Hud (هُود)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 11 • 123 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
11:1 الٓرٰ، (ھي) ڪتاب آھي جنھن جون آيتون مُحڪم آھن وري حِڪمت واري داناءَ الله وٽان کولي بيان ڪيل آھن
11:2 تہ الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نہ ڪريو، آءٌ سندس طرف کان اوھان کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آھيان
11:3 ۽ تہ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري ڏانھس (توبھ ڪري) موٽو تہ ٺھرايل مدت تائين اوھان کي چڱي نفعي سان فائدو ڏئي ۽ سڀ ڪنھن ڀلائيءَ واري کي سندس ڀلائي (جو عوض ڏئي) ۽ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ تہ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو
11:4 الله ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي، ۽ اُھو سڀ ڪنھن شئي تي وس وارو آھي
11:5 خبردار! اُھي پنھنجن سينن کي ھن لاءِ وٽيندا آھن تہ کانئس لِڪن، خبردار! جنھن دم (اُھي) پنھنجا ڪپڙا ڍڪيندا آھن (تنھن دم بہ) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي ظاھر ڪندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي بيشڪ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي
11:6 ۽ ڪو چُرندڙ زمين ۾ آھي ئي نہ پر سندس روزي الله تي آھي ۽ سندس رھڻ جو ھنڌ ۽ سنديس سانڀ جي جاءِ (الله) ڄاڻندو آھي، سڀ پڌري ڪتابن ۾ (لکيل) آھي
11:7 ۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو ۽ سندس عرش پاڻي تي ھو (اِھو بڻائڻ ھن ڪري آھي) تہ اوھان کي پرکي تہ اوھان مان عملن جي اعتبار کان وڌيڪ ڀلو ڪير آھي، ۽ جيڪڏھن انھن کي چوين تہ مرڻ کانپوءِ اوھين جياريا ويندؤ تہ ڪافر ضرور چوندا تہ ھيءُ پڌرو جادو آھي
11:8 ۽ جيڪڏھن ڪنھن مقرر ڪيل مدت تائين کانئن عذاب کڻي ھٽايون تہ ضرور چوندا تہ اُن کي ڪنھن جھليو آھي؟ خبردار جنھن ڏينھن (اُھو عذاب) وٽن ايندو (تنھن ڏينھن) کانئن ٽرڻو نہ آھي ۽ جنھن (شئي) سان ٺـٺوليون ڪندا ھئا سا کين وڪوڙي ويندي
11:9 ۽ جيڪڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکايون ٿا ۽ وري اُھا کانئس کسيون ٿا، تہ اُھو نااُميد بيشڪر (بڻجندو) آھي
11:10 ۽ جيڪڏھن اُن کي ڏک پھچڻ کانپوءِ سُک پُھچايون تہ ضرور چوندو تہ مون کان ڏک ويا، اُھو پڪ سرھو وڏائي ڪندڙ ٿيندو آھي
11:11 پر جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اَجر آھي
11:12 پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪي تو ڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھن مان متان ڪي ڇڏي ڏئين ۽ (پڻ) متان دل تنگ ڪرين ڪافرن جي ھن چوڻ ڪري تہ مٿس خزانو ڇو نہ لاٿو ويو؟ يا ملائڪ ساڻس ڇو نہ آيو؟ (نہ ڇڏ ۽ نہ دل تنگ ڪر)، ڇو تہ تون ڊيڄاريندڙ ئي آھين ۽ الله ھر شئي جو سنڀاليندڙ آھي
11:13 بلڪ (ايئن بہ) چون ٿا تہ اُھو (قرآن) پاڻ ٺاھيو اٿس، چئو تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ (اوھين بہ) اُن جھڙيون ڏھ سورتون پاڻون ٺاھيل آڻيو ۽ الله کانسواءِ (ٻـين) جن کي سڏي سگھو تن کي سڏيو
11:14 پوءِ جيڪڏھن اوھان جو (اِھو چوڻ) قبول نہ ڪن تہ ڄاڻو تہ (اُھو قرآن) رڳو الله جي علم سان لاٿو ويو آھي ۽ (ڄاڻو) تہ اُن کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، پوءِ اوھين اسلام تي (مُحڪم) ڇو نہ رھندؤ؟
11:15 جيڪو دنيا جي حياتي ۽ سندس سينگار گھرندا ھجن تن کي دنيا ۾ (ئي) سندن عملن جو اُجورو پورو ڏينداسون ۽ انھن کي اُن ۾ گھٽ نہ ڏبو
