4:1
اي انسانؤ! اوھين اُنھيءَ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو جنھن اوھان کي ھڪ ڄڻي (آدم) مان پيدا ڪيو ۽ منجھانئس سندس زال پيدا ڪيائين ۽ اُنھن مان گھڻا مرد ۽ عورتون پکيڙيائين، ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن (جي نالي) سان (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کان گھرندا آھيو ۽ مائٽيءَ (ڇنڻ) کان (بہ ڊڄو)، ڇو تہ الله اوھان تي نگھبان آھي
4:2
۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ سٺيءَ شئي کي بڇڙيءَ شئي سان نہ مٽايو، ۽ اُنھن (يتيمن) جو مال پنھنجن مالن سان (گڏي) نہ کائو، ڇو تہ اُھو وڏو ڏوھ آھي
4:3
۽ جيڪڏھن ڊڄو تہ يتيم ڇوڪرين (جي نڪاح ڪرڻ) ۾ عدل نہ ڪندؤ تہ (ٻـين) زالن مان جيڪي اوھان کي وڻن سي ٻہ ٻہ ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پرڻجو، پوءِ جيڪڏھن ڊڄو ٿا تہ اوھان کان انصاف ٿي نہ سگھندو تہ ھڪ (پرڻجو) يا اوھان جا ھٿ جن (ٻانھين) جا مالڪ ٿيا (سي رکو) اِھو ھن کي ويجھو آھي تہ ڏاڍائي نہ ڪريو
4:4
۽ زالن کي سندن ڪابين خوشيءَ سان ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي پاڻ خوشيءَ سان اُنھيءَ مان ڪجھ ڇڏين تہ اُھو سُھائيندڙ وڻندڙ ڪري کائو
4:5
۽ بي سمجھن کي پنھنجا اُھي مال نہ ڏيو جن کي الله اوھان لاءِ گذران جو سبب بڻايو آھي ۽ منجھانئس کين کارايو ۽ کين پھرايو ۽ کين چڱي ڳالھ چئو
4:6
۽ ايستائين يتيمن کي پرکيو جيستائين پرڻي (جي عمر) کي پھچن، پوءِ جيڪڏھن اُنھن ۾ ڪا سياڻپ لھو تہ سندن مال کين ورائي ڏيو، ۽ اُھي (مال) اجايو ۽ (سندن) وڏي ٿيڻ جي ڀؤ کان تڪڙ ڪري نہ کائو، ۽ جيڪو (سنڀاليندڙ) آسودو ھجي تنھن کي گھرجي تہ (يتيم جي مال کائڻ کان) پاسي رھي، ۽ جيڪو مسڪين ھجي سو مناسب (خدمت) آھر کائيندو رھي، پوءِ جڏھن سندس مال کين ورائي ڏيو تڏھن مٿن شاھد ڪريو، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي
4:7
جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان مردن لاءِ حصو آھي، ۽ جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان زائفن لاءِ (بہ) حصو آھي اھو (ڇڏيل مال) ٿورو ھجي يا گھڻو، حصا (الله جا) مقرر ڪيل آھن
4:8
۽ جڏھن ورھاڱي مھل مائٽيءَ وارا ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر ٿين تڏھن اُن (مال) مان اُنھن ماڻھن کي (ڪجھ) ڏيو ۽ اُنھن کي مٺي ڳالھ چئو
4:9
۽ اُنھن کي (الله کان) ڊڄڻ گھرجي جيڪي جيڪڏھن پنھنجي پٺيان ھيڻو اولاد ڇڏين تہ مٿن ڊڄن (تہ ڪھڙو حال ٿيندن)، پوءِ گھرجي تہ الله کان ڊڄن ۽ گھرجي تہ سڌي ڳالھ چون.
4:10
جيڪي يتيمن جو مال ڏاڍ سان کائيندا آھن سي پنھنجن پيٽن ۾ رڳو باھ کائيندا آھن، ۽ دوزخ ۾ سگھو گھِڙندا
4:11
الله اوھان جي اولاد بابت اوھان کي وصيت ٿو ڪري، تہ پُٽ لاءِ (حصو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي، ۽ جيڪڏھن (فقط) ڌيئرون ٻن کان وڌيڪ ھجن تہ (مُئل) جيڪي ڇڏيو تنھن جون ٻہ ٽھايون اُنھن لاءِ آھن، ۽ جيڪڏھن (فقط) ھڪ آھي تہ اُن لاءِ اڌ آھي، ۽ مئل جيڪي ڇڏيو تنھن مان اُن جي ماءُ پيءُ ھر ھڪ لاءِ ڇھون ڀاڱو آھي (سو تڏھن) جڏھن اُن (مئل) کي اولاد ھجي، ۽ جيڪڏھن اُن کي اولاد نہ ھجي ۽ اُن جا وارث ماءُ پيءُ ھجن تہ ماڻس لاءِ ٽيون ڀاڱو ( ۽ باقي پڻس لاءِ) آھي، ۽ جيڪڏھن اُن (مئل) کي ڀائر ھجن تہ ماڻس لاءِ ڇھون حصو آھي (اِھو ورھاڱو) وصيت (جي ادائگي کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائين يا قرض جي ادائگي کانپوءِ (ڪرڻو) آھي، اوھان جا پيئر ۽ اوھان جا پُٽ، (اوھين) نہ ڄاڻندا آھيو تہ اُنھن مان ڪھڙو اوھان لاءِ فائدي جي ڪري وڌيڪ ويجھو آھي؟ (اِھو ورھاڱو) الله جي (پار کان) فرض ڪيل آھي، ڇو تہ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
4:12
۽ جيڪي (مال) اوھان جي زالن ڇڏيو تنھن جو اڌ اوھان لاءِ آھي جيڪڏھن انھن کي ڪو ٻار ڪونہ ھجي، پر جيڪڏھن اُنھن کي ٻار ھجي تہ جيڪي ڇڏيائون تنھن مان چوٿون ڀاڱو وصيت (جي ادائگي کانپوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائون يا قرض جي ادائگي کان پوءِ اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان جيڪڏھن اوھان کي ٻار ڪونھي تہ اُنھن (زالن) لاءِ چوٿون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي ٻار آھي تہ جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان وصيت (جي ادائگي) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪئي اٿوَ يا قرض جي ادائگي کانپوءِ اُنھن (زالن) لاءِ اٺون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو (مئل) مرد يا عورت ورثو ڇڏي ( ۽ اُھو) ڪلالہ ھجي (يعني جنھنکي ماءُ پيءُ ۽ ڪو ٻار نہ ھجي) ۽ اُن کي (مائيتو) ھڪ ڀاءُ يا ھڪ ڀيڻ ھجي تہ اُنھن منجھان ھر ھڪ لاءِ ڇھون حصو آھي، ۽ جيڪڏھن اِنھن کان وڌيڪ ھجي تہ اُھي (سڀ) جا وصيت نقصان واري نہ ڪئي ويئي ھجي تنھن يا قرض جي ادائگيءَ کانپوءِ ٽھائيءَ ۾ ڀائيوار آھن، (اِھو) الله جو حڪم آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي
4:13
اِھي الله جون حدون آھن، ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اُھا وڏي مراد ماڻڻ آھي
4:14
۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ سندس حدن کان ٻاھر نڪرندو تنھن کي باھ ۾ داخل ڪندو اُن ۾ سدائين رھڻ وارو آھي، ۽ اُن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي
4:15
۽ اُوھان جي زائفن مان جيڪي بي حيائيءَ جو ڪم ڪن تن تي پاڻ مان چار (مرد) شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (شاھد) شاھدي ڏين تہ اُنھن کي ايستائين گھرن ۾ جھليو جيستائين کين موت ماري يا الله اُنھن لاءِ ڪو رستو ڪڍي
4:16
۽ اوھان مان جيڪي ٻہ مرد اھو ڪم ڪن تن کي مار ڏيو، پوءِ جيڪڏھن توبھ ڪن ۽ پاڻ سڌارين تہ اُنھن (کي مار ڏيڻ) کان مُڙو، ڇو تہ الله توبھ قبول ڪندڙ مھربان آھي
4:17
الله کي رڳو اُنھن جي توبھ ڪرڻ جڳائيندي آھي جيڪي بي سمجھائيءَ سان گناھ ڪندا آھن وري جھٽ پٽ توبھ ڪندا آھن اُنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
4:18
۽ اُنھن جي توبھ قبول ٿيڻي نہ آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن ( ۽ نہ ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي تہ ھاڻي آءٌ توبھ ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبھ قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون
4:19
اي ايمان وارؤ! اوھان کي عورتن جو (سندن) بي مرضيءَ وارث ٿيڻ روا نہ آھي، ۽ نڪي سندن پڌري گناھ ڪرڻ کان سواءِ کين ھن لاءِ جھليو تہ جيڪي کين ڏنو ھجيوَ تنھن مان ڪجھ موٽائي وٺو، ۽ ساڻن ھلي چلي وانگر گذاريو، پوءِ جيڪڏھن اُھي اوھان کي نہ وڻن تہ (صبر ڪريو ڇو تہ) جا شئي اوھان کي نہ وڻندي ھجي تنھن ۾ ممڪن آھي تہ الله گھڻي چڱائي ڪري
4:20
۽ جيڪڏھن (ھڪ) زال جي بجاءِ ٻيءَ زال پرڻڻ جو ارادو ڪريو ۽ اُنھن مان ھڪڙيءَ کي گھڻو مال (ڪابين ۾) ڏنو ھجيوَ تہ منجھانئس ڪجھ موٽائي نہ وٺو، (اوھين) بھتان ۽ پڌري گناھ ڪندي اُھو (مال) کسيندا آھيو ڇا؟
4:21
اھو (مال) ڪھڙي طرح کسيندا آھيو؟ حالانڪہ اوھان ھڪ ٻئي کان نفعو وٺي چڪؤ ۽ (زالن بہ) اوھان کان (مھر ڏيڻ جو) پڪو انجام ورتو آھي
4:22
۽ جيڪي زالون اوھان جي پيئرن پرڻيون سي اوھين نہ پرڻجو پر جيڪي اڳي گذريو (سو گذريو) ڇو تہ اُھا بي حيائي ۽ گناھ آھي، ۽ اُھا بُڇڙي واٽ آھي
4:23
(اي مسلمانؤ!) اوھان تي اوھان جون مائر ۽ اوھانجون ڌيئر ۽ اوھانجون ڀينر ۽ اوھانجون پڦيون ۽ اوھانجون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اُھي اوھان جون مائر جن اوھان کي ٿڃ پياري ۽ اوھان جون رضاعي (ٿڃ گڏ پيتل) ڀينر ۽ اوھان جي زالن جون مائر (يعني سَسون) ۽ اُھي اوھانجون اڳ ڄايون جيڪي اوھانجي ھنجن ۾ پليون (۽) اوھان جي اُنھن زالن مان ھجن جن کي اوھين ويجھا ويا آھيو پر جيڪڏھن اوھين اُنھن (سندن مائرن) کي ويجھا نہ ويا آھيو تہ اوھان تي گناھ نہ آھي، ۽ اوھان جي اُنھن پُٽن جون زالون جيڪي (پٽ) اوھانجي پٺين مان (پيدا ٿيل) آھن ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ پرڻجڻ حرام ڪيو ويو آھي پر جيڪي اڳ گذريو آھي (سو گذريو) ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
4:24
۽ پرڻيل عورتون (بہ حرام آھن) پر اوھان جا ھٿ جن (ٻانھين) جا مالڪ ٿيا آھن (سي حرام نہ آھن)، اِھو حڪم الله اوھان تي لکيو آھي، ۽ انھن (حرام ڪيلن) کانسواءِ (ٻيون سڀ عورتون) اوھان لاءِ حلال آھن جڏھن پنھنجن مالن سان (کين) پرڻيندڙ، نہ زنا جو ارادو ڪندڙ ھجو، اھو مال جنھن جي عوض انھن (زالن) کان (پرڻجڻ جو) فائدو ورتوَ تن کي سندن ڪابين مُقرر ڪيل ڏيو، ۽ ڪابين مقرر ڪرڻ کان پوءِ جيتري (ڪابين) ۾ اوھين پاڻ ۾ راضي ٿيو تہ اوھان تي گناھ نہ آھي، ڇو تہ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
4:25
۽ اوھان مان جيڪو آزاد مؤمنياڻين جي پرڻجڻ جي سگھ نہ رکندو ھجي سو اُنھن مؤمنياڻين ٻانھين مان جن جا مالڪ اوھان (مؤمنن) مان آھن (ڪا پرڻي تہ عار نہ آھي)، ۽ الله اوھان جي ايمان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اوھانجا ھڪڙا ٻـين مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني پاڻ ۾ ھڪ جنس آھيو)، پوءِ کين سندن مالڪن جي موڪل سان پرڻجو ۽ سندن ڪابين عام ھلي چليءَ وانگر کين ڏيو (اُھي) نڪاح ٻَڌلون نہ زنا ڪندڙيون ۽ نڪي ڳجھن يارن وٺڻ واريون ھجن، پوءِ جڏھن نڪاح ۾ آيون (تنھن کان) پوءِ جيڪڏھن (اُھي) ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن تہ جيڪا سزا آزاد عورتن تي آھي تنھن جو اڌ مٿن آھي، (اھا ٻانھيءَ پرڻجڻ جي اجازت) اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو زنا (جي گناھ ۾ پوڻ) کان ڊڄي، ۽ اوھان جو صبر ڪرڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
4:26
الله گھرندو آھي تہ اوھان لاءِ کولي بيان ڪري ۽ جيڪي اوھان کان اڳ (گذريا) آھن تن جو رستو اوھان کي ڏيکاري ۽ اوھان تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
4:27
۽ الله اوھان تي ٻاجھ سان موٽڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي سَڌُن جي پٺيان لڳندا آھن سي اوھان جو (سڌيءَ واٽ کان) تمام پري ٿڙي وڃڻ گھرندا آھن
4:28
الله اوھان تان (بار) ھلڪو ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ انسان (اصل) ھيڻو پيدا ڪيو ويو آھي
4:29
اي ايمان وارؤ! اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو مال ناحق نہ کائو پر پاڻ ۾ رضامندي سان واپار جي ڏيتي ليتي ھجي تہ (ڀلي کائو)، ۽ اوھان پاڻ کي ھلاڪ نہ ڪريو، بيشڪ الله اوھان تي مھربان آھي
4:30
۽ جيڪو حد کان ٻاھر نڪرڻ ۽ ظلم سان ايئن ڪندو تنھن کي باھ ۾ سگھو وجھنداسين، ۽ اھو ڪم الله تي سھنجو آھي
4:31
جيڪڏھن وڏن گناھن کان جن کان اوھانکي جھليو ويو پاسو ڪندا رھندؤ تہ اوھان جون (ھلڪيون) مدايون اوھان کان ميٽينداسين ۽ اوھان کي عزت واريءَ جاءِ ۾ داخل ڪنداسين
4:32
۽ جن شين سان الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان فضيلت ڏني آھي تن جي ريس نہ ڪريو، مڙسن لاءِ جيترو (پاڻ) ڪمايائون تنھن مان حصو آھي، ۽ زائفن لاءِ جيترو پاڻ ڪمايائون تنھن مان حصو آھي، ۽ الله کان سندس فضل گھرو، ڇو تہ الله سڀ ڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
4:33
۽ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جيڪي (مال) ڇڏيو تنھن سڀ لاءِ وارث مقرر ڪياسون، ۽ جن کي (مائٽيءَ جھڙي ناتي ۾) اوھان جي قَسمن ٻَڌو آھي تن کي سندن حصو ڏيو، بيشڪ الله سڀ ڪنھن شئي تي واقف آھي
4:34
مرد زائفن تي انھيءَ سببان حڪمران آھن جو الله انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيو آھي ۽ (ٻيو) ھن سببان جو پنھنجن مالن مان خرچ ڪندا آھن، پوءِ ڀلاريون فرمانبردارڻيون، پرپٺ نگاھ رکڻ واريون انھيءَ ڪري جو الله (کين) ڍڪيو آھي (ڀلاريون آھن)، ۽ جن (زالن) جي بي فرماني معلوم ڪريو تن کي (زباني) نصيحت ڪريو ۽ بسترن ۾ کين ڌار ڪريو ۽ مار ڏيونِ، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي فرمانبرداري ڪن تہ مٿن ڪا (ايذاءَ جي) واٽ نہ ڳوليو، بيشڪ الله مٿاھون وڏي وڏائيءَ وارو آھي
4:35
۽ جيڪڏھن سندن وچ ۾ ڦيٽي کان ڊپ (محسوس) ڪريو تہ ھِن جي گھراڻي مان ھڪ امين ۽ ھُن جي گھراڻي مان (بہ) ھڪ امين مقرر ڪريو، جيڪڏھن ٻئي (امين) صلح ڪرائڻ گھرندا تہ الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڏيندو، ڇو تہ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي
4:36
۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شئي کي شريڪ نہ ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽيءَ وارن سان ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واريءَ پاڙيچي ۽ ڌاريي پاڙيچي ۽ ويجھي سنگتي ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو، ڇو تہ جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نہ رکندو آھي
4:37
(۽ نڪي اُنھن کي) جيڪي (پاڻ) ڪنجوسي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي (بہ) ڪنجوسي ڪرڻ جو حڪم ڪندا آھن ۽ الله پنھنجي فضل سان کين جيڪي ڏنو آھي سو لڪائيندا آھن، ۽ (اھڙن) نہ مڃيندڙن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿئون
4:38
۽ (اُنھن لاءِ بہ) جيڪي پنھنجن مالن کي ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ خرچ ڪندا آھن ۽ نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن، ۽ جنھن جو سنگتي شيطان ٿيو تہ اھو سنگتي بڇڙو آھي
4:39
۽ مٿن ڪھڙي (ڏکيائي) ھئي؟ جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين ھا ۽ الله جيڪي کين ڏنو آھي ان مان خرچين ھا، ۽ الله اُنھن (جي حال) کي (چڱو) ڄاڻندڙ آھي
4:40
پڪ الله ذري جيترو بہ ظلم نہ ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن (ڪا) نيڪي ھوندي تہ ان کي ٻيڻو ڪندو آھي ۽ پاڻ وٽان وڏو اجر ڏيندو آھي
4:41
پوءِ (تڏھن) ڪيئن (ڪندا) جڏھن سڀ ڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد آڻينداسون ۽ (اي پيغمبر!) تو کي (بہ) ھن ٽوليءَ تي شاھد ڪري آڻينداسون
4:42
اُنھيءَ ڏينھن ڪافر ۽ جن پيغمبر جو چيو نہ مڃيو، سي گھرندا تہ جيڪر مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي، ۽ الله کان ڪائي ڳالھ لڪائي نہ سگھندا
4:43
اي ايمان وارؤ! اوھان نشي جي حالت ۾ ايستائين نماز کي ويجھا نہ وڃو جيستائين جيڪي ڳالھايو ٿا سو سمجھو ۽ نڪي مسافرن کان سواءِ (مقيم) تڙ وارو (نماز پڙھي) جيسين تڙ ڪريو، ۽ جيڪڏھن اوھين بيمار ھجو يا مسافريءَ تي ھجو يا اوھان مان ڪوئي پاخاني کان اچي يا زالن کي ويجھا ويا ھجو ۽ پاڻي نہ لھو تہ پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو پوءِ پنھنجن منھن ۽ پنھنجن ھٿن کي مک ڪريو، بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي
4:44
(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان حصو ڏنو ويو آھي اُھي گمراھي ڳنھندا آھن ۽ اوھان جو واٽ کان ڀلڻ (بہ) گھرندا آھن
4:45
۽ الله اوھان جي ويرين کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، ۽ الله (سڀني ڪمن جو) ڪارساز بس آھي، ۽ الله مددگار بس آھي
4:46
يھودين مان ڪي (توريت ۾) لفظن کي سندن جاين کان ڦيرائيندا آھن ۽ چوندا آھن تہ ٻڌوسون ۽ نہ مڃيوسون، ٻڌ شال نہ ٻڌايل ھجين، ۽ پنھنجيون زبانون وچڙائي ۽ دين ۾ طعني ھڻڻ لاءِ چوندا آھن، ۽ جيڪڏھن (سَمِعۡنَا وَعَصَيۡنَا جي بجاءِ) سَمِعۡنَا وَاَطَعۡنَا (يعني ٻڌوسون ۽ فرمانبرداري ڪئي سون) ۽ (اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع جي ھنڌ) اِسۡمَعۡ (يعني ٻڌ) ۽ (رَاعِنَا لفظ جي بجاءِ لفظ) اُنۡظُرۡنَا (يعني اسان جو خيال رک) چون ھا تہ اُنھن لاءِ ڀلو ۽ ڏاڍو درست ھجي ھا پر الله سندن ڪُفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورڙن کانسواءِ (ٻيا) ايمان نہ ٿا آڻين
4:47
اي ڪتاب وارؤ! جيڪو (قرآن) لاٿوسون جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن جو (اُھو) سچو ڪندڙ (بہ) آھي تنھنکي اُنھي کان اڳ مڃيو جو (ماڻھن جي) منھن (جي شڪل) مٽايون پوءِ انھن کي سندين پٺين پوئتان ڪريون يا مٿن اھڙي لعنت ڪريون جھڙي ڇنڇر وارن تي لعنت ڪئيسون، ۽ الله جو (جيڪو) حُڪم (جاري ٿيندو آھي) سو ٿي چڪندو آھي
4:48
بيشڪ الله ھيءُ (ڏوھ) نہ بخشيندو جو (ڪنھن کي بہ) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ ٻيا (ڏوھ) جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي) شريڪ بڻائيندو تنھن بيشڪ وڏي گناھ جو بُھتان ٻڌو
4:49
(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا؟ جيڪي پاڻ کي پاڻ پاڪ چوندا آھن، (نہ!) بلڪ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي پاڪ ڪندو آھي ۽ تند جيترو بہ ظلم نہ ڪبن
4:50
(اي پيغمبر!) ڏس تہ الله تي ڪيئن ڪوڙ ٺاھيندا آھن؟ ۽ اِھو پڌرو گناھ بس آھي
4:51
(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان ڀاڱو ڏنو ويو تہ اُھي بتن ۽ طاغوت کي مڃيندا آھن ۽ ڪافرن لاءِ چوندا آھن تہ ھيءَ ٽولي مؤمنن کان وڌيڪ سنئين واٽ واري آھي
4:52
اِھي (اُھي) آھن جن تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ جنھن تي الله لعنت ڪندو تنھن جو ڪو مددگار نہ لھندين
4:53
اُنھن کي بادشاھيءَ مان ڪو ڀاڱو آھي ڇا؟ ۽ (جي کين کڻي ھجي بہ تہ) اُن مھل ماڻھن کي تر جيترو (بہ) نہ ڏين
4:54
بلڪ ماڻھن سان اُنھيءَ تي حسد ڪندا آھن جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي، پوءِ بيشڪ ابراھيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏنيسون ۽ کين وڏي بادشاھي ڏني سون
4:55
پوءِ منجھانئن ڪي آھن جن اُن ڪتاب کي مڃيو ۽ منجھانئن ڪي آھن جي کانئس اَٽڪي (رڪجي) رھيا، ۽ انھن لاءِ ٻرندڙ دوزخ ڪافي آھي
4:56
پڪ جن اسان جي آيتن کي نہ مڃيو تن کي باھ ۾ سگھو گھيڙينداسون، جڏھن بہ سندن کلون ڀُڄنديون (تڏھن) سندن ٻيون کلون ھن لاءِ پيا مٽائينداسون تہ ڀلي عذاب (جو مزو) چکن، يقيناً الله غالب حڪمت وارو آھي
4:57
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (اُنھن) باغن ۾ سگھو داخل ڪنداسون جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، اُنھن لاءِ منجھن پاڪ زالون آھن، ۽ کين گھاٽين ڇانون ۾ داخل ڪنداسون
4:58
بيشڪ الله اوھان کي حُڪم ٿو ڪري تہ امانتون سندن مالڪن کي پھچائي ڏيو ۽ جڏھن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو (تڏھن) انصاف سان حڪم ڪريو، بيشڪ الله اوھان کي جيڪا نصيحت ڪري ٿو سا چڱي آھي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي
4:59
اي ايمان وارؤ! الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوھان مان جيڪو حاڪم ھجي تنھن جي (بہ)، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن شئي بابت جھڳڙو ڪريو تہ جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو تہ ان کي الله ۽ پيغمبر جي حُڪم ڏانھن رجوع ڪريو، اِھو ڀلو ۽ نتيجي جي ڪري ڏاڍو چڱو آھي
4:60
(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا؟ جيڪي ڀانئيندا آھن تہ جيڪي تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي تو کان اڳ لاٿو ويو تنھن کي پاڻ مڃيو اٿن، اھي ھن ھوندي بہ، طاغوت (يعني غير خدا) ڏانھن (مقدمو نيئي) فيصلو ڪرائڻ گھرندا آھن حالانڪہ اُن جي نہ مڃڻ جو حڪم ڪيو ويو اٿن، ۽ شيطان کين وڏي ڀُل ۾ ڀُلائڻ گھرندو آھي
4:61
۽ جڏھن کين چئجي تہ جيڪي الله لاٿو تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو تہ منافقن کي ڏٺئي تہ توکان پوري طرح جھلجي ويندا آھن
4:62
پوءِ (تڏھن) ڪيئن (ڪندا) جڏھن کين ڪا تڪليف اِنھيءَ سببان پھچندي جو سندن ھٿن اڳي ڪيو آھي پوءِ وري تو وٽ اچي الله جو قسم کڻندا تہ اسان جو چڱائي ۽ ٺھراءُ کانسواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نہ ھو
4:63
اِھي (اُھي) آھن جن جي دلين ۾ جيڪي (ڪفر ۽ نفاق) آھي سو الله ڄاڻندو آھي (جو وقت تي سزا لوڙھيندا) پوءِ کانئن منھن موڙ ۽ کين نصيحت ڪر ۽ کين سندين دلين ۾ پھچندڙ ڳالھ چئو
4:64
ڪوئي پيغمبر نہ موڪليوسون پر ھن لاءِ تہ الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي، ۽ جڏھن انھن (ماڻھن) پاڻ تي ظلم ڪيو تڏھن جيڪڏھن تو وٽ اچن ھا پوءِ الله کان بخشش گھرن ھا ۽ پيغمبر اُنھن لاءِ بخشش گھري ھا تہ الله کي ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان لھن ھا
4:65
پوءِ تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي تہ (اِھي ماڻھو ايستائين) مسلمان نہ آھن جيستائين اُنھي معاملي ۾ جو سندن وچ ۾ پيو آھي توکان فيصلو ڪرائن پوءِ (تون) جيڪو نبيرو ڪرين تنھن کان پنھنجين دلين ۾ اُڙ کُڙ نہ ڏسن ۽ پوري طرح مڃين
4:66
۽ جيڪڏھن اسين مٿن لازم ڪريون ھا تہ اوھين پاڻ کي ڪُھو يا پنھنجن ديسن مان نڪرو تہ منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (ٻِيا) اُھو نہ ڪن ھا، ۽ جيڪا نصيحت ڪئي وين تنھن موجب جيڪڏھن اُھي ڪم ڪن ھا تہ اُنھن لاءِ ضرور ڀلو ۽ (ايمان کي) زيادھ پڪي ڪرڻ وارو ھجي ھا
4:67
۽ انھيءَ وقت پاڻ وٽان کين وڏو اجر ضرور ڏيون ھا
4:68
۽ ضرور کين سڌي واٽ وٺايون ھا
4:69
۽ جيڪي الله ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪندا سي اُنھن سان گڏ رھندڙ آھن جن تي الله فضل ڪيو آھي (يعني) پيغمبر ۽ صديق ۽ شھيد ۽ صالح، ۽ اُھي چڱا سنگتي آھن
4:70
اھو فضل الله جي طرفان آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بس آھي
4:71
اي ايمان وارؤ! پنھنجي بچاءُ جو سامان وٺو پوءِ (جھاد لاءِ) ٽولا ٽولا ٿي نڪرو يا گڏجي نڪرو
4:72
۽ بيشڪ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو (ڄاڻي واڻي) دير ڪندو آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي ڪا تڪليف پھچندي آھي تہ چوندو آھي تہ بيشڪ الله مون تي احسان ڪيو جو (آءٌ) ساڻن نہ حاضر ھوس
4:73
۽ جيڪڏھن الله (جي پار) کان ڪو فضل اوھان کي پھچي تہ (اُنھيءَ وانگر جو) ڄڻ تہ اوھان جي ۽ سندس وچ ۾ دوستي نہ ھئي ضرور چوندو آھي تہ مون کي ارمان آھي جيڪر ساڻن ھجان ھا تہ وڏي مراد ماڻيان ھا
4:74
پوءِ اُنھن (مؤمنن) کي جڳائي تہ الله جي واٽ ۾ وڙھن جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت سان وڪڻندا آھن، ۽ جيڪو الله جي واٽ ۾ وڙھندو پوءِ ماريو ويو يا غالب ٿيو تنھن کي سگھوئي وڏو اجر ڏينداسون
4:75
۽ (اي مسلمانؤ!) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله جي واٽ ۾ نٿا وڙھو حالانڪہ ھيڻن مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن مان اھي آھن جي چون ٿا تہ اي اسان جا پالڻھار! ھن شھر مان جنھن جا رھاڪو ظالم آھن اسان کي (ٻاھر) ڪڍ، ۽ پاڻ وٽان اسان جو (ڪو) سنڀاليندڙ ڪر، ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو مددگار ڪر!
4:76
جيڪي مؤمن آھن سي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن، ۽ جيڪي ڪافر آھن سي طاغوت جي واٽ ۾ وڙھندا آھن تنھنڪري شيطان جي ساٿين کي ماريو، ڇو تہ شيطان جي ٺڳي ڪمزور آھي
4:77
(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا؟ جن کي چيو ويو تہ پنھنجن ھٿن کي (ويڙھ کان) جھليو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو، پوءِ جنھن مھل مٿن ويڙھ لازم ڪئي ويئي تنھن مھل منجھانئن اوچتو ھڪ ٽولي الله جي خوف وانگر يا ان کان بہ وڌ خوف ڪرڻ ۾، ماڻھن کان ڊڄي ٿي ۽ چيائون تہ اي اسانجا پالڻھار! ڇا لاءِ اسان تي ويڙھ لازم ڪئي اٿيئي؟ ويجھي وقت تائين تو اسان کي ڇو نہ ڍر ڏني؟ (اي پيغمبر!) چئو تہ دنيا جو سامان ٿورڙو آھي، ۽ آخرت انھيءَ لاءِ ڀلي آھي جيڪو پرھيزگاري ڪندو ۽ توھان تي تند جيترو بہ ظلم نہ ڪبو
4:78
جتي ھوندءُ اُتي اوھان کي موت پھچندو جيتوڻيڪ مضبوط قلعن ۾ (ڇو نہ) ھوندءُ، ۽ جيڪڏھن کين ڪا چڱائي پھچندي آھي تہ چوندا آھن تہ ھيءَ الله وٽان (پھتي) آھي، ۽ جيڪڏھن کين ڪا تڪليف پھچندي آھي تہ چوندا آھن تہ ھيءَ تو وٽان پھتي آھي، (کين) چئو تہ (ڏک سک) سڀ الله وٽان آھي، پوءِ ھن قوم کي ڇا (ٿيو) آھي جو ڳالھ جي سمجھڻ کي ويجھو ئي نہ آھن
4:79
تو کي جيڪا بہ چڱائي پھچي ٿي سا الله وٽان (ڀانءِ)، ۽ تو کي جيڪا بہ تڪليف پھچي ٿي سا پنھنجي نفس (جي ڪمن جي شامت) کان (ڀانءِ)، ۽ تو کي ماڻھن لاءِ پيغمبر ڪري موڪليوسون، ۽ الله شاھد بس آھي
4:80
جيڪو پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو تنھن بيشڪ الله جي فرمانبرداري ڪئي، ۽ جيڪو ڦرندو تن تي تو کي نگھبان ڪري نہ موڪليو اٿئون
4:81
۽ (منافق تو وٽ) چوندا آھن تہ فرمانبرداري (ڪنداسون) پوءِ جڏھن تو وٽان ھليا ويندا آھن تڏھن منجھانئن ھڪ ٽولي تنھنجي ڳالھين جي ابتڙ رات جو صلاحون ڪندي آھي، ۽ جيڪي رات جو صلاحون ڪندا آھن سي الله لکندو آھي، تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله وڪيل بس آھي
4:82
قرآن ۾ ڇو نہ سوچ ڪندا آھن؟ جيڪڏھن الله کانسواءِ ٻئي (ڪنھن) وٽان ھجي ھا تہ منجھس گھڻو اختلاف لھن ھا
4:83
۽ جڏھن وٽن امن جي يا خطري جي ڪا خبر ايندي آھي (تڏھن) اُن کي مشھور ڪندا آھن ۽ جيڪڏھن اُن کي پيغمبر ڏانھن ۽ پنھنجن (مسلمانن) مان اميرن (حڪمرانن) ڏانھن پھچائين ھا تہ منجھائن جيڪي اُن کي جاچيندا آھن سي ضرور ان کي (چڱيءَ طرح) ڄاڻن ھا ۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ اوھان تي نہ ھجي ھا تہ ٿورڙن کانسواءِ ضرور شيطان جي پٺيان لڳو ھا
4:84
پوءِ (اي پيغمبر!) الله جي واٽ ۾ جنگ ڪر، تنھنجي سِر کانسواءِ تو تي بار نہ رکيو ويو آھي ۽ مؤمنن کي ھمٿاءِ، ويجھو ئي الله ڪافرن جي ويڙھ کي روڪڻ تي آھي، ۽ الله ويڙھ جي ڪري ڏاڍو زور وارو ۽ سزا ڏيڻ ۾ (بہ) ڏاڍو زور وارو آھي
4:85
جيڪو چڱيءَ ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصو آھي، جيڪي بڇڙيءَ ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصو آھي، ۽ الله سڀ شئي تي نگھبان آھي
4:86
۽ جڏھن اوھانکي سلام ڪرڻ سان تعظيم ڏني وڃي تڏھن اُن کان بھتر تعظيم سان (سلام) ورايو يا اوترو ورايو، بيشڪ الله سڀ ڪنھن شئي جو حساب ڪندڙ آھي
4:87
الله (اُھو آھي) جو اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ (ڪو) شڪ نہ آھي اوھان کي ضرور گڏ ڪندو ۽ الله کان ڪير (پنھنجي) ڳالھ ۾ وڌيڪ سچو آھي؟
4:88
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو منافقن جي بابت ٻہ ٽوليون (ٿي پيا) آھيو ۽ الله سندن ڪرتوتن سببان کين اونڌو ڪيو آھي، جنھن کي الله ڀُلايو تنھن کي اوھين ھدايت ڪرڻ گھُرندا آھيو ڇا؟ جنھن کي الله ڀلائيندو آھي تنھن لاءِ ڪا واٽ ڪڏھن نہ لھندين
4:89
(اُھي) گھرندا آھن تہ جيڪر اوھين ڪافر ٿيو جھڙا پاڻ ڪافر آھن تہ (سڀ) ھڪجھڙا ٿيو پوءِ منجھانئن ڪنھن کي ايستائين دوست ڪري نہ وٺو جيستائين الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏين، پوءِ جيڪڏھن ڦري وڃن تہ پڪڙيونِ ۽ جتي لھونِ تتي قتل ڪريونِ، ۽ منجھائن ڪنھنکي نڪي دوست ۽ نڪي مددگار ڪري وٺو
4:90
پر (اُنھن سان نہ وڙھو) جيڪي اھڙيءَ قوم سان ڳنڍيل ھجن جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ معاھدو ٿيل ھجي يا اوھان وٽ ھن حال ۾ اچن جو اوھان سان وڙھڻ يا پنھنجي قوم سان وڙھڻ کان سندن سينا گھٽيل ھُجن ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ کين اوھان تي غالب ڪري ھا ۽ اوھان کي ضرور مارين ھا پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو ڪن ۽ اوھان سان نہ وڙھن ۽ اوھان ڏانھن صُلح (جي پيغام) موڪلين تہ پوءِ الله اوھان لاءِ مٿن ڪا (ويڙھ جي) واٽ نہ ڪئي آھي
4:91
ٻي ٽوليءَ کي (اوھين) سگھوئي لھندؤ جو اوھان کان امن ۾ ھجڻ گھرندا ۽ پنھنجي قوم کان (بہ) امن ۾ ھجڻ گھرندا، جڏھن بہ ڪنھن فتني ڏانھن سڏيا ويندا تڏھن منجھس جھٽ پٽ اونڌي منھن ڪري پوندا، پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو نہ ڪن ۽ نڪي اوھان ڏانھن صُلح (جو پيغام) موڪلين ۽ نڪي پنھنجن ھٿن کي (ويڙھ کان) جھلين تہ اُنھن کي پڪڙيو ۽ جتي انھن کي لھو تِتي اُنھن کي ڪُھو، ۽ انھن تي اسان اوھان کي پڌرو غلبو ڏنو آھي
4:92
۽ مؤمنن جو ڪنھن مؤمن کي مارڻ ڀُل چُڪ کانسواءِ (ڪنھن حال ۾) نہ جڳائي، ۽ جيڪو مؤمن ڀُل چُڪ سان ماري تہ (ھڪ تہ) مؤمن ٻانھي کي آزاد ڪري ۽ (ٻيو تہ) چَٽي سندس وارثن کي پھچائي پر جي بخشين (تہ انھن کي اختيار آھي)، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي دشمنن جي قوم مان آھي ۽ اُھو مؤمن ھجي تہ (رڳو) مؤمن ٻانھي کي آزاد ڪرڻ لازم آھي ( ۽ چٽي معاف آھي)، ۽ جيڪڏھن اُنھيءَ قوم مان آھي جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ پڪو معاھدو ٿيل آھي تہ چَٽي سندس وارثن کي پھچائجي ۽ مؤمن ٻانھي کي آزاد ڪرڻ لازم آھي، ۽ جيڪو (ٻانھو) نہ لھي تہ ٻہ مھينا لڳو لڳ روزا رکي، (اھو ڪفارو) الله (جي پار) کان توبھ جي (قبول ٿيڻ) لاءِ آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
4:93
۽ جيڪو مؤمن کي ڄاڻي واڻي ماريندو تنھن جي سزا دوزخ آھي منجھس سدائين رھڻ وارو آھي ۽ الله مٿس ڏمربو ۽ مٿس لعنت ڪندو ۽ اُن لاءِ وڏو عذاب تيار ڪيو اٿس
4:94
اي ايمان وارؤ! جڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) مسافري ڪريو تڏھن (پوريءَ طرح) جاچيو ۽ جيڪو اوھانکي سلام ڪري تنھن کي اوھين دنيا جي حياتيءَ جو سامان طلبيندڙ ٿي، نہ چئو تہ تون مؤمن نہ آھين، ڇو تہ الله وٽ (ڏيڻ لاءِ) خزانا گھڻا آھن، اڳ اوھين بہ اُھڙا ھيؤ پوءِ الله اوھان تي احسان ڪيو پوءِ اوھين (پوريءَ طرح) جاچيو، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي
4:95
مؤمنن مان ڪنھن عذر ڌاران (جھاد کان گھر ۾) ويھي رھندڙ ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجي مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙ (اِھي ٻئي) برابر نہ آھن، پنھنجن مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙن کي الله (گھر ۾) ويھي رھندڙن کان مرتبي ۾ ڀلو ڪيو آھي، ۽ الله ھر ھڪ کي چڱائي جو وعدو ڏنو آھي، ۽ الله جھاد ڪندڙن کي ويھي رھندڙن کان وڏي اجر جي ڪري ڀلو ڪيو آھي
4:96
پاڻ وٽان درجا ۽ بخشش ۽ ٻاجھ ڪئي اٿس، ۽ الله بخشڻھار ۽ مھربان آھي
4:97
بيشڪ جن پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تن کي ملائڪ مارڻ مھل چوندا آھن تہ اوھين ڪھڙي (حال) ۾ ھيؤ؟ اُھي چوندا تہ اسين ملڪ ۾ بيوس ھئاسون، (ملائڪ کين) چوندا تہ الله جو مُلڪ ويڪرو نہ ھو ڇا؟ جو اُن ۾ لڏي وڃو ھا، پوءِ اُنھن جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھو ھنڌ بڇڙو آھي
4:98
پر مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن مان ھيڻا جو، ڪا واھ لھي نہ سگھندا آھن ۽ نڪا نڪرڻ جي ڪا واٽ وٺي سگھندا آھن
4:99
تہ سگھو اُنھن کي الله معاف ڪرڻ تي آھي، ۽ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي
4:100
جيڪو الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندو سو زمين ۾ گھڻيون رھڻ جون جايون ۽ (روزيءَ جي) ڪشادگي لھندو، ۽ جيڪو الله (جي واٽ ۾) ۽ سندس پيغمبر ڏانھن ھجرت ڪندڙ ٿي پنھنجي گھر کان نڪرندو پوءِ کيس موت پھچندو تنھن جو اجر بيشڪ الله تي (لازم) آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
4:101
۽ جڏھن اوھين ملڪ ۾ مسافري ڪريو تڏھن جيڪڏھن ڊڄو ٿا تہ ڪافر اوھان کي پريشان ڪندا تہ نماز مان ڪجھ گھٽائڻ ۾ اوھان تي گناھ ڪونھي، ڇو تہ ڪافر اوھان جا پڌرا ويري آھن
4:102
۽ (اي پيغمبر! ويڙھ مھل) جڏھن منجھن ھجين پوءِ کين نماز پڙھائين تہ منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي توسان (نماز ۾) بيھڻ گھرجي ۽ پنھنجن ھٿيارن کي (ساڻ) وٺڻ گھرجين، پوءِ جنھن مھل (اُھي) سجدو ڏيئي بيھن (تنھن مھل) اوھان جي پوئتان ٿين، ۽ جنھن ٻئي ٽوليءَ نماز نہ پڙھي آھي سي، اچن تن کي توسان نماز پڙھڻ گھرجي ۽ پنھنجي بچاءَ (جي شين) ۽ پنھنجن ھٿيارن کي وٺڻ گھرجين، ڪافر گھرندا آھن تہ جيڪر اوھين پنھنجن ھٿيارن ۽ پنھنجي سامان کان (ڪجھ) بي خبر ٿيو تہ اوھان تي ھڪ ئي ڀيري حملو ڪن، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مينھن کان ڪا تڪليف ھجي يا اوھين بيمار ھجو تہ اوھان تي گناھ نہ آھي تہ پنھنجا ھٿيار لاھي رکو، ۽ پنھنجي بچاءَ جون شيون (ساڻ) وٺو، بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو آھي
4:103
پوءِ جڏھن نماز پوري ڪريو (تڏھن) بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪريو، پوءِ جڏھن اوھين دلجاءِ ڪريو تڏھن (اصلي دستور تي) نماز پڙھو، بيشڪ نماز مؤمنن تي ٺھرايل وقت تي فرض آھي
4:104
۽ ڪافرن جي ڳول ڦول ۾ سُستي نہ ڪريو، جيڪڏھن اوھين ڏکوئبا آھيو تہ اُھي بہ اوھان جھڙا ڏکوئبا آھن، ۽ اوھين الله ۾ اھا اميد ٿا رکو جا اميد انھن کي نہ آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
4:105
(اي پيغمبر!) بيشڪ اسان تو ڏانھن سچو ڪتاب ھن لاءِ لاٿو آھي تہ جيئن الله تو کي سيکاريو آھي تيئن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين، ۽ خيانت ڪندڙن جي پاسداري نہ ڪر
4:106
۽ الله کان بخشش گُھر، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
4:107
۽ جيڪي پنھنجو پاڻ سان خيانت ڪندا آھن تن جي پاران (تون) نہ جھيڙ، ڇو تہ الله خيانتي گنھگار کي دوست نہ رکندو آھي
4:108
ماڻھن کان لڪندا آھن ۽ الله کان لڪي نہ سگھندا ۽ جڏھن رات جو اُھا صلاح ڪندا آھن جنھن صلاح کان الله راضي نہ آھي تڏھن اُھو (الله) ساڻن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي
4:109
خبردار! اوھين اھڙي قوم آھيو جو دنيا جي حياتيءَ ۾ (تہ) سندن پاران بحث ڪندا آھيو، پوءِ قيامت جي ڏينھن سندن پاران الله سان ڪير جھيڙو ڪندو؟ يا مٿن ڪير ڀرجھلو ٿيندو؟
4:110
۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪندو يا پاڻ تي ظلم ڪندو وري الله کان بخشش گھرندو سو الله کي بخشڻھار مھربان لھندو
4:111
۽ جيڪو ئي گناھ ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ ئي ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
4:112
۽ جي ڪو ڪا خطا يا گناھ ڪري وري اُھا (تھمت) ڪنھن بيگناھ تي ھڻي تنھن بيشڪ بُھتان ۽ پڌرو گناھ کنيو
4:113
۽ جيڪڏھن تو تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نہ ھجي ھا تہ منجھانئن ھڪ ٽوليءَ تو کي غلطي ۾ وجھڻ جي پڪي نيت ڪئي ھئي، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ (ڪنھن کي) نہ ڀلائيندا آھن ۽ تو کي ڪوبہ نقصان نہ پھچائيندا، ۽ الله تو تي ڪتاب ۽ دانائي لاٿي آھي ۽ جيڪي تون نہ ڄاڻندو ھئين سو تو کي سيکاريائين، ۽ تو تي الله جو وڏو فضل آھي
4:114
سندين گھڻين ڳجھين صلاحن ۾ ڪا چڱائي نہ آھي پر جنھن خيرات ڏيڻ يا چڱي ڪم يا ماڻھن جي وچ ۾ سڌاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو (تنھن جي صلاح ۾ چڱائي آھي)، ۽ جيڪو اُھو (ڪم) الله جي رضامنديءَ ڳولڻ لاءِ ڪندو تنھنکي سگھوئي وڏو اجر ڏينداسون
4:115
۽ جيڪو ھدايت جي چٽي ٿيڻ کانپوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪندو ۽ مؤمنن جي واٽ کانسواءِ ٻي واٽ وٺندو سو جيڏانھن ڦريو تيڏانھن کيس ڦيرينداسون ۽ کيس دوزخ ۾ گھيڙينداسون، ۽ (اھا) جاءِ بڇڙي آھي
4:116
بيشڪ الله ھيءُ (ڏوھ) نہ بخشيندو جو (ڪنھن کي) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ (ٻيا گناھ) جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي) شريڪ بڻائيندو سو بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀلو
4:117
(ھي مشرڪ) ان (الله) کانسواءِ عورتن (جي نالي وارن) کي ئي سڏيندا آھن، ۽ (حقيقت) ۾ تڙيل شيطان کانسواءِ ٻئي کي نہ سڏيندا آھن
4:118
ان تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ (شيطان) چيو تہ تنھنجي ٻانھن مان مقرر ڪيل حصو ضرور وٺندس
4:119
۽ کين ضرور گمراھ ڪندس ۽ کين ضرور سَڌن ۾ وجھندس ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس پوءِ ضرور ڍورن جي ڪنن کي چيريندا (رھندا) ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس تہ الله جي جوڙيل (صورت) کي مٽائيندا (رھندا) ۽ جيڪو الله کانسواءِ شيطان کي دوست ڪري وٺندو تنھن بيشڪ پڌرو نقصان پاتو
4:120
(شيطان) کين انجام ڏيندو آھي ۽ کين سَڌن ۾ وجھندو آھي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو ڪو) انجام نہ ڏيندو اٿن
4:121
اھڙن (ماڻھن) جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُن کان ڀڄڻ جي ڪا واھ نہ لھندا
4:122
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سگھوئي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھن ھميشہ سدائين رھڻ وارا آھن، (اھو) الله جو پڪو انجام آھي، ۽ انجام ڏيڻ ۾ الله کان وڌيڪ سچو ڪير آھي؟
4:123
۽ نڪي اوھان جي سَڌن تي نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي (ڇوٽڪارو) آھي، جيڪو ڪا برائي ڪندو تنھن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندو
4:124
۽ جيڪي (ماڻھو) مرد يا عورت مؤمن ٿي چڱا ڪم ڪندا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ تر جيترو بہ ظلم نہ ڪبن
4:125
۽ دين جي اعتبار کان انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ جنھن پنھنجو مُنھن (پيشاني) الله لاءِ نِوايو ۽ اُھو چڱائي ڪندڙ آھي ۽ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي پيروي ڪئي اٿس، ۽ الله ابراھيم کي (پنھنجو) خاص دوست بڻايو ھو
4:126
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شئي تي گھيرو ڪندڙ آھي
4:127
(اي پيغمبر!) زائفن بابت تو کان پڇن ٿا، چئو تہ الله انھن بابت اوھان کي حُڪم ڪري ٿو ۽ (پڻ) جيڪي اوھان کي (ھن) ڪتاب ۾ (اڳ) پڙھي ٻڌايو ويو آھي سو اُنھن يتيم زالن بابت آھي جن کي سندن حق، جيڪو اُنھن لاءِ لازم ڪيو ويو سو نہ ڏيندا آھيو ۽ کين پرڻجڻ جي خواھش ڪندا آھيو ۽ (پڻ) ھيڻن ٻارن بابت (سو اُھو حُڪم قائم آھي) ۽ يتيمن (جي حقن ادا ڪرڻ) لاءِ انصاف تي قائم رھو، ۽ اوھين جيڪا ڪا چڱائي ڪندؤ تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي
4:128
۽ جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس جي بي پرواھيءَ يا منھن موڙڻ کان ڊڄي تہ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ صُلح ڪن (ڪنھن بہ قسم جو صُلح) تہ ٻنھين تي گناھ نہ آھي، ۽ صُلح ڀلو آھي، ۽ نفس (تہ) بخل کي آڏو ڪيا ويا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ۽ پرھيزگار ٿيندؤ تہ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
4:129
۽ اوھين زالن جي وچ ۾ ڪڏھن بہ برابري رکي نہ سگھندؤ توڻيڪ گھڻي ڪوشش ڪريو تنھنڪري اوھين (ھڪ پاسي اھڙو) سارو لاڙو نہ لڙو جو ٻيءَ کي لڙڪيل وانگر ڇڏيو، ۽ جيڪڏھن اوھين (پاڻ ۾) صُلح ڪريو ۽ پرھيزگار ٿيو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
4:130
۽ جيڪڏھن ٻئي جدا ٿيندا تہ الله پنھنجي فضل سان ھر ڪنھن کي آسودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو حڪمت وارو آھي
4:131
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ اوھان کان اڳ ڏنل ڪتاب وارن کي ۽ (ھاڻي) خاص اوھان کي بيشڪ وصيت ڪئي اٿئون تہ الله کان ڊڄو، ۽ جيڪڏھن نہ مڃيندؤ تہ (سمجھو تہ) جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله بي پرواھ ساراھيل آھي
4:132
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ڀرجھلو بس آھي
4:133
اي انسانؤ! جيڪڏھن الله گھري تہ اوھانکي فنا ڪري ڇڏي ۽ ٻـين کي پيدا ڪري، ۽ الله انھيءَ (ڪم) تي وس وارو آھي
4:134
جيڪو دنيا ۾ (پنھنجين چڱائين جو) ثواب گھرندو آھي تہ الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو ثواب آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي
4:135
اي ايمان وارؤ! انصاف تي قائم رھندڙ الله ڪارڻ شاھدي ڏيندڙ بڻجو توڻيڪ اوھان کي پاڻ تي يا ماءُ پيءُ يا مٽن تي ھجي، جيڪڏھن (اُھو ماڻھو جنھن تي حق ثابت ٿئي ٿو سو) آسودو ھجي يا سڃو تہ الله اُنھن تي وڌيڪ مھربان آھي، پوءِ انصاف ڪرڻ ۾ سَڌن جي پٺيان نہ لڳو، ۽ جيڪڏھن اوھين وچڙائي ڳالھائيندؤ يا منھن موڙيندؤ تہ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
4:136
اي ايمان وارؤ! الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ جيڪو ڪتاب پنھنجي پيغمبر تي لاٿائين ۽ جيڪو ڪتاب کانئس اڳ لاٿائين تنھن کي (بہ) مڃيو ۽ جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس پيغمبرن ۽ قيامت جي ڏينھن کي نہ مڃيندو سو بيشڪ وڏي ڀل ۾ ڀُلو
4:137
جن ايمان آندو وري ڪفر ڪيائون وري ايمان آندائون وري ڪفر ڪيائون وري ڪفر ۾ وڌندا ويا تن کي الله ڪڏھن نہ بخشيندو ۽ نڪي کين ڪا واٽ ڏيکاريندو
4:138
(اي پيغمبر!) اُنھن منافقن کي (ھيءَ) سُڌ ڏي تہ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
4:139
جيڪي مؤمنن کانسواءِ ڪافرن کي دوست ڪري وٺندا آھن، اُنھن وٽان مانُ ڇو گھرندا آھن؟ پوءِ يقيناً ھيڪاندو مانُ الله جو ئي آھي
4:140
۽ بيشڪ الله اوھان تي ڪتاب ۾ (ھي حڪم) لاٿو آھي تہ جڏھن (اوھين) ٻڌو تہ الله جي آيتن جو انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ مٿن ٺـٺولي ڪئي وڃي ٿي تڏھن (اوھين) ساڻن ايسين نہ ويھو جيسين ٻي ڪنھن ڳالھ ۾ بحث (نہ) ڪن، اوھين اُنھيءَ مھل (جي وھندؤ تہ) انھن جھڙا ٿيندؤ، ڇو تہ الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي دوزخ ۾ گڏ ڪندڙ آھي
4:141
اُھي (منافق) اوھان جو انتظار ڪڍندا آھن، پوءِ جيڪڏھن الله (جي پار) کان اوھان لاءِ ڪا سوڀ آھي تہ چون ٿا تہ (اسين) اوھان سان گڏ نہ هُئاسون ڇا؟ ۽ جيڪڏھن (سوڀ جو) ڀاڱو ڪافرن جو آھي تہ ڪافرن کي چون ٿا تہ اسين اوھان تي غالب نہ آھيون ڇا؟ ۽ مؤمنن کان اوھان کي نہ بچايوسون ڇا؟ پوءِ الله قيامت جي ڏينھن اوھانجي وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ الله ڪافرن کي مؤمنن تي (غلبي جي ڪا) واٽ نہ ڪندو
4:142
منافق (پنھنجي پَرِ ۾) الله کي دلبو ڏيندا آھن ۽ (حقيقت ڪري) الله کين دلبو ڏيندڙ آھي، ۽ جڏھن نماز ڏانھن اُٿندا آھن تڏھن آرسي ٿي اُٿندا آھن (رڳو) ماڻھن کي ڏيکاريندا آھن ۽ ٿورڙي کانسواءِ الله کي ياد نہ ڪندا آھن
4:143
نہ ھِن ٽوليءَ ڏانھن آھن ۽ نڪي ھُن ٽوليءَ ڏانھن آھن اِنھيءَ وچ ۾ حيران آھن، ۽ جنھن کي الله ڀلائيندو تنھن لاءِ ڪڏھن واٽ نہ لھندين
4:144
اي ايمان وارؤ! اوھين ڪافرن کي مؤمنن کانسواءِ دوست ڪري نہ وٺو، پاڻ تي الله جو پڌرو الزام ثابت ڪرڻ گھرندا آھيو ڇا؟
4:145
بيشڪ مُنافق باھ جي ھيٺين طبقي ۾ ھوندا، ۽ انھن جو مددگار ڪوئي نہ لھندين
4:146
پر جن توبھ ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو ۽ الله کي چنبڙي ورتو ۽ خالص الله جا حُڪم مڃيا سي مؤمنن سان آھن، ۽ الله مؤمنن کي وڏو اجر سگھو ڏيندو
4:147
جيڪڏھن (سندس نعمتون ڄاڻي) شڪر ڪندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ تہ الله اوھانکي عذاب ڇا لاءِ ڪندو؟ ۽ الله تہ قدر سڃاڻندڙ ڄاڻندڙ آھي
4:148
الله مظلوم کانسواءِ ٻئي ڪنھن جو (ڪنھين کي) وڏي سڏ ( ۽ کليل طرح) بڇڙو ڳالھائڻ پسند نہ ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
4:149
جيڪڏھن اوھين ڪا چڱائي پڌري (طرح) ڪندا آھيو يا اُھا لڪائي ڪندا آھيو يا (ڪنھن سان) مدائيءَ ڪرڻ کان ٽارو ڪندا آھيو تہ بيشڪ الله معافي ڏيندڙ وس وارو آھي
4:150
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبرن کي نہ مڃيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبرن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گھرندا آھن ۽ چوندا آھن تہ ڪن پيغمبرن کي مڃيون ٿا ۽ ڪن (پيغمبرن) کي نہ ٿا مڃيون ۽ اِنھيءَ وچ ۾ ڪا ٻي واٽ وٺڻ گھرندا آھن
4:151
اُھي ئي پڪ ڪافر آھن، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون
4:152
۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو ۽ منجھانئن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ فرق نہ ڪيو اُنھن کي الله سندن اجر سگھو ڏيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
4:153
(اي پيغمبر!) ڪتاب وارا تو کان سوال ٿا ڪن تہ آسمان کان (ھڪ ئي ڀيري) مٿن ڪتاب لاھين (ان جو خيال نہ ڪر) ڇو تہ ان کان (بہ) وڏو سوال موسىٰ کان ڪيو ھئائون جو چيائون تہ اسان کي الله (اکين سان) چِٽو ڏيکار، پوءِ سندن گناھ سببان مٿن وڄ ڪري، وري پاڻ وٽ معجزن جي اچڻ کانپوءِ گابي کي (خُدا ڪري) ورتائون پوءِ اُن (سندن ڏوھ) کان معافي ڏني سون، ۽ موسىٰ کي پڌرو غلبو ڏنوسون
4:154
۽ کانئن انجام وٺڻ لاءِ سندن مٿان (جبل) طور کڙو ڪيوسون ۽ کين چيوسون تہ (شھر جي) دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي گھڙو ۽ کين (ھيءُ بہ) فرمايوسون تہ ڇنڇر (جي ڏينھن مڇي نہ مارڻ جي حڪم ڪيل) ۾ حد کان نہ لنگھو ۽ کانئن پڪو انجام ورتوسون
4:155
پوءِ سندن انجام ڀڃڻ ۽ الله جي آيتن کي سندن نہ مڃڻ ۽ پيغمبرن کي سندن ناحق مارڻ (سببان سزا جوڳا ٿيا) ۽ سندن (اِنھيءَ) چوڻ سببان تہ اسان جو دليون ڍڪيل آھن، (نہ!) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن مُھر ھنئي آھي تنھنڪري ٿورن کانسواءِ ايمان نہ آڻيندا
4:156
۽ سندن ڪفر سببان ۽ مريم تي سندن وڏي بُھتان چوڻ سببان
4:157
۽ سندن ھن چوڻ سببان تہ الله جي پيغمبر مسيح عيسىٰ پٽ مريم جي کي ڪُٺو اٿئون، حالانڪہ نڪي کيس ڪٺائون ۽ نڪي کيس سوري تي چاڙھيائون پر اُنھن کي شُبھي ۾ وڌو ويو آھي، ۽ جن اُن بابت تڪرار ڪيو سي کانئس شڪ ۾ آھن، گمان کانسواءِ کين ان جي ڪا پڪي ڄاڻپ نہ آھي، ۽ پڪ سان کيس نہ ڪُٺو اٿن
4:158
بلڪ الله کيس پاڻ ڏانھن مٿي کڻي ورتو، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي
4:159
۽ ڪتاب وارن مان ڪوئي نہ رھندو پر سندس موت کان اڳ (سڀئي) مٿس ضرور ايمان آڻيندا، ۽ قيامت جي ڏينھن (عيسىٰ) مٿن شاھد ھوندو
4:160
پوءِ يھودين جي ظلم سببان (گھڻيون) سُٺيون شيون جي انھن لاءِ حلال ڪيل ھيون سي مٿن حرام ڪيوسون ۽ (پڻ) گھڻن (ماڻھن) کي الله جي واٽ کان سندن جھلڻ سببان
4:161
۽ پڻ سندن وياج وٺڻ سببان جو بيشڪ کانئس جھليا (بہ) ويا ھئا ۽ (پڻ) ماڻھن جي مالن کي سندن ناحق کائڻ سببان (گھڻيون حلال شيون مٿن حرام ڪيون ويون) ۽ اُنھن مان ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون
4:162
پر منجھانئن علم ۾ پڪا ۽ مؤمن، جيڪي توڏانھن نازل ڪيو ويو تنھن کي ۽ جيڪي توکان اڳ نازل ڪيو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ نماز پڙھندڙ ۽ زڪوٰة ڏيندڙ ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندڙ آھن، اِنھن کي سگھوئي وڏو اجر ڏينداسون
4:163
اسان توڏانھن (اھڙيءَ طرح) وحي ڪيو جھڙيءَ طرح نوح ڏانھن ۽ کانئس پوءِ (ٻـين) پيغمبرن ڏانھن وحي ڪيو ھوسون، ۽ ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسىٰ ۽ ايوب ۽ يونس ۽ ھارون ۽ سليمان ڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ دائود کي زبور ڏنوسون
4:164
۽ ٻيا (گھڻا) پيغمبر آھن جن جو ھن کان اڳ تو کي بيان ٻڌايوسون ۽ (ٻيا گھڻا) پيغمبر آھن جن جو بيان تو کي نہ ٻڌايوسون، ۽ الله موسىٰ سان گفتگو ڪئي
4:165
پيغمبر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ھن لاءِ آھن تہ پيغمبرن (جي اچڻ) کانپوءِ ماڻھن جي ڪا حجت الله تي نہ رھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي
4:166
پر الله جيڪو (ڪتاب) توڏانھن لاٿو آھي تنھن لاءِ (پاڻ) شاھدي ٿو ڏئي تہ اُھو پنھنجي علم سان نازل ڪيو اٿس، ۽ ملائڪ بہ شاھدي ٿا ڏين، ۽ الله گواھ ڪافي آھي
4:167
جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن) کي جھليو سي بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀُلا
4:168
بيشڪ جن انڪار ڪيو ۽ ظلم ڪندا رھيا تہ الله (اھڙو) نہ آھي جو کين بخشي ۽ نڪي (اھڙو) آھي جو کين (ٻي) ڪا (سڌي) واٽ ڏيکاري
4:169
دوزخ جي واٽ کانسواءِ منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھو الله تي سھنجو آھي
4:170
اي انسانؤ! اوھان جي پالڻھار وٽان پيغمبر (محمد ﷺ) اوھان وٽ سچ وٺي آيو آھي تنھنڪري (مٿس) ايمان آڻيو جو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن نہ مڃيندؤ (تہ اوھان جو نقصان آھي) ڇو تہ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
4:171
اي ڪتاب وارؤ! پنھنجي دين ۾ حد کان نہ لنگھو ۽ نڪي سچ کانسواءِ الله تي (ڪي ٻيو) چئو، عيسىٰ پُٽ مريم جو الله جو پيغمبر ۽ سندس (خاص) حُڪم (سان پيدا ڪيل) آھي، اُھو مريم ڏانھن ھَلايائين ۽ سندس پار کان ھڪ رُوح آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ (اوھين) ٽي (خدا) نہ چئو، (اھڙي چوڻ کان پاڻ کي) جھليو (اِھو) اوھان لاءِ ڀلو آھي، رڳو ھڪ الله کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، پُٽن جي ھجڻ کان اُھو پاڪ آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو اُن جو آھي، ۽ الله سنڀاليندڙ ڪافي آھي
4:172
عيسىٰ الله جي ٻانھي ھُجڻ کان بنھ عار نہ ڪندو آھي ۽ نڪي مقرب ملائڪ، ۽ جيڪو سندس ٻانھپ کان عار ڪندو ۽ وڏائي ڪندو تن سڀني کي (الله) پاڻ وٽ سگھوئي گڏ ڪندو
4:173
پوءِ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي سندن اَجر پورو ڏيندو ۽ (بلڪ) پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ ڏيندو، ۽ جن (ٻانھي ھجڻ کان) عار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو ۽ الله کان سواءِ پنھنجو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندا
4:174
اي انسانؤ! بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ پڪي سَندَ آئي آھي ۽ اوھان ڏانھن چِٽو سوجھرو (قرآن) لاٿوسون
4:175
پوءِ جن الله کي مڃيو ۽ کيس چنبڙي ورتو تن کي پنھنجي پاران ٻاجھ ۽ فضل ھيٺ سگھو داخل ڪندو ۽ پاڻ ڏانھن کين سڌو رستو ڏيکاريندو
4:176
(اي پيغمبر! جنھن کي اولاد ۽ ماءُ پيءُ نہ ھجي تنھنجي ميراث بابت) توکان پڇن ٿا، چئو تہ الله اھڙي ڪلالہ (جي ميراث) بابت اوھان کي فتوىٰ ٿو ڏئي، جيڪڏھن (ڪو اھڙو) مرد مري جنھنکي اولاد نہ آھي ( ۽ نہ ماءُ پيءُ) ۽ کيس ھڪ ڀيڻ آھي تہ جيڪي ڇڏيائين تنھنجو اڌ اُن لاءِ آھي، ۽ (جيڪڏھن اھڙي ڪا عورت مري وڃي ۽ ڀاءُ جيئرو اٿس تہ) ڀاءُ سندس وارث آھي سو تڏھن جو کيس ڪو اولاد نہ ھجي، پوءِ جيڪڏھن ٻہ ڀينر ھجن تہ جيڪي ڇڏيائين تنھن مان ٻنھي لاءِ ٻہ ٽھايون آھن ۽ جيڪڏھن (وارث) ڀينرون ۽ ڀائر ھجن تہ مڙس (يعني ڀاءُ) لاءِ ٻن عورتن (ڀينرن) جي حصي جيترو آھي، الله اوھان لاءِ بيان ڪندو آھي تہ متان (اوھين) گمراھ ٿيو، ۽ الله سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي