6:1
سڀ ساراھ (خاص) اُن الله کي جڳائي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوندھ ۽ سوجھرو پيدا ڪيو، وري (بہ) ڪافر پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪندا آھن
6:2
اُھو (ئي الله) آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري (اوھان جي جئڻ ۽ موت جي) مدت ٺھرايائين، ۽ (ھڪڙي ٻي) مدت وٽس مقرر ٿيل آھي وري (اي ڪافرؤ! الله بابت) اوھين شڪ ڪندا آھيو
6:3
(اھو ئي) الله آسمانن ۽ زمين ۾ (سڀ ڪنھن جو معبود) آھي، اوھان جو ڳجھ ۽ اوھان جو ظاھر، ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو (بہ) ڄاڻندو آھي
6:4
سندن پالڻھار جي آيتن مان ڪا آيت وٽن نہ ايندي آھي پر کانئس منھن موڙيندا آھن
6:5
پوءِ بيشڪ سچ (يعني قرآن) کي جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) ڪوڙ ڀانيائون، پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت چٿر ڪندا آھن تنھن جي (سزا جون) خبرون وٽن سگھو پھچنديون
6:6
(ڪافر) نہ ڏسندا آھن ڇا؟ تہ کانئن اڳي ڪيترا طبقا ناس ڪياسون جن کي زمين ۾ اھڙي طاقت ڏني ھئي سون جو اوھان کي بہ نہ ڏني اٿئون ۽ مٿن آسمانن مينھن ساندھ وساياسون، ۽ سندن ھيٺان واھيون وھندڙ ڪيون سون پوءِ انھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ سندن پوئتان ٻـين قومن کي پيدا ڪيوسون
6:7
۽ جيڪڏھن تو تي ڪاغذن ۾ (لکيل) ڪتاب (قرآن) نازل ڪريون ھا پوءِ اُھي پنھنجا ھٿ کيس لائين ھا تہ جيڪي ڪافر آھن سي ضرور چون ھا تہ ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي
6:8
۽ چون ٿا تہ مٿس ملائڪ ڇو نہ لاٿو ويو؟ ۽ جيڪڏھن اسين ملائڪ نازل ڪريون ھا تہ ضرور ڪم پورو ٿي وڃي ھا (يعني ھلاڪ ٿي وڃن ھا) وري کين مُھلت (مور) نہ ڏجي ھا
6:9
۽ جيڪڏھن کيس ملائڪ ڪريون ھا تہ ضرور کيس مرد (جي شڪل ۾) بڻايون ھا ۽ جھڙو شبھو (ھاڻي) ڪندا آھن تھڙو شبھو مٿن قائم رکون ھا
6:10
۽ بيشڪ توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن سان (بہ) چٿر ڪئي ويئي (آھي) پوءِ منجھانئن جن چٿرون ڪيون تن تي جنھن (ڳالھ) تي چٿر ڪندا ھئا تنھن (جي سزا اچي) گھيرو ڪيو
6:11
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ ملڪ ۾ گھمو وري ڏسو تہ ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟
6:12
(اي پيغمبر! کانئن) پُڇا ڪر تہ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو ڪنھن جو آھي؟ چئو تہ الله جو آھي، جنھن (ٻانھن تي) ٻاجھ (ڪرڻ) پاڻ تي لازم ڪئي آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ شڪ نہ آھي ضرور اوھان کي گڏ ڪندو، جن پاڻ کي خساري ۾ وڌو سي ڪڏھن ايمان نہ آڻيندا
6:13
۽ جيڪو رات ۽ ڏينھن ۾ رھندو آھي، سو ان جي ملڪ آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
6:14
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله کانسواءِ ٻئي کي سنڀاليندڙ ڪري ڇو وٺان؟ ۽ اُھو (سڀني کي) روزي ڏيندو آھي ۽ کيس روزي ڪوئي نہ ڏيندو آھي، چئو تہ مون کي حُڪم ڏنو ويو تہ پھريون مسلمان آءٌ ھجان ۽ (فرمايو ويو تہ) تون مشرڪن مان مُور نہ ھج
6:15
چئو تہ جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو چيو نہ مڃيان تہ آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو
6:16
اُن ڏينھن جنھن (ماڻھوءَ) کان (عذاب) ٽاريو ويندو تنھن تي بيشڪ ٻاجھ ڪئي ويئي، ۽ اھا پڌري مراد ماڻڻ آھي
6:17
جيڪڏھن الله تو کي ڪو ڏک پُھچائي تہ اُن (الله) کانسواءِ ان جو ڪو لاھيندڙ نہ آھي، ۽ جيڪڏھن اُھو تو کي سُک پُھچائي تہ اُھو سڀ ڪنھن شئي تي وس وارو آھي
6:18
۽ اُھو پنھنجن ٻانھن تي غالب آھي، ۽ اُھو حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي
6:19
پُڇا ڪر تہ شاھديءَ ۾ ڪير وڏو آھي، چئو تہ منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ الله ئي گواھ آھي، ۽ مون ڏانھن ھيءُ قرآن ھن لاءِ وحي ڪيو ويو آھي تہ اُن سان اوھان کي ۽ جن جن کي (ھي قرآن) پھچي (تن سڀني کي) ڊيڄاريان، (ھي ڳالھ) اوھين ثابت ڪري سگھندؤ ڇا تہ الله ساڻ ٻيا (بہ) عبادت جا لائق آھن؟ چئو تہ آءٌ (اھڙي باطل ڪم جي) شاھدي نہ ٿو ڏيان، (بلڪل سچي ڳالھ جي ثابتي لاءِ) چئو تہ ھڪ الله کان سواءِ ڪوئي عبادت جو لائق ڪونھي ۽ جنکي اوھين شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان
6:20
جن کي ڪتاب ڏنوسين سي اُن (پيغمبر) کي اھڙيءَ طرح سڃاڻندا آھن جھڙيءَ طرح پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو سي ايمان نہ آڻيندا
6:21
اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڄاتو، ڪو شڪ نہ آھي تہ ظالم نہ ڇٽندا
6:22
۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جنھن ڏينھن اُھي مڙيئي گڏ ڪنداسين وري مشرڪن کي چونداسين تہ اوھان جا اُھي شريڪ جن کي اوھين (الله جو شريڪ) ڀائيندا ھيؤ ڪٿي آھن؟
6:23
وري سندن ڪوئي عذر ھن چوڻ کان سواءِ نہ رھندو تہ پنھنجي پالڻھار الله جو قسم اَٿئون تہ اسين شريڪ ڪندڙ نہ ھئاسون
6:24
(اي پيغمبر!) ڏس تہ پاڻ تي ڪھڙو ڪوڙ چيائون جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن سي کانئن ڀلجي ويا
6:25
۽ منجھانئن ڪو اھڙو آھي جو تو ڏانھن (قرآن ٻڌڻ لاءِ) ڪَن ڏيندو آھي، ۽ سندين دلين تي ان جي سمجھڻ کان ڍڪ ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي ڪئي اٿئون، ۽ جيڪڏھن سڀ مُعجزا ڏسندا تہ (بہ) کين نہ مڃيندا، تانجو جنھن مھل توسان جھڳڙو ڪندڙ ٿي تو وٽ ايندا (تنھن مھل) ڪافر چوندا تہ ھيءُ اڳين جي آکاڻين کانسواءِ ٻيو ڪجھ بہ نہ آھي
6:26
۽ اُھي اُن (جي ٻڌڻ) کان (ٻـين کي) جھليندا آھن ۽ (پاڻ بہ) کانئس پري ڀڄندا آھن، ۽ پاڻ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کي) ھلاڪ نہ ٿا ڪن ۽ نہ ڄاڻندا آھن
6:27
۽ جڏھن (اُھي) باھ تي بيھاربا تڏھن جيڪر کين ڏسين! (تہ عجب ڪرين) پوءِ چوندا تہ اسان کي ارمان آھي (جيڪر دنيا ۾) موٽايا وڃون ۽ پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙو نہ ڀانيون ۽ مؤمنن مان ٿيون
6:28
(نہ!) بلڪ ھن کان اڳ جيڪي (ڪفر ۽ گناھ) لڪائيندا ھئا سي (اڄ) کين پڌرا نظر آيا، ۽ جيڪڏھن (دُنيا ڏانھن) موٽايا وڃن تہ جنھن (ڪم) کان جھليا ويا سوئي وري ڪرڻ لڳندا ۽ بيشڪ اُھي ضرور ڪوڙا آھن
6:29
۽ چون ٿا تہ ھن دُنيا جي حياتي کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نہ آھي ۽ اسين (مرڻ کانپوءِ وري) اُٿڻ وارا نہ آھيون
6:30
۽ جنھن مھل پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھاربا (تنھن مھل) جيڪڏھن کين ڏسين (تہ عجب ڪرين)، (الله) چوندو تہ ھيءُ (وري جيئرو ٿيڻ) سچ نہ آھي ڇا؟ چوندا ھائو اسانکي پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي! (تہ سچ آھي)، (الله) چوندو تہ جيڪي اوھين ڪفر ڪندا ھيؤ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو
6:31
جن الله جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو سي بيشڪ خساري وارا ٿيا، تان جو جڏھن اوچتو انھن تي قيامت ايندي (تڏھن) چوڻ لڳندا تہ اسان اُن (قيامت) بابت جا ڪوتاھي ڪئي تنھن تي اسان کي افسوس آھي ۽ اُھي پنھنجو بار پنھنجي پٺين تي کڻندا، خبردار! جيڪي کڻندا سو بڇڙو آھي
6:32
۽ دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ چرچو آھي، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن تن لاءِ آخرت جي جاءِ ڀلي آھي، پوءِ ڇو نہ ٿا سمجھو؟
6:33
بيشڪ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي (اُھي) چوندا آھن سو تو کي ضرور غمگين ڪندو پوءِ اُھي نہ (رڳو) تو کي ڪوڙو چوندا آھن پر ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آھن
6:34
۽ بيشڪ توکان اڳ (گھڻا) پيغمبر ڪوڙا سمجھيا ويا ھئا پوءِ پنھنجي ڪوڙي ڀائنجڻ ۽ پنھنجي ڏکوئجڻ تي ايسين صبر ڪندا رھيا جيسين کين اسان جي مدد پُھتي، ۽ الله جي ڳالھين (يعني انجامن) کي (ڪوبہ) ڦيريندو نہ آھي، ۽ بيشڪ تو وٽ پيغمبرن جي ڪُجھ خبر آئي آھي
6:35
جيڪڏھن سندن منھن موڙڻ تو کي ڏکيو لڳي ٿو تہ جيڪڏھن زمين ۾ ڪا سُرنگھ ھڻي سگھين يا آسمان تي ڪا ڏاڪڻ ٺاھي سگھين پوءِ وٽن ڪو معجزو آڻين (تہ آڻي انھن کي ڏيکار!) ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ مڙني کي ھدايت تي گڏ ڪري ھا پوءِ اڻ ڄاڻن مان نہ ھُج
6:36
جيڪي (حق طلبيندڙ ٿي حق ڳالھ کي) ٻڌندا آھن سي ئي (اسلام جي دعوت قبول) ڪندا آھن (اُنھن کي الله ھدايت ڪندو آھي)، ۽ مئلن (يعني ڪافرن) کي الله قيامت جي ڏينھن اٿياريندو وري ڏانھنس موٽايا ويندا
6:37
۽ چون ٿا تہ سندس پالڻھار وٽان اُن (پيغمبر) تي ڪا نشاني ڇو نہ لاٿي وئي؟ (اي پيغمبر!) کين چئو تہ الله نشانيءَ جي لاھڻ تي وس وارو آھي پر منجھانئن گھڻا (ماڻھو) نہ ڄاڻندا آھن
6:38
۽ نڪو زمين ۾ ڪوئي چُرندڙ آھي ۽ نڪو پکي آھي جو پنھنجين کنڀڙاٽين سان اُڏامي ٿو پر اوھان جھڙيون ئي قومون آھن، (سڀ) ڪا شئي ڪتاب (يعني لَوح مَحفُوظ) ۾ لکڻ کانسواءِ نہ ڇڏي سون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن گڏ ڪيا ويندا
6:39
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو سي گونگا ۽ ٻوڙا اونداھين ۾ (پيل) آھن، الله جنھن کي گھُري تنھن کي ڀلائيندو آھي، ۽ جنھن کي گھُري تنھن کي سڌي واٽ تي بيھڪ ڏيندو آھي
6:40
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ (اوھين) ڏسو جيڪڏھن الله جو عذاب اوھان کي پُھچي يا قيامت اوھان وٽ اچي تہ جيڪڏھن اوھان سچا آھيو تہ الله کانسواءِ ڪنھن کي سڏيندؤ؟
6:41
(نہ!) بلڪ خاص ان کي سڏيندا آھيو پوءِ جيڪڏھن گھري تہ جنھن (مصيبت جي لاھڻ) لاءِ اوھين کيس سڏيندا آھيو سا لاھي ڇڏي ۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪندا آھيو (سو انھيءَ مھل) وساريندا آھيو
6:42
۽ بيشڪ اسان توکان اڳ (گھڻين) اُمتن ڏانھن (پيغمبر) موڪليا پوءِ (اُنھن جي بي فرماني سبب) کين اسان سختي ۽ تڪليف ڏيئي پڪڙيو تہ منَ اُھي زاري ڪن
6:43
پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب وٽن پُھتو ٿي (تنھن مھل) ڇو نہ ٿي زاري ڪيائون؟ پر سندين دليون سخت ٿي ويون ھيون ۽ جيڪي ڪم ڪندا ھئا سي شيطان انھن لاءِ سينگاريا
6:44
پوءِ جيڪا نصيحت ڏني وين سا جنھن مھل وساريائون (تنھن مھل) مٿن ھر شئي جا دروازا کولياسون، تان جو جيڪي ڏنو وين تنھن سان جڏھن (چڱي طرح) خوش ٿيا (تڏھن) کين اوچتو پڪڙيوسون پوءِ اُھي اُنھيءَ مھل نااُميد ٿيا
6:45
پوءِ ظالم قوم جي پاڙ پٽي ويئي، ۽ سڀ ساراھ الله جھانن جي پالڻھار کي جڳائي
6:46
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ ڏسو تہ جيڪڏھن الله اوھان جا ڪن ۽ اوھان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوھان جي دلين تي مُھر ھڻي تہ اُنھيءَ الله کانسواءِ ڪير ٻيو خُدا اوھان کي اُھي ڏيندو؟ ڏس تہ ڪھڙا دليل بيان ڪريون ٿا وري بہ اُھي پاسو ڪندا آھن
6:47
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوھين خبر ڏيو تہ جيڪڏھن الله جو عذاب اوچتو يا ظاھر ظھور اوھان کي پُھچي تہ ظالم قوم کانسواءِ (ٻيو ڪو) ھلاڪ ٿيندو ڇا؟
6:48
۽ پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ئي ڪري موڪليوسون پوءِ جن مڃيو ۽ پاڻ سڌاريو تن کي ڪو ڀؤ نہ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا
6:49
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي انھيءَ سببان جو بدڪاري ڪندا ھئا عذاب پھچندو
6:50
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ (آءٌ) اوھان کي نہ ٿو چوان تہ مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (آءٌ) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي اوھان کي چوان ٿو تہ آءٌ ملائڪ آھيان، ۽ جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کان سواءِ (ٻئي جي) تابعداري نہ ڪندو آھيان، چئو تہ انڌو ۽ سڄو ھڪ جھڙا آھن ڇا؟ پوءِ اوھين ڇو نہ فڪر ڪندا آھيو؟
6:51
(اي پيغمبر!) جيڪي (ماڻھو) پنھنجي پالڻھار وٽ گڏ ٿيڻ کان ڊڄندا آھن تن کي ھن قرآن سان ڊيڄار الله کان سواءِ اُنھن جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي منَ اُھي پرھيزگاري ڪن
6:52
۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندس رضامندي گھرندڙ ٿي سڏيندا آھن تن کي نہ تَڙ، تو تي سندن ڪجھ بہ حساب نہ آھي ۽ نڪي مٿن تنھنجو ڪُجھ بہ حساب آھي جو انھن کي تڙيندين (۽ جي کين تڙيندين) تہ نامناسب ڪمن ڪندڙن مان ٿيندين
6:53
۽ اھڙي طرح منجھانئن ڪن کي ڪن سان پرکيوسون تہ چون تہ ھي اھي آھن ڇا جن تي اسان منجھان الله احسان ڪيو آھي؟ الله شڪر ڪندڙن کي نہ ڄاڻندو آھي ڇا؟
6:54
۽ جيڪي اسان جي آيتن کي مڃيندا آھن سي جڏھن تو وٽ اچن تہ (اُنھن کي) چئو تہ السلام عليڪم اوھان جي پالڻھار پاڻ تي ٻاجھ لازم ڪئي آھي تہ اوھان مان جيڪو بي علميءَ سان ڪا بڇڙائي ڪندو وري اُن کانپوءِ توبھ ڪيائين ۽ سُڌريو تہ اُھو (الله) بخشڻھار مھربان آھي
6:55
۽ اھڙيءَ طرح آيتون بيان ڪندا آھيون (تہ عمل ڪريو) ۽ (ھن لاءِ) تہ گنھگارن جو رستو (ماڻھن تي) پڌرو ٿئي
6:56
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ الله کانسواءِ جن کي سڏيو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي منع ڪئي وئي آھي، ۽ چئو تہ آءٌ اوھانجي سَڌن جي تابعداري نہ ڪندس (نہ تہ) بيشڪ اُنھي مھل گمراھ ٿيندس ۽ آءٌ ھدايت وارن مان نہ ھوندس
6:57
چئو تہ آءٌ پنھنجي پالڻھار جي پڌري حجت تي آھيان ۽ اوھان ان کي ڪوڙ ڀانيو آھي، جنھن شئي جي تڪڙ ڪندا آھيو سا مون وٽ نہ آھي، (اھڙو) حُڪم الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي اختيار ۾ نہ آھي، اُھو سچ کي بيان ڪندو آھي ۽ اُھو (سڀني) فيصلي ڪندڙن کان ڀَلو آھي
6:58
چئو تہ جنھن جي تڪڙ ڪندا آھيو سا جيڪڏھن مون وٽ ھجي ھا تہ منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ھا، ۽ الله ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي
6:59
۽ وٽس ڳُجھ جون ڪنجيون آھن ان (ڳجھ جي ڪنجين) کي الله کانسواءِ (ٻيو ڪو بہ) ڪو نہ ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي پَٽن ۽ دريائن ۾ آھي سو (بہ اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي پَن نہ ڪرندو آھي پر اُن کي اُھو ڄاڻندو آھي ۽ نڪي ڪو داڻو زمين جي اونداھين ۾ ۽ نڪي ڪا آلي ۽ نڪي ڪا سُڪي شئي پڌري ڪتاب ۾ (لکيل ھُجڻ) کانسواءِ آھي
6:60
۽ اُھو (الله) آھي جيڪو اوھان کي رات جو (ڄڻڪ) ماري ٿو ۽ جيڪي اوھين ڏينھن جو ڪمايو ٿا سو (بہ) ڄاڻندو آھي وري اوھان کي ان مان ھن لاءِ (جاڳائي) اٿاريندو آھي تہ مقرر ٿيل مدت پوري ڪرائي وڃي، وري اوھان (سڀني) جو ڏانھس موٽڻ آھي وري اوھين جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو
6:61
۽ اُھو پنھنجن ٻانھن تي غالب آھي ۽ اوھان تي پنھنجا نگھبان موڪليندو آھي، تان جو جڏھن اوھان منجھان ڪنھن ھڪ کي موت پھچي تڏھن اسان جا قاصد (ملائڪ) اُن کي ماريندا آھن ۽ اُھي ڪوتاھي نہ ڪندا آھن
6:62
وري (سڀ مئل) سندن سچي ڌڻيءَ الله ڏانھن موٽايا ويندا، خبردار ان جو حُڪم (غالب) آھي، ۽ اُھو جلد حساب وٺندڙ آھي
6:63
(اي پيغمبر!) چئو تہ اوھان کي پَٽن ۽ دريائن جي اونداھين کان ڪير ڇڏائيندو آھي (جڏھن) کيس زاريءَ سان ۽ ڳجھو سڏيندا آھيو؟ ( ۽ چوندا آھيو) تہ جيڪڏھن اسان کي ھن (ڏُک) کان الله ڇڏايو تہ شڪر ڪندڙن مان ضرور ٿينداسون
6:64
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ الله اوھان کي ان کان ۽ سڀ ڪنھن ڏک کان ڇڏائيندو آھي وري (بہ) اوھين (اُن سان) شرڪ ڪندا آھيو
6:65
(اي پيغمبر!) کين چئو تہ اُھو (الله) اوھان تي اوھان جي مٿان يا اوھان جي پيرن جي ھيٺان عذاب موڪلڻ لاءِ وسوارو آھي يا اوھان کي ٽولي ٽولي ڪري وِڇڙائي ۽ اوھان مان ڪن کي ڪن جي لڙائيءَ (جو مزو) چکائي، ڏس تہ اسين ڪھڙي طرح (طرحين طرحين) دليل بيان ٿا ڪريون تہ منَ اُھي سمجھن
6:66
۽ تنھنجي قوم اُن (قرآن) کي ڪوڙ ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو بلڪل سچ آھي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ آءٌ اوھان جو ذمي وار نہ آھيان
6:67
ھر ھڪ شئي لاءِ ھڪ وقت مقرر آھي ۽ سگھو ڄاڻندؤ
6:68
۽ جيڪي اسان جي آيتن بابت اجايو بحث ڪندا آھن تن کي جڏھن ڏسين تہ ايستائين کانئن مُنھن موڙ جيستائين اُن ڌاران ٻي ڪنھن ڳالھ ۾ بحث ڪن، ۽ جيڪڏھن شيطان تو کان وسارائي تہ ياد اچڻ کانپوءِ ظالم ٽوليءَ سان نہ ويھ
6:69
۽ جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن تن تي اُنھن (ظالمن) جي حساب جي ڪجھ بہ (ڇڪتاڻ) نہ آھي پر (اُنھن تي) نصيحت ڪرڻ لازم آھي منَ اُھي ڊڄن
6:70