11:16 اِھي اُھي آھن جن لاءِ آخرت ۾ باھ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نہ آھي، ۽ جيڪي دنيا ۾ ڪيائون سو چٽ ٿيو ۽ جيڪي ڪمائيندا ھئا سو باطل ٿيو
11:17 (اُھو ماڻھو گمراھن جھڙو نہ آھي) جيڪو پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان پڌريءَ حجت تي ھجي ۽ الله کان اُن لاءِ شاھد (يعني قرآن) ايندو ھجي ۽ اُن (قرآن) کان اڳ موسىٰ جو ڪتاب (توريت) رھبر ۽ رحمت (بہ گواھ ھجي)، اِھي (ماڻھو) اُن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا، (پوءِ اُنھن جي سڀني) ٽولين مان جيڪو اُن (قرآن) جو انڪار ڪندو تنھن جي رھڻ جو ھنڌ باھ آھي، تنھنڪري (تون) کانئس شڪ ۾ نہ ھُج اُھو تنھنجي پالڻھار جي پار کان حق (لٿو) آھي پر گھڻا ماڻھو ايمان نٿا آڻين
11:18 ۽ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ اِھي پنھنجي پالڻھار جي آڏو ڪيا ويندا ۽ شاھد چوندا تہ اِھي اُھي آھن جن پنھنجي پالڻھار تي ڪوڙ چيو، خبردار (اُنھن) ظالمن تي الله جي لعنت آھي
11:19 جيڪي الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ اُن جي ڏنگائي گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي آخرت کي نہ مڃيندا آھن
11:20 اُھي مُلڪ ۾ ڪڏھن عاجز ڪرڻ وارا نہ آھن ۽ الله کانسواءِ (ٻيا ڪي) انھن جا مددگار نہ آھن، اُنھن کي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، جو ٻُڌي نہ ٿي سگھيا ۽ نہ ٿي ڏٺائون
11:21 اِھي اُھي آھن جن پاڻ کي نقصان لاتو ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀلجي ويو
11:22 بيشڪ اِھي (ماڻھو) ضرور آخرت ۾ خساري وارا آھن
11:23 پڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن نِوِيا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
11:24 اُنھن ٻن ٽولين جو مثال اَنڌي ۽ ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ وانگر آھي، (اِھي) مثال ۾ برابر آھن ڇا؟ پوءِ ڇو نہ ٿا نصيحت وٺو؟
11:25 ۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو (اُن چيو تہ) آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آھيان
11:26 تہ الله کانسواءِ (اوھين ٻئي جي) عبادت نہ ڪريو بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو
11:27 پوءِ سندس قوم مان ڪافر ٽوليءَ چيو تہ تو کي پاڻ جھڙي ماڻھو کانسواءِ (ٻيو) نہ ٿا ڏسون ۽ اسان مان مٿاڇري سوچ وارن خسيسن کان سواءِ (ٻيو) ڪو تنھنجو تابعدار نہ ٿا ڏسون، ۽ پاڻ تي اوھان جي ڪا فضيلت نہ ٿا ڏسون بلڪ اوھان کي ڪوڙ ڀانئيندا آھيون
11:28 (نوح) چيو تہ اي منھنجي قوم! (مون کي) ڏسيو تہ سھي تہ جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار جي پڪيءَ حجت تي ھجان ۽ پاڻ وٽان مون کي رحمت ڏني ھجيس (جنھن جي حقيقت) اوھان کان لڪائي ويئي ھجي، تہ اُن (جي مڃڻ) جو ھن ھوندي اوھان کي ڇو زور ڪريون جو اوھين اُن کي ناپسند ڪندڙ ھجو؟
11:29 ۽ اي منھنجي قوم! (آءٌ) اوھان کان اُن بابت ڪو مال (املاڪ) نہ ٿو گھران، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نہ آھي ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نہ آھيان، ڇو تہ اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن پر آءٌ اوھان کي جاھل قوم ڏسان ٿو
11:30 ۽ اي منھنجي قوم! جيڪڏھن کين تڙيندس تہ مون کي الله کان ڪير ڇڏائيندو؟ پوءِ ڇو نہ سمجھندا آھيو؟
11:31 ۽ آءٌ اوھان کي نہ ٿو چوان تہ مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (ڪو) ڳجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي چوان ٿو تہ آءٌ ملائڪ آھيان ۽ جن کي اوھان جون اکيون حقير سمجھن ٿيون تن لاءِ نہ ٿو چوان تہ الله کين ڪا ڀلائي ڪڏھن نہ ڏيندو، جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو الله بھتر ڄاڻندڙ آھي، (جي چوندس تہ) آءٌ اُنھيءَ مھل ظالمن مان ٿيندس
11:32 چيائون تہ اي نوح! بيشڪ تو اسان سان جھڳڙو ڪيو پوءِ اسان سان گھڻو جھيڙو ڪيئي جيڪڏھن سچن مان آھين تہ اسان سان جيڪو انجام ڪرين ٿو سو اسان وٽ آڻ
11:33 (نوح) چيو تہ اُھو اوھان وٽ رڳو الله آڻيندو جيڪڏھن اُن گھريو تہ ۽ اوھين (ڀڄي) عاجزي ڪرڻ وارا نہ آھيو
11:34 ۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کي نصيحت ڏيڻ گھران (پر) جيڪڏھن الله اوھان جو ڀُلائڻ گھرندو تہ منھنجي نصيحت اوھان کي ڪو فائدو نہ ڏيندي، اُھو اوھان جو پالڻھار آھي، ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ
11:35 بلڪ (ھيئن بہ) چوندا آھن تہ (ھن پيغمبر) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چئو تہ جيڪڏھن مون اُن کي پاڻ ٺاھيو آھي تہ منھنجو ڏوھ مون تي آھي ۽ جيڪي اوھين ڏوھ ڪندا آھيو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان
11:36 ۽ نوح ڏانھن وحي ڪيو ويو تہ جنھن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ تنھنجي قوم مان ٻيو ڪو بہ ڪڏھن ايمان نہ آڻيندو تنھنڪري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي تون رنج نہ ٿيءُ
11:37 ۽ اسان جي روبرو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي جوڙ ۽ ظالمن بابت مون کي نہ چئج، ڇو تہ اُھي ٻوڙيا ويندا
11:38 ۽ ٻيڙي بڻائڻ لڳو ۽ جڏھن بہ سندس قوم مان ڪا ٽولي وٽانئس لنگھي ٿي (تڏھن) مٿس ٺـٺوليون ڪيائون ٿي، نوح ٿي چيو تہ جيڪڏھن اوھين اسان تي ٺـٺوليون ڪريو ٿا تہ اسين (بہ) اھڙيون ٺـٺوليون اوھان تي ڪنداسون جھڙيون ٺـٺوليون (اوھين) ڪريو ٿا
11:39 پوءِ جنھن کي عذاب پھچندو تنھن کي سگھوئي ڄاڻندؤ جو (اُھو) اُن کي خوار ڪندو ۽ مٿس سدائين عذاب (پيو) لھندو
11:40 (اُنھيءَ ڪم ۾ ھو) تان جو جڏھن اسان جو حُڪم آيو ۽ تنور اُڀاميو چيوسون تہ سڀ ڪنھن جنس (جي جانورن) مان ٻہ ٻہ (نر ۽ مادي) ۽ جن بابت حڪم ٿي چڪو آھي (تہ ھلاڪ ڪبا) تن ڌاران (ٻيا) پنھنجي گھر وارا ۽ جن ايمان آندو سي منجھس چاڙھ، ۽ ٿورن کانسواءِ مٿس ايمان نہ آندو ھوائون
11:41 ۽ (نوح) چيو تہ منجھس چڙھو، الله جي نالي سان سندس ھلڻ ۽ سندس بيھڻ آھي، ڇو تہ منھنجو پالڻھار ضرور بخشيندڙ مھربان آھي
11:42 ۽ اُھا جبلن جھڙين لھرين ۾ کين (کڻي) ھلڻ لڳي، ۽ نوح پنھنجي پٽ کي سڏيو ۽ اُھو ڪناري تي ھو تہ اي مُنھنجا پٽ! اسان سان چڙھ ۽ ڪافرن سان گڏ نہ ٿيءُ
11:43 چيائين تہ (اھڙي) جبل تي پناھ وٺندس جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو، (نوح) چيو تہ اَڄ الله جي عذاب کان ڪو بچائيندڙ ڪونھي پر جنھن تي (پاڻ) رحم ڪري (سو بچي سگھندو)، ايتري ۾ ٻنھي جي وچ ۾ لھر اچي پيئي ۽ (اُھو) ٻڏلن مان ٿيو
11:44 ۽ فرمايو ويو تہ اي زمين! (تون) پنھنجو پاڻي چُھي وڃ ۽ اي آسمان! (تون پنھنجو پاڻي) بند ڪر ۽ پاڻي سُڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو ۽ (ٻيڙي جبل) جوديءَ تي بيٺي ۽ چيو ويو تہ (شل) ظالمن جي قوم ناس ٿئي
11:45 ۽ نوح پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ۽ چيائين اي منھنجا پالڻھار! منھنجو پٽ (بہ) منھنجي گھر وارن مان آھي ۽ بيشڪ تنھنجو انجام بلڪل سچو آھي ۽ تو حاڪمن جو حاڪم آھين
11:46 (الله) فرمايو تہ اي نوح! اُھو تنھنجي گھر وارن مان نہ آھي، ڇو تہ اُھو اَڻ سڌريل ڪمن وارو آھي، تنھنڪري جنھن جي تو کي ڪا خبر نہ آھي تنھن بابت مون کان (ڪجھ) نہ گھر، آءٌ تو کي نصيحت ڪريان ٿو تہ متان جاھلن مان ٿئين
11:47 (نوح) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي مون کي خبر نہ آھي تنھن بابت تو کان پڇڻ جي آءٌ تو وٽان پناھ گھران ٿو، ۽ جي تون نہ بخشيندين ۽ رحم نہ ڪندين تہ خساري وارن مان ٿيندس
11:48 چيو ويو تہ اي نوح! اسان جي طرف کان سلامتيءَ ۽ برڪتن سان لھ جي تو تي ھجن ۽ اُنھن ٽولين تي (بہ) جيڪي تو ساڻ آھن، ۽ (ٻيون ڪي) جماعتون ھونديون جن کي (ڪجھ دنيوي) فائدو ڏينداسون وري اُنھن (مان ڪافرن) کي اسان وٽان ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو
11:49 اِھي (قصا) ڳجھين خبرن مان آھن جي تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، ھن کان اڳ نڪي (ان کي تون) ڄاڻندو ھئين ۽ نڪا تنھنجي قوم ڄاڻندي ھئي، پوءِ صبر ڪريو، ڇو تہ (يقيناً) پڇاڙي پرھيزگارن لاءِ آھي
11:50 ۽ عاد وارن ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي (موڪليوسون)، چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نہ آھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ آھيو
11:51 اي منھنجي قوم! اوھان کان ھن (پيغام پھچائڻ تي) ڪو اُجورو نہ ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو اُنھي تي آھي جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، پوءِ اوھين ڇو نہ ٿا سمجھو؟
11:52 ۽ اي منھنجي قوم! پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبھ ڪريو تہ اوھان تي لڳو لڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي طاقت مٿي طاقت وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نہ ڦيريو
11:53 چيائون تہ اي ھود! اسان وٽ ڪوئي دليل نہ آندو اٿئي ۽ اسين تنھنجي چوڻ سان پنھنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نہ آھيون ۽ نڪي اسين تو کي مڃيندڙ آھيون
11:54 اسين تو کي رڳو (ھيءَ ڳالھ) چئون ٿا تہ اسان جي ڪِن بُتن (شايد) تو کي ڪي ايذايو آھي، (ھود) چيو آءٌ الله کي شاھد ڪريان ٿو ۽ اوھين بہ شاھد ھُجو تہ آءٌ انھن کان بيزار آھيان جن کي (الله سان) شريڪ بڻائيندا آھيو
11:55 اُن (الله) ڌاران، پوءِ مون سان سڀئي رٿا ڪريو وري مون کي مُھلت نہ ڏيو
11:56 مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار الله تي ئي ڀروسو ڪيو آھي، ڪو (جاندار) چرندڙ نہ آھي جنھن جي پيشانيءَ (جي چڳ) اُن (الله) کانسواءِ ٻيو ڪو (ھٿ ۾) وٺندڙ ھجي بيشڪ منھنجو پالڻھار سڌيءَ واٽ تي (ملڻ وارو) آھي
11:57 پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ تہ (مون کي ڇا ٿيندو؟) بيشڪ جنھن پيغام سان اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايم، ۽ منھنجو پالڻھار اوھان کانسواءِ ٻي قوم کي اوھان جي جاءِ تي وھاريندو، ۽ اوھين کيس ڪُجھ ذرو نقصان پھچائي نہ سگھندؤ، ڇو تہ منھنجو پالڻھار سڀني شين تي نگھبان آھي
11:58 ۽ جنھن مھل اسان جو عذاب پھتو (تنھن مھل) ھود کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ کين سخت عذاب کان ڇڏايوسون
11:59 ۽ اھو حال عاد وارن جو آھي جو پنھنجي پالڻھار جي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ پنھنجي پيغمبرن جي نافرماني ڪيائون ۽ سڀ ڪنھن ھٺيلي فساديءَ جي حُڪم جا تابعدار ٿيا
11:60 ۽ ھن دُنيا ۾ (بہ) ۽ قيامت جي ڏينھن (بہ) لعنت پويان لاتي وين، خبردار! بيشڪ عاد وارن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، خبردار! ھود جي قوم عادين کي ڦِٽ ھجي!
11:61 ۽ ثمود جي قوم ڏانھن سندن ڀاءُ صالح کي موڪليوسون، چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ (ڪو ٻيو) معبود نہ آھي، اُنھيءَ اوھان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ منجھس اوھان کي آباد ڪيائين تنھنڪري کانئس بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبھ ڪريو، بيشڪ منھنجو پالڻھار ويجھو (۽) قبول ڪندڙ آھي
11:62 چيائون تہ اي صالح! ھن کان اڳ بيشڪ اسين تو ۾ (ڪيئي) اُميدون رکندا ھواسون (جي ھاڻي بند ٿيون) اسان جي اَبن ڏاڏن جن کي پوڄيو تن جي پوڄڻ کان اسان کي ڇو ٿو جھلين؟ ۽ جنھن ڏانھن اسان کي سڏين ٿو تنھن کان اسين بلڪل شڪ ۾ پيل آھيون
11:63 (صالح) چيو تہ اي منھنجي قوم! (مون کي اوھين) ڏسو تہ سھين تہ جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار کان چٽيءَ حُجت تي ھجان ۽ پنھنجي طرف کان مون تي (نبوت جي) ٻاجھ ڪئي ھجيس تہ جيڪڏھن (آءٌ اوھان جو چيو مڃي) سندس نافرماني ڪريان تہ الله کان مون کي ڪير ڇڏائيندو؟ پوءِ اوھان مون لاءِ رڳو نقصان وڌايو؟
11:64 ۽ اي منھنجي قوم! ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني (مُعجزو) آھي پوءِ اُن کي ڇڏيو تہ الله جي زمين ۾ (جتي وڻيس اُتي) چَري ۽ ان کي ڪو ايذاءُ نہ پھچايو نہ تہ پوءِ اوھان کي ستت ئي عذاب اچي وٺندو
11:65 پوءِ اُن جو کُچون ڪپي (ماري وڌائون) پوءِ (صالح) چيو تہ اوھين پنھنجن گھرن ۾ (ڇڙا) ٽي ڏينھن وسو رسو، اِھو انجام ڪوڙو نہ آھي
11:66 پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو (تنھن مھل) صالح ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجيءَ ٻاجھ سان بچايوسون ۽ قيامت جي ڏينھن جي خواري کان (بہ)، تحقيق تنھنجو پالڻھار وڏو طاقت وارو (۽) غالب آھي
11:67 ۽ (اُنھن) ظالمن کي ھڪ راڙ ورتو پوءِ صبح جو پنھنجن حويلين ۾ ڪرونڊڙا ٿي (مري) ويا
11:68 ڄڻ تہ انھن ۾ رھيا ئي نہ ھئا، خبردار ٿيو! ثمود (جي قوم) پنھنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو، خبردار ٿيو! ثمود (جي قوم) تي لعنت پئي
11:69 ۽ بيشڪ اسان جا قاصد ابراھيم وٽ خوشخبري (ڏيڻ) لاءِ آيا (پوءِ) سلام ڏنائون، (ابراھيم) سلام ورايو پوءِ ڀُڳل گابي (جي گوشت آڻڻ) ۾ ڪا دير نہ ڪيائين
11:70 پوءِ جنھن مھل سندن ھٿن کي اُن (گوشت) ڏانھن نہ پھچندو ڏٺائين (تنھن مھل) کين اوپرو ڀانيائين ۽ کانئن دل ۾ ڊنو، چيائون تہ نہ ڊڄ اسان کي لُوط جي قوم ڏانھن موڪليو ويو آھي
11:71 ۽ سنديس زال جا بيٺل ھُئي سا کِلي، پوءِ ان کي اسحاق جي (ڄمڻ) جي ۽ اسحاق جي پٺيان يعقوب جي مُبارڪ ڏنيسون
11:72 چيائين تہ ھاءِ افسوس! آءٌ ھن حالت ۾ ڄڻينديس ڇا؟ جو آءٌ پاڻ ڪراڙي جھور آھيان ۽ ھيءُ منھنجو مڙس بہ ٻڍو آھي، بيشڪ ھيءَ ڳالھ ضرور عجيب جھڙي آھي
11:73 چيائون تہ الله جي قدرت تي ڇو ٿي عجب ڪرين؟ اي ھن گھر وارؤ! اوھان تي الله جي ٻاجھ ۽ سندس برڪتون آھن، بيشڪ اُھو (الله) ساراھيل وڏائيءَ وارو آھي
11:74 پوءِ جنھن مھل ابراھيم کان ڀئو لٿو ۽ خوشخبري پُھتس (تنھن مھل) لُوط جي قوم بابت اسان سان تڪرار ڪرڻ لڳو
11:75 ڇو تہ اِبراھيم بُردبار نرم دل (الله ڏانھن) موٽندڙ ھو
11:76 (چيوسون تہ) اي ابراھيم انھيءَ ڳالھ کان مُڙي وڃ، ڇو تہ تنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جو حُڪم اچي چڪو آھي، ۽ کين اَڻ ٽر عذاب اچڻ وارو آھي
11:77 ۽ جڏھن اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا (تڏھن) سندن (اچڻ) سببان خفي ٿيو ۽ اُنھن جي سببان تنگ دل ٿيو ۽ چيائين تہ ھيءُ ڏينھن ڏاڍو سخت آھي!
11:78 ۽ سندس قوم ڏانھس ڊوڙندي آئي، ۽ (اُھي) اڳي بُڇڙا ڪم ڪندا ھئا، چيائين تہ اي منھنجي قوم! ھيءُ منھنجون ڌيئرون اوھان جي (نڪاح) لاءِ ڏاڍيون سٺيون آھن پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجي مھمانن (سان بڇڙي ھلت ڪرڻ) ۽ مونکي لڄي نہ ڪريو، اوھان ۾ ڪو ڀلارو مڙس ڪونھي ڇا (جو اوھان کي جھلي)؟
11:79 چيائون تہ تون پڪي طرح ڄاڻي چڪو آھين تہ اسان کي تنھنجي ڌيئرن ۾ ڪا احتياجي ڪانھي، ۽ جيڪي اسين گھرون ٿا سو ضرور تون ڄاڻندو آھين
11:80 (لوط) چيو تہ جيڪڏھن مون کي اوھان سان (مقابلي جي) سگھ ھجي ھا يا ڪنھن مضبوط سھاري ڏانھن پناھ وٺان ھا! (تہ جيڪي ڪرڻو ھو سو ڪريان ھا)
11:81 (ملائڪن) چيو تہ اي لُوط! اسين تنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون (اُھي) تو وٽ ڪڏھن پھچي نہ سگھندا پوءِ (تون) پنھنجي گھر وارن سوڌو ڪجھ رات ڏيئي نڪر ۽ اوھان کي جڳائي تہ ڪو ھڪڙو پوئتي (ڪافرن جي عذاب ڏانھن) نہ واجھائي پر تنھنجي زال (واجھائيندي)، ھن ڪري جو جيڪو (عذاب) اُن (ڪافرن جي) قوم کي پھچندو سو اُن کي (بہ) پھچڻو آھي، سندن (عذاب پھچڻ جي) انجام جي مھل صبح آھي، (تون اُٻاھرو نہ ٿي) صُبح ويجھو نہ آھي ڇا؟
11:82 پوءِ جنھن مھل اسان جو حُڪم پھتو تہ اُن (ڳوٺ جي) مٿاھين (ڀر) کي ھيٺ مٿي ڪيوسون ۽ اُن تي پڪي مٽيءَ جا ڳوڙھا لڳو لڳ وساياسون
11:83 جو تنھنجي پالڻھار وٽان نشان ٿيل ھئا، ۽ اُھا (سزا) ظالمن کان پري نہ ھئي
11:84 ۽ مدين (جي قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليوسون، (شعيب) چيو تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبُود ڪونھي، ۽ ماڻ ۽ تور گھٽائي نہ ڏيو آءٌ اوھان کي آسودو ڏسان ٿو آءٌ اوھان تي وڪوڙيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو
11:85 ۽ اي منھنجي قوم ماڻ ۽ تور انصاف سان پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سندين شيون گھٽائي نہ ڏيو ۽ نڪي مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙ وجھو
11:86 جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو تہ الله جي بچايل بچت اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ آءٌ اوھان تي نگھبان نہ آھيان
11:87 چيائون تہ اي شعيب! تنھنجي نماز تو کي حڪم ڪيو آھي ڇا تہ جنھن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھئا تنھن کي يا پنھنجن مالن ۾ جيڪي ڪرڻ گھرندا آھيون سو ڇڏي ڏيون، (چٿر ڪري چيائون) تہ بيشڪ بردبار سنئين رستي وارو آھين
11:88 (شعيب) چيو تہ اي منھنجي قوم! (اوھين) ڏسو تہ سھي تہ (آءٌ) جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار کان چِٽي حجت تي ھجان ۽ پنھنجي پار کان چڱي روزي مون کي ڏني ھجيس (تہ اوھان جو چيو ڪيئن مڃيندس) ۽ جنھن کان اوھان کي جھليان ٿو تنھن کان اوھان (کي جھلڻ) جي ابتڙ ھلڻ نہ ٿو گھران، جيترو وس پھتم سو سڌار ڪرڻ کانسواءِ نہ گھرندس، ۽ الله (جي فضل) کانسواءِ مون کي ڪا سگھ نہ آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ ڏانھس رجوع ڪريان ٿو
11:89 ۽ اي منھنجي قوم! اوھان کي مون سان دشمني ڪرڻ اھڙي عذاب جو سبب نہ بڻجي جھڙو عذاب نوح جي قوم يا ھود جي قوم يا صالح جي قوم کي پُھتو، ۽ لُوط جي قوم اوھان کان ڪا پري نہ آھي
11:90 ۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري ان ڏانھن توبھ ڪريو، ڇو تہ منھنجو پالڻھار مھربان (سڀ ڪنھن جو) سڄڻ آھي
11:91 چيائون تہ اي شعيب! جيڪي تون چوين ٿو تنھن مان گھڻو نہ ٿا سمجھون ۽ تو کي پاڻ مان بلڪل ھيڻو ڏسون ٿا، ۽ جيڪڏھن تنھنجو ڪڙم نہ ھجي ھا تہ تو کي پٿرن سان ماريون ھا، ۽ تون اسان تي ڪو سردار نہ آھين
11:92 (شعيب) چيو تہ اي منھنجي قوم! اوھان وٽ منھنجو ڪڙم الله کان وڌيڪ پيارو آھي ڇا؟ ۽ اُن (الله جي حُڪم) کي پنھنجيءَ پٺيءَ پويان اُڇلي ڇڏيو اٿوَ، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کي منھنجو پالڻھار بلڪل ڄاڻندڙ آھي
11:93 ۽ اي منھنجي قوم! اوھين پنھنجي پَرِ تي عمل ڪريو آءٌ (بہ) عمل ڪندڙ آھيان، سگھوئي ڄاڻندؤ تہ ڪنھن کي عذاب پھچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ جيڪو ڪوڙو آھي تنھن کي بہ، ۽ انتظار ڪريو آءٌ (بہ) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان
11:94 ۽ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو تنھن مھل شعيب کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ ظالمن کي سخت ڪڙڪي (اچي) پڪڙيو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ ڪرونڊڙا ٿي (مري) ويا
11:95 ڄڻڪ منجھن ھئائي نہ، خبردار! مدين وارن تي ڦِٽ ھجي جھڙي ثمود قوم تي ڦِٽ لعنت ٿي
11:96 ۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجين نشانين ۽ پڌري حجت سان موڪليوسون
11:97 فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ (سڀ ماڻھو) فرعون جي حُڪم جي پويان لڳا، ۽ فرعون جو حُڪم صحيح نہ ھو
11:98 قيامت جي ڏينھن (فرعون) پنھنجي قوم جو اڳواڻ ٿيندو پوءِ کين باھ ۾ گھيڙيندو، ۽ جنھن گھٽ ۾ گھيڙيا ويندا سو بڇڙو آھي
11:99 ۽ ھن (دنيا) ۾ (بہ) لعنت اُنھن کي پويان لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينھن (بہ)، جيڪو (لعنت جو) انعام ملين سو بڇڙو آھي
11:100 (اي پيغمبر!) اِھي ڳوٺن جون خبرون آھن جي تو تي بيان ڪريون ٿا اُنھن مان (ڪي) قائم بيٺل ۽ (ڪي) ناس ٿيل آھن
11:101 ۽ اسان اُنھن تي ظلم نہ ڪيو پر ھنن پاڻ تي (پاڻھين) ظلم ڪيو پوءِ جنھن مھل تنھنجي پالڻھار جو حُڪم پھتو (تنھن مھل) سندن معبودن، جن کي الله کان سواءِ سڏيندا ھئا کانئن ڪُجھ بہ نہ ٽاريو، ۽ ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) کين نہ وڌايائون
11:102 ايئن تنھنجي پالڻھار جو اُن مھل ڳوٺن (وارن) کي اُن حالت ۾ پڪڙڻ ٿيندو آھي جنھن مھل اُھي ظُلم ڪندڙ ٿيندا آھن، بيشڪ سندس پڪڙ سخت ڏکوئيندڙ آھي
11:103 بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ اُنھيءَ لاءِ نشاني آھي جو آخرت جي عذاب کان ڊنو آھي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ ماڻھن کي ميڙبو ۽ اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ (سڀ) حاضر ٿيندا
11:104 ۽ ٿورڙي مدت کانسواءِ ان کي نہ ٿا پٺتي ڪريون
11:105 جنھن ڏينھن (اُھو) ايندو تہ ڪو ماڻھو اُن (الله) جي موڪل کانسواءِ نہ ڳالھائيندو، پوءِ اُنھن مان ڪي بدبخت ۽ ڪي نيڪ بخت ھوندا
11:106 پوءِ جيڪي بدبخت ٿيا سي باھ ۾ (گھڙندا) اُنھن کي منجھس رڙيون ۽ دانھون ھونديون
11:107 جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو ان کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقاءَ ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، ڇو تہ تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي
11:108 ۽ جيڪي نيڪ بخت ڪيا ويا سي بھشت ۾ (گھڙندا ۽) جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو اُن کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقاءَ ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، (اِھا) بخشش اَڻ کٽ آھي
11:109 تنھنڪري اِھي جيڪا پوڄا ڪندا آھن تنھن کان تون شڪ ۾ نہ رھ، جھڙو سندن پيءُ ڏاڏا اڳ پوڄيندا ھئا اُن کانسواءِ اِھي نہ پوڄيندا آھن، ۽ اسين کين اَڻ کٽ (عذاب جو) حصو پورو ڏيندڙ آھيون
11:110 ۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف پيو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حڪم اڳي نہ ٿي چڪي ھا تہ سندن وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ھا، ۽ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ پيل آھن
11:111 ۽ جنھن مھل (اُٿاريا ويندا تنھن مھل) سڀ ڪنھن کي تنھنجو پالڻھار سندن اعمالن جو پورو بدلو ڏيندو، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي اُھو خبر رکندڙ آھي
11:112 پوءِ جيئن تو کي حُڪم ڪيو ويو آھي تيئن تون مُحڪم رھ ۽ جن تو ساڻ توبھ ڪئي (سي بہ محڪم رھن) ۽ حد کان نہ لنگھو، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي
11:113 ۽ ظالمن ڏانھن لاڙو نہ ڪريو نہ تہ اوھان کي باھ لڳندي ۽ الله کان سواءِ ڪو اوھان جو دوست نہ آھي وري مدد نہ ڏبوَ
11:114 ۽ ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۽ پوياڙيءَ جي وقتن ۾ ۽ ڪو وقت رات ۾ (بہ) نماز پڙھ، ڇو تہ چڱايون مداين کي نينديون آھن، نصيحت وٺندڙن لاءِ اِھا نصيحت آھي
11:115 ۽ صبر ڪر ڇو تہ الله ڀلارن جو اجر نہ وڃائيندو آھي
11:116 پوءِ اوھان کان اڳ اڳين صدين وارن مان (گھڻا) سمجھ ڀريا ڇو نہ ٿيا؟ جو (ماڻھن کي) ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) کان جھلين ھا پر ڪي ٿورڙا ٿيا جن کي منجھانئن بچايوسون، ۽ جيڪي ظالم ھئا سي جنھن (مال) ۾ آسودا ڪيا ويا تنھن جي پٺيان لڳا ۽ اُھي ڏوھاري ھئا
11:117 ۽ (اي پيغمبر!) تنھنجو پالڻھار اھڙو نہ آھي جو ڳوٺن (وارن) کي سندن سڌريل رھاڪُن ھوندي ظلم سان ناس ڪري ڇڏي
11:118 ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا تہ (سڀني) ماڻھن کي ھڪ ئي امت ڪري ھا ۽ (اُھي) سدائين اختلاف ڪندا رھندا
11:119 پر جن تي تنھنجي پالڻھار رحم ڪيو (سي ھڪ ئي مذھب تي رھندا)، ۽ کين انھيءَ لاءِ الله پيدا ڪيو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جو (ھيءُ) ٻول پورو ٿيو تہ جنن ۽ ماڻھن مان گڏي دوزخ ضرور ڀريندس
11:120 ۽ (اي پيغمبر!) پيغمبرن جي خبرن مان تو وٽ ايترو بيان ڪريون ٿا جنھن سان تنھنجي دل کي مضبوط ڪريون، ۽ اُنھن (خبرن) ۾ حق ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت ۽ سمجھاڻي تو وٽ آئي آھي
11:121 ۽ (اي پيغمبر) جيڪي نہ مڃيندا آھن تن کي چئو تہ اوھين پنھنجي جاءِ تي عمل ڪريو، اسين (بہ) عمل ڪندڙ آھيون
11:122 ۽ انتظار ڪريو، اسين (بہ) انتطار ڪندڙ آھيون
11:123 ۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ رڳو الله کي (معلوم) آھي ۽ سڀ ڪم ڏانھس موٽايا ويندا آھن پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ مٿس ڀروسو رک، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نہ آھي