8:1
(اي پيغمبر!) غنيمت جي مال بابت توکان پڇن ٿا، چئو تہ غنيمت جو مال الله ۽ پيغمبر جو آھي، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ اوھين پاڻ ۾ ٺھراءُ ڪريو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو
8:2
مؤمن اُھي ئي آھن جن جون دليون جڏھن الله ياد ڪيو ويندو آھي (تڏھن) ڊڄنديون آھن ۽ جڏھن سندس آيتون اُنھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن اُھي سندن ايمان کي وڌائينديون آھن ۽ (اُھي) پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن
8:3
اُھي نماز پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون تنھن مان خرچ ڪندا آھن
8:4
اِھي ئي پڪا مؤمن آھن، انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ (وڏا) درجا ۽ بخشش ۽ چڱي روزي آھي
8:5
تنھنجي اُنھيءَ پالڻھار (جو قسم آھي) جنھن تو کي (مديني منجھان) تنھنجي گھر مان (ڪنھن مصلحت لاءِ) ٻاھر آندو، ۽ بيشڪ مؤمنن منجھان ھڪ ٽولي ضرور ناراض ھئي
8:6
اُھي سچي ڳالھ بابت اُن جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ (بہ) توسان گفتگو ڪندا رھيا ڄڻ تہ اُھي (اکين سان) ڏسندي موت ڏانھن ھڪليا وڃن ٿا
8:7
۽ (ياد ڪريو) تہ جڏھن الله اوھان سان انجام ڪيو تہ (ڪافرن جي) ٻن ٽولين مان ھڪ اوھان کي ھٿ لڳندي ۽ اوھان گھريو ٿي تہ بي ھٿيار (ٽولي) اوھان لاءِ ھُجي ۽ الله گھريو ٿي تہ پنھنجي حُڪم سان حق کي ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ ھن لاءِ وڍي
8:8
تہ حق کي ثابت ڪري ۽ باطل کي ناس ڪري توڻيڪ مڄرم (ڏوھاري) ناراض رھن
8:9
جڏھن پنھنجي پالڻھار کي فرياد ٿي ڪيوَ تہ (اُھا) اوھان جي (فرياد) قبول ڪيائين (فرمايائين) تہ آءٌ لڳولڳ ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙن ھڪ ھزار ملائڪن سان اوھان جي مدد ڪندڙ آھيان
8:10
الله ان (مدد) کي رڳو خوشخبري ڪيو ھو ۽ تہ اُن سان اوھان جون دليون تسلي واريون ٿين، ۽ الله (جي پار کان) سواءِ (ٻئي ھنڌان) مدد ملڻي نہ آھي، ڇو تہ الله غالب حڪمت وارو آھي
8:11
(ياد ڪريو) جنھن مھل پنھنجي طرف کان امن ڏيڻ لاءِ اوھان کي اونگھ ڍڪايائين ۽ اوھان تي آسمان مان پاڻي ھن لاءِ وسايائين تہ اُن سان اوھان کي (وھنجارائي) پاڪ ڪري ۽ اوھان کان شيطان جي پليتي ڪري ۽ اوھان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ اُن سان (اوھان جي) قدمن کي ڄمائي رکي
8:12
(ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن ڏانھن وحي ڪيو تہ آءٌ اوھان ساڻ آھيان تنھنڪري مؤمنن کي ھمٿايو، ڪافرن کي دل ۾ سگھو دھشت وجھندس پوءِ (اي مؤمنو!) گردنن تي ڌڪ ھڻونِ ۽ اُنھن (جي آڱرين) جو سڀ ڪو سَنڌ ڀڃو
8:13
اِھو (حُڪم) ھن سببان آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندو تہ بيشڪ الله سخت سزا (ڏيندڙ) آھي
8:14
اھا (سزا اوھين) چکو ۽ (پڪ ڄاڻو) تہ ڪافرن لاءِ باھ جو عذاب آھي
8:15
اي مؤمنؤ! جڏھن (ويڙھ ۾) ڪافرن جي مُچي سان آمھون سامھون ٿيو تڏھن اُنھن کي پٺي ڏئي نہ ڦرو
8:16
۽ اُنھيءَ ڏينھن لڙائيءَ جي چال ڪندڙ يا (پنھنجي لشڪر جي) ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن ڀاسي وٺندڙ کانسواءِ جيڪو اُنھن کي پٺي ڏئي ڦِرندو سو بيشڪ الله جي ڏمر ھيٺ آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا بڇڙي جاءِ آھي
8:17
پوءِ کين اوھان قتل نہ ڪيو پر الله کين قتا ڪيو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جڏھن تو (ڌوڙ جي مُٺ) اُڇلي تہ (اُھا) تو نہ اُڇلي پر الله اُڇلي، ۽ (ھن لاءِ) تہ پاڻ وٽان مؤمنن کي (نعمت ڏيڻ سان) چڱي طرح آزمائي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
8:18
اِھو (حال) آھي ۽ الله ڪافرن جي مڪر کي ڪمزور ڪندڙ آھي
8:19
(اي ڪافرؤ!) جڏھن (بدر جي لڙائيءَ جي سنبرڻ مھل ڪُفر ۽ اسلام جي سچائي پرکڻ لاءِ) سوڀ گھريوَ تڏھن بيشڪ اوھان جي آڏو (اسلام کي) سوڀ آئي، ۽ جيڪڏھن اوھين (اسلام جي سچائي سمجھي ڪفر کان) بس ڪندؤ تہ اُھو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن ٻيھر (ويڙھ لاءِ) ايندؤ تہ وري (اسلام کي فتح) ڏينداسون، ۽ اوھانجو لشڪر جيتوڻيڪ گھڻو ھوندو تہ بہ اوھان کان ڪُجھ بہ نہ ٽاري سگھندو ۽ الله مؤمنن سان (ساڻ) آھي
8:20
اي ايمان وارؤ! الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اُن کان منھن نہ موڙيو حالانڪہ اوھين (قرآن) ٻُڌو ٿا
8:21
۽ اُنھن (ڪافرن ۽ منافقن) جھڙا نہ ٿيو جن چيو تہ ٻُڌوسون ۽ اُھي نہ ٿا ٻڌن
8:22
الله وٽ (سڀني چرندڙ) ساھدارن مان بري ۾ برا (حق ٻڌڻ ۽ چوڻ کان) ٻوڙا ۽ گونگا آھن جي (ڪُجھ بہ) نہ سمجھندا آھن
8:23
۽ جيڪڏھن الله منجھس ڪا چڱائي ڄاڻي ھا تہ ضرور کين ٻُڌائي ھا، ۽ جيڪڏھن کين ٻُڌائي ھا تہ (بہ) اُھي مُنھن موڙيندڙ ٿي ڦري وڃن ھا
8:24
اي مسلمانؤ! الله ۽ پيغمبر جو سڏ قبول ڪريو جڏھن (پيغمبر) اوھان کي ھن لاءِ سڏي ٿو تہ اوھان (جي دلين) کي زندھ ڪري، ۽ ڄاڻو تہ الله ماڻھو ۽ سندس دل جي وچ ۾ آڙ ھوندو آھي ۽ يقيناً اوھين (سڀ) ڏانھس ئي گڏ ڪبؤ
8:25
۽ اُنھي فتني کان ڊڄو جو اوھان مان جن ظلم ڪيو ڇڙو تن کي (ئي) نہ پھچندو (بلڪ عام ھوندو)، ۽ ڄاڻو تہ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي
8:26
۽ (اي مڪي مان ھجرت ڪندڙؤ! سندس احسانن کي) ياد ڪريو جڏھن اوھين ٿورڙا (۽) ھيڻا ھيؤ ڊنؤ ٿي تہ متان (ڪافر) ماڻھو اوھان کي اُمالڪ اغوا ڪري وٺن، پوءِ اوھان کي جاءِ (پناھ) ڏنائين ۽ اوھان کي پنھنجي مدد سان قوت ڏنائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
8:27
اي مؤمنؤ! الله ۽ پيغمبر جي خيانت نہ ڪريو ۽ اوھين ڄاڻي واڻي پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي جي) امانت جي خيانت (بہ) نہ ڪريو
8:28
۽ ڄاڻو تہ اوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو (اوھان لاءِ) آزمائش آھن ۽ الله وٽ ئي وڏو اجر آھي
8:29
اي ايمان وارؤ جيڪڏھن الله کان ڊڄندا رھندؤ تہ اوھان لاءِ (اوھان جي دلين ۾ حق ۽ باطل کي) نکيڙيندڙ (نُور) پيدا ڪندو ۽ اوھان جا گناھ اوھان کان ٽاريندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي
8:30
۽ (اي پيغمبر! ياد ڪر) جنھن مھل تو لاءِ ڪافرن رٿ ٿي ڪئي تہ تو کي سوگھو ڪن يا تو کي ڪھن يا تو کي لوڌين، ۽ (اھا بڇڙي) رٿ ڪيائون ٿي ۽ الله (بہ) رٿ ڪئي ٿي، ۽ الله بھتر رٿ ڪندڙ آھي
8:31
۽ جڏھن اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائجن ٿيون (تڏھن) چوندا آھن تہ ٻڌوسون، جيڪڏھن گھرون تہ اُنھيءَ جھڙو (اسين بہ) چئون، (پر) ھي تہ رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن
8:32
۽ (ياد ڪريو) جڏھن (ڪافرن) چيو تہ اي الله! جيڪڏھن ھي (قرآن) تو وٽان حق آھي تہ اسان تي آسمان کان پٿر وساءِ يا ڪو اسان تي ڏکوئيندڙ عذاب آڻ
8:33
۽ الله کي نہ جڳائيندو آھي جو تنھنجي منجھن تنھنجي ھوندي کين عذاب ڪري، ۽ الله کي (ھي بہ) نہ جڳائيندو آھي جو کين ھن ھوندي عذاب ڪري جو اُھي بخشش گھرندا ھجن
8:34
۽ کين ڇا (ٿيو) آھي جو الله کين (پيغمبر جي ھجرت کانپوءِ) عذاب نہ ڪري ھن ھوندي جو مسجد الحرام کان (ماڻھن کي) جھليندا آھن حالانڪہ اُن جا مُتولّي نہ آھن، پرھيزگارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن جو متولّي نہ آھي پر انھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
8:35
۽ سندين نماز الله جي گھر وٽ سيٽين ۽ تاڙين ھڻڻ کانسواءِ (ڪُجھ) نہ آھي، پوءِ انھيءَ ڪري جو ڪفر ڪندا ھُيؤ عذاب چکو
8:36
(۽) ڪافر پنھنجا مال ھن لاءِ خرچ ڪن ٿا تہ (ماڻھن کي) الله جي راھ کان جھلين، پوءِ اھو سگھو (پنھنجا مال) خرچ ڪندا وري (اُھو خرچڻ) مٿن حسرت ٿيندو وري ھيڻا ٿيندا، ۽ ڪافر دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا
8:37
تہ (جيئن) الله پليت کي پاڪ کان ڌار ڪري ۽ پليت کي ھڪ ٻئي تي رکي پوءِ (کيس سٿي) ھيڪاندو ڍير ڪري پوءِ اُن کي دوزخ ۾ وجھي، اِھي ئي خساري وارا آھن
8:38
(اي پيغمبر!) ڪافرن کي چئو تہ جيڪڏھن اوھين بس ڪندؤ تہ جو ڪُجھ گذريو سو کين بخشبو، ۽ جيڪڏھن ٻيھر ويڙھ ڪندا تہ بيشڪ اڳين جي (اِھا) عادت ٿي گذري آھي
8:39
۽ (اي مؤمنؤ!) اُنھن سان (ايستائين) لڙائي ڪريو جيستائين (ڪفر جو) فتنو نہ رھي ۽ سموري حڪومت رڳو الله جي ٿئي (يعني قانونِ الاھي جو عمل ھلي)، پوءِ جيڪڏھن مُڙي وڃن تہ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي
8:40
۽ جيڪڏھن مُنھن موڙيائون (۽ باز نہ آيا) تہ ڄاڻو تہ الله اوھان جو سنڀاليندڙ آھي، (۽ اُھو) ڀلو سنڀاليندڙ ۽ ڀلو مددگار آھي
8:41
۽ ڄاڻو تہ جيڪو مال (غنيمت ڪافرن کان) اوھان جي ھٿ ۾ آيو تنھنجو پنجون حصّو الله ۽ پيغمبر ۽ (پيغمبر جي) عزيزن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي جيڪڏھن اوھان الله کي مڃيو آھي ۽ (پڻ) جيڪو (قرآن) پنھنجي ٻانھي (محمد ﷺ) تي فيصلي جي ڏينھن، جنھن ڏينھن ٻئي ٽوليون پاڻ ۾ مقابل ٿيون، نازل ڪيوسون (تنھن تي يقين رکندا آھيو تہ اُن حُڪم تي عمل ڪريو)، ۽ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
8:42
(اِھو اُھو وقت ھو) جنھن مھل اوھين اورينءَ ڀر ۽ ھو پرينءَ ڀر ھوا ۽ (قافلي جا) سوار اوھان کان ھيٺينءَ ڀَر ھئا، ۽ جيڪڏھن پاڻ ۾ (مقابلي لاءِ) انجام ڪريو ھا تہ ضرور انجام ۾ برخلاف ٿيو ھا پر ھِن لاءِ تہ جيڪو ڪم الله کي ڪرڻو ھو سو پورو ڪري (تہ حق پڌرو ٿئي ۽) ھن لاءِ تہ جيڪو ھلاڪ (گمراھ) ٿئي سو چٽائيءَ کانپوءِ مر تہ ھلاڪ ٿئي ۽ جيڪو جيئرو ٿئي (يعني حق کي پروڙي) سو چٽائيءَ کانپوءِ ڀل تہ جيئرو رھي، ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
8:43
(ياد ڪريو) جنھن مھل الله تنھنجي خواب ۾ تو کي اُھي (ڪافر) ٿورا ڏيکاريا، ۽ جيڪڏھن تو کي اُھي گھڻا ڏيکاري ھا تہ ضرور بي ھمت ٿيو ھا ۽ ضرور (اُن) ڪم ۾ ھڪ ٻئي سان تڪرار ڪريو ھا پر الله (اُن تڪرار کان اوھان کي) بچايو، ڇو تہ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي
8:44
۽ (ياد ڪريو) جڏھن اوھين ھڪ ٻئي جي سامھون ٿيؤ تڏھن (الله) اوھان جي اکين ۾ اُھي ٿورڙا ڪري ڏيکاريا ٿي ۽ اُنھن (ڪافرن) جي نگاھن ۾ اوھانکي ٿورڙا ڪري ڏيکاريائين ٿي ھن لاءِ تہ الله اُھو ڪم پورو ڪري جيڪو ڪرڻو ھو، ۽ الله ڏانھن (سڀ) ڪم موٽايا ويندا
8:45
اي ايمان وارؤ! جڏھن ڪنھن (ڪافر) ٽوليءَ سان (جنگ ۾) مقابلو ڪريو تڏھن ثابت قدم رھو ۽ الله کي گھڻو ياد ڪريو تہ منَ اوھين ڪامياب ٿيو
8:46
۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ تڪرار نہ ڪريو نہ تہ ڪمزور ٿيندؤ ۽ اوھان جي (اتفاق جي) ھوا ھلي ويندي ۽ صبر ڪريو، ڇو تہ الله صابرن ساڻ آھي
8:47
۽ اوھين اُنھن (بدر وارن ڪافرن) وانگر نہ ٿيو جيڪي پنھنجي ديس مان لاڏ سان ۽ ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ نڪتا ۽ الله جي واٽ کان جھلڻ لڳا، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي
8:48
۽ جڏھن شيطان سندن ڪرتوت اُنھن لاءِ سينگاريا ۽ (ڪافرن کي) چيائين تہ اڄ ماڻھن مان ڪوبہ اوھان تي غالب (ٿيڻو) نہ آھي ۽ بيشڪ آءٌ اوھان جو ڀرجھلو آھيان، پوءِ جڏھن ٻئي لشڪر آمھون سامھون ٿيا تڏھن (شيطان) پنھنجين کڙين (ڀَر پوءِ) تي ڀڳو ۽ چيائين تہ آءٌ اوھان کان بيزار آھيان جيڪي اوھين نٿا ڏسو سو آءٌ ڏسان ٿو آءٌ الله کان ڊڄان ٿو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي
8:49
(اُھو وقت ياد ڪريو) جنھن مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري ھئي تن چيو تہ ھنن (مسلمانن) کي سندن دين ٺڳيو آھي، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو آھي تہ بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آھي
8:50
(اي ڏسندڙ!) جيڪڏھن (اُنھي مھل) ڏسين جنھن مھل ملائڪ ڪافرن جو ساھ ڪڍندا آھن (۽) سندن مُنھن ۽ پٺين کي سَٽيندا ڪُٽيندا آھن (تہ عجب ڪرين!) ۽ (چوندا اٿن تہ ھاڻي) ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکو
8:51
اِھو ھن سببان آھي جو جيڪي اوھان جي ھٿن اڳي موڪليو آھي، ۽ يقيناً الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نہ آھي
8:52
(اُنھن جو حال) فرعونين ۽ اُنھن جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ھئا، (جو) الله جي آيتن کي نہ مڃيائون پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، ڇو تہ الله سگھارو سخت سزا ڏيندڙ آھي
8:53
اِھو ھن ڪري جو الله، جا نعمت ڪنھن قوم کي عطا ڪندو آھي تنھن کي، (اُھو) ايستائين ڪڏھن نہ مٽائيندو آھي جيستائين جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو (پاڻ نہ) مٽائيندا آھن ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
8:54
(اُنھن جو حال) فرعونين ۽ پڻ جيڪي کانئن اڳ ھئا تن جھڙو آھي، (جو) پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتائون تنھنڪري اُنھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ فرعونين کي ٻوڙيوسون، ۽ مڙئي ظالم ھئا
8:55
(ڌرتيءَ تي چرندڙ) ساھدارن مان (سڀ کان) بڇڙا الله وٽ ڪافر آھن جو اُھي ايمان نہ ٿا آڻين
8:56
اُنھن مان جن سان (صلح جو) انجام ڪيو اٿيئي سي وري ھر ڀيري انجام ڀڃندا آھن ۽ اُھي نہ ڊڄندا آھن
8:57
پوءِ جيڪڏھن لڙائي ۾ کين لھين تہ (اھڙي سزا ڏين جو کين ڏسي) جيڪي سندن پوئتان ھجن تن کي ڀڄائين تہ منَ اُھي ياد ڪن
8:58
۽ جيڪڏھن ڪنھن قوم جي (معاھدي ڀڃڻ جي) خيانت کان ڊڄين تہ اُنھن ڏانھن (سندن معاھدي پوري ٿيڻ مھل) بيزاريءَ جو اطلاع موڪل، ڇو تہ الله خيانت ڪندڙن کي دوست نہ رکندو آھي
8:59
۽ ڪافر (ايئن) نہ ڀانئين تہ (ڪو) اڳ ڪڍائي ويا، پڪ اُھي نہ ٿڪائي سگھندا
8:60
۽ اُنھن لاءِ (لڙائي جي ھٿيارن جي) سگھ مان ۽ گھوڙن جي تيار رکڻ مان جيڪي ٿي سگھيوَ سو الله جي ويرين ۽ پنھنجن ويرين کي دھشت ڏيڻ لاءِ تيار رکو ۽ اُنھن کانسواءِ ٻيءَ قوم کي (بہ) کين توھان نہ ڄاڻندا آھيو، اُنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪنھن شئي مان الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندؤ سو اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان کي (گھٽ ڏئي) ظلم نہ ڪبو
8:61
۽ جيڪڏھن صلح لاءِ لاڙو ڪن تہ (تون بہ) اُن ڏانھن لاڙو ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ڇو تہ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
8:62
۽ جيڪڏھن تو کي دوکي ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا تہ يقيناً تو لاءِ الله ڪافي آھي، ۽ اُھوئي آھي جنھن تو کي پنھنجي مدد ۽ مؤمنن سان سگھ ڏني
8:63
۽ اُنھن (مؤمنن) جي دلين کي جوڙيائين، جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙيئي جيڪڏھن تون خرچين ھا تہ سندين دلين کي جوڙي نہ سگھين ھا! پر الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڏنو، ڇو تہ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
8:64
اي پيغمبر! تو کي الله ۽ پڻ مؤمنن مان جن تنھنجي تابعداري ڪئي سي ڪافي آھن
8:65
اي پيغمبر! مؤمنن کي لڙائيءَ تي ھمتاءِ، جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا ويھ (ڄڻا) آھن تہ ٻن سَوَن تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان سئو (ڄڻآ) آھن تہ ھزار ڪافرن تي غالب ٿيندا ھن ڪري جو اُھا اھڙي قوم آھي جا نہ سمجھندي آھي
8:66
ھاڻي الله اوھان تان بار ھلڪو ڪيو ۽ اوھان ۾ ڪمزوري معلوم ڪيائين، تنھن ڪري جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا سئو (ڄڻآ) ھوندا تہ ٻن سون تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان ھزار ھوندا تہ ٻن ھزارن تي الله جي حڪم سان غالب ٿيندا، ۽ الله صابرن ساڻ آھي
8:67
پيغمبر کي نہ جڳائيندو آھي جو (ڪافرن کي) قيد ۾ رکي (بلڪ کين قتا ڪري) ايتري تائين جو مُلڪ ۾ (ڪافرن جي عام) خونريزي ڪري، (اوھين) دنيا جو سامان گھرندا آھيو، ۽ الله آخرت (جو ثواب ڏيڻ) گھرندو آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي
8:68
جيڪڏھن (توھان کي عذاب ڪرڻ تقدير ۾) اڳيئي نہ لکي ھا تہ (جيڪر) اوھان جيڪي (فديو) ورتو تنھن ۾ اوھان کي ضرور وڏو عذاب پھچي ھا
8:69
پوءِ جيڪي اوھان مال غنيمت مان حاصل ڪريو سو پاڪ حلال (ڀانئي) کائو، ۽ الله کان ڊڄو ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
8:70
اي پيغمبر! قيدين مان جيڪي اوھان جي ھٿن ۾ آھن تن کي چئو تہ جيڪڏھن الله اوھان جي دلين ۾ ڪا چڱائي ڄاتي تہ جيڪي اوھان کان ورتو ويو تنھن کان چڱو اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
8:71
۽ جيڪڏھن توسان خيانت ڪرڻ گھرندا تہ بيشڪ اڳ الله سان (بہ) خيانت ڪئي ھئائون پوءِ (اوھان کي) اُنھن تي سگھارو ڪيائين، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
8:72
جن ايمان آندو ۽ ھجرت ڪئي ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جانين سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اِھي ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت نہ ڪئي تن جي دوستي مان اوھان کي ايستائين ڪجھ بہ (فائدو) نہ آھي جيستائين ھجرت (نہ) ڪن، ۽ جيڪڏھن دين (جي ڪم) ۾ اوھان کان مدد گھُرن تہ اوھان کي اُنھيءَ قوم کانسواءِ ٻيءَ قوم تي مدد ڏيڻ لازم آھي جن جو اوھان جي ۽ اُنھن جي وچ ۾ معاھدو ٿيل ھجي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي
8:73
۽ جيڪي ڪافر آھن تن مان ھڪڙا ٻين جا سنگتي آھن پر (اي مسلمانؤ!) جيڪڏھن اوھين اُھا (ڀائپي) نہ ڪندؤ تہ مُلڪ ۾ فتنو ۽ وڏو فساد ٿيندو
8:74
۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ (ھجرت ڪندڙن کي) ڏني ۽ مدد ڪئي اِھي ئي پڪا مؤمن آھن، اُنھن لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آھي
8:75
۽ جن (اُنھن کان) پوءِ ايمان آندو ۽ ھجرت ڪئي ۽ اوھان سان گڏ جھاد ڪيو سي بہ اوھان مان آھن، ۽ مائٽي وارا الله جي حُڪم موجب (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا وڌيڪ حقدار آھن، ڇو تہ الله سڀ ڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي