al-A`raf (الأَعْرَاف)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 7 • 206 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
7:1 الٓمٓصٓ
7:2 (اي پيغمبر! ھي) ڪتاب توڏانھن لاٿو ويو تہ ساڻس (ماڻھن کي) ڊيڄارين تنھنڪري ان بابت تنھنجي سيني ۾ ڪا تنگي ٿيڻ نہ گھرجي ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آھي
7:3 جيڪي اوھان ڏانھن اوھان جي پالڻھار کان لاٿو ويو تنھن جي پيروي ڪريو ۽ اُن (الله) کانسواءِ ٻـين دوستن جي پيروي نہ ڪريو، اوھان (تمام) گھٽ نصيحت وٺندا آھيو
7:4 ۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواھ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھئا
7:5 پوءِ جڏھن کين اسان جو عذاب پھتو (تڏھن) سندين پڪار ھن چوڻ کانسواءِ نہ ھئي تہ اسين (پاڻ تي) ظلم ڪندا ھئاسون!
7:6 پوءِ جن ڏانھن پيغمبر موڪليا ويا تن کان (بہ) ضرور پُڇنداسون ۽ پيغمبرن کان (بہ) ضرور پُڇنداسون
7:7 پوءِ (سندن ڪرتوت) مٿن علم سان بيان ڪنداسون ۽ اسين پري نہ ھئاسون
7:8 ۽ اُن ڏينھن (عملن جي) تور سچ آھي، پوءِ جن جا پَلڙا ڳرا ٿيا سي ئي ڇُٽل آھن
7:9 ۽ جن جا پلڙا ھلڪا ٿيا سي اُھي آھن جن پاڻ کي انھيءَ سببان نقصان لاتو جو اسان جي آيتن بابت انڪار ڪندا ھئا
7:10 ۽ بيشڪ اوھان کي زمين ۾ ٽڪايوسون ۽ منجھس اوھان لاءِ گذران (جو اُپاءُ) رکيوسون، (پر اوھين) ٿورو شڪر ڪندا آھيو
7:11 ۽ بيشڪ اوھان کي پيدا ڪيوسون وري اوھان جي شڪل بڻائي سون وري ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ شيطان کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو (شيطان) سجدي ڪندڙن مان نہ ٿيو
7:12 (الله) چيو تہ تو کي سجدي ڪرڻ کان ڪھڙي (ڳالھ) جھليو؟ جڏھن تہ تو کي حُڪم (بہ) ڪيم، چيائين تہ آءٌ کانئس ڀلو آھيان، مون کي باھ مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي
7:13 (الله) چيو تہ اُن (آسمان) مان ھيٺ لھي وڃ تو کي منجھس وڏائي ڪرڻ نہ جڳائيندي آھي تنھنڪري (تون) نِڪر ڇو تہ تون خوار ٿيلن مان آھين
7:14 چيائين قيامت جي ڏينھن تائين مون کي مُھلت ڏي
7:15 (الله) فرمايو تہ يقيناً تون مُھلت ڏنلن مان آھين
7:16 چيائين تہ اِنھيءَ سببان جو تو مونکي گمراھ ڪيو (آءٌ تہ) ماڻھن لاءِ تنھنجي سڌيءَ واٽ تي ضرور وھندس
7:17 پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پوئتان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان وٽن ايندس، ۽ منجھائن گھڻا شڪر ڪندڙ نہ لھندين
7:18 (الله) فرمايو تہ تون آسمانن مان خوار (۽) تڙيل ٿي نڪري وڃ، اُنھن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪندو (تنھنکي ۽ تو کي دوزخ ۾ وجھي) اوھان مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس
7:19 ۽ (چيوسون تہ) اي آدم! تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ وڃي رھو ۽ (جيڪي وڻيوَ سو) جتان وڻيوَ تِتان کائو ۽ ھِن وڻ کي ويجھا نہ وڃجو نہ تہ ظالمن مان ٿيندؤ
7:20 پوءِ شيطان اُنھن کي ھن لاءِ وسوسو وڌو تہ سندن اُگھڙن مان جيڪي ڍڪيل ھو سو اُنھن لاءِ ظاھر ڪري ۽ چيائين تہ اوھان جي پالڻھار اوھان کي ھن وڻ کان ھن ڌاران نہ جھليو آھي تہ متان اوھين ملائڪ ٿي پئو يا (اُن ۾) سدائين رھڻ وارا ٿي پئو
7:21 ۽ ساک کڻي اُنھن کي چيائين تہ آءٌ (تہ) اوھان جو خيرخواھ آھيان
7:22 پوءِ اُنھن کي ٺڳيءَ سان لاڙي وڌائين، پوءِ جنھن مھل وڻ مان چکيائون (تنھن مھل) سندين اُگھڙ کين ظاھر ٿي پئي ۽ بھشت جي وڻ مان پن (ھڪ ٻئي سان ڳنڍي) پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ سندن پالڻھار اُنھن کي سڏيو ( ۽ چيائين تہ) اوھان کي ھن وڻ کان نہ جھليو ھوم ڇا؟ ۽ اوھان کي نہ چيو ھوم ڇا تہ شيطان اوھان جو پڌرو ويري آھي؟
7:23 چيائون تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي ۽ جيڪڏھن (تون) اسان کي نہ بخشيندين ۽ اسان تي ٻاجھ نہ ڪندين تہ ضرور خساري وارن مان ٿينداسون
7:24 (الله) فرمايو تہ ھيٺ لھي وڃو اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا ويري آھيو، ۽ اوھان لاءِ زمين ۾ رھڻ جو ھنڌ ۽ (گذران جو) سامان (ڪنھن) وقت تائين (ٺھرايل) آھي
7:25 (الله) چيو تہ اوھين منجھس حياتي گذاريندؤ ۽ منجھس مرندؤ ۽ منجھانئس (جيئرا ٿي) نڪرندؤ
7:26 اي آدم جي اولاد! اوھان تي ھڪ پوشاڪ بيشڪ لاٿي سون جا اوھان جي اُگھڙن کي ڍڪيندي ۽ سينگار جا ڪپڙا، ۽ پرھيزگاري جي پوشاڪ اِھا (سڀني کان) ڀلي آھي، اھا الله جي نشانين مان آھي منَ اُھي نصيحت وٺن
7:27 اي آدم جا اولاد! شيطان اوھان کي اھڙيءَ طرح فتني ۾ نہ وجھي جھڙي طرح اوھان جي ماءُ پيءُ کي بھشت مان ٻاھر ڪڍيائين جو سندين پوشاڪ کانئن ھن لاءِ ڇڪي لاٿائين ٿي تہ کين سندن اُگھڙ ڏيکاري، سچ آھي تہ اُھو پاڻ ۽ سندس لشڪر جتان اوھين اُنھن کي نہ ڏسي سگھندا آھيو (تِتان اُھي) اوھان کي ڏسندا آھن، جيڪي نہ مڃيندا آھن تن جو اسان شيطانن کي دوست بڻايو آھي
7:28 ۽ (پڻ انھن جا دوست جي) جڏھن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا (تڏھن) چون ٿا تہ اُن (واٽ) تي اسان جا ابا ڏاڏا (ھلندا) ڏٺاسون ۽ الله اسانکي اُنھن (جي ڪرڻ) جو حُڪم ڪيو آھي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ بيشڪ الله بي حيائيءَ جي ڪمن جو حُڪم نہ ڪندو آھي، اوھين الله تي اھو (ڪوڙ) ڇو چوندا آھيو جنھن جي (سند) اوھين نہ ڄاڻندا آھيو؟
7:29 چئو تہ تنھنجي پالڻھار انصاف جو حُڪم ڪيو آھي، ۽ (حُڪم ڪيو اٿس تہ) پنھنجا مُنھن سڀ ڪنھن نماز مھل (الله ڏانھن) سِڌا ڪريو ۽ اُن لاءِ سچا ديندار ٿي سندس عبادت ڪريو، جيئن پھريون اوھان کي پيدا ڪيائين تيئن (اوھين) موٽندؤ
7:30 ھڪ ٽوليءَ کي ھدايت ڪيائين ۽ ٻيءَ ٽوليءَ تي گمراھي لازم ٿي چڪي آھي، ڇو تہ اُنھن الله کانسواءِ شيطانن کي مددگار ڪري ورتو آھي ۽ ڀائيندا آھن تہ پاڻ ھدايت وارا آھن
7:31 اي آدم جا اولاد سڀ ڪنھن نماز مھل پنھنجي زينت (جي پوشاڪ) ڍڪيو ۽ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو نہ وڃايو، ڇو تہ الله اجائي وڃائيندڙن کي دوست نہ رکندو آھي
7:32 (اي پيغمبر!) چئو تہ الله جي (بڻايل) زينت جيڪا، پنھنجن ٻانھن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنھن حرام ڪيون آھن؟ چئو تہ اُھي (شيون) دُنيا جي حياتي ۾ (۽) خلاصيون قيامت جي ڏينھن مؤمنن لاءِ آھن، اھڙيءَ طرح جا قوم ڄاڻندي آھي تنھن لاءِ نشانيون بيان ڪندا آھيون
7:33 (اي پيغمبر!) چئو تہ منھنجي پالڻھار بي حيائيءَ جي ڪمن مان جيڪي ظاھر ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي ۽ (سڀ) گناھ ۽ ناحق حد کان لنگھڻ ۽ اھڙيءَ شئي کي اوھان جو الله سان شريڪ ڪرڻ جنھن بابت ڪا حجت نہ لاٿي اٿس ۽ جيڪي نہ ڄاڻندا آھيو سو الله تي چوڻ، اِھي ئي حرام ڪيون آھن
7:34 ۽ ھر ڪنھن امت جو ھڪ وقت طئي ٿيل آھي، پوءِ جڏھن سندن مدت پھچندي (تڏھن) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اَڳڀرو ويندا
7:35 اي آدم جا اولاد! جيڪڏھن اوھان وٽ اوھان مان پيغمبر اچن (جي) اوھان کي منھنجون آيتون پڙھي ٻڌائين تہ جيڪي ڊڄندا ۽ پاڻ سڌاريندا تن کي نڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ٿيندا
7:36 ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ انھن جي (قبولڻ) کان وڏائي ڪئي سي دوزخي آھن، اُھي اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن
7:37 جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڀانيو تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ اُنھن کي (لوح محفوظ ۾) لکيل مان سندن حصو (سک ۽ ڏک جو) ملندو رھندو، تان جو جنھن مھل اسان جا قاصد (ملائڪ) سندن روح ڪڍڻ لاءِ ايندا (تڏھن کين) چوندا تہ اوھين الله کانسواءِ جن کي سڏيندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ چوندا تہ اسان کان ڀلجي ويا ۽ پاڻ تي شاھدي ڏيندا تہ پاڻ ڪافر ھئا
7:38 (الله) چوندو تہ اُنھيءَ ٽولي سان دوزخ ۾ گھڙو جيڪي اوھان کان اڳ جنن ۽ ماڻھن مان گذري ويا، جنھن مھل ھڪ ٽولي پئي گھڙندي (تنھن مھل) پنھنجي سنگت تي لعنت پئي ڪندي، تان جو جڏھن منجھس مڙئي گھڙندا (تنھن مھل) سندن پوئين ٽولي پنھنجي پھرين ٽوليءَ لاءِ چوندي تہ اي اسانجا پالڻھار! ھنن اسان کي گمراھ ڪيو ھو تنھنڪري اِنھن کي باھ جو ٻيڻو عذاب ڏي، (الله) چوندو تہ سڀڪنھن لاءِ ٻيڻو عذاب آھي پر اوھين نہ ٿا ڄاڻو
7:39 ۽ منجھانئن پھرين (ٽولي) اُنھن مان پوئين لاءِ چوندي تہ اسان تي اوھان جي ڪا وڏائي ڪانھي تنھنڪري جيڪي ڪمايو ھيوَ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو
7:40 جن اسان جي حُڪمن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کانئن وڏائي ڪئي تن لاءِ آسمان جا دروازا نہ کوليا ويندا ۽ نہ ڪي ايستائين بھشت ۾ گھڙندا جيستائين اُٺ سُئيءَ جي پاکي مان لنگھي، ۽ اھڙي طرح ڏوھارين کي سزا ڏيندا آھيون
7:41 اُنھن لاءِ وڇاڻو (بہ) دوزخ جو ھوندو ۽ سندن مٿان پوش (بہ دوزخ جو) رھندو، ۽ اھڙي طرح ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون
7:42 ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف ڏيندا ئي نہ آھيون، اُھي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
7:43 ۽ جيڪو غير سندين دلين ۾ ھوندو سو ڪڍي ڇڏينداسون سندين (ماڙين جي) ھيٺان واھيون پيون وھنديون، ۽ چوندا تہ سڀ ساراھ اُنھيءَ کي جڳائي جنھن اسان کي ھن (بھشت) ڏانھن رستو لاتو، جيڪڏھن الله اسان کي ھدايت نہ ڪري ھا تہ ڪڏھن اسين ھدايت نہ لھون ھا! بيشڪ اسان وٽ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ وٺي آيا، ۽ سڏيو ويندن تہ ھي بھشت (اوھان کي ڏنو ويو) اُن جا اِنھيءَ سببان (اوھين) وارث آھيو جو (چڱائي) ڪندا ھيؤ
7:44 ۽ بھشتي دوزخين کي سڏيندا ( ۽ چوندا) تہ اسان جي پالڻھار اسان سان جيڪو انجام ڪيو سو بيشڪ سچو لڌوسون پوءِ اوھان جي پالڻھار اوھان سان جيڪو انجام ڪيو ھو سو سچو نہ لڌوَ ڇا؟ چوندا تہ ھائو! پوءِ سڏيندڙ سندن وچ ۾ سڏيندو تہ اُنھن ظالمن تي الله جي لعنت آھي
7:45 جيڪي الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا رھيا ۽ اُن جي واٽ جي ڏنگائي گھرندا رھيا، ۽ اُھي آخرت کي نہ مڃيندڙ ھئا
7:46 ۽ سندن وچ ۾ پردو ڪيو ويندو، ۽ اَعراف ۾ اھڙا ماڻھو ھوندا جو سڀڪنھن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا، ۽ بھشتين کي سڏي السلام عليڪم چوندا، (اڃا) اُن ۾ (پاڻ) نہ گھڙيا ھوندا ۽ اُھي اميدوار ھوندا
7:47 ۽ جڏھن سندن اکيون دوزخين ڏانھن ڦيرايون وينديون (تڏھن) چوندا اي اسان جا پالڻھار اسان کي ظالم ٽوليءَ سان گڏ نہ ڪر
7:48 ۽ اَعراف وارا جن ماڻھن کي سندن پيشانين مان سڃاڻندا تن کي سڏيندا چوندا تہ اوھان جيڪي گڏ ڪيو ھو سو ۽ جيڪا وڏائي ڪندا ھيؤ تنھن اوھان کان ڪجھ بہ نہ ٽاريو
7:49 ھيءُ اُھي (ماڻھو نہ) آھن ڇا جن لاءِ اوھين (دنيا ۾) قسم کڻندا ھيؤ تہ الله مٿن ٻاجھ نہ ڪندو (يعني بھشت ۾ نہ گھيڙيندن)؟ (اُنھن کي حڪم ٿيو آھي تہ) بھشت ۾ گھڙو اوھان کي ڪو ڀؤ نہ آھي ۽ نڪي اوھين غمگين رھندؤ
7:50 ۽ دوزخي بھشتين کي سڏيندا (چوندا) تہ ڪجھ پاڻي اسان تي پلٽيو يا الله اوھان کي جيڪي رزق ڏنو آھي تنھن مان (ڪجھ ڏيو)، چوندا تہ الله اُھي ٻئي اُنھن ڪافرن تي حرام ڪيا آھن
7:51 جن پنھنجي دين کي تماشو ۽ راند ڪري ورتو ۽ انھن کي دُنيا جي حياتي ٺڳيو، پوءِ اُنھن کي اڄ ايئن وساريوسون جيئن (اُنھن) پنھنجي ھن ڏينھن جي ملڻ کي وساريو ھو ۽ (جيئن) اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھئا
7:52 ۽ بيشڪ اُنھن کي ھڪ ڪتاب ڏنوسون جنھن کي ڄاڻ سان کولي بيان ڪيوسون ۽ اُنھيءَ قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي جي مڃيندا آھن
7:53 (ڪافر) ھن کانسواءِ انتظار نہ ڪندا آھن تہ اُن (جي وعدي) جي مُراد اچي، جنھن ڏينھن سندس مراد ايندي (تنھن ڏينھن) جن ان کي اڳي وساريو ھو سي چوندا تہ بيشڪ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ سان آيا، پوءِ (اڄ) اسان لاءِ ڪي سفارش ڪرڻ وارا (ڪين) آھن؟ جو اسان لاءِ پارت ڪن يا وري موٽايا وڃون تہ جيڪي (عمل) ڪياسون تن کانسواءِ ٻيا (چڱا) عمل ڪريون، بيشڪ پاڻ کي نقصان لاتائون ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀلجي ويو
7:54 اوھان جو پالڻھار اُھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏي متوجہ ٿيو، رات سان ڏينھن کي ڍڪيندو آھي (وري ڏينھن) اُن جي ڪڍ جلد ايندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا سندس حُڪم سان نوايل آھن، خبردار پيدا ڪرڻ ۽ حُڪم ڪرڻ اُن جو (ڪم) آھي، جھانن جو پالڻھار الله وڏي برڪت وارو آھي
7:55 پنھنجي پالڻھار کي زاري ڪندڙ ۽ ڳجھيءَ طرح سڏيو ڇو تہ اُھو حد کان لنگھندڙن کي دوست نہ رکندو آھي
7:56 ۽ اوھين مُلڪ ۾ ان جي سڌاري کانپوءِ فساد نہ وجھو ۽ اُن (الله) کي ڀوائتا ۽ آسائتا ٿي سڏيو، ڇو تہ الله جي ٻاجھ ڀلارن کي ويجھي آھي
7:57 ۽ اُھو (الله) آھي جو وائن کي پنھنجي رحمت (واريءَ برسات) جي اڳيان خوشخبري ڏيندڙ ڪري گھلائيندو آھي، تان جو جنھن مھل (اُھي) ڳرن ڪڪرن کي کڻن ٿيون تہ انھن کي ڪنھن غير آباد ٿيل ڏيھ ڏانھن روانو ڪريون ٿا پوءِ اُنھن (ڪڪرن) مان پاڻي وسايون ٿا پوءِ اُن سان ھر جنس جا ميوا ڄمايون ٿا، اھڙيءَ طرح اسين مُئن کي (قبرن مان) ٻاھر ڪڍنداسون تہ منَ اوھين نصيحت وٺو
7:58 ۽ (جا) سٺي زمين (آھي تنھن) جا سَلا سندس پالڻھار جي حُڪم سان ڄمندا آھن، ۽ جيڪا اوٺي آھي (تنھن جا سَلا) خراب سَلن کان سواءِ ٻيا نہ ڄمندا آھن، اھڙي طرح جيڪا قوم شُڪرانو ڪندڙ آھي تنھن لاءِ نشانيون طرحين طرحين بيان ڪندا آھيون
7:59 بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليوسون، پوءِ چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو اوھان جو خدا نہ آھي، آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو
7:60 سندس قوم جي سردارن چيو تہ اسين تو کي پڌريءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) ڏسون ٿا
7:61 چيائين تہ اي منھنجي قوم! مون کي ڪا گمراھي ڪانھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان
7:62 اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچائيندو آھيان ۽ اوھان کي نصيحت ڪندو آھيان ۽ الله (جي پار) کان اُھو ڄاڻندو آھيان جيڪي اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
7:63 اوھان کي (ھن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا تہ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ سمجھاڻي اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان اوھان وٽ ھِن لاءِ آئي تہ اوھان کي ڊيڄاري ۽ تہ اوھين پرھيزگار ٿيو ۽ تہ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي؟
7:64 پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ اُن کي ۽ جيڪي ساڻس ھئا تن کي ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو تن کي ٻوڙيوسون، ڇو تہ اُھا انڌي قوم ھئي
7:65 ۽ عاد (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ ھود (پيغمبر ڪري موڪليوسون) چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو ٻيو اوھان جو خُدا نہ آھي، پوءِ ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
7:66 سندس قوم مان ڪافرن سردارن چيو تہ اسين بلاشڪ تو کي بيوقوفيءَ ۾ ڏسندا آھيون ۽ اسين بلاشڪ تو کي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون
7:67 چيائين تہ اي منھنجي قوم! مونکي ڪابہ بيوقوفي ڪانھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان
7:68 اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايان ٿو ۽ آءٌ اوھان لاءِ امين نصيحت ڪندڙ آھيان
7:69 (ھِن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا جو اوھان جي پالڻھار کان اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان سمجھاڻي ھن لاءِ اوھان وٽ آئي تہ اوھان کي ڊيڄاري؟ ۽ (اوھين اُھو وقت بہ) ياد ڪريو جڏھن اوھان کي نُوح جي قوم کان پوءِ (سندن) پيڙھيءَ تي وھاريائين ۽ اوھان کي جسماني طاقت ۾ وڌايائين، تنھنڪري الله جون نعمتون ياد ڪريو تہ منَ اوھين ڇٽو
7:70 چيائون تہ (تون) ھن لاءِ اسان وٽ آيو آھين ڇا تہ رڳو ھڪ الله جي عبادت ڪريون ۽ اسانجا ابا ڏاڏا جن کي پوڄيندا ھئا سي ڇڏي ڏيون؟ جيڪڏھن تون سچو آھين تہ جنھن (عذاب) کان اسانکي ڊيڄارين ٿو سو آڻ
7:71 چيائين تہ بيشڪ اوھان تي اوھان جي پالڻھار وٽان عذاب ۾ ڏمر لازم ٿي چڪو آھي، اوھين مون ساڻ رڳو (اُنھن) نالن ۾ ڇو جھيڙو ڪندا آھيو جن تي اوھان ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن ڇڙو نالو رکيو آھي جن (جي مڃڻ) بابت الله ڪو دليل نہ لاٿو آھي؟ پوءِ انتظار ڪريو بيشڪ آءٌ (بہ) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان
7:72 پوءِ اُن کي ۽ جيڪي ساڻس ھئا تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جي پاڙ پٽي ڇڏي سون، ۽ اُھي مؤمن نہ ھئا
7:73 ۽ ثمودين ڏانھن سندن ڀاءُ صالح (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کانسواءِ ٻيو ڪو خُدا نہ آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ مُعجزو آيو آھي، ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني آھي تنھنڪري اُنھيءَ کي ڇڏي ڏيو (تہ) الله جي زمين ۾ چَرندي رھي ۽ اُن کي ڪو ايذاءُ نہ پُھچائجو نہ تہ اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب وٺندو
7:74 ۽ جڏھن اوھان کي عادين کانپوءِ پيڙھيءَ تي وھاريائين (سو احسان بہ) ياد ڪريو ۽ اوھان کي مُلڪ ۾ جاءِ ڏنائين (۽) اُن جي پَٽن مان ماڙيون بڻائيندا آھيو ۽ ٽڪرن کي ٽُڪي گھر بڻائيندا آھيو، تنھنڪري الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ (اوھين) مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نہ وجھو
7:75 سندس قوم مان وڏائي ڪندڙن سردارن انھن کي چيو جن منجھائن ھيڻن (ماڻھن) ايمان آندو ھو تہ اوھين ڄاڻندا آھيو ڇا تہ صالِح پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان موڪليل آھي؟ اُنھن چيو تہ جنھن (شريعت) سان اُنکي موڪليو ويو آھي تنھن تي اسين ايمان آڻيندڙ آھيون
7:76 وڏائي ڪندڙن چيو تہ جنھن تي اوھان ايمان آندو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون
7:77 پوءِ ڏاچيءَ کي منڊو ڪيائون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان بي فرمان ٿيا ۽ (چٿر ڪري) چيائون تہ اي صالح! جيڪڏھن پيغمبرن مان آھين تہ جنھن (عذاب) جو اسان سان انجام ڪيو اٿيئي سو اسان تي آڻ
7:78 پوءِ زلزلي (جي عذاب) ورتن پوءِ جنھن گھرن ۾ ڪُرنڊڙا ٿي (مري) ويا
7:79 پوءِ (صالح) کانئن مُنھن موڙيو ۽ چيائين تہ اي منھنجي قوم! بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايم ۽ اوھان کي نصيحت ڪيم پر اوھين نصيحت ڪندڙن کي دوست نہ رکندا آھيو
7:80 ۽ لوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين تہ اوھين اھڙي بي حيائي ڇو ڪندا آھيو جا اوھان کان اڳ ساري جھان (جي ماڻھن) مان ڪنھن ھڪ بہ نہ ڪئي آھي؟
7:81 جو اوھين عورتن کي ڇڏي نرن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو
7:82 ۽ سندس قوم جي ورندي ھن چوڻ کانسواءِ نہ ھُئي تہ اُنھن کي (لُوط سميت) پنھنجن ڳوٺن مان لوڌي ڇڏيو، ڇو تہ اُھي ماڻھو پاڪ بڻبا آھن
7:83 پوءِ اسان لُوط کي ۽ سندس گھر وارن کي سندس زال کانسواءِ بچايوسون (اُھا) رھيلن مان ھُئي
7:84 ۽ مٿن (پٿرن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ (اي پيغمبر) ڏس تہ ڏوھارين جي پڇاڙي ڪھڙي (خراب) ٿي
7:85 ۽ مَدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو خُدا ڪونھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽيون) نشانيون آيون آھن تنھنڪري ماڻ ۽ تور پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نہ ڏيو ۽ مُلڪ ۾ اُن جي سُڌاري کان پوءِ فساد نہ وجھو، جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو تہ اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي
7:86 ۽ سڀ ڪنھن رستي تي ھن لاءِ نہ ويھو تہ جيڪو الله کي کي مڃي تنھن کي ڌمڪايو ۽ الله جي واٽ کان جھليو ۽ اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھرو، ۽ ياد ڪريو جڏھن اوھين ٿورڙا ھيؤ تڏھن اوھان کي وڌايائين، ۽ ڏسو تہ فساد وجھندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي (بڇڙي) ٿي
7:87 ۽ جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ اُنھيءَ کي مڃيو آھي جنھن سان موڪليو ويو آھيان ۽ ٻي ٽوليءَ نہ مڃيو آھي تہ (اوھان کي جڳائي تہ ايستائين) صبر ڪريو جيسين اسان جي وچ ۾ الله حُڪم ڪري، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڪندڙ آھي
7:88 سندس قوم مان ھٺيلن سردارن (چٿي ڪري) چيو تہ اي شعيب تو کي ۽ جن تو کي مڃيو آُھي تن کي پنھنجي شھر مان ضرور لوڌينداسون يا تہ اوھين اسان جي ريت ۾ موٽي اچو، (شعيب) چيو تہ جيتوڻيڪ اسين اوھانجي دين کي برو ڀانئيندڙ آھيون (تہ بہ موٽنداسون ڇا)؟
7:89 جيڪڏھن اسين اوھان جي ريت ۾ اُنھيءَ کانپوءِ جو، الله اسان کي کانئس ڇڏايو، موٽي اچون تہ بيشڪ الله تي ڪُوڙ مڙھيوسون، ۽ اسان جي پالڻھار الله جي گھُر کان سواءِ اسان کي منجھس موٽڻ نہ جڳائيندو آھي، اسان جي پالڻھار جي علم سڀني شين کي سمايو آھي، اسين الله تي ڀروسو ڪريون ٿا، اي اسانجا پالڻھار! اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ تون چڱو فيصلو ڪندڙ آھين
7:90 ۽ سندس قوم مان ڪافرن جي ٽولي (پنھنجي يارن کي) چيو تہ جيڪڏھن اوھين شعيب جي تابعداري ڪندؤ تہ اوھين اُتي جو اُتي نقصان وارا ٿيندؤ
7:91 پوءِ اُنھن کي زلزلي (جي عذاب) ورتو پوءِ پنھنجي جاين ۾ گوڏن ڀر ڪري (مري) ويا
7:92 جن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي ڄڻڪ اُنھن (ڳوٺن) ۾ رھيا ئي نہ ھئا، جن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي نقصان وارا ھئا
7:93 پوءِ کانئن مُنھن موڙيائين ۽ چيائين تہ اي منھنجي قوم! بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جا پيغام پھچايا اٿم ۽ اوھانجي خيرخواھي ڪيم، تنھنڪري (ھاڻي) ڪافر قوم تي ڇالاءِ ڏک ڪريان
7:94 ۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ پيغمبرن مان ڪوبہ نہ موڪليوسون پر اُتي جي رھاڪن کي (پيغمبرن جي نافرمانيءَ سبب) سختي ۽ مصيبت ۾ پڪڙيندا رھياسون تہ منَ اُھي عاجزي ڪن
7:95 وري (ايستائين) ڏک جي بجاءِ سُک مٽائي ڏنوسون جيستائين آسودا ٿيا ۽ چيائون تہ بيشڪ اسان جن ابن ڏاڏن کي (ايئن) ڏک سُک پھتو ھو پوءِ اوچتو ئي اُنھن کي سندن بيخبريءَ جي حالت ۾ پڪڙيوسون
7:96 ۽ جيڪڏھن اُنھن ڳوٺن وارا ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگار بڻجن ھا تہ مٿن آسمانن ۽ زمين کان برڪتون ضرور کوليون ھا پر ڪوڙ ڀانيائون تنھنڪري اُنھن جيڪي ڪيو تنھن سببان کين پڪڙيوسون
7:97 ڳوٺن وارا جنھن حال ۾ سمھيل ھجن تنھن مھل راتوواھ پاڻ تي اسانجي عذاب پھچڻ کان ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟
7:98 يا ڳوٺن وارا ڇو بي ڀوا ٿيا آھن جو اسان جو عذاب ڏينھن چڙھي مھل وٽن اچي ۽ اُھي راند ڪندا ھجن؟
7:99 الله جي رٿ کان ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟ جو ٽوٽي واريءَ قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو الله جي رٿ کان بي ڀئو نہ ٿيندو آھي
7:100 جيڪي، مُلڪ جي رھندڙن کانپوءِ وارث ٿين ٿا تن کي پڌرو نہ ٿيو آھي ڇا؟ تہ جيڪڏھن گُھرون ھا تہ کين سندن گناھن سببان سزا ڏيون ھا، ۽ سندين دلين تي مُھر ھڻون ھا تہ اُھي نہ ٻڌن ھا
7:101 (اي پيغمبر!) اِھي ڳوٺ آھن جن جون خبرون تو کي بيان ڪريون ٿا، ۽ بيشڪ وٽن سندن پيغمبر چٽن معجزن سان آيا، پوءِ اُنھيءَ سببان جو اڳي ڪُوڙ ڀانيائون اُھي ڪٿي مڃيندا ھئا، اھڙيءَ طرح الله ڪافرن جي دلين تي مُھر ھڻندو آھي
7:102 ۽ منجھائن گھڻن کي انجام (تي پورو) نہ ڏٺوسون، ۽ منجھائن گھڻن کي بي دين ڏٺوسون
7:103 وري کانئن پوءِ موسىٰ کي فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن پنھنجن مُعجزن سان پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ اُنھن کي نہ مڃيائون، (اي پيغمبر!) ڏس تہ فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي
7:104 ۽ موسىٰ (فرعون کي) چيو تہ اي فرعون آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان
7:105 ھن (ڳالھ) تي قائم آھيان تہ الله تي سچ کانسواءِ ڪجھ بہ نہ چوان، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان چِٽي مُعجزي سان آيو آھيان تنھنڪري بني اسرائيلن کي مون سان (ھلڻ) جي موڪل ڏي
7:106 (فرعون) چيو تہ جيڪڏھن ڪو معجزو آندو اٿئي تہ جيڪڏھن سچن مان آھين تہ اُھو آڻ
7:107 پوءِ پنھنجي لٺ اُڇليائين تہ اُڇلڻ سان ئي اُھا پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پيئي
7:108 ۽ پنھنجو ھٿ ٻاھر ڪڍيائين تہ اُھو ڪڍڻ ساڻ ئي ڏسندڙن لاءِ روشن ٿيو
7:109 فرعون جي قوم مان سکر ماڻھو چوڻ لڳا تہ ھيءُ پڪو ڄاڻو جادوگر آھي
7:110 اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏڻ گھري ٿو، تنھنڪري اوھين ڇا ٿا صلاح ڏيو؟
7:111 (فرعون کي) چيائون تہ کيس ۽ ڀاڻس کي ترساءِ ۽ ڪوٺيندڙ شھرن ڏانھن موڪل
7:112 تہ تو وٽ سڀئي ڄاڻو جادوگر آڻين
7:113 ۽ فرعون وٽ جادوگر آيا چوڻ لڳا تہ جيڪڏھن اسين غالب ٿيون تہ اسان لاءِ ضرور (ڪو) انعام (ھئڻ) گھرجي
7:114 فرعون چيو تہ ھائو (انعام بہ ڏبو) ۽ بيشڪ مرتبي وارن مان (بہ) ٿيندؤ
7:115 چيائون تہ اي موسىٰ يا تو کي (جادوءَ جي شئي) اڇلڻ گھرجي يا (پھرين) اسين اُڇليندڙ ٿيون
7:116 (موسىٰ) چيو تہ (اوھين) اُڇليو، پوءِ جنھن مھل اُڇليائون (تنھن مھل) ماڻھن جون اکيون جادوءَ سان بند ڪيائون ۽ اُنھن کي ڊيڄاريائون ۽ وڏا جادو آندائون
7:117 ۽ موسىٰ ڏانھن وحي موڪليوسون تہ پنھنجي لٺ اُڇل، پوءِ جيڪو جادو ڪيائون تنھنکي اُھا اُنھيءَ مھل ئي ڳھندي وئي
7:118 پوءِ سچ پڌرو ٿيو ۽ جيڪي ڪندا رھيا سو ڪوڙو ٿيو
7:119 پوءِ (فرعون وارا) اُن ھنڌ ھيڻا ٿيا ۽ خوار ٿي موٽيا
7:120 ۽ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا
7:121 چيائون تہ جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون
7:122 (جو) موسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار (آھي)
7:123 فرعون چيو تہ اوھان منھنجي موڪل کان اڳي ئي اُن تي ايمان ڇو آندو آھي؟ ھيءُ (اوھان جو) فريب آھي (جو پاڻ ۾ گڏجي) ھن ڪري (ھن) شھر ۾ ڪيو اٿو تہ سندس رھاڪن کي منجھانئس ڪڍي ڇڏيو، پوءِ سگھو کي ڄاڻندؤ
7:124 اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتڙ سبتڙ ضرور وڍيندس وري اوھان مڙني کي ضرور سوريءَ چاڙھيندس
7:125 چيائون تہ بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار ڏانھن ضرور موٽندڙ آھيون
7:126 ۽ تون رڳو ھن ڪري اسان سان وير ٿو رکين تہ اسان جي پالڻھار جا حُڪم جڏھن اسان وٽ آيا (تڏھن) اسان مڃيا آھن، اي اسان جا پالڻھار اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار
7:127 ۽ فرعون جي قوم جي سردارن (کيس) چيو تہ موسىٰ ۽ سندس قوم کي ھن لاءِ ڇڏي ڏئين ٿو ڇا؟ تہ مُلڪ ۾ فساد وجھن ۽ تو کي ۽ تنھنجي معبودن (جي عبادت) کي ڇڏي ڏين؟ چيائين تہ سندن پٽ سگھوئي ڪھنداسون ۽ سندين ڌيئرون ڇڏي ڏينداسون، ۽ اسين سندن مٿان بيشڪ زور وارا آھيون
7:128 موسىٰ پنھنجي قوم کي (دلگير ڏسي) چيو تہ الله کان مدد گھرو ۽ صبر ڪريو، ڇو تہ ساري زمين الله جي آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي اُن جو وارث بڻائيندو آھي، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي
7:129 چيائون تہ اسين تنھنجي اچڻ کان اڳ (بہ) ۽ تنھنجي اچڻ کان پوءِ (بہ) ايذايا ويا آھيون، (موسىٰ) چين تہ اُميد آھي تہ اوھانجو پالڻھار اوھان جي دشمن کي ناس ڪري ڇڏيندو ۽ مُلڪ ۾ اوھان کي پيڙھيءَ تي وھاريندو پوءِ ڏسندو تہ (اوھين) ڪھڙي طرح عمل ٿا ڪريو
7:130 ۽ بيشڪ فرعون جي قوم کي ڏڪار ۽ ميون جي گھٽتائيءَ ۾ گرفتار ڪيوسون تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
7:131 پوءِ جڏھن اُنھن کي سُک پھتو ٿي تہ چيائون ٿي تہ ھيءُ اسان جو (حق) آھي، ۽ جيڪڏھن اُنھن کي ڪو ڏک پھچندو ھو تہ موسىٰ ۽ سندس سنگت کي نڀاڳو ڀائيندا ھئا، خبردار الله وٽ تہ سندين ئي نڀاڳائي آھي پر منجھائن گھڻا نہ ٿا ڄاڻن
7:132 ۽ چيائون تہ (اي موسىٰ) جڏھن ڪڏھن بہ ڪا نشاني اسان وٽ ھن لاءِ آڻيندين تہ اُن سان اسان تي جادو ڪرين تہ اسين تو کي مڃڻ وارا نہ آھيون
7:133 پوءِ مٿن طوفان ۽ ماڪڙ ۽ جوئان ۽ ڏيڏر ۽ رت کليل مُعجزا موڪلياسون، پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ (اُھا) ڏوھاري قوم ھئي
7:134 ۽ جڏھن مٿن سزا پھتي ٿي (تڏھن) چيائون ٿي تہ اي موسىٰ! پنھنجي پالڻھار کان اُنھيءَ وعدي سان جو توسان ڪيو اٿس اسان لاءِ دعا گھُر، تہ جيڪڏھن اسان تان عذاب لاٿئي تہ تو تي ضرور ايمان آڻينداسين ۽ بني اِسرائيل کي (بہ) ضرور توسان ھلڻ (جي موڪل) ڏينداسون
7:135 پوءِ جنھن مھل عذاب جيڪو کين ٺھرايل مدت توڻي پھچڻو ھو، سو کانئن لاٿوسون ٿي (تنھن مھل) اُتي جو اُتي اُنھن اَنجام ڀڳو ٿي
7:136 پوءِ اسان کانئن پورو وير ورتو جو اُنھن کي سمنڊ ۾ اِنھيءَ ڪري ٻوڙيوسون جو اُنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو ۽ انھن کان بي خبر ھئا
7:137 ۽ اُھا قوم جيڪا ھيڻي ڀانئبي ھئي تنھن کي اُنھيءَ اوڀر ۽ اولھ جي زمين (يعني شام ۽ مِصر) جو وارث ڪيوسون جنھن ۾ برڪت رکي ھئي سون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو بني اِسرائيلن سان چڱو انجام اِنھي سببان پورو ٿيو جو صَبر ڪيائون، ۽ فرعون ۽ سندس قوم جيڪي بڻايو ۽ جيڪا (اڏاوت) بلند ڪئي ھئائون سا (سڀ) ناس ڪري ڇڏي سون
7:138 ۽ بني اِسرائيل کي سمنڊ کان پار ٽپايو پوءِ اُھي ھڪڙي اھڙي قوم تي پُھتا جو پنھنجن بتن جا مجاور ھئا، (موسىٰ) کي چيائون تہ اي موسىٰ! اسان لاءِ (بہ) ھڪڙو اھڙو معبود بڻاءِ جھڙا ھنن لاءِ معبود آھن، (موسىٰ) چيو تہ بيشڪ اوھين جاھل قوم آھيو
7:139 بيشڪ ھي ماڻھو پاڻ جنھن (مذھب) ۾ پيل آھن سو برباد ٿيل آھي ۽ جيڪي ڪندا رھندا آھن سو باطل آھي
7:140 موسىٰ چيو تہ الله کانسواءِ ھن ھوندي بہ اوھان لاءِ ٻيو معبود ڇو گھران جو اُن اوھان کي جھانن جي ماڻھن کان ڀلو ڪيو آھي؟
7:141 ۽ (ياد ڪريو) جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن کان ڇڏايوسون جن اوھان کي بڇڙو عذاب چکايو ٿي، جو اوھان جا پٽ ڪُھندا ھئا ۽ اوھان جو ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھئا، ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھُئي
7:142 ۽ موسىٰ کي ٽيھن راتين جو انجام ڏنوسون ۽ اُنھي کي (ٻـين) ڏھن سان پورو ڪيوسون پوءِ سندس پالڻھار جو انجام چاليھن راتين جو پورو ٿيو، ۽ موسىٰ پنھنجي ڀاءُ ھارون کي چيو تہ منھنجي قوم ۽ منھنجي پوئتان خليفو ٿي ۽ سڌارو ڪج ۽ فسادين جي واٽ تي نہ ھلج
7:143 ۽ جنھن مھل موسىٰ اسان جي انجام واري ھنڌ آيو ۽ سندس پالڻھار ساڻس ڳالھايو (تنھن مھل) چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مونکي پاڻ ڏيکار تہ آءٌ تو کي ڏسان، (الله) چيو تہ مونکي ڪڏھن نہ ڏسي سگھندين پر جبل ڏانھن نھار پوءِ جيڪڏھن ھن پنھنجي جاءِ ٽڪاءُ ڪيو تہ تون مونکي ڏسي سگھندين، پوءِ جنھن مھل سندس پالڻھار جبل ڏانھن تجلّو ڪيو (تنھن مھل) اُن کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسىٰ بيھوش ٿي ڪري پيو، پوءِ جنھن مھل ھوش ۾ آيو (تنھن مھل) چوڻ لڳو تہ تو کي پاڪائي جڳائي تنھنجي درگاھ ۾ توبھ ڪيم ۽ آءٌ (سڀ کان) پھريون مؤمن آھيان
7:144 (الله) فرمايو تہ اي موسىٰ! مون تو کي پنھنجي پيغمبريءَ ۽ پنھنجي ڳالھائڻ سان ماڻھن کان ڀلارو ڪيو آھي، جيڪو (توريت) تو کي ڏنو اٿم سو وٺ ۽ شڪر ڪندڙن مان ھُج
7:145 ۽ اُن (موسىٰ) لاءِ سڀڪنھن شئي جي نصيحت واسطي ۽ سڀڪنھن شئي جي ڌارو ڌار بيان واسطي (توريت) تختين ۾ لکي ڏنوسون، ( ۽ چيو ويس) تہ اُن کي پختائيءَ سان وٺ ۽ پنھنجي قوم کي حڪم ڪر تہ اُن جون چڱيون ڳالھيون (عمل ۾) وٺندا رھن، اوھان کي بدڪارن جي جاءِ سگھو ڏيکاريندس
7:146 جيڪي زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا رھندا آھن تن کي سگھو پنھنجن آيتن (جي سمجھ) کان جھليندس، ۽ جيڪڏھن سڀ نشانيون ڏسندا تہ (بہ) اُنھن تي ايمان نہ آڻيندا، ۽ جيڪڏھن ھدايت جي واٽ ڏسندا تہ اُن کي واٽ نہ بڻائيندا، ۽ جيڪڏھن گمراھيءَ جي واٽ ڏسندا تہ اُن کي واٽ بڻائيندا، اُھو ھن سببان آھي جو اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ اُنھن کان غافل رھيا ھئا
7:147 ۽ جن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو تن جا اعمال ناس ٿيا، جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن کانسواءِ ٻيو ڪو بدلو نہ ڏبن
7:148 ۽ موسىٰ جي قوم کانئس پوءِ انھن (قبطين) جي زيورن مان گابي جو بوتو اھڙو ٺاھي ورتو جنھن کي رنڀ ھئي، نہ ٿي ڏٺائون ڇا تہ اُھو ساڻن نہ ڳالھائيندو ھو ۽ نڪي انھن کي ڪا واٽ ڏيکاريندو ھو؟ اُن کي (خدا ڪري) ورتائون ۽ ظالم ھئا
7:149 ۽ جڏھن پنھنجي ھٿان وين (يعني پشيمان ٿيا) ۽ سمجھيائون تہ اُھي پڪ گمراھ ٿيا (تڏھن) چيائون تہ جيڪڏھن اسان جو پالڻھار اسان تي ٻاجھ نہ ڪندو ۽ اسان کي نہ بخشيندو تہ ضرور ٽوٽي وارن مان ٿينداسون
7:150 ۽ جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڏمريل افسوس ڪندڙ ٿي موٽيو (تڏھن) چيائين تہ جيڪي منھنجي پرپٺ مون کانپوءِ ڪيوَ سو بڇڙو آھي، پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان (اڳ) ڇو تڪڙ ڪيوَ؟ ۽ ڦرھيون اُڇليائين ۽ پنھنجي ڀاءُ جي مٿي (جي وارن) کان وٺي کيس پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳو، (ھارون) چيو تہ اي مُنھنجا ڀاءُ! بيشڪ (ھن) قوم مون کي ھيڻو ڀانيو ۽ مُنھنجي مارڻ تي سنبريا تنھنڪري مون تي دشمن نہ کلاءِ ۽ نڪي مون کي ظالم قوم سان گڏ
7:151 (موسىٰ) چيو اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ مُنھنجي ڀاءُ کي بخش ۽ اسان کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪر، ۽ تون (سڀني) ٻاجھ وارن کان وڌيڪ ٻاجھارو آھين
7:152 جن گابي کي (خُدا ڪري) ورتو تن کي سندن پالڻھار وٽان ڏمر ۽ دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواري سگھو پھچندي، ۽ اھڙيءَ طرح ٺاھ ٺاھيندڙن کي سزا ڏيندا آھيون
7:153 ۽ (اي پيغمبر!) جن بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کان پوءِ توبھ ڪيائون ۽ ايمان آندائون، (تن کي) تنھنجو پالڻھار اُن (توبھ) کان پوءِ بخشڻھار مھربان آھي
7:154 ۽ جڏھن موسىٰ جو ڏمر لٿو تڏھن (توريت جون) ڦرھيون (کڻي) ورتائين، اُن جي لکيي ۾ اُنھن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ ھُئي جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن
7:155 ۽ موسىٰ پنھنجي قوم مان ستر ڄڻا اسان جي (ملاقات جي) انجام لاءِ چونڊيا، پوءِ جنھن مھل اُنھن کي زلزلي ورتو (تڏھن موسىٰ) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! جيڪڏھن (تون) گھرين ھا تہ ھن کان اڳ اُنھن کي ۽ خاص مونکي ھلاڪ ڪري ڇڏين ھا، اسان منجھان بي عقلن جيڪي ڪيو تنھن سببان اسانکي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟ اِھا تنھنجي پرک (حڪمت) کانسواءِ نہ آھي، جنھن کي گھرين تنھن کي ان سان گمراھ ڪندو آھين ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي (اُن سان) ھدايت ڪندو آھين، تون اسان جو سنڀاليندڙ آھين تنھنڪري اسانکي بخش ۽ اسان تي ٻاجھ ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو بخشيندڙ آھين
7:156 ۽ اسان لاءِ ھن دُنيا ۾ ۽ آخرت ۾ چڱائي لک ڇو تہ اسين تو ڏانھن رُجوع ٿيا آھيون، (الله) فرمايو تہ آءٌ پنھنجو عذاب جنھن لاءِ وڻندو اٿم تنھنکي پھچائيندو آھيان، ۽ منھنجي ٻاجھ سڀڪنھن شئي کي شامل آھي، ۽ پوءِ آءٌ پنھنجي ٻاجھ اُنھن لاءِ لکندس جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ جيڪي منھنجي آيتن تي ايمان آڻيندا آھن
7:157 (۽ پڻ آخرت جي رحمت اُنھن لاءِ لکندس) جيڪي اُنھيء نبي اُمي پيغمبر جي تابعداري ڪندا آھن جنھن جون وصفون توريت ۽ انجيل ۾ پاڻ وٽ لکيلون لھندا آھن، (اُھو) اُنھن کي چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندو آھي ۽ برن ڪمن کان اُنھن کي جھليندو آھي ۽ سٺيون شيون اُنھن لاءِ حلال ڪندو آھي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آھي ۽ سندن ڳرو بار ۽ جيڪي تڪليفون مٿن ھيون سي کانئن لاھيندو آھي، پوءِ جن اُن تي ايمان آندو ۽ سندس تعظيم ڪئي ۽ کيس مدد ڏنائون ۽ اُنھيءَ نُور (ڪلام الله) جي تابعداري ڪيائون جيڪو ساڻس لاٿو ويو سي ئي ڇٽل آھن
7:158 (اي پيغمبر!) چئو تہ اي انسانو! آءٌ اوھان مڙني ڏانھن اُن الله جو پيغمبر (ٿي آيو) آھيان جنھن جي آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاھي آھي، اُن الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نہ آھي اُھو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس انھي پيغمبر اُمي نبي تي ايمان آڻيو جيڪو الله ۽ سندس حُڪمن کي مڃيندو آھي ۽ اُن جي تابعداري ڪريو تہ منَ اوھين سڌي واٽ لھو
7:159 ۽ موسىٰ جي قوم مان ھڪ اھڙي ٽولي آھي جا (ماڻھن کي) سڌو رستو ڏيکاريندي آھي ۽ اُھي ان سان اِنصاف تي ھلندا آھن
7:160 ۽ بني اسرائيلن مان ٻارھن پاڙا ٽوليون ڪري جدا ڪياسون، ۽ جڏھن موسىٰ کان سندس قوم پاڻي گھريو تڏھن ڏانھس وحي موڪليوسون تہ پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ، پوءِ (ھنيائين تہ) اُن مان ٻارھن چشما ڦٽي وڙھا، بيشڪ سڀڪنھن ماڻھو پنھنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ ڄاتي ٿي، ۽ اسان مٿن ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي ۽ مٿن مَن ۽ سلوىٰ لاٿاسون، ( ۽ چيوسون تہ) جيڪا اوھان جي سٺي روزي بڻائي اٿون تنھن مان کائو، ۽ اسان جو ڪُجھ نہ وڃايائون پر پاڻ کي نقصان ٿي لاتائون
7:161 ۽ جڏھن اُنھن کي چيو ويو تہ ھن ڳوٺ ۾ وڃي ٽڪو ۽ منجھانئس جتان وڻيو تتان کائو ۽ چئو تہ بخش (ڪر) ۽ دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي لنگھو تہ اوھان کي اوھان جون خطائون بخشيون، ڀَلارن کي سگھو وڌيڪ (چڱائي) ڏينداسون
7:162 پوءِ اُنھن (بني اسرائيلن) مان جيڪي ظالم ھئا تن کي جيڪا ڳالھ چئي وئي ھئي سا اُنھن مٽائي ٻي ڳالھ چئي پوءِ مٿن آسمان کان اِنھيءَ سببان سزا موڪلي سون جو ظلم ٿي ڪيائون
7:163 ۽ (اي پيغمبر!) کانئن اُن ڳوٺ (جي حال) بابت پڇا ڪر جيڪو درياءَ جي ڪناري تي ھو، جڏھن (اُھي منع ھوندي) ڇنڇر (جي حُڪم) ۾ حُڪم عدولي ڪرڻ لڳا جڏھن اُنھن جون مڇيون سندن ڇنڇر ڏينھن (پاڻيءَ جي مٿان) سندن سامھون پڌريون ٿي اينديون ھيون ۽ جنھن ڏينھن ڇنڇر نہ ڪندا ھئا تنھن ڏينھن (ٻاھر نہ) اينديون ھيون، اھڙيءَ طرح اُنھن کي اِنھي سببان پرکيوسون جو نافرماني ٿي ڪيائون
7:164 ۽ جڏھن منجھانئن ھڪ ٽوليءَ (نصيحت ڪندڙن کي) چيو تہ اھڙيءَ قوم کي اوھين ڇو نصيحت ڪندا آھيو جن کي الله ھلاڪ ڪندڙ آھي يا کين سخت عذاب ڪندڙ آھي؟ تڏھن چيائون تہ (اسان جي نصيحت) اوھانجي پالڻھار وٽ عذر آھي ۽ منَ اُھي ڊڄن
7:165 پوءِ جيڪا (نصيحت) ڏني ويئي ھُين سا جنھن مھل وساريائون اُنھيءَ مھل اُنھن ماڻھن کي بچايوسون جيڪي مدائي کان جھليندا ھُين ۽ ظالمن کي سخت عذاب سان اِنھيء ڪري پڪڙيوسون جو ھو بدڪار ھئا
7:166 پوءِ جنھن کان جھليو ويو ھُين تنھن کان جڏھن حد ٽپيا تڏھن کين چيوسون تہ خوار ٿيل ڀولڙا ٿيو
7:167 ۽ (ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار (يھودين کي) سُڌ ڏني تہ (اُھو) مٿن قيامت تائين (اھڙو حاڪم) ضرور مقرر ڪندو جيڪو اُنھن کي بڇڙي سزا چکائيندو رھندو، ڇو تہ تنھنجو پالڻھار سَگھو سزا ڏيندڙ آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان (بہ) آھي
7:168 ۽ اُنھن (بني اسرائيلن) کي ملڪ ۾ ٽوليون ٽوليون ڪري پکيڙي ڇڏيوسون، منجھائن ڪي سُڌريل ۽ ڪي اَڻ سڌريل آھن، ۽ اُنھن کي سکن ۽ ڏکن سان پرکيوسون تہ منَ اُھي موٽن
7:169 وري کانئن پوءِ اھڙا بُڇڙا اُنھن جي جاڳھن تي ويٺا جو ڪتاب (توريت) جا (ڇڙا) وارث بڻيا، ھن دنيا جو سامان اختيار ڪندا آھن ۽ چوندا آھن تہ بخشباسون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪو اھڙو سامان ايندو آھي تہ (اُھي پشيمان نہ ٿيندا آھن ۽) اُھو وٺندا آھن، کانئن ڪتاب (توريت) ۾ ھي انجام نہ ورتو ويو ھو ڇا تہ سچ کانسواءِ الله تي ڪجھ بہ ڪين چون؟ ۽ جيڪي منجھس آھي سو پڙھيو بہ اٿن، ۽ آخرت جو مُلڪ اُنھن لاءِ ڀَلو آھي جيڪي پرھيزگار آھن پوءِ ڇو نہ سمجھندا آھيو؟
7:170 ۽ جيڪي ڪتاب کي مضبوطيءَ سان وٺن ٿا ۽ نماز پڙھن ٿا، (اھڙن) نيڪن جو اجر اسين نہ وڃائيندا آھيون
7:171 ۽ (ياد ڪر) جڏھن اُنھن جي مٿان جبل کي ٽنگيوسون ڄڻ تہ اُھو ڇَٽي ھو ۽ ڀانيائون تہ اُھو مٿن ڪرندو، (کين چيوسون) تہ جيڪي اسان اوھان کي ڏنو آھي سو مُحڪم ڪري وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪندا رھو تہ منَ اوھين (عذاب کان) بچو
7:172 ۽ (اي پيغمبر! ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار آدم جي اولاد مان (يعني) پٺين مان سندن اولاد کي پيدا ڪيو ۽ سندن وجود کي مٿن شاھد ڪيائين (۽ پڇيائين) تہ (آءٌ) اوھانجو پالڻھار نہ آھيان ڇا؟ چيائون تہ ھائو (آھين)، گواھ ٿيا آھيون، (اِھا گواھي ھن لاءِ وٺڻي ھئي) تہ (متان) قيامت جي ڏينھن چئو تہ اسين ھِن (ڳالھ) کان بي خبر ھئاسون
7:173 يا (متان) چئو تہ شرڪ رڳو اسان جي ابن ڏاڏن اڳ ڪيو ھو ۽ اسين کانئن پوءِ اولاد ھئاسون، تنھنڪري جيڪي بيھودن ڪيو تنھن سببان اسان کي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟
7:174 ۽ اھڙيءَ طرح اسين آيتون کليل طرح بيان ڪندا آھيون تہ منَ اُھي موٽن
7:175 ۽ (اي پيغمبر!) تون اُن (ماڻھو) جو قصو کين پڙھي ٻڌاءِ جنھن کي پنھنجن آيتن جو علم ڏنو ھيوسون (اُھو) اُنھن (آيتن جي علم) مان (پاڻ پٽائي) نڪتو پوءِ شيطان سندس پُٺيان لڳو پوءِ (اُھو) گمراھن مان ٿيو
7:176 ۽ جيڪڏھن اسين گھرون ھا تہ کيس انھن (آيتن) سان ضرور مٿاھون ڪريون ھا پر ھو زمين (جي پستيءَ) ڏانھن جھڪي پيو ۽ پنھنجين سَڌن پٺيان لڳو، پوءِ سندس مثال ڪُتي جي مثال وانگر ٿيو، (جو) جيڪڏھن (تون) مٿس (ڪا شيء) اولارين تہ سھڪي يا جي ڇڏي ڏينس تہ (بہ) سھڪي، اِھو اُنھي قوم جو مثال آھي جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو، پوءِ (اي پيغمبر انھن کي) اِھا نصيحت پڙھي ٻڌاءِ تہ منَ اُھي سوچ ڪن
7:177 جن ماڻھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جو حال بڇڙو آھي ۽ اُنھن پاڻ تي ئي ظلم ڪيو
7:178 جنھن کي الله ھدايت ڪئي سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي گمراھ ڪيائين سي ئي نقصان وارا آھن
7:179 ۽ بيشڪ دوزخ لاءِ جنن ۽ ماڻھن مان گھڻا پيدا ڪيا اٿون انھن جون (اھڙيون) دليون آھن جو انھن سان (الله جو حُڪم) نہ سمجھندا آھن، ۽ اُنھن جون (اھڙيون) اکيون آھن جو اُنھن سان (حقانيت) ڏسي نہ سگھندا آھن، ۽ اُنھن جا اھڙا ڪن آھن جو اُنھن سان (حق کي) ٻڌي نہ سگھندا آھن، اھي ڍورن وانگر آھن بلڪ اُنھن کان بہ وڌيڪ گمراھ آھن اِھي ئي غافل آھن
7:180 ۽ الله جا نالا (سڀ) سھڻا آھن تنھنڪري کيس اُنھن نالن سان کيس سڏيو، ۽ جيڪي سندس نالن کي ڦيرائيندا آھن تن کي ڇڏي ڏيو، (۽) جيڪي ڪندا آھن تنھن جي سگھو سزا ڏبين
7:181 ۽ جيڪي اسان پيدا ڪيا آھن تن مان ھڪ ٽولي آھي جا سچي (دين) جو رستو ڏيکاريندي آھي ۽ اُن (دين) سان انصاف ڪندا آھن
7:182 ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن کي سگھو ڍر ڏيئي (اُتاھون) سزا ڏينداسون جتان ڄاڻندا ئي نہ
7:183 ۽ اُنھن کي مُھلت ڏيندس، ڇو تہ اسان جي رٿ مضبوط آھي
7:184 (اُھي) سوچ نہ ڪندا آھن ڇا تہ سندن سنگتي (محمد ﷺ) کي ڪا چريائي ڪانھي؟ اُھو تہ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھي
7:185 آسمانن ۽ زمين جي بادشاھيءَ (۾) ۽ الله ھر جنس مان جيڪي پيدا ڪيو آھي تنھن ۾ نہ نھاريندا آھن ڇا؟ ۽ تہ متان سندن (موت جي) ٺھرايل مدت پڪ پوري ٿيڻ تي ھجي، پوءِ قرآن کان بعد ڪھڙيءَ ڳالھ تي ايمان آڻيندا؟
7:186 جنھن کي الله گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو ڪونھي، ۽ الله اُنھن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ٿيل ڇڏي ڏيندو آھي
7:187 (اي پيغمبر!) تو کان قيامت بابت پُڇن ٿا تہ ڪھڙيءَ مھل اچڻي آھي، چئو تہ اُنھيء جي خبر رڳو منھنجي پالڻھار وٽ آھي، الله کانسواءِ کيس سندس وقت تي ڪو پڌرو نہ ڪندو، (اُن جي اچڻ جي مھل جي ڄاڻ) آسمانن ۽ زمين ۾ ڳري ٿي آھي (يعني ڪو سمجھي نہ ٿو سگھي)، اُھا تہ اوھان وٽ اوچتو ئي ايندي، (اي پيغمبر) توکان (ايئن) پڇن ٿا جو ڄڻڪ تون اُن جي کوجنا ڪندڙ آھين، چئو تہ اُن جي خبر الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن وٽ نہ آھي پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
7:188 چئو تہ الله جي گھُر ڌاران آءٌ پاڻ کي نڪي فائدو ۽ نڪي نقصان پھچائي سگھان ٿو، ۽ جيڪڏھن ڳجھ ڄاڻان ھا تہ گھڻيون چڱايون گڏ ڪريان ھا، ۽ مون کي ڪو ڏک نہ پھچي ھا، آءٌ تہ ان قوم لاءِ رڳو ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ (پيغمبر) آھيان جيڪي مڃيندا آھن
7:189 اھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھڪ وجود مان بڻايو ۽ منجھانئس سندس زال ھن لاءِ بڻايائين تہ ساڻس سڪون وٺي، پوءِ جنھن مھل ساڻس ميلاپ ڪندو آھي تہ اُھا ھلڪي بار سان ڳورھاري ٿيندي آھي ۽ اُن سان گھمندي رھندي آھي، وري جنھن مھل ڏاڍي ڳري ٿيندي آھي (تنھن مھل) ٻئي پنھنجي پالڻھار کي سڏيندا آھن (تہ قسم آھي) تہ جيڪڏھن اسان کي صالح (ٻار) ڏيندين تہ ضرور شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون
7:190 پوءِ جنھن مھل انھن کي صالح (پٽ) ڏيندو آھي (تنھن مھل) جيڪي اُنھن کي ڏنائين تنھن ۾ الله سان شريڪ مقرر ڪندا آھن، ۽ جنھن شئي کي الله سان شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان الله (جو شان) مٿاھون آھي
7:191 (ھي مشرڪ) اھڙن کي ڇو ٿا شريڪ بڻائين جي ڪجھ بڻائي نہ سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ خلقيل آھن
7:192 ۽ نڪي اُنھن کي ڪا مدد ڏيئي سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي (ئي) مدد ڏيئي سگھندا آھن
7:193 ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن اُنھن کي ھدايت ڏانھن سڏيندؤ تہ اوھان جي تابعداري نہ ڪندا، اوھان تي برابر آھي تہ اُنھن کي سڏيو يا اوھين ماٺ ڪريو
7:194 الله کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان جھڙا ٻانھا آھن تنھنڪري جيڪڏھن (اوھين) سچا آھيو تہ انھن کي سڏيو، تہ پوءِ ڀَلي اوھان کي ورندي ڏين
7:195 اُنھن (بتن) کي ڪي پير آھن ڇا جن سان گھمندا آھن، يا انھن کي ڪي ھٿ آھن ڇا جن سان وٺندا آھن، يا اُنھن کي اکيون آھن ڇا جن سان ڏسندا آھن يا اُنھن کي ڪي ڪن آھن ڇا جن سان ٻڌندا آھن؟ چئو تہ (اوھين) پنھنجن بتن کي سڏيو پوءِ مون لاءِ (جيڪا رٿ اچيوَ سا) رٿيو ۽ مون کي مُھلت نہ ڏيو
7:196 بيشڪ منھنجو مددگار اُھو الله آھي جنھن ڪتاب نازل ڪيو، ۽ اُھو نيڪن کي مدد ڏيندو آھي
7:197 ۽ ان (الله) کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان کي ڪا مدد ڏيئي نہ سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي مدد ڏيئي سگھندا آھن
7:198 ۽ جيڪڏھن اوھين اُنھن کي ھدايت ڏانھن سڏيو تہ ڪين ٻڌندا، ۽ کين ڏسندو آھين (تہ ڄڻ) تہ تو ڏانھن تڪين ٿا مگر اُھي ڏسندا ئي نہ آھن
7:199 (اي پيغمبر) معافي ڏيڻ جي عادت ڪر ۽ چڱي ڪم ڪرڻ جو حُڪم ڪر ۽ جاھلن کان منھن موڙ
7:200 ۽ جيڪڏھن تو کي شيطان کان ڪو وسوسو پوي تہ الله کان پناھ گھر، ڇو تہ اُھو ٻُڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
7:201 جيڪي پرھيزگار آھن تن کي جڏھن شيطان کان ڪو وسوسو پھچندو آھي تڏھن الله کي ياد ڪندا آھن پوءِ اُھي اُنھيءَ ئي مھل (دانائيءَ واري نظر سان) ڏسندڙ ٿيندا آھن
7:202 ۽ اُنھن (شيطانن) جا ڀائر کين گمراھيءَ ۾ ڇڪيندا آھن وري نہ گھٽائيندا آھن
7:203 ۽ (اي پيغمبر!) جڏھن وٽن ڪا آيت نہ آڻيندو آھين (تڏھن) چوندا آھن تہ (پاڻ) ڇو نہ ٺاھيندو آھين؟ چئو تہ جيڪي مون ڏانھن پنھنجي پالڻھار جو وحي ٿيندو آھي تنھن کانسواءِ (ڪنھن جي) تابعداري نہ ڪندو آھيان، ھي (قرآن) اسانجي پالڻھار وٽان سوجھرو ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ اُنھيءَ قوم لاءِ آھي جي مڃيندي آھي
7:204 ۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (تڏھن) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو منَ ٻاجھ ڪجيوَ
7:205 ۽ پنھنجي پالڻھار کي پنھنجي دل ۾ عاجزيءَ ۽ ڀؤ سان وڏي آواز کان (ڪجھ) جھڪو صبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪر ۽ غافلن مان نہ ھُج
7:206 بيشڪ جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ (ويجھا) آھن (سي) سندس عبادت کان وڏائي نہ ڪندا آھن ۽ اُن جي پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ اُن کي سجدو ڪندا آھن