Yunus (يُونُس)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 10 • 109 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
10:1 الٓرٰ، ھي آيتون حڪمت واري ڪتاب جون آھن
10:2 ماڻھن کي (ھيءَ ڳالھ) عجب ۾ وجھندي آھي جو منجھانئن ھڪ مڙس ڏانھن وحي موڪليوسون تہ ماڻھن کي ڊيڄار ۽ جن ايمان آندو تن کي خوشخبري ڏي تہ انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ وڏومرتبو آھي، ڪافرن چيو تہ ھيءُ پڌرو جادوگر آھي
10:3 بيشڪ اوھان جو پالڻھار اُھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو (۽) وري عرش ڏانھن توجّہ ڪيائين (اُھوئي) ڪمن کي رٿيندو آھي، ڪوئي سفارش ڪندڙ نہ آھي پر سندس اجازت کانپوءِ، اھوئي اوھان جو پالڻھار الله آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، پوءِ ڇو نہ نصيحت وٺندا آھيو؟
10:4 اوھان مڙني جو ڏانھس موٽڻ آھي، الله جو انجام سچو آھي، اُھوئي خلق کي پھريون (بہ) بڻائيندو آھي وري (بہ) کين ھن لاءِ موٽائي بڻائيندو تہ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان بدلو ڏئي، ۽ جن نہ مڃيو تن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب اِنھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪيو ھئائون
10:5 اُھو (الله) آھي جنھن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن ڪيو ۽ اُن (چنڊ) جون منزلون ھن لاءِ مَقرّر ڪيون تہ اوھين ورھين جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، الله اِھو سچ کانسواءِ نہ بڻايو آھي، ڄاڻندڙ قوم لاءِ کولي نشانيون بيان ڪندو آھي
10:6 بيشڪ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾) ۽ الله جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ بڻايو تنھن ۾ پرھيزگار قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن
10:7 بيشڪ جيڪي اسان جي ملڻ جو آسرو نہ ٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ ساڻ ريجھي ويا ۽ اُنھيءَ سان آرامي ٿي رھيا ۽ اُھي جيڪي اسان جي آيتن کان بيخبر رھيا
10:8 اِھي جيڪي ڪمائيندا رھيا تنھن سببان اُنھن جو ھنڌ باھ آھي
10:9 (۽) جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار سندن ايمان سببان (اَھڙن بھشتن ڏانھن) سڌو رستو ڏيکاريندو، جن جي ھيٺان نعمتن وارن باغن ۾ واھيون وھنديون آھن
10:10 منجھن سندن دُعا (ھيءَ) آھي تہ اي الله! تو کي پاڪائي جڳائي ۽ منجھن سندن آجيان سلام آھي، سندن دُعا جي پڄاڻي ھيءَ آھي تہ سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي
10:11 ۽ جيڪڏھن الله ماڻھن لاءِ مدائي جلد موڪلي ھا جھڙو ھي پنھنجي چڱائي جلد گھرندا آھن تہ سندن (مقرر ٿيل) مدت اُنھن لاءِ پوري ڪئي وڃي ھا، پوءِ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نہ رکندا آھن تن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ڇڏيندا آھيون
10:12 ۽ جنھن مھل ماڻھو کي ڪو ڏک پھچندو آھي (تنھن مھل) پنھنجي پاسي ڀر يا ويٺي يا بيٺي اسان کي سڏيندو آھي، پوءِ جنھن مھل کانئس سندس ڏک لاھيندا آھيون (تنھن مھل اَھڙي ويساري ۾ پئجي) ھليو ويندو آھي (جو) ڄڻڪ کيس جا اوکائي پُھتي ھئي تنھن (جي لاھڻ) لاءِ اسان کي سڏيو ئي نہ ھئائين، اَھڙي طرح حد کان لنگھندڙ جيڪي ڪندا آھن سو اُنھن لاءِ سينگاريو ويو آھي
