9:1
جن مشرڪن سان اوھان معاھدو ڪيو تن ڏانھن الله ۽ سندس پيغمبر جي پار کان (معاھدي کان) دستبرداري (جو اعلان) آھي
9:2
(اي مشرڪؤ! مسلمانن جي) ملڪ ۾ چار مھينا گھمو ڦرو ۽ ڄاڻو تہ اوھين الله کي ٿڪائڻ وارا نہ آھيو ۽ (ڄاڻو) تہ الله ڪافرن کي خوار ڪرڻ وارو آھي
9:3
۽ وڏي حج جي ڏينھن الله ۽ سندس پيغمبر جي طرفان ماڻھن ڏانھن اعلان آھي تہ الله ۽ سندس پيغمبر مشرڪن کان بيزار آھي، پوءِ (اي مشرڪؤ!) جيڪڏھن (شرڪ کان) توبھ ڪندؤ تہ اُھا اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين مُنھن ڦيرائيندؤ تہ ڄاڻو تہ اوھين الله کي ٿڪائڻ وارا نہ آھيو، ۽ (اي پيغمبر!) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي
9:4
پر مشرڪن مان جن سان معاھدو ڪيو ھيوَ وري (اُنھن) اوھان سان (معاھدي ۾) ڪو قصور نہ ڪيو ۽ نڪي اوھان تي ٻئي ڪنھن کي مدد ڏنائون تن جو (معاھدو) سندن مدت تائين ساڻن پورو ڪريو، بيشڪ الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي
9:5
پوءِ (جن مھينن ۾ لڙائي) حرام (ڪئي ويئي آھي سي) مھينا جڏھن پورا ٿين تڏھن مشرڪن کي جتي لھو تتي اُنھن کي قتل ڪريو ۽ اُنھن کي پڪڙيو ۽ اُنھن جو گھراءُ ڪريو ۽ سڀني گھٽن تي اُنھن لاءِ (گھاڙ ۾) ويھو، پوءِ جيڪڏھن توبھ ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين تہ سندن واٽ ڇڏيو، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
9:6
۽ جيڪڏھن مشرڪن مان ڪو ھڪڙو تو کان اَمان گھري تہ کيس اَمان ڏي جيستائين (ھو) ڪلام الله ٻڌي پوءِ کيس سندس اَمن جي ھنڌ پھچاءِ، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھا قوم اھڙي آھي جو نہ ڄاڻندي آھي
9:7
الله وٽ ۽ سندس پيغمبر وٽ مشرڪن لاءِ انجام ڪيئن ٿيندو؟ سواءِ اُنھن جي جن سان مسجد الحرام وٽ معاھدو ڪيو ھيوَ، پوءِ اُھي جيستائين اوھان جي معاھدي تي قائم رھن تيستائين اوھين اُنھن لاءِ (سندن معاھدي تي) قائم رھو، ڇو تہ الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي
9:8
ڪيئن (سندن معاھدو قائم رھندو؟) ھوڏانھن جيڪڏھن اوھان تي غالب ٿين تہ اوھان بابت نہ ڪي مائٽي جو ۽ نہ ڪي معاھدي جو خيال رکن، اوھان کي پنھنجين (مِٺين) زبانن سان راضي ڪندا آھن ۽ سندن دليون انڪاري آھن، ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن
9:9
الله جي آيتن کي ٿوري ملھ تي وڪيائون پوءِ (ماڻھن کي) سندس واٽ کان جھليائون، اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي
9:10
ڪنھن مؤمن بابت نڪي مائٽيءَ جو ۽ نڪي معاھدي جو خيال رکندا آھن، ۽ اھي ئي حد کان لنگھيل آھن
9:11
پوءِ جيڪڏھن (ڪفر کان) توبھ ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين تہ اوھان جا دين ۾ ڀائر آھن، ۽ جيڪي ماڻھو ڄاڻندا آھن تن لاءِ نشانيون کولي بيان ڪريون ٿا
9:12
۽ جيڪڏھن پنھنجن انجامن ٻَڌڻ کانپوءِ پنھنجا قسم ڀَڃن ۽ اوھانجي دين ۾ طعني بازي ڪن تہ ڪفر جي اڳواڻن سان جنگ ڪريو ڇو تہ اُنھن جو قَسم (اعتبار جوڳو) نہ آھي منَ اُھي جھلجن
9:13
اھڙي قوم سان ڇو نہ ٿا وڙھو جن پنھنجن قسمن کي ڀڳو ۽ پيغمبر جي لوڌڻ لاءِ سنبريا ۽ منڍئون اوھان سان (دشمني) ۾ پھل ڪرڻ لڳا؟ کانئن ڇو ٿا ڊڄو؟ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ الله (ھن لاءِ) وڌيڪ حقدار آھي تہ کانئس ڊڄو
9:14
اُنھن سان وڙھو تہ الله اوھان جي ھٿان کين سزا ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ اوھانکي مٿن سوڀ ڏيندو ۽ مؤمنن جي قوم جي سينن کي شفا بخشيندو (يعني ٺاريندو)
9:15
۽ سندين دلين جي ڪاوڙ ختم ڪندو، ۽ الله جنھن لاءِ گھرندو تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي
9:16
ڀائيندا آھيو ڇا تہ اوھان کي (جھاد جي تڪليف کان) ڇڏيو ويندو؟ ۽ حقيقت ڪري اوھان مان جن جھاد ڪيو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمنن کان سواءِ (ٻيو) ڪو ڳجھو دوست (بہ) نہ ورتائون تن کي الله اڃا نہ نکيڙيو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي
9:17
پاڻ تي ڪفر جو اقراري ٿي، مشرڪن کي، الله جي مسجدين جي آباد ڪرڻ جو حق ئي نہ آھي، اِھي اُھي آھن جن جا اعمالَ چٽ ٿي ويا، ۽ اُھي باھ ۾ سدائين رھڻ وارا آھن
9:18
الله جي مسجدين کي آباد ڪرڻ رڳو اُنھيءَ کي جڳائيندو آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ نماز پڙھي ۽ زڪوٰة ڏني ۽ الله کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کان) نہ ڊنو، پوءِ اُميد آھي تہ اِھي ھدايت وارن مان آھن
9:19
اوھان جو حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد الحرام کي آباد رکڻ اُن (جي عملن) جھڙو آھي ڇا جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو؟ الله وٽ (ھيءُ ۽ اھي) برابر نہ آھن، ۽ الله ظالم قوم کي ھدايت نہ ڪندو آھي
9:20
جن ايمان آندو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجين مالن ۽ پنھنجن جانين سان جھاد ڪيو سي الله وٽ مرتبي ۾ بلڪل وڏا آھن، ۽ اِھي ئي مُراد ماڻڻ وارا آھن
9:21
اُنھن کي سندن پالڻھار پاڻ وٽان ٻاجھ ۽ راضپي ۽ اُنھن باغن جي خوشخبري ڏئي ٿو جن ۾ اُنھن لاءِ سدائين نعمتون آھن
9:22
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ڇو تہ الله وٽ ئي وڏو اَجر آھي
9:23
اي مؤمنؤ! پنھنجن پيئرن ۽ پنھنجن ڀائرن کي دوست ڪري نہ وٺو جيڪڏھن (اُھي) ڪفر کي ايمان کان پيارو رکن تہ، ۽ جيڪي اوھان مان اُنھن سان دوستي ڪندا سي ئي ظالم آھن
9:24
(اي پيغمبر!) چئو تہ جيڪڏھن اوھان جا پيئر ۽ اوھان جو اولاد ۽ اوھان جا ڀائر ۽ اوھان جون زالون ۽ اوھان جا مائٽ ۽ اُھي مال جي اوھان ڪمايا آھن ۽ واپار جنھن جي بند ٿيڻ کان ڊڄو ٿا ۽ جايون جن کي پسند ڪريو ٿا سي اوھان کي الله ۽ سندس پيغمبر ۽ سندس واٽ ۾ جھاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آھن تہ (ايستائين) ترسو جيستاين الله پنھنجو عذاب آڻي، ۽ الله بي دين قوم کي سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
9:25
بيشڪ الله اوھان کي گھڻن ھنڌن ۾ سوڀ ڏني ۽ (پڻ جنگ) حُنين جي ڏينھن جو جڏھن اوھان جي گھڻائي اوھانکي عجب ۾ وڌو ۽ اوھان کان (اوھان جي گھڻائي) ڪجھ بہ ٽاري نہ سگھي ۽ زمين پنھنجي ويڪرائي ھوندي (بہ) اوھان تي سوڙھي ٿي ويئي پوءِ اوھين پُٺيرا ٿي ڦريؤ
9:26
وري الله پنھنجي پار کان سڪون پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي لاٿو ۽ (ملائڪن جو) لشڪر لاٿائين جن کي نہ ٿي ڏٺوَ، ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين، ۽ اِھا ڪافرن جي سزا آھي
9:27
وري اُن کانپوءِ الله جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
9:28
اي مؤمنؤ! مشرڪ بس پليت آھن تنھنڪري ھن سال کان پوءِ مسجد الحرام جي ويجھو نہ وڃن، ۽ جيڪڏھن (اوھين) سڃائيءَ کان ڊڄندا آھيو تہ جيڪڏھن الله گھريو تہ پنھنجي فضل سان اوھانکي سگھوئي آسودو ڪندو، ڇو تہ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
9:29
جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن مان جيڪي الله کي ۽ قيامت جي ڏينھن کي نہ مڃيندا آھن ۽ نڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي حرام ڪيل (شين) کي حرام ڪري ڄاڻندا آھن ۽ نڪي سچو دين قبول ڪندا آھن تن سان ايستائين وڙھو جيسين (اُھي) ذليل ٿي پنھنجي ھٿان جزيو ڏين
9:30
۽ يَھُودين چيو تہ عُزير الله جو پُٽ آھي ۽ نصارن چيو تہ عيسىٰ الله جو پُٽ آھي، اِھو سندن چوڻ سندن واتن سان آھي، اڳين ڪافرن جي چوڻ جھڙي رِيس ڪندا آھن، الله مٿن لعنت ڪري، ڪيڏي جو ڪيڏي ڀُلايا ويندا آھن؟
9:31
پنھنجن عالمن ۽ پنھنجن فقيرن ۽ عيسىٰ پُٽ مريم جي کي الله کانسواءِ پالڻھار ڪري ورتائون، ۽ ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ کانسواءِ کين ٻيو حڪم نہ ڪيو ويو آھي! اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، جيڪي ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان ھو پاڪ آھي
9:32
(۽) پنھنجن واتن سان الله جي نُور کي وسائڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ کانسواءِ نہ رھندو جيتوڻيڪ ڪافر اَرھا ٿين
9:33
اُھو (الله) اھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان ھن لاءِ موڪليو تہ ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري جيتوڻيڪ مشرڪ رنج ٿين
9:34
اي ايمان وارؤ! اھل ڪتاب جي عالمن ۽ درويشن مان گھڻا ماڻھن جو مال ٺڳيءَ سان کائيندا آھن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا آھن، ۽ جيڪي سون ۽ چاندي جو خزانو گڏ ڪندا آھن ۽ اُھو الله جي واٽ ۾ نہ خرچيندا آھن تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي
9:35
جنھن ڏينھن (سندن مال) دوزخ جي باھ ۾ تپائبو (جڏھن تپندو تہ) پوءِ اُن سان سندن پيشانيون ۽ سندن پاسريون ۽ سندن پٺيون ڏنڀبيون، (چئبن تہ) ھيءُ اُھو (خزانو) آھي جيڪو پاڻ لاءِ گڏ ڪيو ھيوَ (ان جو) مزو چکو
9:36
بيشڪ مھينن جو ڳاڻيٽو يقيناً ڪتاب الاھي ۾ الله وٽ ٻارھن مھينا آھن جنھن ڏينھن کان آسمانن ۽ زمين کي بڻايائين منجھانئس چار (مھينا) تعظيم وارا آھن، اِھو پڪو دين آھي، تنھنڪري اوھين پاڻ کي منجھن نقصان نہ لايو، ۽ سڀني مشرڪن سان وڙھو جھڙي طرح اوھان سان سڀئي وڙھن ٿا، ۽ ڄاڻو تہ الله پرھيزگارن سان گڏ آھي
9:37
تعظيم وارن مھينن جو اڳي پوءِ ڪرڻ رڳو ڪفر ۾ واڌارو آھي اُن سان ڪافر ڀُلايا ويندا آھن اُن (مھيني) کي ھڪ سال حلال ڳڻين ٿا ۽ ٻئي سال اُن کي حرام ڀائين ٿا ھن لاءِ تہ الله جي حرام ڪيلن مھينن جي ڳاڻيٽي جي پورائي ڪن پوءِ جن کي الله حرام ڪيو آھي تن کي حلال ٿا ڪن، اُنھن لاءِ سندن بڇڙا ڪرتوت سينگاريا ويا، ۽ الله ڪافرن جي قوم کي ھدايت نہ ڪندو آھي
9:38
اي ايمان وارؤ! اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو جڏھن اوھان کي چئبو آھي تہ الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) نڪرو تڏھن زمين ڏانھن ڳرا ٿي ڪرندا آھيو، آخرت جي بدران دنيا جي حياتيءَ سان راضي ٿيا آھيو ڇا؟ دنيا جي حياتي جو سامان آخرت (جي مقابلي) ۾ ٿورڙي کانسواءِ ڪجھ نہ آھي
9:39
جيڪڏھن نہ نڪرندؤ تہ اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو ۽ اوھان کانسواءِ ٻي قوم مٽائي آڻيندو ۽ اوھين کيس ڪُجھ ضرر نہ رسائيندؤ، ۽ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
9:40
جيڪڏھن پيغمبر کي مدد نہ ڏيندؤ تہ بيشڪ کيس الله مدد ڏني آھي جنھن مھل ڪافرن (مڪي مان) کيس لوڌيو، ٻن مان ھڪڙو پاڻ ھو، جڏھن ٻئي غار ۾ ھئا تڏھن پنھنجي سنگتيءَ کي چيائين تہ اُلڪو نہ ڪر ڇو تہ الله اسان سان (گڏ) آھي، پوءِ الله مٿس پنھنجو سڪون لاٿو ۽ کيس اھڙي لشڪر سان مدد ڪيائين جو اُن کي اوھان نہ ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالھ کي ھيٺ ڪيائين، الله جي ڳالھ (ھميشہ) مٿاھين آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي
9:41
(ھر حال جنگ جي) ٿوري سامان ۽ گھڻي سامان سوڌا (جھاد لاءِ) نڪرو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جانين سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪريو، اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو
9:42
جيڪڏھن سامان سولو ۽ سفر ھلڪو ھجي ھا تہ ضرور تنھنجي پٺيان لڳن ھا پر مٿن پنڌ پري ٿيو، ۽ سگھوئي الله جو قسم کڻندا (چوندا تہ) جيڪڏھن اسين توفيق ساريون ھا تہ اوھان سان گڏ نڪرون ھا! پاڻ کي (منافقيءَ سببان) ھلاڪ ڪن ٿا، ۽ الله ڄاڻي ٿو تہ اُھي ڪوڙا آھن
9:43
الله تو کي معاف ڪيو، کين تو ڇا لاءِ موڪل ڏني جيسين تو لاءِ سچا پڌرا ٿين ھا ۽ (تون) ڪوڙن کي ڄاڻين ھا
9:44
جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو آھي سي پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جانين ساڻ جھاد ڪرڻ ۾ توکان موڪل نہ ٿا گھرن، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي
9:45
اُنھن کان سواءِ ٻيو ڪو تو کان موڪل نہ گھرندو جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نہ مڃيندا آھن ۽ سندن دليون شڪ ۾ پيل آھن پوءِ اُھي پنھنجي شڪ ۾ حيران آھن
9:46
۽ جيڪڏھن ٻاھر نڪرڻ گھرن ھا تہ اُن لاءِ تياريءَ جو سامان تيار ڪن ھا پر الله سندن (جھاد تي) وڃڻ پسند نہ ڪيو تنھنڪري کين توفيق نہ ڏنائين ۽ چيو ويو تہ وھندڙن سان گڏ ويھي رھو
9:47
جيڪڏھن اوھان ۾ (گڏجي) نڪرن ھا تہ اوھان ۾ شرارت کانسواءِ ٻيو ڪُجھ نہ وڌائين ھا ۽ ضرور اوھانجو بگيٿر گھرندڙ ٿي اوھان جي وچ ۾ فساد وجھڻ لاءِ ڊوڙن ھا! ۽ اوھان ۾ اُنھن جا (ڪي) جاسوس آھن، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي
9:48
اُھي اڳ بيشڪ فساد جي فڪر ۾ ھئا ۽ تو لاءِ بڇڙيون صلاحون ڪندا رھيا تانجو مدد آئي ۽ الله جو حُڪم غالب ٿيو ۽ اُھي ناراض ھئا
9:49
۽ منجھانئن ڪو چوي ٿو تہ مون کي موڪل ڏي ۽ مونکي آزمائش ۾ نہ وجھ، خبردار! (اُھي پاڻ) آزمائش ۾ ڪريل آھن، ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي
9:50
(اي پيغمبر!) جيڪڏھن تو کي ڪو سھنج رسندو آھي تہ کين ڏکيو لڳندو آھي، ۽ جيڪڏھن تو کي ڪو اھنج پھچندو آھي تہ چوندا آھن تہ بيشڪ پنھنجو ڪم اڳيئي سنڀالي ورتو اٿئون ۽ اُھي سَرھا ٿي ڦرندا آھن
9:51
(اي پيغمبر!) چئو تہ جيڪي الله اسان لاءِ لکيو آھي تنھن کانسواءِ ٻيو ڪجھ اسانکي ڪڏھن نہ پھچندو، اُھو اسانجو سنڀاليندڙ آھي، ۽ مؤمنن کي الله تي ڀروسو ڪرڻ جڳائي
9:52
(اي پيغمبر! منافقن کي) چئو تہ اوھين اسان لاءِ ٻن چڱاين مان ھڪڙيءَ کانسواءِ انتظار نہ ڪندا آھيو، ۽ اسين (بہ) اوھان لاءِ انتظار ڪندا آھيون تہ الله پاڻ وٽان يا اسان جي ھٿان اوھان کي سزا پھچائي، پوءِ اوھين انتظار ڪريو اسين (بہ) اوھان سان گڏ منتظر آھيون
9:53
چئو (اي منافقو!) سَرھا ٿي توڻي ارھا ٿي خرچ ڪريو تہ اوھان کان ڪڏھن قبول نہ ڪبو، ڇو تہ اوھين بي دين ٽولي آھيو
9:54
۽ کانئن سندن خرچ جو قبول ڪرڻ ھن کانسواءِ نہ جھليو ويو تہ اُھي الله ۽ سندس پيغمبر جا مُنڪر آھن ۽ نڪي آرس ڪرڻ کان سواءِ نماز پڙھندا آھن ۽ نڪي (الله جي واٽ ۾) رنج کانسواءِ خرچيندا آھن
9:55
پوءِ تو کي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد عجب ۾ وجھي، الله رڳو گھرندو آھي تہ دنيا جي حياتيءَ ۾ اُن سان کين عذاب ڪري ۽ سندن ساھ ڪُفر جي ئي حالت ۾ نڪري
9:56
۽ الله جو قسم کڻندا آھن تہ اُھي اوھان منجھان آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اُھي اوھان منجھان نہ آھن پر اُھا ڊڄڻي قوم آھي
9:57
جي ڪا پناھ جي جاءِ يا ڪي چُرون يا ڪو گِھڙڻ جو ھنڌ لھن ھا تہ اُن ڏانھن اُھي ڊوڙندا ئي ڦِرن ھا
9:58
۽ منجھانئن ڪي اھڙا آھن جي صدقن (جي وراھڻ) ۾ طعنو ھڻندا آھن، پوءِ جيڪڏھن منجھانئس ڏجين تہ سَرھا ٿيندا آھن ۽ جيڪڏھن منجھانئس نہ ڏجين تہ اُنھي ئي مھل ڪاوڙبا آھن
9:59
۽ الله ۽ سندس پيغمبر جيڪي کين ڏنو آھي تنھن تي جيڪڏھن راضي ٿين ھا ۽ چون ھا تہ اسان کي الله ڪافي آھي اسان کي الله پنھنجي فضل سان ڏيندو ۽ سندس پيغمبر (بہ ڏيندو) اسين الله ڏانھن اميدوار آھيون (تہ اُنھن لاءِ ڀلو ھجي ھا!)
9:60
صدقا رڳو فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اُڳاڙي ڪندڙن ۽ جن (نئين مسلمانن) جون دليون (اسلام ڏانھن) جوڙڻيون آھن (تن لاءِ) ۽ ٻانھن جي آزاد ڪرڻ ۽ قرضين ۽ الله جي واٽ ۾ (جھاد ڪرڻ) ۽ مسافرن لاءِ آھن، (اِھو) الله (جي پار) کان حُڪم ٿيل آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
9:61
۽ منجھانئن ڪي اھڙا آھن جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن ۽ چوندا آھن تہ پر ٻڌڙيو آھي، چئو تہ اوھان لاءِ پر ٻڌڙيو ڀَلو آھي الله کي مڃيندو آھي ۽ مؤمنن (جي صلاح) کي (بہ) مڃيندو آھي ۽ اوھان مان ايمان وارن لاءِ ٻاجھارو آھي، ۽ جيڪي الله جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
9:62
اوھان لاءِ الله جو قسم کڻندا آھن تہ اوھان کي راضي ڪن، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھن تہ الله ۽ سندس پيغمبر وڌيڪ حقدار آھن جو اُن کي راضي ڪن
9:63
نہ ڄاڻندا آھن ڇا تہ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھي؟ منجھس سدائين رھڻ وارو آھي، اِھا وڏي خواري آھي
9:64
منافق مسلمانن تي ڪنھن سورة جي لھڻ کان ڊڄن ٿا تہ جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو متان مسلمانن کي ڄاڻائي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوھين پيا ٺـٺولي ڪريو، ڇو تہ جنھن کان ڊڄندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي
9:65
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن کانئن پڇين تہ ضرور چوندا تہ بيشڪ کِل ۽ راند ٿي ڪئي سون، (کين) چئو تہ الله ۽ سندس آيتن ۽ سندس پيغمبر سان مسخري ڪيوَ ٿي ڇا؟
9:66
بھانو نہ ڪريو! بيشڪ ايمان کانپوءِ ڪُفر ڪيو اٿوَ، جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ کان ٽرنداسون تہ ٻيءَ ٽوليءَ کي ھن سببان سزا ڏينداسون جو اُھي ڏوھي ھئا
9:67
منافق ۽ منافقياڻيون ھڪ ٻئي جھڙا آھن، (اُھي) مَدن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ چڱن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ پنھنجا ھٿ (خيرات ڏيڻ کان) بند ڪندا آھن، الله کي وساريائون تنھنڪري الله (بہ) کين وساريو، بيشڪ منافق ئي بي دين آھن
9:68
الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ ڪافرن کي دوزخ جي باھ جو انجام ڏنو آھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا کين ڪافي آھي، ۽ الله مٿن لعنت ڪئي آھي، ۽ انھن لاءِ ھميشہ جو عذاب آھي
9:69
اوھين (بہ) اھڙا ٿيا آھيو جيڪي اوھان کان اڳ ھئا (اُھي) اوھان کان طاقت ۽ مال ۽ اولاد ۾ گھڻو وڌيڪ ھئا، پوءِ پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتائون پوءِ اوھان بہ پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو جھڙيءَ طرح اوھان کان اڳين پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو ۽ (اوھين بہ) اُنھن وانگر اجاين بحثن ۾ پئجي ويا آھيو جيئن اُھي اجاين بحثن ۾ پيا، انھن جي ڪمائي دنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي، ۽ اُھي ئي خساري وارا آھن
9:70
کانئن اڳين جي خبر نہ پھتي اٿن ڇا جي نُوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم، ۽ ابراھيم جي قوم ۽ مَدين وارا ۽ اونڌن ٿيلن ڳوٺن وارا ھئا؟ جو اُنھن ڏانھن سندن پيغمبر پڌرن مُعجزن سان آيا (تہ نہ مڃيائون)، پوءِ الله جو شان نہ ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي ظُلم ڪيائون ٿي
9:71
۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا مددگار آھن، چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ خراب ڪمن کان جھليندا آھن ۽ نماز کي قائم ڪندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندا آھن، اِنھن تي الله سگھوئي ٻاجھ ڪندو، ڇو تہ الله غالب حڪمت وارو آھي
9:72
الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين سان بھشت جو انجام ڪيو آھي جنھن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن ۽ (پڻ) ھميشہ رھڻ وارن باغن ۾ چڱين جاين جو (اَنجام اٿن)، ۽ الله جو راضپو (سڀ کان) تمام وڏو آھي، اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي
9:73
اي پيغمبر! ڪافرن ۽ منافقن سان جھاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا جاءِ بُڇڙي آھي
9:74
الله جو قسم کڻندا آھن تہ (پاڻ) نہ چيو اٿن، ۽ بيشڪ ڪفر جو ڪلمو چيو اٿن ۽ پنھنجي اسلام (آڻڻ) کانپوءِ ڪُفر ڪيائون ۽ جنھن کي پھچي نہ سگھيا تنھن لاءِ زور لاتائون، ۽ اِھو اُنھن رڳو ھن ڳالھ جو بدلو ڏنو جو الله پنھنجي فضل سان ۽ سندس رَسُول کين شاھوڪار ڪيو، ۽ پوءِ جيڪڏھن توبھ ڪن تہ اُنھن لاءِ ڀَلي آھي، ۽ جيڪڏھن ڦرندا تہ الله دُنيا ۽ آخرت ۾ کين ڏکوئيندڙ عذاب سان سزا ڏيندو، ۽ مُلڪ ۾ انھن لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار آھي
9:75
۽ منجھانئن ڪي آھن جن الله سان انجام ڪيو آھي تہ جيڪڏھن پنھنجي فضل سان اسان کي ڏنائين تہ ضرور خيرات ڏينداسون ۽ ڀلارن مان ٿينداسون
9:76
پوءِ جنھن مھل پنھنجي فضل سان کين مال ڏنائين تہ اُن جي ڪنجوسائي ڪيائون ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ ٿي ڦريا
9:77
پوءِ (الله) سندن دلين ۾ کين سندن ملڻ جي ڏينھن تائين اِنھي سببان منافقي لاڳو ڪري ڇڏي جو الله سان اُھو انجام نہ پاڙيائون جيڪو ساڻس ڪيائون ۽ اِنھي سببان جو ڪوڙ چوندا رھيا
9:78
نہ ڄاڻندا آھن ڇا تہ الله سندن ڳجھا ۽ سندن پڌرا (سخن) ۽ سندن ڳجھيون صلاحون ڄاڻندو آھي ۽ تحقيق الله وڏو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي
9:79
اِھي اھڙا آھن جو صدقي ڏيندڙن مؤمنن جي صدقي ڏيڻ ۾ طعنا ھڻندا آھن ۽ اُنھن کي (بہ طعنا ھڻندا آھن) جيڪي (مزدوري ڪرڻ جي) محنت کانسواءِ ڪجھ نہ لھندا آھن ۽ اُنھن سان مسخريون ڪندا آھن، الله (بہ) سندن مسخرين جو کين بدلو ڏيندو ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
9:80
اُنھن لاءِ بخشش گھرين يا انھن لاءِ بخشش نہ گھرين، جيڪڏھن اُنھن لاءِ ستر ڀيرا بخشش گھرين تہ بہ الله انھن کي نہ بخشيندو، اِھو ھن سببان آھي جو اُنھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نہ مڃيو، ۽ الله بي دين قوم کي ھدايت نہ ڪندو آھي
9:81
الله جي پيغمبر جي (جھاد تي) وڃڻ کانپوءِ پٺ تي رھندڙ پنھنجي (رھجي) ويھڻ تي خوش ٿيا ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جانين سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪرڻ ناپسند ڪيائون ۽ پاڻ ۾ چيائون تہ گرميءَ ۾ (جھاد لاءِ) نہ نڪرو! (اي پيغمبر! کين) چئو تہ دوزخ جي باھ ڏاڍي گرم آھي، جيڪڏھن سمجھن ھا (تہ ايئن نہ ڪن ھا)
9:82
پوءِ ٿورو کلڻ گھرجين ۽ گھڻو روئڻ گھرجين، اُنھن (اعمالن) جي بدلي ۾ جو جيڪي ڪندا آھن
9:83
پوءِ جيڪڏھن الله تو کي منجھانئن ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن موٽائي نئي تہ نڪرڻ لاءِ تو کان موڪلائيندا پوءِ چئو تہ مون سان ڪڏھن نہ نڪرندؤ ۽ مون سان گڏجي ڪنھن دشمن سان ڪڏھن بہ نہ وڙھندؤ، ڇو تہ اوھين پھريون ڀيرو ويھڻ سان راضي ٿيؤ تنھنڪري (ھاڻي بہ) پوئتي ويھندڙن سان گڏجي ويھو
9:84
۽ منجھانئن جيڪو مري تنھن تي بلڪل نماز نہ پڙھ ۽ نڪي سندس قبر تي بيھ بيشڪ اُنھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نہ مڃيو ۽ اُھي بي دين ٿي مُئا
9:85
۽ تون سندن مال ۽ سندن اولاد تي عجب نہ ڪر، الله گھرندو آھي تہ اُن جي سببان دنيا ۾ ئي کين عذاب ڪري ۽ سندن ساھ ڪفر جي ئي حالت ۾ نِڪرن
9:86
۽ جيڪڏھن ڪا سُورة (ھِن لاءِ) نازل ڪئي ويندي آھي تہ الله کي مڃيو ۽ سندس پيغمبر سان گڏجي جھاد ڪريو تہ منجھانئن آسودا توکان موڪلائيندا آھن ۽ چوندا آھن تہ اسان کي ڇڏ تہ ويٺلن سان گڏ رھون
9:87
ويٺلن (عورتن) سان گڏ ھُجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ سندين دلين تي مُھر ھنئي وئي پوءِ اُھي نہ سمجھندا آھن
9:88
پر پيغمبر ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جندن سان جھاد ڪيو، ۽ اِھي اُھي آھن جن لاءِ ڀلايون آھن، ۽ اِھي ئي ڇٽل آھن
9:89
اُنھن لاءِ الله اھڙا باغ تيار ڪيا آھن جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي
9:90
۽ بَدوين مان بھاني ڪرڻ وارا آيا تہ کين موڪل ڏني وڃي ۽ جن الله ۽ سندس پيغمبر کي ڪوڙو ڄاتو سي ويھي رھيا، منجھانئن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب سگھو ئي پھچندو
9:91
نڪي ھيڻن تي ۽ نڪي بيمارن تي ۽ نڪي اُھي جو جيڪي خرچين سو نہ ٿا لھن تن تي ڪو گناھ آھي جڏھن تہ الله ۽ سندس پيغمبر جا خيرخواھ ھجن، ڀلارن تي ڪو ڏوراپو نہ آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
9:92
۽ نڪي اُنھن تي (ڪو گناھ آھي) جي جڏھن تو وٽ اچن تہ کين (سواريءَ تي) چاڙھين ( ۽ تون) چوين تہ (ڪا سواري) نہ ٿو لھان جنھن تي اوھان کي چاڙھيان، تڏھن اُھي موٽيا ۽ ھن ڏک کان سندن اکيون ھنجون ھاريندڙ ھجن تہ جيڪي (الله جي واٽ ۾) خرچين سو نہ ٿا لھن!
9:93
(ڏوراپي جي) واٽ رڳو اُنھن تي آھي جن تو کان موڪلايو ۽ اُھي شاھوڪار ھئا، رھيلن (عورتن) سان گڏ ھجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ الله سندين دلين تي مُھر ھنئي پوءِ اُھي نہ ڄاڻندا آھن
9:94
جڏھن (اوھين) اُنھن ڏانھن موٽندؤ (تڏھن) اوھان وٽ بھانو ڪندا، (اُنھن کي) چئو تہ بھانو نہ ڪريو اوھان (جي ڳالھ) کي ڪڏھن نہ مڃينداسون بيشڪ اوھان جي حال کان الله اسان کي خبر ڏني آھي، ۽ الله ۽ سندس پيغمبر اوھان جا عمل سگھو ئي ڏسندو وري ڳجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي ٿي ڪيوَ تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو
9:95
جڏھن اُنھن ڏانھن موٽندؤ (تڏھن) ستت ئي اوھان جي آڏو الله جو قسم ھن لاءِ کڻندا تہ (اوھين) کانئن مڙي وڃو، پوءِ کانئن مڙي وڃو، ڇو تہ اُھي پليت آھن، ۽ جيڪي ڪمائيندا رھيا تنھن جي عوض ۾ سندين جاءِ دوزخ آھي
9:96
اوھان وٽ ھن لاءِ قسم کڻندا تہ (اوھين) کانئن راضي ٿيو، پوءِ جيڪڏھن (اوھين) کانئن راضي ٿيندؤ تہ (بہ) الله بي دين ماڻھن کان راضي نہ ٿيندو
9:97
بَدوي ڪُفر ۽ منافقيءَ ۾ تمام سخت آھن ۽ ھن (عادت) جوڳا آھن جو الله پنھنجي پيغمبر تي جيڪي حُڪم لاٿا تنھن جون (شرعي) حدون نہ ڄاڻن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
9:98
۽ بدوين مان ڪي اھڙا آھن جو جيڪي خرچ ڪن ٿا سو چَٽي ڄاڻندا آھن ۽ اوھان تي زماني جي ڦير گھير (اچڻ) جا منتظر آھن، زماني جو بڇڙو ڦيرو مٿن ھجي (شال)، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
9:99
۽ بدوين مان ڪي اھڙا آھن جي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ جيڪي خرچيندا آھن تنھن کي الله وٽ ويجھڙائيءَ جو ۽ پيغمبر جي دُعائن (حاصل ڪرڻ) جو وسيلو ڪري وٺندا آھن، بيشڪ اُھا اُنھن لاءِ ويجھڙائيءَ (جو سبب) آھي الله کين پنھنجي رحمت ھيٺ سگھوئي داخل ڪندو، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
9:100
۽ مُھاجرن ۽ انصارن مان (ايمان ۾) آڳرائي ڪرڻ وارا ۽ جن چڱائي سان سندن تابعداري ڪئي اُنھن (سڀني) کان الله راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن ۽ اُنھن لاءِ باغ تيار ڪيا اٿس جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اِھا وڏي مُراد ماڻڻ آھي
9:101
۽ اوھان جي آس پاس وارن بدوين مان (بہ) ڪي منافق آھن، ۽ مديني وارن مان (بہ)، ڪي منافقيءَ تي عادتي ٿي ويا آھن، (تون) کين نہ ڄاڻندو آھين، اسين اُنھن کي ڄاڻندا آھيون، سگھوئي اسين کين ٻہ ڀيرا عذاب ڪنداسون وري وڏي عذاب ڏانھن موٽايا ويندا
9:102
۽ ٻيا (اھڙا) آھن جن پنھنجا گناھ باسيا آھن (اُنھن) چڱا ڪم ۽ ٻيا بڇڙا ڪم گڏي سڏي ڪيا آھن، اُميد آھي تہ الله مٿن ٻاجھ سان موٽندو، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
9:103
سندن مالن مان زڪوٰة وصول ڪر تہ اُن سان کين (ظاھر ۾ بہ) پاڪ ڪندو رھين ۽ کين (باطن ۾ بہ) سٺو ڪندو رھين ۽ مٿن رحمت جي دُعا گھر، ڇو تہ تنھنجي دُعا انھن لاءِ راحت آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
9:104
ڄاڻندا نہ آھن ڇا تہ الله ئي پنھنجن ٻانھن جي توبھ قبول ڪندو آھي ۽ (سندن) خيراتون قبول ڪندو آھي ۽ بيشڪ الله ئي توبھ قبول ڪندڙ مھربان آھي
9:105
۽ چئو تہ عمل ڪريو پوءِ الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمن (سڀيئي) اوھان جا عمل ڏسندا، ۽ ڳجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن سگھو موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو
9:106
۽ ٻيا (رھجي ويل) الله جي حُڪم لاءِ رھايل آھن تہ يا کين عذاب ڪري يا کين معاف ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
9:107
۽ (اُنھن مان اھڙا بہ آھن) جن نقصان پُھچائڻ ۽ ڪفر ڪرڻ ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجھڻ ۽ جن (ماڻھن) الله ۽ سندس پيغمبر سان اڳ ويڙھ ڪئي آھي تن واسطي گھاٽ ٺاھڻ لاءِ (ھڪ) مسجد بڻائي آھي، ۽ (اُھي) ضرور قسم کڻندا تہ چڱائي کانسواءِ اسانجو (بڻائڻ ۾) ٻيو ڪو ارادو نہ آھي، ۽ الله شاھدي ڏئي ٿو تہ اُھي ڪوڙا آھن
9:108
منجھس اصلي نہ بيھ! (جا مسجد) پھرين ڏينھن کان ئي پرھيزگاريءَ تي اڏي ويئي آھي تنھن ۾ تو کي بيھڻ (يعني نماز پڙھڻ ۽ پڙھائڻ) وڌيڪ لائق آھي، جنھن ۾ اھڙا مرد آھن جي پاڪ رھڻ کي دوست رکندا آُھن، ۽ الله پاڪ رھڻ وارن کي دوست رکندو آھي
9:109
جنھن پنھنجي اڏاوت الله جي ڊڄ ۽ (سندس) رضامنديءَ تي اَڏي سو ڀلو آھي يا اُھو جنھن پنھنجي اڏاوت نئن جي ڪِرندڙ ڀَر تي اَڏي؟ پوءِ اُھا اڏيندڙ سميت دوزخ جي باھ ۾ ڪري، ۽ الله ظالمن جي قوم کي ھدايت نہ ڪندو آھي
9:110
جو بُڻياد بڻايائون سو سدائين سندن دلين ۾ شڪ (جو سبب) رھندو، سندن دلين جي وڍڻ کانسواءِ نہ ويندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
9:111
الله مؤمنن کان سندن سر ۽ مال ھِن ڪري ڳڌا جو پڪ بھشت اُنھن لاءِ آھي، (اِھي) اُن (انجام) تي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن پوءِ ماريندا (بہ) آھن ۽ ماربا (بہ) آھن، جو انجام توريت ۽ انجيل ۽ قرآن ۾ پڪي طرح ٿيل آھي، ۽ الله کان وڌيڪ پنھنجي انجام کي پورو ڪندڙ ڪير آھي؟ پوءِ جنھن سودي جي بدران اوھان پاڻ کي وڪيو آھي تنھن سان خوش ٿيو، ۽ اِھا ئي وڏي مُراد ماڻڻ آھي
9:112
توبھ ڪندڙ، عبادت ڪندڙ، ساراھ ڪندڙ، (خُدا جي واٽ ۾) مُسافري ڪندڙ، رُڪوع ڪندڙ، سجدو ڪندڙ، چڱائيءَ جو حُڪم ڪندڙ ۽ مدائيءَ کان جھليندڙ ۽ الله جي حدن کي نگاھ ۾ رکندڙ (اُنھن لاءِ بھشت جو انجام آھي) ۽ (اھڙن) مؤمنن کي خوشخبري ڏي
9:113
پيغمبر ۽ مؤمنن کي مشرڪن لاءِ کين (ھن ڳالھ جي) پڌري ٿيڻ کانپوءِ تہ اُھي دوزخي آھن بخشش گھرڻ نہ جڳائي توڻيڪ مائٽيءَ وارا ھجن
9:114
۽ ابراھيم جو، پنھنجي پيءُ لاءِ بخشش گھرڻ، انجام کانسواءِ نہ ھو جو اُن ساڻس انجام ڪيو ھو، پوءِ جنھن دم کيس پڌرو ٿيو تہ اُھو الله جو ويري آھي (تنھن دم) کانئس بيزار ٿيو، بيشڪ ابراھيم بلڪل ڪونئريءَ دل وارو (۽) بُردبار ھو
9:115
۽ الله جو ڪم نہ آھي جو ڪنھن قوم کي سڌي رستي ڏيکارڻ کانپوءِ کين گمراھ ڪري جيسين اُھي (ڳالھيون) اُنھن لاءِ پڌريون (نہ) ڪري جن کان اُنھن کي بچڻ گھرجي، بيشڪ الله ھر شئي ڄاڻندڙ آھي
9:116
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي ئي آھي، (اُھو) جياري ٿو ۽ ماري ٿو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نہ ڪو دوست ۽ نہ ڪو مدد ڏيندڙ آھي
9:117
پيغمبر ۽ اُنھن مھاجرن ۽ انصارن تي بيشڪ الله ٻاجھ سان موٽيو جن سوڙھ جي وقت ۾ پيغمبر جي تابعداري ڪئي اُن کانپوءِ جو، منجھانئن ھڪ ٽوليءَ جون دليون لُڏي وڃڻ تي ويجھيون ھيون وري (الله) مٿن ٻاجھ سان موٽيو، ڇو تہ اُھو مٿن شفقت ڪندڙ مھربان آھي
9:118
۽ اُنھن ٽن تي (بہ) جيڪي (جھاد کان) رھجي ويا ھئا، تانجو جڏھن زمين ايتريءَ ويڪرائي ھوندي بہ مٿن سوڙھي ٿي وئي ھئي ۽ سندن ساھ مٿن مُنجھيا ھئا ۽ ڀانيائون تہ (ھاڻي) الله (جي عذاب) کان بچڻ جي جاءِ سندس (بارگاھ) کانسواءِ ڪونہ آھي، وري مٿن ھِن لاءِ ٻاجھ سان موٽيو تہ توبھ ڪن، ڇو تہ الله ئي توبھ قبول ڪندڙ مھربان آھي
9:119
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ ھجو
9:120
مديني وارن ۽ سندس آس پاس وارن بدوين کي نڪي الله جي پيغمبر کان (جھاد ۾) پوئتي رھڻ ۽ نڪي سندس وجود کان پاڻ کي پيارو رکڻ جڳائي، اِھو ھن ڪري جو کين نڪي اُڃ ۽ نڪي ڏک ۽ نڪي بُک الله جي واٽ ۾ پھچندي آھي ۽ نڪي اھڙي ھنڌ ويندا آھن جتي ڪافر ڪاوڙجن ۽ نڪي دشمن کان (ڪو) اھنج پھچندو اٿن پر اُنھن لاءِ (ھر ھڪ ڳالھ جي) بدلي چڱو عمل لکيو ويندو آھي، ڇو تہ الله ڀلارن جو اَجر نہ وڃائيندو آھي
9:121
۽ ڪوبہ خرچ، ٿورو يا گھڻو، نہ ڪندا آھن ۽ نڪي ڪا وادي ٽپندا آھن پر اُنھن لاءِ (چڱو عمل) ھن لاءِ لکيو ويندو آھي تہ جيڪو تمام چڱو ڪم ڪندا آھن تنھن جو کين الله بدلو ڏي
9:122
۽ مؤمنن کي نہ ٺھندو آھي جو مڙيئي (گڏ) نڪرن، پوءِ ٽوليءَ مان ڪي ڄڻا منجھانئن ھن لاءِ ڇو نہ نڪرندا آھن تہ دين ۾ عالِم ٿين ۽ جڏھن پنھنجي قوم ڏانھن موٽي وڃن تڏھن اُن کي ڊيڄارين تہ منَ اُھي ڊڄن
9:123
اي مؤمنؤ! ڪافرن مان جيڪي اوھان جي آس پاس آھن تن سان وڙھو ۽ ڀَلي تہ (اُھي) اوھان ۾ ڪا ڏاڍائي ڏسن، ۽ ڄاڻو تہ الله پرھيزگارن سان گڏ آھي
9:124
۽ جڏھن ڪابہ سُورة لاھبي آھي تڏھن منجھانئن ڪو اھڙو آھي جو چوندو آھي تہ ھن سورة اوھان مان ڪھڙي جو ايمان وڌايو آھي؟ پوءِ جن ايمان آندو آھي تن جي ايمان کي وڌايو اٿس ۽ اُھي خوش ٿيندا آھن
9:125
۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن کي پليتيءَ تي پليتي وڌائي اٿس ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا
9:126
نہ ڏسندا آھن ڇا تہ ھر سال ھڪ ڀيرو يا ٻہ ڀيرا سزا ڏني ويندي اٿن؟ وري نڪي توبھ ڪندا آھن ۽ نڪي اُھي نصيحت وٺندا آھن
9:127
۽ جڏھن ڪا سورة (اُنھن بابت) نازل ڪبي آھي (تڏھن) اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن (شرمندگيءَ کان) نھاريندا آھن، ( ۽ چوندا آھن تہ) ڪنھن اوھانکي ڏٺو آھي ڇا؟ وري (گھرن ڏانھن) موٽندا آھن، الله سندن دليون ھن سببان ڦيرايون آھن جو اُھا بي سمجھ قوم آھي
9:128
(اي انسانؤ!) بيشڪ اوھان جي جنس منجھان اوھان وٽ پيغمبر آيو آھي اوھان جو ڏک مٿس اوکو آھي اوھان (جي ھدايت) تي حَرِيص آھي مسلمانن تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي
9:129
پوءِ جيڪڏھن ڦرن تہ چئو تہ مون کي الله ڪافي آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ اُھو وڏي عرش جو مالڪ آھي