۽ (اي پيغمبر!) جن پنھنجي دين کي راند ۽ تماشو بڻايو آھي ۽ کين دُنيا جي حياتيءَ ٺڳيو آھي تن کي ڇڏي ڏي ۽ قرآن سان نصيحت ڪر متان (قيامت جي ڏينھن) ڪوئي پنھنجي ڪئي جي سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي، الله کانسواءِ اُن جو نہ ڪو مددگار ۽ نہ ڪو سفارش ڪندڙ آھي، ۽ جيڪڏھن سڀ ڪا شئي عوض ڏيندو تہ کانئس نہ ورتو ويندو، اِھي اُھي آھن جو جيڪي ڪيائون تنھن سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي ويا، اُنھن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي مان پيڻ ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪندا ھئا
6:71
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ الله کانسواءِ اھڙي کي سڏيون ڇا جيڪو اسان کي نہ ڪي سُک ڏيندو آھي ۽ نہ ڪي ڏُک ڏيندو آھي؟ ۽ اُنھيءَ کان پوءِ جو الله اسان کي ھدايت ڪئي اُنھيءَ وانگر پنھنجين کڙين (ڀر پوءِ) تي موٽايا وڃون ڇا؟ جنھن کي شيطانن جھنگ ۾ ڀلائي ڇڏيو ھجي اھو حيران پيو ڦري، سندس ڪي دوست ھُجن جي ان کي سڌي رستي ڏانھن پيا سڏين تہ اسان ڏانھن اچ (۽ اُھو اچي ئي نہ) (اي پيغمبر! کين) چئو تہ يقيناً الله جي ڏسيل واٽ اھائي سڌي واٽ آھي، ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آھي تہ جھانن جي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪريون
6:72
۽ (ھيءُ بہ حڪم ڏنو ويو آھي) تہ نماز پڙھو ۽ کانئس ڊڄو، ۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڏانھن اُٿاريا ويندؤ
6:73
۽ اُھو ئي آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، ۽ جنھن ڏينھن (قيامت لاءِ) چوندو تہ ٿيءُ تہ ٿي پوندي. سندس ڳالھ سچي آھي، ۽ جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو (تنھن ڏينھن) رڳو اُن جي بادشاھي آھي، ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، ۽ اُھو حِڪمت وارو خبردار آھي
6:74
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ آزر کي چيو تہ بُتن کي خدا ڪري ڇو ٿو وٺين؟ آءٌ تو کي ۽ تنھنجي قوم کي بيشڪ پڌري گمراھيءَ ۾ ڏسان ٿو
6:75
۽ اھڙيءَ طرح ابراھيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ڏيکاري سون ٿي (ھن لاءِ) تہ (اُھو) يقين ڪندڙن مان ٿئي
6:76
پوءِ جنھن مھل رات مٿس اونداھي ڪئي (تنھن مھل آسمان ۾) ھڪ تارو ڏٺائين، چيائين ھيءُ منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل (اُھو) لٿو (تنھن مھل) چيائين تہ لھندڙن کي پيارو نہ ٿو رکان
6:77
پوءِ جنھن مھل چنڊ کي چمڪندڙ ڏٺائين (تنھن مھل) چيائين تہ ھيءُ منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (تنھن مھل) چيائين تہ جيڪڏھن منھنجو پالڻھار مون کي ھدايت نہ ڪندو تہ آءٌ ضرور گمراھ قوم مان ٿيندس
6:78
پوءِ جنھن مھل سج کي چمڪندڙ ڏٺائين (تنھن مھل) چيائين ھيءُ منھنجو پالڻھار آھي (جو) ھيءُ وڏو آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو تہ چيائين اي منھنجي قوم! جن کي (اوھين خُدا سان) شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان
6:79
مون (سڀني کان) ھڪ طرفو ٿي پنھنجي مھاڙ کي اُنھيءَ الله ڏانھن سامھون ڪيو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي ۽ آءٌ مشرڪن مان نہ آھيان
6:80
۽ سندس قوم ساڻس تڪرار ڪيو، چيائين تہ (اوھين) الله بابت مون سان ھن حالت ۾ ڇو ٿا تڪرار ڪيو جو بيشڪ مونکي سڌي رستي لاتو اٿس؟ ۽ جنھن کي ساڻس شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪين ڊڄندس پر منھنجي پالڻھار جو ڪجھ (ڪرڻ) گھريو (سو ٿيڻو آھي)، سڀ ڪا شئي منھنجي پالڻھار جي علم ۾ سمائي آھي، پوءِ اوھين ڇو نہ نصيحت مڃيندا آھيو؟
6:81
۽ جنھن کي (الله سان) شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪيئن ڊڄندس ۽ (اوھين) ھن کان نہ ٿا ڊڄو اوھين الله ساڻ اھو شريڪ ڪندا آھيو جنھن جي اوھان وٽ ڪا حجت لاٿل نہ آھي، جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو (تہ ٻڌايو تہ) ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي امن جي وڌيڪ حقدار آھي؟
6:82
جن ايمان آندو ۽ پنھنجي ايمان کي ڪفر سان نہ وچڙايو اُنھن لاءِ امن آھي ۽ اُھي ھدايت وارا آھن
6:83
۽ ھي اسان جو دليل آھي جو ابراھيم کي سندس قوم تي (مقابلي لاءِ) ڏنوسون، جنھن کي گھرندا آھيون تنھنکي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، بيشڪ تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي
6:84
۽ ابراھيم کي اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسون، سڀني کي ھدايت ڪئي سون، ۽ (اُن کان) اڳ نُوح کي ھدايت ڪئي سون ۽ سندس اولاد مان دائود کي ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يُوسف ۽ موسىٰ ۽ ھارُون کي (ھدايت ڪئي سون)، ۽ اھڙي طرح اسين ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون
6:85
۽ زڪريا ۽ يحيٰ ۽ عيسىٰ ۽ الياس کي بہ، جو ھر ھڪ ڀلارن مان ھو
6:86
۽ اسماعيل ۽ يسع ۽ يُونس ۽ لُوط کي بہ، ۽ سڀني کي جڳ (جي رھندڙن) تي فضيلت ڏني سون
6:87
۽ سندن پين ڏاڏن ۽ سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان بہ، ۽ کين سڳورو ڪيوسون ۽ کين سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي سون
6:88
اِھا الله جي ھدايت آھي پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھن کي اُن سان رستي لائي، ۽ جيڪڏھن (اِھي ماڻھو) شرڪ ڪن ھا تہ جيڪي ڪمايائون سو کانئن ضرور ناس ٿئي ھا
6:89
اِھي اُھي آھن جن کي ڪتاب ۽ حِڪمت ۽ پيغمبري ڏني سون، پوءِ جيڪڏھن ھي ماڻھو اُن (قرآن جي ڳالھين) کي نہ مڃين تہ بيشڪ اسان ھڪ قوم کي مقرر ڪيو آھي جو اُن (قرآن جي ڳالھين) جا انڪار ڪندڙ نہ ٿيندا
6:90
اِھي اُھي آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي پوءِ تون بہ سندن طريقي تي پيروي ڪر چئو تہ اوھان کان اُن (پيغام پُھچائڻ) تي ڪو اجورو نٿو گھُران، اِھو قرآن خاص جھان (وارن) لاءِ نصيحت آھي
6:91
۽ اُنھن (يھودين) الله جو سندس مان مطابق قدر (جيئن کيس جُڳائي تيئن) نہ ڪيو ھن ڪري جو چيائون تہ الله ڪنھن ماڻھوءَ تي ڪُجھ نہ لاٿو آھي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اُھو ڪتاب ڪنھن لاٿو جيڪو موسىٰ آندو ھو؟ جو ماڻھن لاءِ نُور ۽ ھدايت ھو جنھن کي اوھين جزءَ جزءَ ڪريو ٿا اُن جي (ڪنھن ڀاڱي) کي پڌرو ڪندا آھيو ۽ گھڻو لڪائيندا آھيو، ۽ جيڪي (ڳالھيون) نہ ڪي اوھين ۽ نہ ڪي اوھان جا پيءُ ڏاڏا ڄاڻندا ھئا سي اوھان کي سيکاريون ويون، چئو تہ الله (ڪتاب لاٿو آھي) وري انھن کي سندن اجائي بحث ۾ راند ڪندو ڇڏي ڏي
6:92
۽ ھيءُ ڪتاب برڪت وارو آھي، اُن کي جيڪي (ڪتاب) اُن کان اڳ آھن تن کي سچو ڪندڙ ڪري لاٿوسون ھن لاءِ تہ (تون) مڪي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين، ۽ جيڪي آخرت کي مڃيندا آھن سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن ۽ اُھي پنھنجي نمازن جي سنڀال ڪندا آھن
6:93
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا چوي تہ مون ڏانھن وحي ڪيو ويو آھي ۽ ڏانھنس ڪُجھ بہ وحي نہ ڪيو ويو ھجي يا چوي تہ جيئن الله (ڪتاب) نازل ڪيو آھي تيئن آءٌ (بہ ڪتاب) نازل ڪندس، ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن ڏسين (تہ جيڪر عجب لڳيئي) جڏھن ظالم موت جي سڪراتين ۾ ھوندا ۽ ملائڪ پنھنجن ھٿن کي ڊگھو ڪندا، ( ۽ چوندا) تہ پنھنجن ساھن کي ٻاھر ڪڍو، اڄ اوھان کي خواري واري عذاب جي سزا اِنھيءَ سببان ڏني ويندي جو اوھين الله تي ناحق (ڳالھيون) چوندا ھيؤ ۽ سندس آيتن کان وڏائي ڪندا ھيؤ
6:94
۽ بيشڪ اسان وٽ (ايئن) ھڪ ھڪ ٿي آيؤ جيئن اوھان کي پھرين ڀيري پيدا ڪيو ھوسون ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيو ھوسون سو اوھان پنھنجين پٺين پوئتان ڇڏي ڏنو، ۽ اوھان جا سفارش ڪندڙ اوھان سان نہ ٿا ڏسون جن کي اوھين پنھنجن (احتياجن پوري ڪرڻ) ۾ (الله سان) شريڪ ڀائيندا ھيؤ، بيشڪ اوھان جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڇنو ۽ جن کي اوھين ڀائيندا ھيؤ سي اوھان کان ڀُلجي ويا
6:95
پڪ الله ٻج ۽ ککڙيءَ کي ڦُٽائيندڙ آھي، مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مُئو ڪڍندڙ آھي، اِھو (ئي) الله آھي پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڀلايا ويندا آھيو
6:96
پرھ کي ڦٽائيندڙ آھي، ۽ رات کي آرام ۽ سج ۽ چنڊ کي (وقتن جي) حساب لاءِ (پيدا) ڪيائين، اِھو اندازو (الله) زبردست ڄاڻندڙ ٺاھيو آھي
6:97
۽ اُھو (الله) آھي جنھن تارن کي اوھان لاءِ ھن ڪري (پيدا) ڪيو تہ پَٽن ۽ دريائن جي اونداھين ۾ ساڻن واٽون لھو، بيشڪ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشانيون (کولي) بيان ڪيون سون
6:98
۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھِڪ جان مان پيدا ڪيو پوءِ (اوھان لاءِ) ٽڪڻ جو ھنڌ ۽ سانڀڻ جي جاءِ ڪيائين، بيشڪ سمجھندڙ ٽولي لاءِ نشانيون (کولي) بيان ڪيون سون
6:99
۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ھر شئي جا سلا ڄماياسون پوءِ اُن مان ساوڪ کي ڪڍيوسون پوءِ منجھانئس (سنگن ۾) گڏيل داڻا ڪڍون ٿا، ۽ کجين جي چپڙن مان گوشا لڙڪيل ۽ انگورن ۽ زيتونن ۽ ڏاڙھن جا باغ ھڪ ٻئي جھڙا ۽ ڌار ڌار قسم جا (پيدا ڪياسون)، جڏھن ڦرجن تہ سندن ڦر ۽ اُن جي پچڻ ڏانھن نھاريو! ڇو تہ اُن ۾ مڃيندڙ ٽولي لاءِ ضرور نشانيون آھن
6:100
۽ (ڪافرن) جنن کي الله سان شريڪ بڻايو آھي ھن ھوندي جو کين (الله) خلقيو آھي ۽ اُن لاءِ بي علميءَ سان پُٽ ۽ ڌيئرون ٺاھيون اٿن، اُھو پاڪ آھي ۽ جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي
6:101
آسمانن ۽ زمين جو (بي مثال) بڻائيندڙ آھي، کيس اولاد ڪيئن ٿيندو؟ ۽ ھوڏانھن کيس زال ئي نہ آھي، ۽ سڀ ڪا شئي (پاڻ) خلقيائين، ۽ اُھو سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
6:102
اھو اوھان جو پالڻھار آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، سڀ ڪنھن شئي کي پيدا ڪندڙ آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، ۽ اُھو سڀڪنھن شئي کي سنڀاليندڙ آھي
6:103
(دنيا ۾) اکيون کيس ڏسي نہ سگھنديون ۽ اُھو اکين کي ڏسندو آھي، ۽ اُھو باريڪ بين خبر رکندڙ آھي
6:104
بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نشان آيا آھن، پوءِ جنھن ڏٺو (يعني سمجھيو) تنھن پاڻ لاءِ (نفعو ڪمايو) ۽ جيڪو انڌو ٿيو تنھن تي (اُن جو نقصان) آھي، ۽ (اي پيغمبر! چئو تہ) آءٌ اوھان تي نگھبان نہ آھيان
6:105
۽ اھڙي طرح طرحين طرحين دليل بيان ڪريون ٿا ۽ ھن لاءِ متان (ڪافر) چون تہ تون پڙھيو آھين ۽ ھن لاءِ تہ ھن (دين) کي اُنھيءَ قوم لاءِ پڌرو ڪريون جي ڄاڻن ٿا
6:106
(اي پيغمبر!) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن وحي ڪيو ويو آھي تنھن جي تابعداري ڪر، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ
6:107
۽ جيڪڏھن الله گُھري ھا تہ شرڪ نہ ڪن ھا، ۽ تو کي مٿن نگھبان نہ ڪيو اٿئون، ۽ نہ ڪي تون مٿن ڪو نظر ڪندڙ آھين
6:108
(اي مسلمانؤ!) جن کي (مُشرڪ) الله کانسواءِ سڏيندا آھن تن کي گاريون نہ ڏيو (جو) متان (اُھي) بي سمجھائي جي ڪري دشمنيءَ کان الله کي ڳالھائين، اھڙي طرح ھر امت لاءِ سندن عمل سينگارياسون، وري سندن پالڻھار ڏانھن سندن موٽڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو!
6:109
۽ ڪافر پنھنجي سخت سُنھن سان الله جو قسم کڻندا آھن تہ وٽن جيڪڏھن ڪو معجزو اچي تہ اُن کي ضرور مڃيندا، چئو تہ مُعجزا تہ (خاص) الله وٽ آھن (اي مسلمانؤ!) اوھان کي ڪنھن سمجھايو آھي تہ اُھي (مڃيندا؟ بلڪہ) جڏھن آيا تہ (بہ) نہ مڃيندا؟
6:110
۽ سندن دلين کي ۽ سندن اکين کي ڦيرائينداسون جيئن اُن کي پھرين ڀيري نہ مڃيائون ۽ کين سندين گُمراھيءَ ۾ حيران ٿيل ڇڏينداسون
6:111
۽ جيڪڏھن انھن تي اسين ملائڪ لاھيون ھا ۽ ساڻن مُئل (بہ) ڳالھائين ھا ۽ ھر شئي سندن آمھون سامھون ڪري گڏ (بہ) ڪريون ھا تہ بہ الله جي گھُر کانسواءِ ڪڏھن نہ ايمان آڻين ھا پر اُنھن مان گھڻا بي سمجھائي ڪن ٿا
6:112
۽ اھڙي طرح ھر ڪنھن پيغمبر لاءِ ماڻھن ۽ جنن مان شيطان ويري بڻاياسون (تہ پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي وسوسو وجھي ڳالھ جي سھڻي بناوٽ سان ٺڳين، ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھُري ھا تہ اھو ڪم نہ ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاھ ٺاھيندا تنھن کي ڇڏي ڏي
6:113
۽ (ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن) تہ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن جون دليون ڏانھس لڙن ۽ اُن کي پسند ڪن ۽ (ھن لاءِ) تہ اُھي جيڪي ڪم ڪندڙ آھن سي ڪندا رھن
6:114
(اي پيغمبر! چئو تہ) الله ڌاران ٻيو فيصلو ڪندڙ ھن ھوندي ڇو گُھران؟ جو اُنھيءَ اوھان ڏانھن کولي بيان ڪندڙ ڪتاب لاٿو آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي (چڱيءَ طرح) ڄاڻندا آھن تہ اُھو تنھنجي پالڻھار کان جائي لاٿل آھي تنھنڪري تون شڪ ڪندڙن مان مور نہ ٿج
6:115
۽ تنھنجي پالڻھار جو سخن سچائي ۽ انصاف ۾ پورو آھي، سندس سخنن کي ڪو مٽائيندڙ نہ آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
6:116
۽ جيڪڏھن زمين وارن (ماڻھن) مان گھڻن (يعني ڪافرن) جو چيو مڃيندين تہ تو کي الله جي واٽ کان ڀُلائيندا، (اُھي) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن
6:117
بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھن کي (بہ) چڱو ڄاڻندڙ آھي جيڪي سندس واٽ کان ڀُلا، ۽ اُھو ھدايت وارن کي (بہ) چڱو ڄاڻندڙ آھي
6:118
پوءِ جيڪڏھن اوھين سندس آيتن کي مڃيندا آھيو تہ جنھن تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان کائو
6:119
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جنھن (شئي) تي الله جو نالو ياد ڪجي ٿو تنھن مان نہ کائيندا آھيو ھن ھوندي جو جيڪي (شيون الله) اوھان تي حرام ڪيون آھن سي اوھان لاءِ بيشڪ بيان ڪيون اٿس؟ پر جنھن (حرام شئي مان کائڻ) لاءِ اوھين مجبور ٿيو (سو روا آھي) ۽ گھڻا اڻ ڄاڻائيءَ سان پنھنجن سَڌن سببان ضرور ڀُلائين ٿا، بيشڪ تنھنجو پالڻھار حد کان لنگھندڙن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي
6:120
۽ ظاھري گناھ ۽ باطني گناھ (سڀ طرح) ڇڏي ڏيو، جيڪي گناھ ڪندا آھن سي جيڪي ڪن ٿا تنھن سببان سگھو سزا ڏبين
6:121
۽ جنھن (شئي) تي الله جو نالو ياد نہ ڪجي تنھن مان نہ کائو جو اُھو (کائڻ) ضرور گُناھ آھي، ۽ شيطان پنھنجن يارن کي ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن تہ اوھان سان جھيڙو ڪن، ۽ جيڪڏھن سندن چيو مڃيندؤ تہ اوھين (بہ) ضرور مشرڪ ٿيندؤ
6:122
جيڪو مئل ھو تنھن کي جياريوسون ۽ اُن لاءِ سوجھرو ڪيوسون جنھن سان ماڻھن ۾ گھُمي ٿو اُھو اُن جي مثال جھڙو آھي ڇا جيڪو اونداھين ۾ آھي منجھانئس نڪرڻ وارو نہ آھي؟ اھڙيءَ طرح ڪافر جيڪي ڪندا آھن سو اُنھن لاءِ سينگاريو ويو آھي
6:123
۽ اھڙي طرح ھر ڳوٺ ۾ اُنھي (ڳوٺ) جا وڏيرا ھن لاءِ بدڪار ڪياسون تہ اُن (ڳوٺ) ۾ فساد وجھندا رھن، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنھن لاءِ فساد نہ ڪندا آھن ۽ نہ ڄاڻندا آھن
6:124
۽ جڏھن وٽن ڪا آيت ايندي آھي (تہ) چوندا آھن تہ جھڙي (پيغمبري) الله جي پيغمبرن کي ڏني وئي آھي تھڙي جيستائين اسان کي (نہ) ڏني ويندي تيسين ڪڏھن نہ مڃينداسون، الله جنھن ھنڌ پنھنجي پيغمبريءَ کي موڪلي (سو ھنڌ) چڱو ڄاڻندڙ آھي، جن ڏوھ ڪيو تن کي الله وٽان خواري ۽ سخت عذاب انھي ڪري سگھو پھچندو جو شرارتون ڪندا آھن
6:125
پوءِ الله جنھن کي ھدايت ڪرڻ گھرندو آھي تنھن جو سينو اسلام لاءِ ڪشادو ڪندو آھي، ۽ جنھن کي ڀُلائڻ گھرندو آھي تنھن جي سيني کي اھڙو سخت سوڙھو ڪندو آھي جو ڄڻڪ آسمان تي چڙھي ٿو، جيڪي نہ مڃيندا آھن تن تي الله اھڙي پليتي رکندو آھي
6:126
۽ تنھنجي پالڻھار جي اِھا سِڌي واٽ آھي، بيشڪ اسان نشانيون انھيءَ قوم لاءِ کولي بيان ڪيون آھن جي نصيحت مڃيندا آھن
6:127
اُنھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھي ۽ اُھو سندن سنڀاليندڙ آھي (ھي سڀ) انھيءَ ڪري (آھي) جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئا
6:128
۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو (چوندو) تہ اي جنن جون ٽوليون! بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجا (تابع) ڪيا ھيوَ، ۽ ماڻھن مان سندن سنگتي چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان منجھان ھڪڙن ٻـين کان فائدو ورتو ۽ اُنھيءَ پنھنجي مقرر مدت کي پُھتاسون جيڪا تو اسان لاءِ مقرر ڪئي ھئي، (الله) چوندو تہ اوھان جو رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي جيسين الله گھريو تيسين منجھس سدائين رھندڙ ھجو، بيشڪ تنھنجو رب حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي
6:129
۽ اھڙيءَ طرح ظالمن مان ڪن کي ڪن تي جيڪي ڪندا آھن تنھن (جي شامت) سببان غالب ڪندا آھيون
6:130
۽ اي جنن ۽ ماڻھن جون ٽوليون! اوھان مان اوھان وٽ پيغمبر نہ آيا ھئا ڇا؟ جو منھنجون آيتون اوھان تي پڙھيائون ٿي ۽ ھن ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان اوھان کي ڊيڄاريائون ٿي، چوندا تہ پاڻ تي شاھدي ڏنيسون ۽ کين دنيائي حياتيءَ ٺڳيو ھو ۽ (ھاڻي) پاڻ تي شاھدي ڏنائون تہ پاڻ ڪافر ھئا
6:131
اھو (پيغمبر جو موڪلڻ) ھن سببان آھي تہ تنھنجو پالڻھار ڪنھن ڳوٺ کي ھن حالت ۾ ظُلم سان ڪڏھن ناس ڪرڻ وارو نہ آھي جو سندس رھاڪو بيخبر ھجن
6:132
۽ ھر ڪنھن جيڪي عمل ڪيا تنھن مان اُنھن لاءِ درجا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نہ آھي
6:133
۽ تنھنجو پالڻھار بي پرواھ ٻاجھ وارو آھي، جيڪڏھن گھري تہ اوھان کي ناس ڪري ۽ اوھان کان پوءِ جنھن لاءِ گھري تنھن کي (اُن ھنڌ) پيڙھيءَ تي وھاري جيئن اوھان کي ٻي قوم جي نسل مان پيدا ڪيائين
6:134
بيشڪ جيڪو انجام اوھان سان ڪجي ٿو سو ضرور اچڻو آھي اوھين ٿڪائڻ وارا نہ آھيو
6:135
(اي پيغمبر!) چئو تہ اي منھنجي قوم! اوھين پنھنجي ھنڌ عمل ڪريو آءٌ (بہ) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ تہ آخرت ۾ ڪنھن جي چڱي عاقبت ھوندي، سچ آھي تہ ظالم نہ ڇٽندا
6:136
۽ جيڪي پوک ۽ ڍورن مان الله پيدا ڪيو آھي تنھن مان ڪجھ حصو (ڪافر) الله جو مقرر ڪندا آھن ۽ پنھنجي گمان سان چوندا آھن تہ ھيءُ (حصو) الله جو آھي ۽ ھيءُ اسان جي بتن جو آھي، وري جيڪو (حصو) سندن بتن جو ھوندو آھي سو الله (واري حصي) سان ملي نہ سگھندو آھي، ۽ جيڪو (حصو) الله جو ھوندو آھي سو سندن بتن (واري حصي) سان ملي سگھندو آھي، جيڪو فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي
6:137
۽ اھڙي طرح گھڻن مشرڪن لاءِ سندن شريڪن (جن کي خدا ڪري مڃيندا آھن) سندن اولاد جو مارڻ سينگاريو آھي تہ (جيئن) کين ھلاڪ ڪن ۽ سندن دين مٿن رَلائي مِلائي ڇڏين، ۽ جي الله گھُري ھا تہ اُھو نہ ڪن ھا! تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن تنھن کي ڇڏي ڏي
6:138
۽ (پنھنجي خيال سان ھيءُ بہ) چوندا آھن تہ ھي ڍور ۽ پوک حرام آھن جنھن لاءِ گھرون تنھن کانسواءِ اُن کي ڪوئي نہ کائي ۽ (چوندا آھن تہ) ھڪڙن ڍورن جي پُٺي (سواريءَ لاءِ) حرام ڪئي ويئي آھي ۽ (ٻـين) ڍورن تي (ذبح وقت) الله جو نالو ياد نہ ڪندا آھن (اِھي ڳالھيون) الله تي ڪوڙي ٺاھ ٺاھڻ سان (ڪندا آھن) جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن تنھنجي کين سگھو سزا ڏيندو
6:139
۽ چوندا آھن تہ جيڪي ھِنن ڍورن جي پيٽن ۾ آھي سو خاص اسان جي مردن لاءِ آھي ۽ اسان جي زالن تي حرام ڪيل آھي، ۽ جيڪڏھن مُئل ھوندو تہ اُھي (سڀ) اُن ۾ ڀائيوار آھن، سندن تقرير جي کين سگھي سزا ڏيندو، ڇو تہ الله حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي
6:140
جن پنھنجي اولاد کي بنا علم جي بيوقوفي ڪري ڪُٺو ۽ جيڪي الله سندن رزق ڏنو سو الله تي ڪوڙي ٺاھ ٺاھڻ سان حرام ڪيائون سي بيشڪ نقصان وارا ٿيا، (اُھي) بيشڪ ڀُلا ۽ ھدايت وارا نہ آھن
6:141
۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڇپرن وارا ۽ بنا ڇپرن وارا باغ ۽ کجيون ۽ پوکون جن جا ڦر قسم قسم ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ جھڙا ۽ جُدا جُدا قسم جا پيدا ڪيا، جڏھن ڦرن تڏھن سندن ڦر مان کائو ۽ سندن لاباري وقت الله جو حق (سندن زڪوٰة) ڏيو، ۽ اجايو نہ وڃايو، ڇو تہ الله وڃائيندڙن کي دوست نہ رکندو آھي
6:142
۽ ڍورن مان (وڏا وڏا) بار کڻڻ وارا ۽ زمين سان لڳل (ننڍا جانور پيدا ڪيائين)، الله جيڪا اوھان جي روزي ڪئي آھي تنھن مان کائو ۽ شيطان جي وکن تي نہ ھلو، ڇو تہ اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي
6:143
(ڍور) اَٺ قسم آھن، رڍن مان ٻہ ۽ ٻڪرين مان ٻہ (نر ۽ ماديون) آھن، (اي پيغمبر! کانئن) پُڇ تہ (الله) ٻنھي نرن کي حرام ڪيو آھي يا مادين کي يا جنھن کي ٻنھي قسمن جي مادين جي ڳھڻين لپيٽيو آھي؟ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ مون کي دليل سان خبر ڏيو
6:144
۽ اُٺن مان ٻہ قسم ۽ ڳئن مان ٻہ قسم (اي پيغمبر! کانئن) پُڇ تہ نرن کي الله حرام ڪيو آھي يا مادين کي يا جنھن کي ٻنھي قسمن جي مادين جي ڳھڻين لپيٽيو آھي؟ يا جنھن مھل الله اوھان کي اھا وصيت ڪئي تنھن مھل (اُوھين) حاضر ھيؤ؟ پوءِ جيڪو الله ڪوڙو ٺاھ ھن لاءِ ٺاھي تہ ڄاڻپ کانسواءِ ماڻھن کي ڀُلائي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ ڇو تہ الله ظالم قوم کي سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
6:145
(اي پيغمبر!) چئو تہ جيڪي حُڪم مُون ڏانھن نازل ٿيا آھن تن ۾ ڪا شئي جنھن کي کائيندڙ کائي حرام نہ ٿو لھان ھن کانسواءِ تہ (اُھو) مُئل ھجي يا وھندڙ رتُ يا سُوئر جو ماس جو اِھي (سڀ) حرام آھن يا گناھ طرح جنھن (شئي) تي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جو نالو سڏيو وڃي، پوءِ جيڪو لاچاري حالت ۾ نڪي بي فرمان ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿئي ( ۽ منجھانئس ڪجھ) تہ بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشڻھار مھربان آھي
6:146
۽ يھودين تي سڀئي نَھن وارا جانور حرام ڪيا ھواسون، ۽ (پڻ) ڳئن ۽ ٻڪرين مان انھن جي پٺيءَ واري لڳل وَھ يا آنڊي واري يا ھڏن سان گڏيل وھ کانسواءِ (ٻي سڀ وھ) مٿن حرام ڪئي ھئي سون، اِھا سندن بي فرمانيءَ سببان کين سزا ڏني سون، ۽ اسين تہ ضرور سچ چوڻ وارا آھيون
6:147
پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن تو کي ڪوڙو ڀانئين تہ چئو تہ اوھان جو پالڻھار گھڻي رحمت وارو آھي، ۽ ڏوھارڻ قوم کان سندس عذاب نہ ٽاربو
6:148
مشرڪ سگھو چوندا تہ جي الله گھري ھا تہ نڪي اسين شرڪ ڪريون ھا ۽ نڪي اسان جا اَبا ڏاڏا (شرڪ ڪن ھا) ۽ نڪي اسين (پاڻ تي) ڪا شئي حرام ڪريون ھا، اھڙيءَ طرح کانئن جيڪي اڳ ھوا تن بہ ڪوڙ ڀانيو تان جو اسان جي سزا (جو مزو) چکيائون، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوھان وٽ ڪو دليل آھي تہ اُھو اسان لاءِ ڪڍي آڻيو، (اوھين) رڳو گمان تي ھلندا آھيو ۽ اوھين رڳو اٽڪل ھڻندا آھيو
6:149
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ الله جي حجت مضبوط آھي، جيڪڏھن گھري ھا تہ ضرور اوھان مڙني کي سڌو رستو ڏيکاري ھا
6:150
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ پنھنجن شاھدن کي سڏيو جيڪي شاھدي ڏين تہ الله اِنھن (مٿين شين) کي حرام ڪيو آھي پوءِ جيڪڏھن (اُھي اچي) شاھدي ڏين تہ (تون) اُنھن سان شاھدي نہ ڏي، ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو ۽ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن جي چوڻ تي نہ ھل ۽ اُھي پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪن ٿا
6:151
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوھان جي پالڻھار اوھان تي جيڪي حرام ڪيو آھي سو اچو تہ آءٌ پڙھي ٻُڌايان (اُھو ھيء آھي تہ) اوھين ڪنھن شئي کي ساڻس شريڪ نہ ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪريو، ۽ اوھين پنھنجي اولاد کي سڃائي سببان نہ ڪُھو، اسين اوھانکي (بہ) ۽ خاص انھن کي (بہ) روزي ڏيندا آھيون، ۽ بي حيائي جي ڪمن مان جيڪي پڌرو ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي تنھن (سڀ) کي (اوھين) ويجھا نہ وڃو، ۽ نڪي (اھڙي) ماڻھوءَ کي ماريو جنھنجو مارڻ حق (شرعي قانون) کانسواءِ الله حرام ڪيو آھي، اِھو (حُڪم) آھي جنھن سان اوھان کي (الله) وصيت فرمائي آھي منَ اوھين سمجھو
6:152
۽ جيڪو (طريقو) بھتر ھجي تنھن کانسواءِ (ٻئي طريقي سان) يتيم جي مال کي ويجھا نہ وڃو جيسين اُھو پنھنجي جوانيءَ کي پھچي، ۽ ماپ ۽ تور انصاف سان پُوري ڏيو وٺو، اسين ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان سواءِ (وڌيڪ) تڪليف نہ ٿا ڏيون، ۽ جڏھن اوھين (پاڻ ۾) ڳالھايو تڏھن انصاف سان ھلو جيتوڻيڪ مائٽيءَ وارو ھجي، ۽ الله جو انجام پاڙيو، انھيءَ (حُڪم جي) اوھان کي وصيت ڪئي اٿس تہ منَ اوھين نصيحت وٺو
6:153
۽ ھيءَ تہ اِھا مُنھنجي سِڌي واٽ آھي تنھنڪري اُن تي ھلو، ۽ ٻـين واٽن تي نہ ھلو جو اُھي واٽون اوھان کي سندس واٽ کان جدا ڪنديون، انھيءَ (حڪم جي) اوھان کي وصيت فرمائي اٿس منَ اوھين پرھيزگاري ڪريو
6:154
وري موسىٰ کي ڪتاب اُنھيءَ ماڻھو تي پنھنجي نعمت جي پوري ڪرڻ لاءِ جو ڀلارو ھجي ۽ سڀڪنھن شئي جي تفصيل لاءِ ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ لاءِ ڏنوسون تہ منَ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملاقات کي مڃين
6:155
ھيءُ برڪت وارو ڪتاب (يعني قرآن) لاٿوسون تنھنڪري ان جي تابعداري ڪريو ۽ ڊڄو تہ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي
6:156
(ھن لاءِ لاٿوسون تہ اي ڪافرؤ!) متان چوڻ لڳو تہ اسان کان اڳ وارين ٻن ٽولين کانسواءِ ٻئي (ڪنھن) تي ڪتاب نہ لاٿو ويو آھي، ۽ اسين سندس پڙھي پڙھائي کان بيخبر ھئاسون
6:157
يا چئو تہ جيڪڏھن اسان تي ڪو ڪتاب نازل ٿئي ھا تہ (اسين) ضرور اُنھن کان وڌيڪ ھدايت وارا ٿيون ھا، پوءِ بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان (روشن) دليل ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ اوھان وٽ آئي آھي، پوءِ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله جي آيتن کي ڪُوڙ چوي ۽ کانئن مُنھن موڙي؟ جيڪي اسان جي آيتن کان مُنھن موڙيندا تن کي انھيءَ سببان بُڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون جو مُنھن موڙيندا ھئا
6:158
ھن کانسواءِ انتظار نہ ڪندا آھن تہ وٽن ملائڪ اچن يا تنھنجو پالڻھار اچي يا تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اچن، جنھن ڏينھن تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اينديون (تنھن ڏينھن) اھڙي ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس ايمان آڻڻ فائدو نہ ڏيندو جنھن اڳ ايمان نہ آندو ھوندو يا پنھنجي ايمان ۾ چڱائي نہ ڪئي ھوندي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ (اوھين بہ) انتظار ڪريو اسين بہ انتظار ڪندڙ آھيون
6:159
جن پنھنجي دين کي ڌاروڌار ڪري ڇڏيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا تن سان تُنھنجو ڪو واسطو نہ آھي، سندن ڪم الله جي ئي حوالي آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو
6:160
جيڪو ڪا چڱائي (الله جي حضور ۾) آڻيندو تنھن لاءِ اُن جھڙيون ڏھوڻيون آھن، ۽ جيڪو بڇڙائي آڻيندو تنھن کي اُن جھڙي کانسواءِ (ٻي) سزا نہ ڏبي ۽ اُنھن تي ظلم نہ ڪبو
6:161
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ منھنجي پالڻھار مون کي سڌيءَ واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي آھي، جو مُحڪم دين ابراھيم حنيف (خُدا ڏانھن ھڪ طرفي) جو طريقو آھي، ۽ (ابراھيم) مُشرڪن مان نہ ھو
6:162
(اي پيغمبر! کين ھيء بہ) چئو تہ مُنھنجي نماز ۽ منھنجون مڙئي عبادتون ۽ منھنجو جيئڻ ۽ منھنجو مرڻ (سڀ) جھانن جي پالڻھار الله لاءِ آھي
6:163
ان جو ڪو شريڪ نہ آھي، ۽ مون کي ان لاءِ حُڪم ٿيل آھي ۽ آءٌ پھريون مسلمان آھيان
6:164
(اي پيغمبر!) چئو تہ الله کانسواءِ ٻيو پالڻھار ڇو گھران؟ حالانڪہ اُھو ھر شئي جو پالڻھار آھي، ۽ سڀڪو ماڻھو جيڪي ڪندو سو (بار) رڳو مٿس ھوندو، ۽ ڪو کڻندڙ ٻئي جو بار نہ کڻندو، وري اوھان کي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ جو ھنڌ آھي پوءِ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو
6:165
۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي زمين جو بادشاھ ڪيو آھي ۽ اوھان مان ڪن جا درجا ڪن کان ھن لاءِ بلند ڪيائين تہ جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس تنھن ۾ اوھان کي پرکي، ڇو تہ تنھنجو پالڻھار جلد سزا ڏيندڙ (بہ) آھي، ۽ بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان (بہ) آھي