10:13 ۽ بيشڪ اوھان کان اڳ (گھڻين) قومن جڏھن ظلم ڪيو تڏھن (کين) ھلاڪ ڪيو اَٿؤن ۽ وٽن سندن پيغمبر چِٽن معجزن سان آيا ۽ اھڙا نہ ھئا جو ايمان آڻين، اھڙيءَ طرح ڏوھارڻ قوم کي سزا ڏيندا آھيون
10:14 وري کانئن پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي سندن جڳھن تي وھاريوسون تہ ڏسون تہ اوھين ڪھڙي طرح ڪم ڪريو ٿا
10:15 ۽ جڏھن اسان جون چِٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نہ رکندا آھن سي چوندا آھن تہ ھن کانسواءِ ٻيو قرآن آڻ يا کيس مٽاءِ، چئو تہ پنھنجي طرفان ان جي مٽائڻ جو مون کي اختيار ڪونھي، جيڪي مونکي وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کانسواءِ (ٻئي ڪنھن جي) تابعداري نہ ڪندو آھيان، بيشڪ آءٌ جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪريان تہ وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو
10:16 چئو تہ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ آءٌ اُن (قرآن) کي اوھان تي) نہ پڙھان ھا ۽ نڪي (الله) اُن سان اوھان کي ڄاڻي ھا! بيشڪ آءٌ اوھان ۾ ھن کان اڳ (سڄي) ڄمار رھيس (تڏھن نہ پڙھيم)، پوءِ ڇو نہ ٿا سمجھو؟
10:17 پوءِ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھي يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڄاڻي، سچ آھي تہ ڏوھاري نہ ڇُٽندا
10:18 ۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن سي نڪي کين ڏک پھچائيندا آھن ۽ نڪي کين سُک پھچائيندا آھن ۽ چوندا آھن تہ ھي الله وٽ اسان جا شفاعت ڪندڙ آھن، چئو تہ اوھين الله کي اھڙيءَ شئي بابت چتائيندا آھيو ڇا جيڪا شئي (ھو) نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ڄاڻندو آھي؟ اُھو پاڪ آھي ۽ جنھن شئي کي ساڻس شريڪ ڪندا آھيو تنھن کان اُھو مٿاھون آھي
10:19 ۽ (اصل) ماڻھو ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ نہ ھئا پوءِ اختلاف ڪيائون، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اڳ ٿيل نہ ھجي ھا تہ جنھن (ڳالھ) بابت اختلاف ڪن ٿا تنھن جو سندن وچ ۾ فيصلو پورو ڪيو وڃي ھا
10:20 ۽ چوندا آھن تہ سندس پالڻھار کان مٿس ڪو مُعجزو ڇو نہ لاٿو ويو آھي؟ چئو تہ ڳجھ (جي خبر) الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نہ آھي پوءِ انتظار ڪريو، آءٌ بہ اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان
10:21 ۽ جڏھن ماڻھن کي تڪليف پھچڻ کانپوءِ (پنھنجي) ٻاجھ (سان سُک جو مزو) چکائيندا آھيون (تہ) اُتي جو اُتي اُنھن کي اسانجي آيتن ۾ بدگمانيون ٿينديون آھن، چئو تہ الله رِٿ رٿڻ ۾ ڏاڍو تڪڙو آھي، بيشڪ جيڪي اوھين بڇڙيون رٿون ڪندا آھيو سي اسانجا ملائڪ لکندا آھن
10:22 اُھو (الله) آھي جو اوھان کي بر ۽ دريائن ۾ گھمائيندو آھي، تان جو جڏھن ٻيڙين ۾ ھوندا آھيو، ۽ (اُھي) پاتڻين سميت سڻائن وائن سان ھلنديون آھن ۽ اُنھن سان سرھا ٿيندا آھن تہ اوچتو کين اَڻائو واءُ پھچندو آھي ۽ کين چوڌاري لھر ايندي آھي ۽ ڀائيندا آھن تہ بيشڪ (اُھا) کين ويڙھي ويئي (تڏھن) الله جي عبادت ۾ سچائيءَ وارا ٿي کيس سڏيندا آھن، (۽ چوندا آھن) تہ جيڪڏھن ھن (مصيبت) کان اسان کي بچائين تہ ضرور شڪراني ڪندڙن مان ٿينداسون
10:23 پوءِ جنھن مھل کين بچايائين (تنھن مھل) اُتي جو اُتي مُلڪ ۾ ناحق شرارت ڪندا آھن، اي انسانؤ! اوھان جون شرارتون اوھان تي ئي آھن (ھيءُ) دُنيا جي حياتي جو فائدو (لڌوَ) وري اوھان جو موٽڻ اسان ڏانھن آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏينداسون
10:24 دُنيا جي حياتيءَ جو مثال رڳو اُنھيءَ پاڻيءَ وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ ساڻس زمين جا (اُھي) سلا رليا مليا جن مان ماڻھو ۽ ڍور کائيندا آھن، تانجو جنھن مھل زمين پنھنجي ساوڪ ورتي ۽ سينگاري ۽ سندس رھڻ وارن ڀانيو تہ پاڻ مٿس وس وارا آھن (تنھن مھل) اوچتو اُن کي رات جو يا ڏينھن جو اسانجو حُڪم پھتو پوءِ اُن کي لُڻيل (ناس) ڪري ڇڏيوسون ڄڻڪ ڪالھ ئي نہ ھُئي، اھڙي طرح سمجھندڙ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪندا آھيون
10:25 ۽ الله سلامتيءَ جي گھر ڏانھن سڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي سڌيءَ واٽ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي
10:26 جن چڱائي ڪئي تن لاءِ (اَھڙي) چڱائي ۽ بلڪ وڌيڪ آھي، ۽ سندن منھن کي نڪي ڪارنھن ۽ نڪي خواري ويڙھيندي، اِھي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
10:27 ۽ جن بڇڙائي ڪمائي تن لاءِ اُن جھڙي بڇڙي سزا آھي ۽ کين خواري ڍڪيندي، اُنھن کي الله (جي عذاب) کان ڪو بچائيندڙ نہ آھي، ڄڻڪ سندن مُنھن کي اونداھيءَ رات مان ٽڪرا ڍڪايا ويا آھن، اِھي دوزخي آھن، منجھس سدائين رھن وارا آھن
10:28 ۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪنداسون وري مشرڪن کي چونداسون تہ اوھين ۽ اوھان جا (الله سان ٺھرايل) شريڪ پنھنجي ھنڌ بيھو، پوءِ سندن وچ ۾ جدائي وجھنداسون ۽ سندن شريڪ چوندا تہ (اوھين) اسان کي پوڄيندڙ نہ ھيؤ
10:29 پوءِ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ الله شاھد ڪافي آھي تہ اسين اوھان جي پوڄا کان ضرور بي خبر ھئاسون
10:30 اُن ھنڌ سڀ ڪنھن ماڻھوءَ جيڪي اڳي موڪليو ھوندو سو (اُھو) لھندو ۽ پنھنجي سچي ڌڻيءَ الله ڏانھن موٽايا ويندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيائون ٿي سو کانئن ڀلجي ويندو
10:31 چئو تہ اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ ڪنن ۽ اکين جو ٻيو ڪير مالڪ آھي ڇا؟ ۽ ڪير جيئري کي مُئي مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير مُئي کي جيئري مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير ڪمن کي رٿيندو آھي؟ پوءِ سُتت ئي چوندا تہ الله! پوءِ چئو تہ ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
10:32 پوءِ اُھو ئي اوھان جو سچو پالڻھار الله آھي، پوءِ سچ کانپوءِ گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڇا آھي؟ پوءِ ڪيڏي جو ڪيڏي ڦيرايا وڃو ٿا؟
10:33 اھڙيءَ طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اُنھن بدڪارن تي لازم ٿيو آھي جو اُھي ايمان نہ آڻيندا
10:34 چئو تہ اوھان جي معبودن مان ڪو آھي ڇا جو خلق کي نئين سر بڻائي وري کين (ماري) موٽائي جياري چئو تہ الله نئين سر خلق کي بڻائي ٿو وري کيس موٽائي جياريندو، پوءِ اوھين ڪيڏي جو ڪيڏي ڦيرايا ويندا آھيو؟
10:35 چئو تہ اوھان جي معبودن مان ڪو آھي جو حق ڏانھن ڪنھن کي ھدايت ڪري؟ چئو تہ الله حق ڏانھن سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، پوءِ جيڪو حق ڏانھن سِڌو رستو ڏيکاري سو تابعداري ڪرڻ جو وڌيڪ حقدار آھي يا اُھو جيڪو (پاڻ) رستي ڏيکارڻ کانسواءِ رستو نہ لھندو ھُجي؟ پوءِ اوھان کي ڇا ٿيو؟ ڪيئن فيصلو ڪريو ٿا!
10:36 ۽ اُنھن مان گھڻا رڳو گمان تي ھلندا آھن، بيشڪ گمان سچ جي پورائي ڪجھ بہ نہ ڪندو آھي، بيشڪ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي
10:37 ۽ ھيءُ قرآن الله کان سواءِ ڪنھن جو بڻايل نہ آھي پر کانئس اڳ جيڪي ڪتاب آھن تن جي تصديق ڪندڙ آھي ۽ حُڪمن کي کولي بيان ڪندڙ آھي منجھس ڪو شڪ نہ آھي (تہ) جھانن جي پالڻھار کان آھي
10:38 يا چوندا آھن تہ (محمد ﷺ) اُھو پاڻؤن ٺاھيو آھي، چئو تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ ان جھڙي ڪا سورت آڻيو ۽ الله کان سواءِ جنھن کي (سڏي) سگھو تنھن کي سڏيو
10:39 بلڪ جنھن علم کي پھچي نہ سگھيا تنھن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ اڃا وٽن سندس وعدن جي سچائي نہ آئي آھي، جيڪي کانئن اڳ ھئا تن بہ اھڙيءَ طرح ڪوڙ ڀانيو ھو پوءِ ڏس تہ ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي!
10:40 ۽ منجھانئن ڪو اُن (قرآن) تي ايمان آڻيندو آھي ۽ منجھانئن ڪو اُن تي ايمان نہ آڻيندو آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار فساد ڪندڙن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي
10:41 ۽ جيڪڏھن تو کي ڪوڙو ڀانئين تہ چئو مون لاءِ منھنجو عمل ۽ اوھان لاءِ اوھانجو عمل آھي، جيڪي (آءٌ) ڪريان ٿو تنھن کان اوھين ڇٽل آھيو ۽ جيڪي (اوھين) ڪريو ٿا تنھن کان آءٌ بيزار آھيان
10:42 ۽ منجھائن ڪي توڏانھن (ڪَن ڏيئي قرآن کي) ٻڌندا آھن، پوءِ تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين ڇا جيتوڻيڪ نہ سمجھندا ھجن؟
10:43 ۽ منجھائن ڪوئي توڏانھن نھاريندو آھي، پوءِ انڌن کي سِڌو رستو ڏيکاريندين ڇا؟ جيتوڻيڪ ڏسندا ئي نہ ھُجن
10:44 الله ماڻھن تي ڪُجھ ئي ظلم نہ ڪندو آھي پر ماڻھو پاڻ تي ظلم ڪندا آھن
10:45 ۽ جنھن ڏينھن (الله) کين گڏ ڪندو تنھن ڏينھن ڄڻڪ (دنيا ۾) ڏينھن جي ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ (وڌيڪ) ترسيائي نہ ھئا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي سڃاڻندا، بيشڪ جن الله جي ديدار کي ڪوڙ ڀانيو تن نقصان پاتو ۽ ھدايت وارا نہ ھئا
10:46 ۽ جيڪو انجام ساڻن ڪريون ٿا تنھن منجھان ڪجھ جيڪڏھن تو کي ڏيکاريون ٿا يا تو کي فوت ڪريون تہ (ھر حال ۾) سندن موٽڻ اسان ڏانھن آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي الله شاھد آھي
10:47 ۽ سڀ ڪنھن اُمت لاءِ ھڪ پيغمبر آھي، پوءِ جڏھن سندن پيغمبر آيو (تڏھن) سندن وچ ۾ اِنصاف سان نبيرو ڪيو ويو ۽ اُنھن تي ظلم نہ ڪيو ويو
10:48 ۽ چوندا آھن تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اِھو انجام ڪڏھن ٿيندو؟
10:49 چئو تہ (آءٌ) الله جي مرضيءَ کانسواءِ پاڻ کي نہ ڪي ڏک ۽ نہ ڪي سُک پھچائي سگھان ٿو، سڀ ڪنھن اُمت لاءِ ھڪ مُدت آھي، جڏھن سندين ٺھرايل مدت پُھچي ٿي تڏھن ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا
10:50 چئو تہ مون کي خبر ڏيو تہ جيڪڏھن سندس عذاب رات جو يا ڏينھن جو اوھان تي اچي (تہ ڇا ڪري سگھندؤ)؟ ڏوھاري اُن مان ڇا جي تڪڙ گھرندا آھن؟
10:51 وري جنھن مھل (اُھو) پھچندو (تنھن مھل) اُن تي ايمان آڻيندؤ ڇا؟ (چيو ويندن تہ) ھاڻي (مڃيوَ) ؟ ۽ بيشڪ (اڳي) اُن کي تڪڙو گھرندا ھُيؤ
10:52 وري ظالمن کي چيو ويندو تہ ھميشگيءَ وارو عذاب چکو، جيڪي اوھين ڪمائيندا ھيؤ تنھن کانسواءِ ٻيو ڪو بدلو اوھان کي نہ ڏبو
10:53 ۽ توکان خبر پڇندا آھن تہ اِھو (وعدو) سچ آھي؟ چئو تہ ھائو! مون کي پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي تہ ضرور سچ آھي، ۽ اوھين ٿڪائڻ وارا نہ آھيو
10:54 ۽ جيڪڏھن سڀ ڪنھن ظلم ڪندڙ شخص کي جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) ھجي ھا تہ ضرور پنھنجو عوض ڏئي ھا! ۽ جڏھن عذاب ڏسندا تڏھن اندر (ئي اندر) ۾ لڄي ٿيندا، ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪيو ويندو ۽ اُنھن تي ظلم نہ ڪبو
10:55 خبردار! جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، (پنھنجي عوض ڏيئي نہ سگھندؤ) خبردار الله جو انجام سچو آھي پر اُنھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
10:56 اُھو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي ۽ اوھين ڏانھس موٽايا ويندؤ
10:57 اي انسانو! اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نصيحت ۽ جيڪا (بيماري) سينن ۾ آھي تنھن لاءِ شفا ۽ مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ رحمت آئي آھي
10:58 چئو تہ الله جي فضل سان ۽ سندس ٻاجھ سان (قرآن نازل ٿيو آھي) پوءِ اُن سان خوش ٿيڻ گھرجين، جيڪي گڏ ڪندا آھن تنھن کان اُھو ڀلو آھي
10:59 چئو تہ ڪجھ ڏسو ٿا؟ تہ الله روزيءَ مان جيڪي اوھان لاءِ لاٿو آھي پوءِ منجھانئس اوھان (پاڻ) ڪُجھ حرام ۽ ڪُجھ حلال ڪيو آھي، چئو تہ الله اوھان کي موڪل ڏني آھي ڇا يا الله تي ٺاھ ٺاھيندا آھيو؟
10:60 ۽ جيڪي الله تي ڪوڙ ٺاھيندا آھن تن کي قيامت جي ڏينھن ڪھڙو گمان آھي (تہ کين عذاب نہ ڪندو ڇا)؟ بيشڪ الله ماڻھن تي ضرور وڏي فضل ڪرڻ وارو آھي پر اُنھن مان گھڻا شڪرانو نہ ڪندا آھن
10:61 ۽ ڪنھن بہ حال ۾ نہ ھوندو آھين ۽ الله جي طرف کان آيل قرآن مان جيڪي ڪجھ پڙھندو آھين ۽ ڪوبہ ڪم اوھين نہ ڪندا آھيو جڏھن منجھس لڳا رھندا آھيو مگر اسين (ھر حال ۾) اوھان وٽ حاضر ھوندا آھيون، ۽ تنھنجي پالڻھار کان ذري جيترو بہ نہ ڪي زمين ۾ نہ ڪي آسمان ۾ (ڪجھ) ڳجھو رھندو آھي ۽ نہ ڪي اُن کان ٿورو ۽ نہ ڪي گھڻو، پر (سڀ) پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) آھي
10:62 خبردار! الله جي پيارن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا
10:63 جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي اٿن
10:64 تن لاءِ دُنيا جي حياتيءَ ۽ آخرت ۾ خوشخبري آھي، الله جي حُڪمن کي ڪا ڦير گھير ڪانھي، اِھا ئي وڏي مُراد ماڻڻ آھي
10:65 ۽ سندن ڪابہ ڳالھ تو کي نہ ڏکوئي، بيشڪ سمورو غلبو الله جو ئي آھي، اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
10:66 خبردار! جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو يقيناً الله جو آھي، ۽ جيڪي الله کانسواءِ ٻـين شريڪن جي عبادت ڪندا آھن سي (حقيقت ۾) گمان کانسواءِ ٻئي جي تابعداري نہ ڪندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪلبازي ھلندا آھن
10:67 اُھو (الله) آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي ھن ڪري بڻايو تہ منجھس آرام ڪريو ۽ ڏينھن کي روشن بڻايائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن
10:68 ڪافر چون ٿا تہ الله (پنھنجي لاءِ) اولاد ورتو آھي اُھو پاڪ آھي، اُھو بي پرواھ آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو اُن جو آھي، ھن (پٽ جي چوڻ) بابت اوھان وٽ ڪا سَند نہ آھي، جيڪي نہ ڄاڻندا آھيو سو ڇو الله تي چوندا آھيو؟
10:69 چئو تہ جيڪي الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي يقيناً نہ ڇٽندا
10:70 دنيا ۾ ڪجھ آسودو گذران ھوندن وري اسان وٽ سندن موٽڻ آھي وري کين اِنھيءَ سببان سخت عذاب چکائينداسون جو ڪُفر ڪندا آھن
10:71 ۽ نوح جو قصو کين پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين تہ اي منھنجي قوم! جيڪڏھن منھنجو رھڻ ۽ الله جي آيتن سان منھنجي نصيحت ڏيڻ اوھان تي ڳري ٿي آھي تہ الله تي ڀروسو ڪيم پوءِ پنھنجي رٿا ۽ پنھنجن شريڪن جي مدد سان گڏجي صلاح ڪريو پوءِ اوھانجي رٿا اوھان کان ڳجھي نہ رھي تہ پوءِ مون سان (جو وڻيوَ سو) ڪري گذرو ۽ مون کي ڍر نہ ڏيو
10:72 پوءِ جيڪڏھن (منھنجي چوڻ کان) ڦريؤ (تہ ڇا ٿيو؟) مون اوھان کان ڪو اُجورو نہ گھريو ھو، منھنجو اجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نہ آھي ۽ مون کي حُڪم ڪيو ويو آھي تہ مسلمانن مان ھجان
10:73 پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ کيس ۽ جيڪي ٻيڙيءَ ۾ ساڻس ھئا تن کي بچايوسون ۽ کين اُنھن (ڪافرن) جو جانشين ڪيوسون ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي ٻوڙيوسون، پوءِ ڏس تہ جن کي ڊيڄاريو ويو تن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي!
10:74 وري اُن (نوح) کانپوءِ (گھڻا) پيغمبر سندن قوم ڏانھن موڪلياسون پوءِ وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ اھڙا نہ ھئا جو جنھن شئي کي پھريائين ڪوڙ ڀانيو ھئائون تنھن تي ايمان آڻين، اھڙيءَ طرح حد کان لنگھندڙن جي دلين تي مھر ھڻندا آھيون
10:75 وري کائن پوءِ موسىٰ ۽ ھارون کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پنھنجن معجزن سميت موڪليوسون پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ ڏوھارڻ قوم ھئي
10:76 پوءِ جنھن مھل وٽن اسان وٽان سچي ڳالھ آئي (تڏھن) چيائون تہ بيشڪ ھيءَ پڌرو جادو آھي
10:77 موسىٰ چيو تہ جڏھن اوھان وٽ حق آيو (تڏھن) اُن لاءِ ڇو چوندا آھيو (تہ جادو آھي)؟ ھيءُ جادو آھي ڇا؟ حالانڪہ جادوگر ڪامياب نہ ٿيندا آھن
10:78 چيائون تہ اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا تہ جنھن (ريت) تي اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ڏٺا تنھن کان اسان کي ڦيرائين ۽ مُلڪ ۾ اوھان (ٻنھي) لاءِ وڏپ ھجي؟ ۽ اسين اوھان کي مڃڻ وارا نہ آھيون
10:79 ۽ فرعون چيو تہ سڀئي ھوشيار جادوگر مون وٽ آڻيو
10:80 پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) موسىٰ اُنھن کي چيو تہ جيڪي اُڇلائڻو اٿو سو اوھين اُڇليو
10:81 پوءِ جنھن مھل اُڇليائون (تنھن مھل) موسىٰ چيو تہ جيڪي آندو اٿوَ سو جادو آھي، الله اُن کي سگھوئي باطل ڪندو، ڇو تہ الله فسادين جو ڪم نہ ٺاھيندو آھي
10:82 ۽ الله حق کي پنھنجي حڪم سان ثابت ڪندو آھي جيتوڻيڪ ڏوھاري بُڇان ڀانئين
10:83 پوءِ موسىٰ تي سندس قوم مان ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ فرعون ۽ سندس سردارن کان ڊڄڻ جي ڪري تہ، متان کين ايذائين (ڪنھن) ايمان نہ آندو، ۽ بيشڪ فرعون (اُن) مُلڪ ۾ ھٺيلو ھو، ۽ اُھو ضرور حَد کان لنگھندڙن مان ھو
10:84 ۽ موسىٰ چيو تہ اي منھنجي قوم! جيڪڏھن اوھان الله تي ايمان آندو آھي تہ جي مُسلمان آھيو تہ مٿس ڀروسو ڪريو
10:85 پوءِ چيائون تہ الله تي ڀروسو ڪيوسون، اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ظالمن جي قوم جي پرک نہ ڪر
10:86 ۽ ڪافرن جي قوم کان پنھنجي ٻاجھ سان اسان کي بچاءِ!
10:87 ۽ موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ڏانھن وحي ڪيوسون تہ اوھين پنھنجي قوم لاءِ مصر ۾ گھر بڻايو ۽ (اُنھن) پنھنجن گھرن کي قبلي جي سامھون ڪريو ۽ نماز پڙھو، ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي
10:88 ۽ موسىٰ چيو تہ اي اسان جا پالڻھار! تو فرعون ۽ سندس سردارن کي سينگار ۽ (گھڻو) مال دنيا جي حياتيءَ ۾ (ھن لاءِ) ڏنو آھي تہ اي اسان جا پالڻھار! تنھنجي واٽ کان ماڻھن کي ڀُلائين! اي اسان جا پالڻھار! سندن مال کي ناس ڪر ۽ سندين دلين مُھر ھڻ جو جيستائين ڏکوئيندڙ عذاب (نہ) ڏسن تيستائين ايمان نہ آڻين
10:89 الله چيو تہ بيشڪ اوھان (ٻنھي) جي دُعا قبول ڪئي ويئي پوءِ ٻئي مضبوط ٿي بيھو ۽ جيڪي نہ ڄاڻندا آھن تن جي طريقي جي تابعداري نہ ڪريو
10:90 ۽ بني اسرائيلن کي سمنڊ کان (پار) ڪيوسون پوءِ فرعون ۽ سندن لشڪر ظلم ۽ سرڪشي ڪرڻ لاءِ سندن پٺيان پيا، حتاڪہ (فرعون لشڪر سوڌو) ٻڏڻ لڳو (تڏھن فرعون) چيو تہ ايمان آندم، (سچ آھي) تہ جنھن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نہ آھي ۽ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان
10:91 (چيو ويس تہ) ھاڻي (ٿو ايمان آڻين)؟ ۽ بيشڪ اڳ تو نافرماني ڪئي ۽ فسادين مان ھئين
10:92 پوءِ اڄ تو کي تنھنجي لاشي سوڌو ھن لاءِ بچائينداسون (۽ ٻيٽار تي اُڇلينداسون) تہ جيڪي توکان پوءِ اچن تن لاءِ نشاني ھجين، ۽ ماڻھن مان گھڻا اسان جي نشانين کان ضرور بيخبر آھن
10:93 ۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي چڱي ھنڌ رھڻ جي جاءِ ڏني سون ۽ کين سُٺين شين مان روزي ڏني سون، پوءِ (ايستائين) اختلاف نہ ڪيائون جيستائين وٽن علم (يعني قرآن نہ) آيو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ فيصلو ڪندو
10:94 پوءِ جيڪي تو ڏانھن نازل ڪيوسون تنھن کان جيڪڏھن شڪ ۾ آھين تہ جيڪي تو کان اڳ ڪتاب پڙھندا آھن تن کان پُڇ، بيشڪ تنھنجي پالڻھار کان توڏانھن حق آيو آھي پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان نہ ھُج
10:95 ۽ نڪي تون اُنھن مان ھج جن الله جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو نہ تہ تون خساري وارن مان ٿيندين
10:96 بيشڪ جن تي پنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جو حُڪم لازم ٿي چڪو آھي سي ايمان نہ آڻيندا
10:97 جيتوڻيڪ وٽن سڀ دليل اچن، جيستائين ڪو ڏکوئيندڙ عذاب ڏسن
10:98 يونس جي قوم کانسواءِ ڪن ڳوٺن (وارن عذاب نازل ٿيڻ وقت) ڇو نہ ايمان آندو؟ تہ سندن ايمان کين فائدو ڏئي ھا، جنھن مھل (يونس جي قوم) ايمان آندو (تنھن مھل) خواريءَ وارو عذاب دُنيا جي حياتيءَ ۾ کانئن لاٿوسون ۽ کين ڪُجھ وقت تائين فائدو ڏنوسون
10:99 ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا تہ جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀئي ضرور ايمان آڻين ھا، پوءِ تون ماڻھن کي زور ڪندين ڇا تہ مؤمن ٿين؟
10:100 ۽ ڪنھن بہ شخص کي الله جي گھُر کانسواءِ مؤمن ٿيڻ جو اختيار ئي نہ آھي، ۽ جيڪي نہ ڄاڻندا آھن تن تي (ڪفر جي) پليتي رکندو آھي
10:101 چئو تہ نھاريو تہ آسمانن ۽ زمين ۾ ڪھڙيون (سندن قدرتون) آھن؟ ۽ نہ مڃيندڙ قوم کي نشانيون ۽ ڊيڄاريندڙ فائدو نہ ڏيندا آھن
10:102 پوءِ اُنھن جھڙين مُصيبتن کانسواءِ انتظار نہ ڪندا آھن جيڪي کانئن اڳ گذري ويون، (کين) چئو تہ انتظار ڪريو آءٌ بہ اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آھيان
10:103 وري اسين پيغمبرن کي ۽ جن ايمان آندو تن کي بچائيندا آھيون اھڙي طرح اسان تي حق آھي تہ مؤمنن کي بچايون
10:104 چئو تہ اي انسانؤ! جيڪڏھن منھنجي دين کان شڪ ۾ آھيو تہ (ٻُڌو تہ) الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھيو تن کي نہ پوڄيندس پر اُن الله کي پوڄيندس جيڪو اوھان کي ماريندو آھي، ۽ مُون کي حڪم ڪيو ويو آھي تہ مؤمنن مان ھجان
10:105 ۽ (ھيءُ) تہ پنھنجي مھاڙ کي دين لاءِ ھڪ طرفو ٿي سڌو ڪر ۽ مُشرڪن مان نہ ھُج!
10:106 ۽ الله کانسواءِ اُنھي جي عبادت نہ ڪر جيڪو تو کي نڪي سُک پُھچائي ۽ نڪي ڏُک پھچائي، پوءِ جيڪڏھن (ايئن) ڪندين تہ اُنھي مھل تون ظالمن مان ٿيندين
10:107 ۽ جيڪڏھن الله تو کي ڪو ڏک پھچائي تہ اُن کانسواءِ ڪو اُن جي لاھڻ وارو ڪونھي، ۽ جيڪڏھن تو لاءِ ڀلائي گھري تہ سندس فضل ڪو ھٽائڻ وارو نہ آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن کي وڻيس تنھن کي ڀلائي پُھچائيندو آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان آھي
10:108 چئو تہ اي انسانؤ! بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان حق آيو آھي، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو پاڻ لاءِ ھدايت ٿو لھي، ۽ جيڪو ڀُلو تنھن تي گمراھيءَ ھجڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نہ آھي، ۽ آءٌ اوھان جو ذميوار نہ آھيان
10:109 ۽ جيڪي توڏانھن وحي ڪيو وڃي ٿو تنھن جي تابعداري ڪر ۽ (ايستائين) صبر ڪر جيستائين الله نبيرو ڪري، ۽ اُھو چڱو فيصلو ڪندڙ آھي