيءُ پوڙھو وڏيءَ ڄمار وارو آھي تنھن ڪري اسان مان ھڪڙو سندس بدران وٺ، اسين تو کي نيڪن مان ڏسون ٿا
12:79
چيائين الله پناھ ۾ رکي جو جنھن وٽ پنھنجو سامان لڌوسون تنھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي پڪڙيون (جيڪڏھن وٺون تہ) اُنھي مھل اسين ظالم آھيون
12:80
پوءِ جنھن مھل کانئس نا اُميد ٿيا (تنھن مھل) نويڪلا ٿي صلاح ڪندڙ ٿيا، سندن وڏي (ڀاءُ) چيو تہ نہ ڄاڻندا آھيو ڇا تہ اوھان جي پيءُ اوھان کان الله جو پڪو قسم ورتو آھي؟ ۽ اڳ اوھان يوسف جي نسبت ۾ ڪجھ نہ گھٽايو ھو، تنھنڪري (جيسين) منھنجو پيءُ مون کي موڪل (نہ) ڏيندو يا الله مون لاءِ حُڪم نہ ڪندو تيسين آءٌ ھن مُلڪ مان ڪڏھن نہ نڪرندس، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڏيڻ وارو آھي
12:81
اوھين پنھنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو پوءِ چئو تہ اي ابا! تنھنجي پُٽ چوري ڪئي، ۽ جيڪي ڄاتوسون ان کانسواءِ ٻئي (ڳالھ) جي شاھدي نہ ڏنيسون ۽ ڳُجھ (جي خبر) نہ ڄاڻندا ھئاسون
12:82
۽ جنھن ڳوٺ ۾ ھئاسون اُنھيءَ کان ۽ جنھن قافلي ۾ آياسون تنھن کان پُڇا ڪر، ۽ اسين ضرور سچا آھيون
12:83
(يعقوب) چيو تہ (نہ!) بلڪ توھان جي نفس اوھان لاءِ (ھيءَ) ڳالھ ٺاھي آھي، تنھنڪري چڱو صبر ڪرڻ (منھنجو ڪم) آھي، اُميد آھي تہ الله انھن سڀني کي مون وٽ آڻيندو، ڇو تہ اُھو ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي
12:84
۽ کانئن مُنھن موڙيائين ۽ چيائين يُوسف لاءِ مون کي افسوس آھي! ۽ سندس ٻئي اکيون ڏک کان اَڇيون ٿيون پوءِ اُھو ڏک ڀريل ھو
12:85
(۽ سندس گھراڻي وارن) چيو تہ الله جو قسم آھي تہ تون سدائين يوسف کي ساريندو رھندين جيسين مرڻ ڪنڌيءَ تي ٿئين يا مئلن مان ٿئين!
12:86
چيائين تہ آءٌ پنھنجو ڏک ۽ بيقراري الله جي جناب ۾ بيان ڪندو آھيان ۽ الله جي طرف کان اُھو ڄاڻندو آھيان جو اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
12:87
اي منھنجا پٽؤ! وڃو ۽ يُوسف ۽ سندس ڀاءُ جي ڳولا ڪريو ۽ الله جي رحمت کان نااُميد نہ ٿيو، ڇو تہ الله جي ٻاجھ کان ڪافرن جي قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو (بہ) نااُميد نہ ٿيندو آھي
12:88
پوءِ جنھن مھل يوسف وٽ آيا (تنھن مھل) چيائون تہ اي عزيز! اسان کي ۽ اسان جي گھر وارن کي (ڏڪار جي) تڪليف پھتي آھي ۽ نڪمي ڪجھ قيمت کڻي آيا آھيون پوءِ اسان کي پوري مئپ ڏي ۽ اسان کي (ڪجھ) خيرات (بہ) ڏي، ڇو تہ الله خير ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏيندو آھي
12:89
يُوسف کين چيو تہ جڏھن اوھين بي سمجھ ھيؤ تڏھن جيڪي اوھان يُوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪيو سو ڄاتو اٿوَ؟
12:90
چيائون تہ تون ئي پڪ يُوسف آھين ڇا؟ چيائين (ھائو) آءٌ يُوسف آھيان ۽ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي بيشڪ الله اسان تي اِحسان ڪيو آھي، جيڪو پرھيز گاري ڪندو ۽ صبر ڪندو تہ الله ڀلارن جو اَجر نہ وڃائيندو آھي
12:91
چيائون تہ الله جو قسم آھي تہ بيشڪ الله تو کي اسان کان ڀَلو ڪيو آھي ۽ بيشڪ اسين خطا ڪندڙ ھئاسون
12:92
(يوسف) چيو تہ اڄ اوھان تي ڪا ميار ڪانھي، الله اوھان کي بخشيندو، ۽ اُھو (سڀني) ٻاجھارن کان وڌ ٻاجھارو آھي
12:93
ھي منھنجو پھراڻ کڻي وڃو پوءِ اُھو منھنجي پيءُ جي مُنھن تي گھمايو تہ ڏسندڙ ٿيندو، ۽ مڙيئي پنھنجي گھر جا ڀاتي مون وٽ آڻيو
12:94
۽ جنھن مھل قافلو (مصر مان) نڪتو (تنھن مھل) سندن پيءُ چيو تہ جيڪڏھن (اوھين) مون کي اٻوجھ نہ سمجھو تہ مون کي يُوسف جي بوءِ اچي ٿي
12:95
چيائون تہ الله جو قسم آھي تہ تون اڳئين ويساري ۾ آھين
12:96
جنھن مھل خوشخبري ڏيندڙ آيو تنھن مھل سندس مُنھن تي اھو (پھراڻ) گھمايائين تہ ڦري ڏسندڙ ٿيو، چيائين تہ اوھان کي نہ چيو ھوم ڇا تہ آءٌ الله جي پار کان اُھو ڄاڻندو آھيان جيڪي اوھين نہ ڄاڻندا آھيو؟
12:97
چيائون تہ اي اسان جا ابا! اسان لاءِ اسان جي گناھن جي بخشش گھُر اسين بيشڪ گنھگار آھيون
12:98
(يعقوب) چيو تہ (آءٌ) سِگھو اوھان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس ڇو تہ اُھو ئي بخشڻھار مھربان آھي
12:99
پوءِ جنھن مھل يُوسف وٽ پُھتا (تنھن مھل) پنھنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏنائين ۽ چيائين تہ جيڪڏھن الله گھريو تہ مصر ۾ بي ڀوا ٿي گِھڙو
12:100
۽ پنھنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي وھاريائين ۽ اُھي ڏانھس ڪنڌ نِوڙائي جھڪيا، ۽ (يُوسف) چيو تہ اي منھنجا ابا! ھيءُ منھنجي اڳين خوابن جو تعبير آھي، بيشڪ منھنجي پالڻھار اُن کي سچو ڪيو، ۽ (الله) مون سان تڏھن بيشڪ احسان ڪيو جڏھن مون کي قيد مان ٻاھر ڪڍيائين ۽ منھنجي ۽ منھنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان ٻيائي وڌي تنھن کانپوءِ اوھان کي ٻھراڙيءَ کان (شھر) ۾ آندائين، ڇو تہ منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي احسان ڪندڙ آھي، سچ آھي تہ اُھو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
12:101
(يُوسف چيو تہ) اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون کي بادشاھي ڏني اٿئي ۽ مون کي خوابن جو تعبير سيکاريو اٿئي، اي آسمانن ۽ زمين جا بڻائيندڙ! تون دُنيا ۽ آخرت ۾ منھنجو وارث آھين، مون کي مسلمان ڪري مار ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر!
12:102
(اي پيغمبر!) اِھو (قصو) ڳجھين خبرن مان آھي جو تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، اُنھن جڏھن فريب ڪندڙ ٿي پنھنجي ڪم جو پڪو ارادو ٿي ڪيو تڏھن تون وٽن ڪونہ ھئين
12:103
۽ (اي پيغمبر!) جيتوڻيڪ حرص ڪرين تہ بہ گھڻا ماڻھو ايمان آڻيندڙ نہ آھن
12:104
۽ (تون) اُن (قرآن جي پُھچائڻ) تي کانئن ڪو اُجورو نہ گھرندو آھين، اُھو (قرآن) جھانن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نہ آھي
12:105
۽ ڪيتريون ئي نشانيون آسمانن ۽ زمين ۾ آھن جن تان لنگھندا آھن ۽ اُھي (ڏسي ڪري) اُنھن (تي ڌيان ڏيڻ) کان مُنھن موڙيندا آھن
12:106
۽ منجھانئن گھڻا الله تي ايمان نہ آڻيندا آھن پر اُھي (الله سان) شريڪ بڻائيندڙ آھن
12:107
(اُھي) الله جي عذاب مان پاڻ وٽ ڇِپ اچڻ کان يا قيامت جي (اھڙي حالت ۾) اوچتي پھچڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھن ڇا، جو اُھي نہ ڄاڻندا ھُجن؟
12:108
(اي پيغمبر!) چئو تہ ھيءَ منھنجي واٽ آھي پڌري حجت سان، الله ڏانھن سڏيان ٿو، آءٌ ۽ منھنجا تابعدار بہ (سڏيندا آھن)، ۽ الله پاڪ آھي ۽ آءٌ مشرڪن مان نہ آھيان
12:109
۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳ شھر وارن مان، مردن کانسواءِ ٻيو ڪونہ موڪليوسون جن ڏانھن وحي ڪيوسون، پوءِ ڇو نہ زمين ۾ گھمي ڏسندا آھن تہ جيڪي کانئن اڳ ھئا تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي؟ ۽ آخرت جو گھر اُنھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي ڊڄندا آھن، پوءِ ڇو نہ ڄاڻندا آھيو؟
12:110
(ايستائين ڍر ڏنيسون) جيستائين پيغمبر (مدد پھچڻ کان) نااُميد ٿيڻ لڳا ۽ (سندن قوم) ڀانيو تہ اُنھن سان ڪوڙو (انجام) ڪيو ويو آھي وٽن اسان جي مدد پھتي پوءِ جنھن کي گھريوسون تنھن کي ڇوٽڪارو ڏنو ويو، ۽ ڏوھارڻ قوم کان اسان جو عذاب نہ ٽاريو ويندو آھي
12:111
بيشڪ عقل وارن لاءِ اُنھن (پيغمبرن) جي قصن ۾ عبرت آھي، (ھيءُ قرآن) بڻاوتي آکاڻي نہ آھي پر جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳ آھن تن کي سچو ڪندڙ آھي ۽ سڀڪنھن شئي لاءِ تفصيل آھي ۽ ايمان واريءَ قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي