al-Ma`idah (المَائِدَة)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 5 • 120 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
5:1 اي ايمان وارؤ! (پنھنجن) انجامن کي پاڙيو، جيڪي اوھان تي پڙھبو تنھن کانسواءِ (ٻيا) چوپايا ڍور اوھان لاءِ حلال ڪيا ويا آھن پر اوھين احرام وارا ٿي شڪار کي حلال سمجھندڙ نہ ٿيو، ڇو تہ الله جيڪي گھرندو آھي سو حُڪم ڪندو آھي
5:2 اي ايمان وارؤ! (اوھين) نڪي الله جي عبادت جي نشانين جي بي تعظيمي ڪريو ۽ نڪي تعظيم واري مھيني جي ۽ نڪي (ڪعبي ڏانھن موڪليل) قربانيءَ (جي جانور) جي ۽ نڪي قلائد (الله لاءِ نذر ڪيلن جانورن جي ڳچين ۾ ٻڌلن پٽن) جي ۽ نڪي اُنھن ماڻھن جي (بي تعظيمي ڪريو) جيڪي پنھنجي پالڻھار جو فضل ۽ رضامندي گھرندڙ ٿي تعظيم واري گھر (بيت الله) ڏانھن پيا وڃن، ۽ جڏھن اوھين احرام کوليو تڏھن (ڀَلي) شڪار ڪريو، ۽ اوھان کي انھن ماڻھن جي دشمني جن اوھان کي تعظيم واري مسجد (حرام) کان جھليو ھن ڳالھ جو سبب نہ ٿئي جو (اوھين) حد کان لنگھو، ۽ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ تي ھڪٻئي سان تعاون ڪريو، ۽ گناھ ۽ زيادتي تي ھڪ ٻئي سان تعاون نہ ڪريو، ۽ الله کان ڊڄو ڇو تہ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي
5:3 اوھان تي حرام ڪجي ٿو مُئل جانور ۽ (سير جو) رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شئي کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وَڃي (يعني الله کان سواءِ ٻئي جي نالي مڃتا ڪيل ھجي) ۽ گھُٽو ڏيئي ماريل ۽ ڌڪ سان مُئل ۽ ڪِرڻ سان مُئل ۽ ڍور جي اُکل سان مُئل (حرام ڪجي ٿو) ۽ جيڪو (جانور ڪنھن) ڦاڙيندڙ کاڌو (سو بہ) پر جنھن کي (مرڻ کان اڳ) ذبح ڪيوَ (سو حرام نہ آھي) ۽ جو (جانور) آستانن تي ذبح ڪجي (سو حرام ڪجي ٿو) ۽ اوھانجو تيرن سان وراھڻ (بہ)، اِھي (مڙئي) گناھ جا ڪم آھن، اڄ ڪافر اوھان جي دين کان نااُميد ٿيا تنھنڪري کانئن نہ ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو، اڄ اوھان جو دين اوھان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم پوءِ جيڪو گناھ ڏانھن نہ لاڙو ڪندڙ ٿي بک ۾ لاچار ٿئي ( ۽ مٿين حرام شين مان ڪجھ کائي تہ روا آھي)، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
5:4 (اي پيغمبر!) تو کان پڇن تہ اُنھن لاءِ ڪھڙيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، چئو تہ اوھان لاءِ (سڀ) سُٺيون (شيون) حلال ڪيون ويون آھن ۽ (اُھو شڪار بہ حلال آھي) جيڪي شڪاري جانورن کي شڪار سيکاريندڙ ٿي (اوھان) سيکاريو آھي (يعني) جيڪي الله (شڪار ڪرڻ جو دستور) اوھان کي سيکاريو تنھن مان انھن کي سيکاريو ھجي تہ جيڪو (شڪار اُھي) اوھان لاءِ جھلين تنھن مان کائو ۽ اُن (جانور کي بڇڻ مھل) تي الله جو نالو (يعني بسم الله الله اڪبر) چئو ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله ستت حساب وٺندڙ آھي
5:5 اڄ اوھان لاءِ سُٺيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، ۽ ڪتاب وارن جو طعام (بہ) اوھان لاءِ حلال آھي، ۽ اوھان جو طعام اُنھن لاءِ حلال آھي، ۽ (پڻ) پاڪ دامنيون مؤمنياڻيون ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن مان پاڪ دامنيون جڏھن پرڻو ڪندڙ، نہ زنا ڪندڙ ۽ نہ ڳجھي آشنائي رکندڙ، ٿي کين سندن ڪابين ڏيو (تہ حلال ڪيون ويون)، ۽ جيڪو ايمان (يعني اُنھن حُڪمن مڃڻ) جو انڪار ڪندو تنھن جو ڪيو ڪمايو بيشڪ ناس ٿي ويو، ۽ اُھو آخرت ۾ خساري وارن مان آھي
5:6 اي ايمان وارؤ! جڏھن اوھين نماز لاءِ اُٿو تڏھن پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنھنجن مٿن کي مسح ڪريو ۽ پنھنجن پيرن کي ڀيڏين تائين (ڌوئو) ۽ جيڪڏھن اوھين جُنُبي (يعني مٿي ميرا) ھجو تہ پاڪ ٿيو (يعني تڙ ڪريو)، ۽ جيڪڏھن بيمار ھجو يا مسافريءَ تي (ھجو) يا اوھان مان ڪوئي پائخانہ مان اچي يا اوھين زالن کي ويجھا ويا ھجو پوءِ اوھين پاڻي نہ لھو تہ پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي منجھانئس مَسح ڪريو، ۽ الله اوھان تي ڪا تنگي نہ گھرندو آھي پر گھُرندو آھي تہ اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪري منَ اوھين شڪرانو ڪريو
5:7 ۽ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو ۽ سندس اُھو انجام جيڪو اوھان سان پڪيءَ طرح ڪيائين تنھن کي (بہ ياد ڪريو) جڏھن اوھان چيو تہ ٻڌوسون ۽ مڃيوسون (تڏھن وري نہ ڦرو)، ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي
5:8 اي ايمان وارؤ! الله لڳ بيھڪ وٺندڙ ٿي انصاف سان شاھدي ڏيندڙ ٿيو، ۽ ڪنھن قوم جي دشمني اوھان کي اوھان جي بي انصافي ڪرڻ تي نہ ڇڪي، انصاف ڪريو، اُھو پرھيزگاري کي ڏاڍو ويجھو آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي
5:9 جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان الله وعدو ڪيو آھي تہ اُنھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي
5:10 ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن
5:11 اي ايمان وارؤ! الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو جڏھن ھڪ قوم پنھنجن ھٿن کي اوھان ڏانھن (ويڙھ لاءِ) ڊگھي ڪرڻ جو ارادو ڪيو تڏھن سندن ھَٿَ اوھان کان جھليائين، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ مؤمن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ جڳائي
5:12 ۽ الله بني اسرائيلن کان بيشڪ انجام ورتو، ۽ منجھن ٻارھن سردار مقرر ڪياسون، ۽ الله چيو تہ بيشڪ آءٌ اوھان ساڻ آھيان، جيڪڏھن نماز پڙھيوَ ۽ زڪوٰة ڏنوَ ۽ منھنجن پيغمبرن کي مڃيوَ ۽ کين مدد ڪيوَ ۽ الله کي چڱو قرض ڏنوَ تہ اوھان جون مدايون اوھان کان ضرور ميٽيندس ۽ اوھان کي اھڙن باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن، سو وري ھن کان پوءِ اوھان مان جيڪو ڪافر ٿيندو سو سڌيءَ واٽ کان ڀُلو
5:13 پوءِ سندن انجام ڀڃڻ سببان مٿن لعنت ڪئي سون ۽ سندين دلين کي سخت ڪيوسون، (اُھي توريت ۾ ڪن) لفظن کي پنھنجين جاين کان بدلائين ٿا ۽ جيڪا نصيحت ڪئي وئي ھين تنھن مان ڪجھ حصو وساريائون، ۽ منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ اُنھن (سڀني) جي (ھڪ نہ ٻيءَ) خيانت تي ھميشہ واقف ٿيندو رھندين تنھنڪري کين معاف ڪر ۽ مُڙي وڃ، ڇو تہ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي
5:14 ۽ جيڪي چون ٿا تہ اسين نصارىٰ آھيون تن کان (بہ) سندن انجام ورتوسون پوءِ جيڪا نصيحت ڪئي ويئي ھين تنھن مان (ڪجھ) ڀاڱو وساريائون، اِنھيءَ ڪري سندن وچ ۾ دشمني ۽ ساڙ قيامت جي ڏينھن تائين وڌي سون ۽، جيڪي ڪندا آھن تنھن جي الله کين سگھو سُڌ ڏيندو
5:15 اي ڪتاب وارؤ! بيشڪ اسان جو پيغمبر (محمد ﷺ) اوھان وٽ آيو اوھين (الله جي) ڪتاب مان جيڪي لڪائيندا ھيؤ تن مان گھڻيون (ڳالھيون) اوھان کي بيان ڪري ٿو ۽ گھڻين (ڳالھين) کان ٽارو ڪري ٿو، بيشڪ اوھان وٽ الله وٽان نُور ۽ پڌرو ڪتاب (قرآن) آيو آھي
5:16 اُنھيءَ جي سببان الله اُنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي جيڪي سلامتي جي واٽن ڏانھن سندس راضپو ڳولين ۽ کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن پنھنجي حڪم سان ٻاھر ڪڍي ٿو ۽ کين سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو
5:17 جن چيو تہ پڪ الله پاڻ مسيح پٽ مريم جو آھي سي بيشڪ ڪافر ٿيا، (اي پيغمبر!) چئو تہ جيڪڏھن الله عيسىٰ پُٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي سڀئي زمين ۾ آھن تن کي ناس ڪرڻ گھري تہ ڪير الله کان انھن کي بچائي سگھندو؟ ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھن جي بادشاھي الله جي آھي، جيڪي گھري ٿو سو پيدا ڪري ٿو، ۽ الله سڀ ڪنھن شئي تي وس وارو آھي
5:18 يھودي ۽ نصارىٰ چوندا آھن تہ اسين الله جا پُٽ ۽ سندس پيارا آھيون، (اي پيغمبر کين) چئو تہ پوءِ توھانجي گناھن سببان ڇو عذاب ڪندا اٿوَ؟ بلڪ اوھين بہ اُنھيءَ جنس مان ماڻھو آھيو جيڪي خلقيائين، جنھن کي وڻيس (تنھن کي) بخشي ۽ جنھن وڻيس (تنھن کي) عذاب ڪري، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھن جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي
5:19 اي ڪتاب وارؤ! بيشڪ اوھان وٽ اسان جو پيغمبر اھڙي وقت ۾ آيو جو (ڪجھ وقت تائين) پيغمبرن جو اچڻ بند ٿي چڪو ھو اوھان تي بيان ڪري ٿو، متان چئو تہ نڪو خوشخبري ڏيندڙ ۽ نڪو ڊيڄاريندڙ اسان وٽ آيو (ھائو!) انھيءَ ڪري بيشڪ اوھان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شئي تي وسوارو آھي
5:20 ۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو تہ اي منھنجي قوم! پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو جو اوھان ۾ پيغمبر مقرر ڪيائين ۽ اوھان کي بادشاھ ڪيائين، ۽ اوھان کي اُھي (نعمتون) ڏنائين جي جھانن وارن مان ڪنھن کي (بہ) نہ ڏنائين
5:21 اي منھنجي قوم! پاڪ زمين ۾ گھڙو جا الله اوھان لاءِ ٺھرائي آھي ۽ پوئتي نہ ڦرو نہ تہ ڦري خساري وارا ٿيندؤ
5:22 چيائون تہ اي موسىٰ بيشڪ اُتي ڏاڍي زور واري قوم آھي، ۽ اسين منجھس ايسين ڪڏھن نہ گھڙنداسون جيسين اُھي منجھانس (نہ) نڪرن، پوءِ جيڪڏھن اُھي اُتان نڪرن تہ اسين گھِڙڻ وارا آھيون
5:23 جيڪي الله کان ڊڄندا ھئا تن مان ٻہ ڄڻان جن تي الله نعمتون نازل ڪيون ھيون چوڻ لڳا تہ در کان مٿن (حملو ڪري) گھڙو پوءِ جڏھن در کان لنگھيوَ تڏھن اوھين پڪ غالب آھيو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ ۽ الله تي ڀروسو ڪريو
5:24 چيائون تہ اي موسىٰ! بيشڪ اسين اصلي ڪڏھن منجھس نہ گھڙنداسون جيسين اُھي منجھس رھندا تنھنڪري تون ۽ تنھنجو رب وڃو پوءِ وڙھو بيشڪ اسين ھتي (ئي) ويٺا آھيون
5:25 موسىٰ چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! آءٌ پنھنجي سِرَ ۽ پنھنجي ڀاءُ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن تي (بہ) اختيار نہ ٿو رکان تنھنڪري اسان جي ۽ بي فرمان قوم جي وچ ۾ جدائي ڪر!
5:26 (الله) چيو تہ اُھا (پاڪ زمين) چاليھ ورھيہ مٿن حرام ڪئي ويئي آھي، زمين (يعني برپٽ) ۾ حيران پريشان رھندا، تنھنڪري بي فرمان قوم تي ڏک نہ ڪر
5:27 (اي پيغمبر!) آدم جي ٻن پُٽن (ھابيل ۽ قابيل) جي خبر کين سچيءَ طرح پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن ٻنھي (ھڪ ھڪ) قرباني نذر ڪئي تڏھن تڏھن ٻنھي مان ھڪڙي جي قبول ڪئي ويئي ۽ ٻئي جي قبول نہ ڪئي ويئي، (قابيل) چيو تہ ضرور ماريندوسانءِ، ۽ (ھابيل) چيو تہ الله رڳو پرھيزگارن جي (قرباني) قبول ڪندو آھي
5:28 جيڪڏھن پنھنجو ھٿ منھنجي مارڻ لاءِ مون ڏانھن ڊگھو ڪندين تہ آءٌ پنھنجو ھٿ تو ڏانھن ڪڏھن بہ ڊگھو نہ ڪندس تہ تو کي ماريان، ڇو تہ آءٌ جھانن جي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو
5:29 منھنجو ارادو آھي تہ منھنجو گناھ ۽ پنھنجو گناھ تون کڻين تہ دوزخين مان ٿئين، ۽ ظالمن جي اِھا سزا آھي
5:30 پوءِ سندس دل کيس سندس ڀاءُ جي ڪھڻ تي رغبت ڏياري پوءِ کيس ڪُٺائين پوءِ خساري وارن مان ٿيو
5:31 پوءِ الله ھڪ ڪانوَ کي موڪليو جنھن زمين ۾ ھن لاءِ کوٽيو ٿي تہ کيس ڏيکاري تہ پنھنجي ڀاءُ جي لاش کي ڪيئن لڪائي، (ڪانوَ کي ڏسي) چيائين تہ مون لاءِ ارمان آھي! تہ ڇو مُنجھيس؟ جي آءٌ ھِن ڪانوَ جھڙو ھُجان ھا تہ (بہ) پنھنجي ڀاءُ جو لاشو لڪايان ھا! پوءِ پشيمانن مان ٿيو
5:32 اِنھيءَ ڪري بني اسرائيلن تي لازم ڪيوسون تہ جيڪو ڪنھن جان جي عوض يا زمين ۾ فساد وجھڻ (واري) کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي ڪُھندو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي ڪُٺو، ۽ جنھن اُن کي بچايو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي بچايو، ۽ بيشڪ اسان جا (گھڻا) پيغمبر چِٽن مُعجزن سان وٽن آيا، وري اُن کان پوءِ منجھانئن گھڻا ملڪ ۾ حد کان لنگھندڙ ٿيا
5:33 جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر سان وڙھندا ۽ ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) لاءِ ڪوشش ڪندا تن جي سزا ھن کانسواءِ (ٻي ڪا) نہ آھي تہ ڪُھجين يا سوريءَ چاڙھجين يا سندن ھَٿَ ۽ سندن پير اُبتڙ سبتڙ وڍجن يا ديس نيڪالي ڏجين، دُنيا ۾ اُنھن لاءِ اِھا خواري آھي ۽ آخرت ۾ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي
5:34 پر جن اوھان جي قابو پوڻ کان اڳ توبھ ڪئي، پوءِ ڄاڻو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
5:35 اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ڏانھس وسيلو ڳوليو (يعني نيڪ عملن جي وسيلي سان الله تعالىٰ ڏي ويجھا ٿيو) ۽ سندس واٽ ۾ ڪوشش ڪريو منَ اوھين ڪامياب ٿيو
5:36 بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙئي جيڪڏھن ھجي ۽ اُن جيترو ٻيو بہ گڏ (ھجين) اُھو قيامت جي ڏينھن جي عذاب کان (بچاءَ) لاءِ عوض ڏين تہ کانئن قبول نہ ڪبو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
5:37 باھ مان نڪرڻ گھرندا ۽ (حقيقت ڪري) منجھانئس اُھي نڪرڻ وارا نہ آھن، ۽ اُنھن لاءِ سدائين جو عذاب آھي
5:38 چورُ (مرد) ۽ چورِ (عورت) اُنھن جا ھٿ سندن ڪئي سببان سزا لاءِ وڍيو الله (جي پار) کان اُھو عذاب آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي
5:39 پوءِ جنھن پنھنجي ڪيل (قصور) کان بعد توبھ ڪئي ۽ چڱا ڪم ڪيا تنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
5:40 (اي پيغمبر!) معلوم نہ اٿئي ڇا؟ تہ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي، ۽ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
5:41 اي پيغمبر! (اُنھن جو حال) تو کي غمگين نہ ڪري جيڪي ڪفر ۾ ڪاھي پوندا آھن اھڙن (ماڻھن) مان جو پنھنجن واتن سان چوندا آھن تہ ايمان آندوسون ۽ سندن دلين اِيمان نہ آندو آھي، ۽ (پڻ) يھودين مان، جو ڏاڍا ڪُوڙ ٻڌندڙ (يعني قبوليندڙ) آھن، ٻي قوم (ڪافرن) لاءِ جي اڃا تو وٽ نہ آيا آھن جاسُوسي ڪندڙ آھن، ڪن ڳالھين کي پنھنجن (صحيح) ھنڌن تي ھجڻ کانپوءِ بدلائيندا آھن، (ماڻھن کي) چوندا آھن تہ جيڪڏھن ھيءُ (حُڪم) ڏنو وڃيوَ تہ اُھو قبول ڪجو ۽ جيڪڏھن اُھو نہ ڏنو وڃيوَ تہ پري ٿجو، ۽ الله جنھن جي گمراھ ڪرڻ جو ارادو ڪندو آھي تنھن لاءِ الله (جي پار) کان (ھدايت ڪرڻ جو) ڪُجھ اختيار نہ اٿيئي، اُھي (اھڙا) آھن جو انھن جي دلين کي الله پاڪ ڪرڻ نہ گھرندو آھي، دنيا ۾ انھن لاءِ خواري آھي ۽ آخرت ۾ انھن لاءِ وڏو عذاب آھي
5:42 ڪوڙين (ڳالھين) جا ٻڌندڙ آھن حرام (جو مال) کائيندڙ آھن، پوءِ جيڪڏھن تو وٽ اچن تہ سندن (تڪرارن جي) وچ ۾ فيصلو ڪر يا کانئن مُنھن موڙ، ۽ جيڪڏھن کانئن مُنھن موڙين تہ تو کي ڪجھ نقصان رسائي نہ سگھندا، ۽ جيڪڏھن نبيرو ڪرين تہ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر، ڇو تہ الله انصاف ڪندڙن کي دوست رکندو آھي
5:43 ۽ ڪيئن تو کان ھن حالت ۾ فيصلو ڪرائيندا؟ جو وٽن توريت آھي اُن ۾ الله جو حُڪم آھي وري اُن کانپوءِ ڦري ويندا آھن، ۽ اُھي مُؤمن نہ آھن
5:44 بيشڪ اسان توريت لاٿو آھي منجھس ھدايت ۽ نُور آھي، فرمانبردار پيغمبرن ۽ الله وارن ۽ (يھودي) عالمن اُن (توريت) سان يھودين لاءِ فيصلو ڪيو آھي (يعني) انھيءَ سان جيڪي الله جي ڪتاب مان ياد ڪرايو وين ۽ مٿس شاھد ھئا، پوءِ (کين اسان سمجھايو ھو تہ) ماڻھن کان نہ ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو ۽ مُنھنجي آيتن کي ٿوري مُلھ سان نہ وڪڻو، ۽ جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نہ ڪندا سي ئي ڪافر آھن
5:45 ۽ اُنھن (يھودين) تي توريت ۾ لازم ڪيوسون تہ ماڻھو جو عوض ماڻھو ۽ اک جو عوض اک ۽ نَڪ جو عوض نڪ ۽ ڪَن جو عوض ڪن ۽ ڏند جو عوض ڏند ۽ ڦٽ جو عوض اوترو ڦٽ آھي، پوءِ جيڪو ان کي بخشئيندو تنھن لاءِ اُھو (بخشڻ سندس گناھن جو) ڪفارو آھي، ۽ جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نہ ڪندا سي ئي ظالم آھن
5:46 ۽ اُنھن (پيغمبرن) جي طريقي تي عيسىٰ پٽ مريم جي کي پوئتان موڪليوسون جو جيڪو کانئس اڳ (توريت) ھو، تنھنجو سچو ڪندڙ ھو، ۽ کيس انجيل ڏنوسون جنھن ۾ ھدايت ۽ نُور آھي، ۽ توريت جيڪو کانئس اڳ ھو تنھنجو سچو ڪندڙ ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت ھو
5:47 ۽ انجيل وارن کي جڳائي تہ جيڪي الله منجھس لاٿو تنھن سان فيصلو ڪن، ۽ جيڪي الله لاٿو تنھن موجب جيڪي فيصلو نہ ڪندا سي ئي بي دين آھن
5:48 ۽ (اي پيغمبر!) تو ڏانھن سچائيءَ سان ڪتاب لاٿوسون جيڪي ڪتاب کانئس اڳ آھن تن جو سچو ڪندڙ ۽ مٿن نگھبان آھي تنھنڪري جيڪي الله لاٿو آھي تنھن موجب سندن وچ ۾ حُڪم ڪر ۽ جيڪي حق تو وٽ آيو آھي تنھن کان مُڙي سندين سَڌن جي تابعداري نہ ڪر، اوھان مان ھر ڪنھن ٽوليءَ لاءِ شريعت ۽ (ھڪ سنئين) واٽ مقرر ڪئي سون، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ اوھان مڙني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر (گھريائين) تہ جيڪي اوھان کي ڏنائين تنھن ۾ اوھان کي پرکي تنھنڪري چڱاين ڏانھن اڳرائي ڪريو، اوھان مڙني جو الله ڏانھن موٽڻ آھي پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت اوھين تڪرار ڪندڙ ھيؤ تنھنجي فيصلي جي اوھان کي خبر ڏيندو
5:49 ۽ (وري بہ تو کي حُڪم ٿو ڪجي) تہ جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان سندن وچ ۾ حُڪم ڪر ۽ سندين سَڌن جي تابعداري نہ ڪر ۽ اُنھن کان بچندو رھ تہ جيڪي الله تو ڏانھن لاٿو آھي تنھن جي ڪنھن (حُڪم) کان متان تو کي ٿيڙين، پوءِ جيڪڏھن ڦِرن تہ ڄاڻ تہ الله سندن ڪن گناھن سببان کين عذاب پُھچائڻ گھُرندو آھي، ۽ ماڻھن مان گھڻا بي دين آھن
5:50 اڃا جاھليت وارو حُڪم گھُرندا آھن ڇا؟ ۽ (ڪتاب الاھي تي) يقين ڪندڙ قوم لاءِ حُڪم ڪرڻ ۾ الله کان وڌيڪ ڪير چڱو آھي؟
5:51 اي مؤمنؤ! يھودين ۽ نصارن کي دوست ڪري نہ وٺو، اُنھن مان ھڪڙا ٻـين جا دوست آھن، ۽ اوھان منجھان جيڪو کين دوست ڪري وٺندو سو بيشڪ منجھانئن آھي، بيشڪ الله ظالم ٽوليءَ کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
5:52 پوءِ جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي تن کي ڏسين ٿو اُنھن (يھودين ۽ نصارن جي دوستيءَ) ۾ ڊوڙندا ويندا آھن چوندا آھن تہ پاڻ تي زماني جي ڦيري پُھچڻ کان ڊڄون ٿا، پوءِ ستت ئي الله فتح يا ٻيو حُڪم پاڻ وٽان موڪليندو پوءِ پنھنجي دلين ۾ جيڪي لڪائيندا آھن تنھن تي پشيمان ٿيندا
5:53 ۽ (قيامت ۾) مؤمن چوندا تہ ھي اُھي آھن ڇا؟ جي (دنيا ۾) الله جا وڏا وڏا قسم کڻندا ھئا تہ اسين اوھان سان آھيون، (اڄ منافقيءَ سببان) سندن (سڀ) ڪئي ڪمائي ناس ٿي پوءِ اُھي خساري وارا ٿيا
5:54 اي مؤمنؤ! اوھان منجھان جيڪو دين کان ڦرندو تہ سگھو ئي الله اھڙي قوم کي پيدا ڪندو جن کي (پاڻ) دوست رکندو ۽ اُھي کيس دوست رکندا اُھي مؤمنن سان نوڙت ڪندڙ (۽) ڪافرن کي عزت ڏيکاريندڙ ھوندا الله جي واٽ ۾ جھاد ڪندا ۽ ڪنھن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نہ ڊڄندا، اھو الله جو فضل آھي جنھن کي وڻيس ڏيندو آھي، ۽ الله ڪشادي فضل وارو ڄاڻندڙ آھي
5:55 (اي مؤمنؤ!) الله ۽ سندس پيغمبر ۽ اُنھن مؤمنن کان سواءِ اوھان جو ڪو دوست نہ آھي جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي رڪوع ڪندڙ آھن
5:56 ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمنن کي دوست ڪري وٺندو (سو غالب ٿيندو) ڇو تہ الله جي ٽولي ئي غالب آھي
5:57 اي ايمان وارؤ! جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن منجھان جن پنھنجي دين کي مزاڪ ۽ راند بڻايو آھي تن کي ۽ ڪافرن کي دوست نہ بڻايو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ الله کان ڊڄو
5:58 ۽ جڏھن (اوھين) نماز لاءِ ٻانگ ڏيندا آھيو (تڏھن اُھي) اُن کي مزاڪ ۽ راند ڀانئيندا آھن اِھو ھِن سببان آھي جو اُھي بي سمجھ قوم آھن
5:59 (اي پيغمبر!) چئو تہ اي ڪتاب وارؤ! ھن کان سواءِ اسان تي (ٻيو) ڪو عيب رکي سگھو ٿا ڇا؟ تہ الله کي ۽ جيڪي اسان ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي اڳ لاٿو ويو آھي تنھن کي مڃيو اَٿئون ۽ بيشڪ اوھان منجھان گھڻا بي دين آھن
5:60 (اي پيغمبر! کين) چئو تہ الله وٽ ھن کان وڌيڪ بُڇڙيءَ عاقبت واري جي اوھان کي خبر ڏيان؟ (بڇڙيءَ عاقبت وارو) اُھو آھي جن تي الله لعنت ڪئي آھي ۽ مٿس ڏمر ڪيو آھي ۽ منجھانئن ڪي ڀولڙا ۽ سوئر ۽ غير خدا جا پوڄيندڙ ڪيائين، اِھي بڇڙي ھنڌ رھڻ وارا آھن ۽ سڌي واٽ کان بلڪل ڀُليل آھن
5:61 ۽ جڏھن اوھان وٽ ايندا آھن تڏھن چوندا آھن تہ ايمان آندوسون ھن ھوندي جو (اُھي) ڪُفر سان اندر ايندا آھن ۽ اُھي اُن (ڪفر) سان ٻاھر ويندا آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن تن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي
5:62 ۽ (اي پيغمبر!) منجھانئن گھڻن کي ڏسين ٿو تہ گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پنھنجي حرام خوريءَ ۾ تڪڙ ڪندا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو ضرور بڇڙو آھي
5:63 الله وارا ۽ عالم کين سندن ڪُوڙ ڳالھائڻ ۽ سندن حرام خوريءَ کان ڇو نہ جھليندا آھن؟ جيڪي ڪندا آھن سو ضرور بڇڙو آھي
5:64 ۽ يھودي چوندا آھن تہ الله جو ھٿ تنگ آھي (يعني بخيل آھي)، سندن ھٿ بنديل ھجن! ۽ جيڪي چيائون تنھن سببان لعنت ڪئي وين، (ايئن نہ آھي) بلڪ سندس ٻئي ھٿ ڪشادا آھن جيئن وڻندو اٿس تيئن خرچيندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن جيڪو (قرآن) لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) کي بي فرماني ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو، ۽ قيامت جي ڏينھن تائين سندن وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ڇڏيوسون، جنھن مھل جنگ لاءِ باھ ٻاريندا (تنھن مھل) الله اُھا وسائيندو آھي ۽ فساد لاءِ مُلڪ ۾ ڪوشش ڪندا آھن، ۽ الله فسادين کي دوست نہ رکندو آھي
5:65 ۽ جيڪڏھن ڪتاب وارا ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگاري ڪن ھا تہ سندن گناھ کانئن ضرور ميٽيون ھا ۽ کين نعمت جي باغن ۾ ضرور داخل ڪريون ھا
5:66 ۽ جيڪڏھن اُھي توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي سندن پالڻھار وٽان اُنھن ڏانھن لاٿو ويو تن (حڪمن) کي قائم ڪن ھا تہ پنھنجي مٿاھئون ۽ پنھنجي پيرن ھيٺان ضرور (روزي) کائين ھا، منجھانئن ھڪ ٽولي وچٿري آھي، ۽ اُنھن مان گھڻا جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي
5:67 اي پيغمبر! جيڪو (قرآن) تو ڏانھن تنھنجي پالڻھار وٽان لاٿو ويو آھي سو پُھچاءِ، ۽ جيڪڏھن (اِيئن) نہ ڪيئي تہ (ڄڻ) سندس پيغام نہ پھچايُئي، ۽ الله تو کي ماڻھن کان پناھ ڏيندو، ۽ الله ڪافرن جي قوم کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
5:68 (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اي ڪتاب وارؤ! اوھين ايستائين ڪنھن واٽ تي نہ آھيو جيستائين توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي اوھان جي پالڻھار کان اوھان ڏانھن لاٿو ويو تنھن (جي حڪمن) کي قائم نہ ڪريو، ۽ جيڪي تنھنجي پالڻھار کان تو ڏانھن لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) جي بي فرماني ۽ ڪُفر کي وڌائيندو، تنھنڪري ڪافرن جي قوم تي ارمان نہ ڪر
5:69 (جيڪي) مؤمن ۽ يھودي ۽ صابئي ۽ نصارىٰ (آھن اُنھن مان) جن الله کي ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ڪو ڀؤ ڪونہ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا
5:70 بيشڪ بني اسرائيلن کان انجام ورتوسون ۽ اُنھن ڏانھن (گھڻا) پيغمبر موڪلياسون، جڏھن بہ وٽن ڪنھن پيغمبر جيڪي سندين دلين نہ ٿي گھريو سو حُڪم ٿي آندو تڏھن ھڪ ٽوليءَ کي ڪُوڙو ٿي ڀانيائون ۽ ھڪ ٽوليءَ کي ڪُٺائون ٿي
5:71 ۽ ڀانيائون ٿي تہ ڪو فتنو ٿيڻو نہ آھي پوءِ (حق کان) انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا وري (بہ) الله مٿن (ٻاجھ سان) موٽيو (جو پيغمبر موڪليائين) وري منجھانئن گھڻا (حق کان) انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي
5:72 بيشڪ جن چيو تہ عيسىٰ پٽ مريم جو پاڻ الله آھي سي ڪافر ٿيا، ۽ عيسىٰ چوندو ھو تہ اي بني اسرائيلؤ! الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، (ھيءَ پڪي ڳالھ آھي تہ) جيڪو الله سان شريڪ مقرر ڪندو تنھن تي بيشڪ الله بھشت حرام ڪيو آھي ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ ظالمن جو ڪو بہ مددگار نہ آھي
5:73 جن چيو تہ پڪ الله ٽن (خدائن) مان ھڪ آھي سي بيشڪ ڪافر ٿيا، حالانڪہ ھڪ الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نہ آھي، جيڪي چوندا آھن تنھن کان جيڪڏھن پاڻ کي نہ جھليندا تہ منجھانئن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ضرور پھچندو
5:74 پوءِ الله ڏانھن ڇو نہ موٽندا آھن ۽ سندس بخشش ڇو نہ گھرندا آھن؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
5:75 عيسىٰ پٽ مريم جو رڳو پيغمبر آھي، بيشڪ کانئس اڳ (گھڻا) پيغمبر گذري ويا، ۽ سندس ماءُ سچي (فرمانبردار) ھئي، اُھي کاڌو کائيندا ھئا، (اي پيغمبر!) ڏس تہ ڪيئن اُنھن لاءِ نشانيون بيان ڪريون ٿا! وري ڏس تہ اُھي ڪيئن ابتا ويندا آھن؟
5:76 (اي پيغمبر کين) چئو تہ الله کانسواءِ اُنھن جي عبادت ڇو ڪندا آھيو؟ جي اوھان لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جا مالڪ آھن، ۽ الله ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
5:77 (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اي ڪتاب وارؤ حق کانسواءِ پنھنجي دين ۾ حد کان نہ لنگھو ۽ اُنھيءَ قوم جي سَڌن جي پٺيان نہ لڳو جيڪي بيشڪ (پاڻ بہ) اڳ ڀُلا آھن ۽ (ٻـين) گھڻن کي (بہ) ڀُلايو اٿن ۽ سڌيءَ واٽ کان ڀُلا آھن
5:78 بني اسرائيلن مان جيڪي ڪافر ٿيا تن تي دائود ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي زبان سان لعنت ڪئي ويئي آھي، اُھو ھن سببان آھي جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندا ھئا
5:79 جيڪي بُرا ڪم ڪندا ھئا تن کان ھڪ ٻئي کي نہ جھليندا ھئا، جيڪي ڪندا ھئا سو ضرور بد آھي
5:80 (اي پيغمبر!) منجھانئن گھڻن کي ڏسين ٿو تہ ڪافرن سان دوستي رکندا آھن، جيڪي اُنھن پاڻ لاءِ اڳ موڪليو آھي سو بڇڙو آھي جو مٿن الله جو ڏمرجڻ آھي ۽ اُن عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن
5:81 ۽ جيڪڏھن (اُھي) الله ۽ (پنھنجي) پيغمبر کي ۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي مڃين ھا تہ انھن (مشرڪن) کي دوست ڪري نہ وٺن ھا پر منجھانئن گھڻا ايمان کان نڪتل آھن
5:82 (اي پيغمبر!) يھودين ۽ مشرڪن کي مؤمنن لاءِ ٻـين ماڻھن کان بلڪل وڌيڪ دشمني ڪرڻ وارو ضرور ڏسندين، ۽ جيڪي چون ٿا تہ اسين نصارىٰ آھيون تن کي مسلمانن سان دوستي ڪرڻ ۾ ڏاڍو ويجھو ڏسندين، اِھو ھن سببان آھي جو منجھانئن ڪي عالم ۽ ڪي درويش آھن ۽ بيشڪ اُھي وڏائي نہ ڪندا آھن
5:83 ۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو سو، جڏھن ٻڌندا آھن تڏھن سندين اکين کي انھيءَ سببان جو، سچ کي سڃاتائون ڳوڙھا ڳاڙيندو ڏسندين، چوندا آھن تہ اي اسان جا پالڻھار! ايمان آندوسون تنھنڪري اسان کي شاھدن ۾ لِک
5:84 ۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله کي ۽ جيڪي اسان وٽ سچ (يعني قرآن) آيو تنھن کي ھن ھوندي بہ نہ مڃيون جو اُميد ٿا رکون تہ اسان جو پالڻھار اسان کي صالحن جي ٽوليءَ سان (گڏي بھشت ۾) داخل ڪندو
5:85 پوءِ جيڪي چيائون تنھن سببان الله کين بھشت ڏنو جنھن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھو ڀلارن جو بدلو آھي
5:86 ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن
5:87 اي ايمان وارؤ! جيڪي پاڪ شيون الله اوھان لاءِ حلال ڪيون آھن سي حرام نہ بڻايو ۽ نڪي حد کان لنگھو، ڇو تہ الله حد کان لنگھندڙن کي دوست نہ رکندو آھي
5:88 ۽ جيڪي الله اوھان کي پاڪ حلال رزق ڏنو آھي تنھن مان کائو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن کي اوھين مڃيندڙ آھيو
5:89 الله اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ اوھان کي نہ پڪڙيندو پر جيڪي قسم اوھان پڪي نيت سان کنيا تنھن سببان اوھانکي وَٺ ڪندو، پوءِ اُن جي ڪفارو وچٿرو (کاڌو) جيڪي پنھنجي عيال کي کارائيندا آھيو تنھن مان ڏھن مسڪينن کي کاڌو ڏيڻ آھي يا کين ويس ڍڪائڻ يا ٻانھو آجو ڪرڻ (جڳائي)، پوءِ جيڪو نہ لھي تہ ٽي ڏينھن روزو رکڻ لازم آھي، جڏھن اوھين قسم کڻو ( ۽ ڀڃو) اھو ڪفارو اوھان جي قسمن جو آھي، ۽ پنھنجن قسمن کي (ڀڃڻ کان) سوگھو رکو، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حڪم بيان ڪندو آھي منَ اوھين شڪرانو ڪريو
5:90 اي ايمان وارؤ! شراب ۽ جوا ۽ پوڄا آستانا ۽ ڍارا پليتُ شيطاني ڪمن مان آھن تنھن ڪري اوھين کانئن پرھيز ڪريو تہ منَ ڇٽو
5:91 شيطان جو ارادو شراب (پيارڻ) ۽ جوا (کيڏائڻ) ۾ ھن کانسواءِ نہ آھي تہ اوھان جي وچ ۾ دشمني ۽ ڪاوڙ وجھي ۽ الله جي ياد ڪرڻ کان ۽ نماز کان اوھان کي جھلي، پوءِ (ھاڻي بہ) اوھين (نہ) جھلبؤ ڇا؟
5:92 ۽ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ ڊڄو پوءِ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ تہ پڪ ڄاڻو تہ اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي
5:93 جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن تي جيڪي (اڳ) کاڌائون تنھن ۾ گناھ نہ آھي جڏھن پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ چڱائي ڪيائون، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي
5:94 اي ايمان وارؤ! الله ڪنھن شڪار (جي حڪم) سان جنھن کي اوھان جا ھٿ يا اوھان جا تير پھچن اوھان کي ھن لاءِ ضرور پرکيندو تہ الله نکيڙي تہ ڪير کانئس پرپُٺ ڊڄندو آھي، پوءِ جيڪو ھن کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
5:95 اي ايمان وارؤ! اوھين احرام (جي حالت) ۾ شڪار نہ ڪريو، ۽ اوھان مان جنھن ڄاڻي واڻي اُن کي ماريو پوءِ جيڪي ماريو اٿس تنھن جھڙو جانور جنھن لاءِ اوھان مان ٻہ معتبر فيصلو ڪن، سزا لازم آھي، اھا قرباني ڪعبي وٽ پھچڻي آھي، يا (مٿس سزا) مسڪينن جو کاڌو ڪفارو آھي يا ان جي برابر روزا رکي ھن لاءِ تہ پنھنجي ڪم جي سزا چکي، جيڪي اڳي گذريو سو اَلله معاف ڪيو، ۽ جنھن موٽي (شڪار) ڪيو تنھن کان الله بدلو وٺندو، ۽ الله زبردست بدلي وٺڻ وارو آھي
5:96 درياءَ جو شڪار اوھان لاءِ حلال ڪيو ويو ۽ ان جو کائڻ اوھان ۽ مسافرن لاءِ نفعي وارو آھي، ۽ جھنگ جو شڪار جيستائين اوھين احرام وارا ھجو تيستائين اوھان تي حرام ڪيو ويو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ
5:97 الله تعظيم واري گھر ڪعبي ۽ تعظيم واري مھيني ۽ (ڪعبي ڏانھن موڪليل) قربانيءَ ۽ ڪنڍلي ٻڌل جانورن کي ماڻھن لاءِ بقاءَ جو سبب ڪيو، اِھو (ھن لاءِ) تہ اوھين ڄاڻو تہ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله ڄاڻندو آھي ۽ الله سڀ ڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
5:98 ڄاڻو تہ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي ۽ (ھي بہ تہ) الله بخشڻھار مھربان آھي
5:99 پيغمبر تي رڳو پيغام پھچائڻ آھي، ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو (سو سڀ) الله ڄاڻندو آھي
5:100 (اي پيغمبر!) چئو تہ پليت ۽ پاڪ برابر نہ آھن جيتوڻيڪ پليت جي گھڻائي تو کي زيادہ وڻي، پوءِ اي عقل وارؤ! الله کان ڊڄو تہ منَ اوھين ڇٽو
5:101 اي ايمان وارؤ! انھن شين بابت سوال نہ ڪريو جن جي حقيقت جيڪڏھن اوھان تي پڌري ڪئي وڃي تہ اوھان کي ڏکي لڳي، ۽ جيڪڏھن قرآن لھڻ مھل ان بابت سوال ڪريو تہ اوھان لاءِ پڌرو ڪيو ويندو، انھن (سوالن) کان الله اوھان کي معافي ڏني، ۽ الله بخشڻھار بردبار آھي
5:102 بيشڪ ھڪ قوم اوھان کان اڳ اھڙين (ڳالھين) جو سوال ڪيو ھو (پر سمجھائڻ تي) وري اُن جا ڦري مُنڪر ٿيا
5:103 الله نڪي بحيره ۽ نڪي سائبہ ۽ نڪي وصيلہ ۽ نڪي حام مقرر ڪيو آھي پر ڪافر الله تي ڪوڙ ٻڌندا آھن، ۽ منجھانئن گھڻا نٿا سمجھن
5:104 ۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ جيڪي الله لاٿو آھي تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو (تڏھن) چوندا آھن تہ جنھن تي پنھنجن ابن ڏاڏن کي (ھلندو) ڏٺوسون سو اسان لاءِ ڪافي آھي، جيتوڻيڪ سندن اَبا ڏاڏا ڪجھ نہ ڄاڻندا ھئا ۽ نڪي ھدايت وارا ھئا؟
5:105 اي مؤمنؤ! اوھين پنھنجن نفسن جي ڪريو، جڏھن اوھين ھدايت وارا ٿيؤ تڏھن اُھو اوھان کي نقصان نہ رسائيندو جيڪو ڀُلو، الله ڏانھن مڙني جو موٽڻ آھي پوءِ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو
5:106 اي ايمان وارؤ! جڏھن اوھان مان ڪنھن کي موت ويجھو ٿئي تہ وصيت ڪرڻ مھل ٻہ معتبر شاھد ڪريو جي اوھان (مسلمانن) مان ھجن يا اوھان کانسواءِ ٻيا (يعني غير قوم جا) ھجن (اھو تڏھن) جيڪڏھن اوھين مُلڪ ۾ مسافر ھجو پوءِ اوھان کي موت جي مصيبت پُھچي، جيڪڏھن (اوھين سندن گواھي ڏيڻ ۾ ڪو) شڪ رکو ٿا تہ (وچينءَ) نماز کانپوءِ اوھين ٻنھي کي جھليو پوءِ اُھي (ٻئي) الله جو قسم کڻي چون تہ توڻيجو مائٽ ھوندا تہ بہ اسين قسم جي عوض ڪا بھا نہ وٺنداسون ۽ نڪي الله جي (حڪم واري) شاھدي لڪائينداسون (جي لڪائي سون) تہ اُتي جو اُتي ضرور گنھگارن مان ٿينداسون
5:107 پوءِ جيڪڏھن معلوم ٿئي تہ اُھي ٻئي گناھ جوڳا ٿيا تہ جن جي مال تي ٻئي حق رکيو آھي تن جي ويجھي مائٽي وارن مان ٻيا ٻہ ڄڻا اُنھن جي بجاءِ اُٿن پوءِ الله جو قسم کڻي چون تہ اُنھن ٻنھي جي شاھديءَ کان اسان جي شاھدي وڌيڪ سچي آھي ۽ حد کان نہ لنگھنداسون، نہ تہ اُتي جو اُتي ضرور ظالمن مان ٿينداسون
5:108 اھو (حُڪم ھن ڳالھ کي) ويجھو آھي تہ اُھي (وصي ماڻھو) سچي ڳالھ جي شاھدي ڏيڻ يا پنھنجن قسمن کڻڻ کانپوءِ قسم جي رد ٿيڻ کان ڊڄن، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ھي (حُڪم دل سان) ٻڌو، ۽ الله بي دين قوم کي سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
5:109 (ياد ڪر!) جنھن ڏينھن الله سڀني پيغمبرن کي گڏ ڪندو (تنھن ڏينھن) چوندو تہ اوھان کي ڇا جواب ڏنو ويو؟ چوندا تہ اسان کي (ماڻھن جي دلين جي) خبر نہ آھي، ڇو تہ تون ئي ڳجھن جو وڏو ڄاڻندڙ آھين
5:110 جڏھن (اُن ڏينھن) الله عيسىٰ پٽ مريم جي کي چوندو تہ پاڻ تي ۽ پنھنجي ماءُ تي مُنھنجيون نعمتون ياد ڪر، جڏھن تو کي پاڪ رُوح سان مدد ڏنم، (جو) ماڻھن سان پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ وڏي وھيءَ ۾ ڳالھايُئي ٿي، ۽ جڏھن تو کي ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريم، ۽ جڏھن منھنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو بڻايئي پوءِ منجھس ڦوڪيئي تہ مُنھنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ مُنھنجي حُڪم سان ماءُ ڄاول انڌي ۽ ڪوڙھي کي ڇٽايئي ٿي، ۽ جڏھن مئل کي منھنجي حُڪم سان (جيئرو ڪري) ڪڍيئي ٿي، ۽ جڏھن بني اسرائيلن (جي شر) کي تو کان جھليم جڏھن وٽن معجزن سان آئين تڏھن منجھانئن ڪافرن چيو تہ ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي
5:111 ۽ جڏھن حوارين ڏانھن الھام ڪيم تہ مون تي ۽ مُنھنجي پيغمبر تي ايمان آڻيو، چيائون تہ ايمان آندوسون ۽ (اي عيسىٰ!) شاھد ھج تہ اسين مسلمان آھيون
5:112 (ياد ڪريو!) جڏھن حوارين چيو تہ اي عيسىٰ پُٽ مريم جا تنھنجو پالڻھار اسان تي آسمان کان ڪو (طعام جو) خونچو لاھي سگھندو ڇا؟ عيسىٰ چيو تہ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ الله کان ڊڄو
5:113 چيائون (اسين ھيءُ) گھرون ٿا تہ منجھانئس کائون ۽ اسان جون دليون آرام وٺن ۽ ڄاڻون تہ اسان کي سچ چيو اٿيئي ۽ مٿس شاھد ھجون
5:114 (تڏھن) عيسىٰ پٽ مريم جي چيو تہ اي اسان جا پالڻھار الله! اسان تي ھڪ دسترخوان آسمان کان لاھ تہ اسان جي اڳين ۽ اسانجي پوين (سڀني) لاءِ عيد ٿئي ۽ تنھنجي نشاني ٿئي، ۽ اسان کي روزي ڏي ۽ تون چڱو روزي ڏيندڙ آھين
5:115 الله چيو تہ آءٌ اوھان تي (دسترخوان) لاھيندس، پوءِ اوھان مان جيڪو ھن کان پوءِ بي فرماني ڪندو تنھن کي آءٌ اھڙو سخت عذاب ڪندس جو جھانن (جي رھندڙن) مان ڪنھن ھڪ کي ان جھڙو عذاب نہ ڪندس
5:116 ۽ (اُھو وقت ياد ڪر!) جڏھن الله چوندو تہ اي عيسىٰ پٽ مريم جا! تو ماڻھن کي چيو ھو ڇا؟ تہ الله کانسواءِ مونکي ۽ منھنجي ماءُ کي بہ خدا ڪري مڃيو، (عيسىٰ) چوندو تہ تون پاڪ آھين جنھن (چوڻ) جو مون کي ڪو حق نہ آھي سو چوڻ مون کي ڪيئن جڳائيندو ھو؟ جيڪڏھن مون اُھو چيو ھوندو تہ بيشڪ اُھو تو کي معلوم ھوندو، جيڪي منھنجي دل ۾ آھي سو (تون) ڄاڻندو آھين ۽ جيڪي تنھنجي دل ۾ آھي سو (آءٌ) نہ ڄاڻندو آھيان، ڇو تہ تون ئي ڳجھن جو ڏاڍو ڄاڻندڙ آھين
5:117 جنھن لاءِ مون کي حُڪم ڪيو اٿيئي تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) کين نہ چيو اٿم (يعني) ھي تہ الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، جيسين منجھن رھيس تہ (آءٌ) مٿن نگھبان رھيس پوءِ جنھن مھل تو مونکي کڻي ورتو تہ تون ئي مٿن نگھبان رھين، ۽ تون سڀڪنھن شئي تي خبردار آھين
5:118 جيڪڏھن کين عذاب ڪرين تہ اُھي تنھنجا ٻانھا آھن، جيڪڏھن کين بخشين تہ تون ئي غالب حڪمت وارو آھين
5:119 الله فرمائيندو تہ ھي اُھو ڏينھن آھي جو سچن کي سندين سچائي فائدو ڏيندي، اُنھن لاءِ (اُھي) بھشت آھن جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھن اصلي سدائين رھڻ وارا آھن، الله کانئن راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن، اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي
5:120 آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي منجھن آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، ۽ اُھو سڀ ڪنھن شئي تي وسوارو آھي