3:1
الٓمٓ
3:2
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نہ آھي (جو سدائين) جيئرو (جڳ جي) بيھڪ ڏيڻ وارو آھي
3:3
تو تي (اُھو) ڪتاب سچ سان لاٿائين (جو) جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳي آھن تن جي تصديق ڪندڙ آھي ۽ توريت ۽ انجيل کي لاٿائين
3:4
اڳي ئي ماڻھن جي ھدايت لاءِ، ۽ (سچ ۽ ڪوڙ کي) سنڌو وجھندڙ لاٿائين، بيشڪ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي
3:5
الله تي ڪائي شئي نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ ڳجھي رھندي آھي
3:6
اُھو (الله) اھو آھي جيڪو (مائن) ڳھڻن ۾ جيئن گھرندو آھي (تيئن) اوھان جي شڪل ٺاھيندو آھي، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نہ آھي (اُھوئي) غالب حڪمت وارو آھي
3:7
اُھو (الله) آھي جنھن تو تي ڪتاب لاٿو جنھن مان ڪي آيتون محڪم آھن (يعني چٽي معنىٰ واريون) آھن اُھي ڪتاب جو اصل آھن ۽ ٻيون متشابہ (يعني گھڻن معنائن واريون) آھن، پوءِ جن دلين ۾ ڏنگائي آھي سي منجھانئس جيڪي متشابہ آھن تن جي پٺيان فتني پکيڙڻ ۽ سندس (مطلبي) مراد ڳولڻ لاءِ لڳندا آھن، ۽ الله کانسواءِ اُن جي مُراد ڪوئي نہ ڄاڻندو آھي، ۽ (جيڪي) علم ۾ پختا (آھن سي) چوندا آھن تہ اُنھن کي مڃيوسون اِھي مڙئي اسان جي پالڻھار وٽان آھن، ۽ عقل وارن کانسواءِ (ٻيو) نصيحت نہ وٺندو آھي
3:8
اي اسان جا پالڻھار! جڏھن تو اسان کي ھدايت ڪئي تنھن کان پوءِ اسان جي دلين کي ڏنگائي نہ ڏي ۽ پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر، ڇو تہ تون ئي بخشڻھار آھين
3:9
اي اسان جا پالڻھار! تون اُن ڏينھن ۾ ماڻھن کي گڏ ڪندڙ آھين جنھن ۾ ڪو شڪ نہ آھي، بيشڪ الله (پنھنجي) انجام کي نہ ڦيرائيندو آھي
3:10
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کان ڪڏھن بہ سندن مال ۽ سندن اولاد الله (جي عذاب) مان ڪجھ بہ نہ ٽاريندو، ۽ اِھي دوزخ جو ٻل آھن
3:11
(اُنھن جو حال) فرعونين جي ۽ اُنھن جي حال جھڙو آھي جي کانئن اڳ ھئا (اُنھن) اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي
3:12
(اي پيغمبر!) ڪافرن کي چئو تہ سگھو ھيٺاھان ٿيندؤ ۽ دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ، ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي
3:13
اُنھن ٻن ٽولين جي (پاڻ ۾) ويڙھ ڪرڻ ۾ اوھان لاءِ بيشڪ نشاني آھي، ھڪڙي ٽولي الله جي واٽ ۾ وڙھي ۽ ٻي (ڪافرن جي) ھئي (مسلمانن) کين پاڻ کان ٻيڻو اکين جي ڏيٺ سان ڏٺو ٿي، ۽ الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پنھنجي مدد سان سگھ ڏيندو آھي، ڇو تہ اُن ۾ (سمجھ جي) اکين وارن لاءِ ضرور عبرت آھي
3:14
ماڻھن لاءِ زالن ۽ پٽن ۽ سونَ ۽ چانديءَ جي (وڏن وڏن) سٿيلن ڍيرن ۽ نشان ڪيلن گھوڙن ۽ ڍورن ۽ پوک جي خواھشن جي محبت سينگاري وئي آھي، اھو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آھي، ۽ الله وٽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي
3:15
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ آءٌ ان کان ڀليءَ (شئي) جي خبر ڏيان؟ جن (شرڪ کان) پاڻ بچايو تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھن جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن ۽ پاڪ زالون ۽ (پڻ) الله جي پاران راضپو آھي، ۽ الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي
3:16
جيڪي چوندا آھن تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان تو کي مڃيو آھي تنھنڪري اسان جا ڏوھ اسان کي بخش ۽ باھ جي عذاب کان اسان کي بچاءِ!
3:17
اُھي صابر ۽ سچا ۽ تابعداري ڪندڙ ۽ سخي ۽ اسُر مھل جو بخشش گھرندڙ آھن
3:18
الله (ھيءَ) گواھي ڏني آھي تہ الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نہ آھي، ۽ ملائڪ ۽ علم وارا (بہ) انصاف تي قائم رھندي (اِھا شاھدي ڏيندا آھن)، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نہ آھي اُھو غالب حڪمت وارو آھي
3:19
بيشڪ (وڻندڙ) دين الله وٽ اسلام آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن (اڳ) تڪرار نہ ڪيو پر وٽن علم آيو تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ضد سببان (تڪرار ڪيائون)، ۽ جيڪو الله جي حڪمن کي نہ مڃيندو تہ بيشڪ الله (بہ) سگھو حساب وٺندڙ آھي
3:20
پوءِ جيڪڏھن توسان جھيڙين تہ چئو تہ مون ۽ جنھن منھنجي تابعداري ڪئي تنھن پنھنجو منھن (يعني سر) الله لاءِ نوايو آھي، ۽ (اي پيغمبر!) جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙھيلن کي چئو تہ اسلام آندو اٿوَ؟ (يا نہ). پوءِ جيڪڏھن اسلام آڻين تہ بيشڪ سِڌيءَ واٽ وارا ٿيا، ۽ جيڪڏھن ڦري وڃن تہ تو تي رڳو پيغام پھچائڻ آھي، ۽الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي
3:21
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نٿا مڃين ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿا ڪھن ۽ ماڻھن مان جيڪي (کين) انصاف جو حڪم ڪن ٿا تن کي ٿا ڪھن پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي سُڌ ڏي
3:22
اِھي (اُھي) آھن جن جي ڪمائي دنيا آخرت ۾ ناس ٿي ويئي ۽ اُنھن جو ڪو مددگار ڪونھي
3:23
(اي پيغمبر!) جن کي ڪتاب مان ڪو ڀاڱو ڏنو ويو تن کي نہ ڏٺو اٿئي ڇا؟ (جو) الله جي ڪتاب ڏانھن (ھن لاءِ) سڏيا وڃن ٿا تہ سندن وچ ۾ فيصلو ڪري پوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري ويندي آھي ۽ اُھي منھن موڙيندڙ (بہ) آھن
3:24
اِھو ھن ڪري آھي جو اُھي چون ٿا تہ باھ ڪن ڳاڻوَن ڏينھن کانسواءِ اسان کي ڪڏھن نہ ڇھندي، ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا رھيا تنھن کين سندن دين ۾ ٺڳيو آھي
3:25
پوءِ ڪھڙو (حال ٿيندن)؟ جڏھن کين اُھو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نہ آھي تنھن ۾ گڏ ڪنداسين ۽ سڀ ڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن سان ظلم نہ ڪبو
3:26
(اي پيغمبر!) چئو تہ اي الله! ملڪ جا مالڪ! جنھن کي گھرين تنھن کي بادشاھي ڏئين ۽ جنھن کان وڻيئي تنھن کان بادشاھي کسين، ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي مانوارو ڪرين ۽ جنھن کي وڻيئي تنھن کي ذليل ڪرين، تنھنجي ھٿ ۾ چڱائي آھي، بيشڪ تون سڀ ڪنھن شئي تي وسوارو آھين
3:27
رات کي (گھٽائي) ڏينھن ۾ آڻين ٿو ۽ ڏينھن کي (گھٽائي) رات ۾ آڻين ٿو، ۽ مئي مان جيئري کي ڪڍين ٿو ۽ جيئري مان مئي کي ڪڍين ٿو ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھين
3:28
(گھرجي تہ) مؤمن مؤمنن کانسواءِ ڪافرن کي دوست نہ بڻائين، ۽ جيڪو ايئن ڪندو تنھن جو الله (جي دين) سان (ڪو) واسطو نہ آھي ھن کانسواءِ تہ اُنھن (ڪافرن) کان، پاڻ بچائڻ لاءِ بچاءُ ڪريو ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ڏانھن موٽڻو آھي
3:29
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جي لڪائيندؤ يا اھو پڌرو ڪندؤ تہ (بہ) اُن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو بہ) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شئي تي وسوارو آھي
3:30
اُنھيءَ ڏينھن سڀ ڪو (ماڻھو) جيڪو چڱو ڪم ڪيائين ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪيائين تنھن کي آڏو لھندو، (بڇڙي ڪم کي ڏسي) گھرندو تہ جيڪر سندس ۽ اُن جي وچ ۾ گھڻي ڊيگھ ھجي ھا، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي گھڻو مھربان آھي
3:31
(اي پيغمبر!) چئو تہ جي اوھين الله کي دوست رکندا آھيو تہ منھنجي تابعداري ڪريو تہ الله اوھان کي دوست رکندو ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
3:32
(اي پيغمبر!) چئو تہ الله ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦري ويا تہ بيشڪ الله (بہ) ڪافرن کي دوست نہ رکندو آھي
3:33
الله آدم ۽ نوح ۽ ابراھيم جي اولاد ۽ عِمران جي اولاد کي جھانن (وارن) تي سڳورو ڪيو آھي
3:34
جو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو نسل آھن، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
3:35
جڏھن عمران جي زال چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! جيڪي منھنجي پيٽ ۾ آھي سو تو لاءِ آزاد ڪيل نذر ڪيم تنھنڪري مون کان قبول ڪر، بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين
3:36
پوءِ جڏھن اُن کي ڄڻيائين تڏھن چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مون ڌيءَ ڄڻي، ۽ جيڪي اُن ڄڻيو تنھن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، ۽ پٽ ڌيءَ جھڙو نہ آھي، ۽ مون سندس نالو مريم رکيو ۽ آءٌ اُن کي ۽ سندس نسل کي تڙيل شيطان (جي شر) کان تنھنجيءَ پناھ ۾ سونپيان ٿي
3:37
پوءِ اُن کي سندس پالڻھار چڱي قبولڻ سان قبوليو ۽ اُن کي چڱي پالڻ طرح پاليائين ۽ سندس سنڀاليندڙ زڪريا کي ڪيائين، جڏھن بہ زڪريا مٿس حجري ۾ لنگھندو ھو تہ وٽس طعام (رکيل) لھندو ھو، (ھڪ وقت) چيائين تہ اي مريم! ھيءُ ڪٿان تو لاءِ (آيو) آھي؟ چيائين تہ اھو الله وٽان (آيو) آھي، ڇو تہ الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) اڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي
3:38
اُتي زڪريا پنھنجي پالڻھار کي سڏيو، چيائين اي منھنجا پالڻھار! پاڻ وٽان مون کي ڀلو اولاد بخش، ڇو تہ تون دُعا جو ٻڌندڙ آھين
3:39
پوءِ ملائڪن سڏيس ۽ اُن حجري ۾ بيٺي نماز پڙھي ٿي (ملائڪن چيس تہ) الله تو کي يحيٰ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ڏئي ٿو جو الله جي حڪم (سان پيدا ٿيل عيسىٰ) جو سچو ڪندڙ ۽ سردار ۽ سَتو جَتو ۽ صالحن مان پيغمبر آھي
3:40
چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي پٽ ڪيئن ٿيندو جو بيشڪ مون کي پوڙھائي اچي رسي آھي ۽ منھنجي زال سَنڍ آھي، (ملائڪ) چيو تہ الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙيءَ طرح ڪندو آھي
3:41
چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر، (الله) فرمايو تہ تنھنجي نشاني (ھيءَ) آھي تہ ٽي ڏينھن اشاري کانسواءِ ماڻھن سان ڳالھائي نہ سگھندين، ۽ پنھنجي پالڻھار کي گھڻو ياد ڪر ۽ صبح جو ۽ سانجھيءَ جو ساراھِ
3:42
۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن چيو تہ اي مريم! الله تو کي سڳورو ڪيو ۽ تو کي پاڪ ڪيائين ۽ تو کي جھانن جي زائفن تي سڳورو ڪيائين
3:43
اي مريم! پنھنجي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪر ۽ سجدو ڪر ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏجي رڪوع ڪر
3:44
اِھا ڳجھين خبرن مان آھي اُن کي توڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ (تون) تڏھن وٽن نہ ھئين جڏھن پنھنجا قلم (پُکن لاءِ نھر ۾) وڌائون ٿي تہ اُنھن مان ڪير مريم کي سنڀاليندو، ۽ تڏھن بہ وٽن نہ ھئين جڏھن تڪرار ڪندا رھيا
3:45
جڏھن ملائڪن مريم کي چيو تہ اي مريم! الله پاڻ وٽان تو کي ھڪ (خاص) حڪم (سان پيدا ڪيل پٽ) جي خوشخبري ڏئي ٿو، سندس نالو مسيح عيسىٰ پٽ مريم جو دنيا ۽ آخرت ۾ مرتبي وارو ٿيندو ۽ ويجھن ٻانھن مان ٿيندو
3:46
۽ ماڻھن سان ڳالھائيندو پينگھي ۾ (ننڍي ھوندي) ۽ جوانيءَ ۾ (بہ) ۽ صالحن مان آھي
3:47
چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي ڪيئن ٻار ٿيندو؟ جو مون کي (ڪنھن) ماڻھوءَ ھٿ ئي نہ لاتو آھي، (ملائڪ) چيو تہ الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙي طرح پيدا ڪندو آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي تہ اُن لاءِ ڇڙو چوندو آھي: ٿيءُ، تہ ٿي پوندو آھي
3:48
۽ کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريندو
3:49
۽ (اُن کي) بني اسرائيلن ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليندو (عيسىٰ چيو تہ) مون اوھان جي پالڻھار وٽان نشاني آندي آھي، تہ آءٌ اوھان لاءِ مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو (بوتو) بڻائيندس پوءِ منجھس ڦوڪيندس تہ الله جي حڪم سان پکي ٿيندو، ۽ (مادر زاد) انڌي ۽ ڪوڙھي کي ڇُٽائيندس ۽ الله جي حڪم سان مُئي کي جياريندس، ۽ جيڪي کائيندا آھيو ۽ جيڪي پنھنجن گھرن ۾ سانڀيندا آھيو سو اوھان کي ڏسيندس، جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو تہ اوھان لاءِ اُن ۾ ھڪ نشاني آھي
3:50
۽ جيڪو مون کان اڳ توريت (جو ڪتاب) آيل آھي تنھن جو سچو ڪندڙ آھيان ۽ جيڪي (شيون) اوھان تي حرام ڪيل آھن تن مان ڪي اوھان لاءِ حلال ڪندس ۽ اوھانجي پالڻھار وٽان اوھان لاءِ نشاني آندي اٿم پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجي تابعداري ڪريو
3:51
بيشڪ الله منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اِھا سنئين واٽ آھي
3:52
پوءِ جنھن مھل عيسىٰ کانئن ڪفر (جا ڪم) اکين سان ڏٺا (تنھن مھل) چيائين تہ الله (جي دين) ڏانھن منھنجا مددگار ڪير آھن؟ حوارين چيو تہ اسين الله (جي دين) جا مددگار آھيون، الله کي مڃيوسون، ۽ شاھدي ڏج تہ اسين پڪ مسلمان آھيون
3:53
(چيائون تہ) اي اسانجا پالڻھار! جيڪي تو لاٿو سو مڃيوسون ۽ (ھن) پيغمبر جي تابعداري ڪئي سون تنھنڪري اسان کي شاھدن مان لک
3:54
۽ (يھودين) رٿ رٿي ۽ الله بہ (ڳجھي) رٿ رٿي، ۽ الله بھتر (ڳجھي) رٿ رٿيندڙ آھي
3:55
(ياد ڪر) جڏھن الله چيو تہ اي عيسىٰ آءٌ تو کي ماريندڙ ۽ تو کي پاڻ ڏانھن مٿي کڻندڙ آھيان ۽ جن ڪفر ڪيو تن (جي بھتانن) کان تو کي پاڪ ڪندڙ آھيان ۽ جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي قيامت تائين ڪافرن تي مٿاھون (غالب) ڪندڙ آھيان، وري مون ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي پوءِ اوھان جي وچ ۾ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو (تنھن بابت) نبيرو ڪندس
3:56
پوءِ (اُنھن مان) جن ڪفر ڪيو تن کي دنيا ۽ آخرت ۾ بلڪل سخت سزا ڏيندس ۽ اُنھن جو ڪو مددگار نہ آھي
3:57
۽ (اُنھن مان) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (الله) سندن اجورا پورا ڏيندو، ۽ الله ظالمن کي دوست نہ رکندو آھي
3:58
اھو (قصو) جو تو تي پڙھون ٿا سو نشانين ۽ حڪمت واري ڪتاب مان آھي
3:59
الله وٽ عيسىٰ (جي پيدا ڪرڻ) جو مثال آدم جي مثال جھڙو ئي آھي، اُن (آدم) کي مٽيءَ مان بڻايائين وري اُن چيائين ٿيءُ تہ ٿي پيو
3:60
(اھا ڳالھ) تنھنجي پالڻھار وٽان سچي آھي تنھنڪري شڪ ڪندڙن مان نہ ھُج
3:61
پوءِ اُن کان بعد جو تو وٽ علم آيو جيڪو تو سان ان بابت جھڳڙو ڪري تہ چئو تہ اچو تہ (اسين) پنھنجن پٽن ۽ اوھان جي پُٽن ۽ پنھنجين زالن ۽ اوھان جي زالن ۽ پاڻ کي ۽ اوھان کي سڏيون، پوءِ (گڏجي پاراتي جي) زاريءَ سان دعا گھرون پوءِ الله جي لعنت ڪوڙن تي ڪريون
3:62
اھو قصو ضرور سچو آھي، ۽ الله کانسواءِ ڪوبہ عبادت جو لائق نہ آھي، ۽ الله ئي يقيناً غالب حڪمت وارو آھي
3:63
پوءِ جيڪڏھن ڦِرن تہ بيشڪ الله (بہ) فسادين کي ڄاڻندڙ آھي
3:64
(اي پيغمبر!) چئو تہ اي ڪتاب وارؤ! ھڪ ڳالھ ڏانھن اچو جا اسان ۽ اوھان جي وچ ۾ ھڪ جھڙي آھي (اُھا ھيءَ آھي) تہ الله کان سواءِ ڪنھن جي عبادت نہ ڪريون ۽ نڪي ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ ڪريون ۽ نڪي اسان مان ڪو ڪنھن کي (بہ) الله کانسواءِ پالڻھار ڪري مڃي، پوءِ جيڪڏھن ڦرن تہ چئو تہ شاھد ھجو تہ اسين پڪ مسلمان آھيون
3:65
اي ڪتاب وارؤ! ابراھيم بابت ڇالاءِ جھڳڙو ڪريو ٿا؟ ۽ حالانڪہ توريت ۽ انجيل نہ لاٿا ويا پر کانئس پوءِ۔ پوءِ اوھين نہ سمجھندا آھيو ڇا؟
3:66
(اي يھوديؤ!) اوھين اُھي آھيو جو جنھن جي اوھان کي ڄاڻپ آھي تنھن بابت تہ جھڳڙو ڪندا آھيو پر جي اوھان کي ڪا ڄاڻپ آھي ئي نہ تنھن بابت ڇو جھڳڙو ڪندا آھيو؟ ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
3:67
ابراھيم نڪي يھودي ھو ۽ نڪي نصراني پر (ھو) پر حنيف (ھڪ طرفو) مسلمان ھو، ۽ مشرڪن مان نہ ھو
3:68
ابراھيم کي اُھي ماڻھو ويجھا آھن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ (پڻ) ھيءُ پيغمبر ۽ جن مٿس ايمان آندو، ۽ الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي
3:69
ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي گھرندي آھي تہ جيڪر اوھان کي ڀُلائين، ۽ اُھي پاڻ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي نہ ڀلائيندا آھن ۽ نہ سمجھندا آھن
3:70
اي ڪتاب وارؤ! الله جي آيتن کي ڇالاءِ نٿا مڃو؟ ۽ (حقيقت ڪري) اوھين شاھدي ڏيو ٿا
3:71
اي ڪتاب وارؤ! ڇا لاءِ سچ کي ڪوڙ سان ملائيندا آھيو ۽ سچ کي لڪائيندا آھيو؟ ھن ھوندي (بہ) جو اوھين ڄاڻندا آھيو
3:72
۽ اھل ڪتاب مان ڪا ٽولي (پاڻ ۾) چوي ٿي تہ جيڪي مؤمنن تي لاٿو ويو آھي تنھن کي (مؤمنن وٽ) ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۾ مڃيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو تہ منَ اُھي (شڪ ۾ پئجي دين کان) ڦري وڃن
3:73
۽ جيڪو اوھان جي دين جي تابعداري ڪري تنھن کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي نہ مڃيو (اي پيغمبر کين) چئو تہ ھدايت الله واري ھدايت آھي (۽ چون ٿا تہ متان مڃيو) تہ جھڙو (دين) اوھان کي ڏنو ويو آھي تھڙو ڪنھن (ٻئي) کي ڏنو ويندو يا اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان تي حجت قائم ڪندا، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ ڀلائي الله جي ھٿ ۾ آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھا ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.
3:74
جنھن کي وڻيس تنھنکي پنھنجيءَ ٻاجھ سان خاص ڪندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي
3:75
۽ اھل ڪتاب مان ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن تمام گھڻو مال امانت رکين تہ اُھو (سمورو) تو کي ورائي ڏيندا، ۽ منجھانئن ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن ھڪ دينار (اشرفي) امانت رکين تہ مٿن سدائين بيھي (مطالبي ڪرڻ) کان سواءِ تو کي ورائي نہ ڏيندا، اِھو (نہ ڏئڻ) ھن سببان آھي جو چون ٿا تہ اڻ پڙھيلن (جي مال کسڻ) ۾ اسان تي ڪا پڪڙ پڇاڙ نہ آھي، ۽ الله تي اھي ڄاڻ ھوندي بہ ڪوڙ چوندا آھن
3:76
ھائو! جنھن پنھنجو انجام پاڙيو ۽ ڊنو تہ بيشڪ الله ڊڄندڙن کي دوست رکندو آھي
3:77
جيڪي الله سان ڪيل انجامن ۽ پنھنجن قسمن جي عوض ٿورو ملھ وٺندا آھن اِھي (اُھي) آھن جن کي آخرت ۾ ڪو بھرو نہ آھي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن الله ساڻن ڳالھائيندو ۽ نڪي اُنھن ڏانھن نھاريندو ۽ نڪي کين (گناھن کان) پاڪ ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
3:78
۽ منجھانئن ھڪ ٽولي آھي جا ڪتاب (پڙھڻ) ۾ پنھنجين زبانن کي ھن لاءِ وچڙائيندي آھي تہ ان کي اوھين ڪتاب مان ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو ڪتاب مان نہ آھي، ۽ (پڻ) چوندا آھن تہ اُھو الله وٽان آھي ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽان نہ آھي، ۽ اُھي ڄاڻ ھوندي بہ الله تي ڪوڙ چوندا آھن
3:79
ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي نہ جڳائيندو آھي جو الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏئي اُھو وري ماڻھن کي چوي تہ الله کان سواءِ منھنجا ٻانھا ٿيو (اُھو ايئن ڪڏھن نہ چوندو) پر (چوندو تہ) رب جا (سچا ٻانھان) ٿيو انھيءَ ڪري جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڻ اِنھيءَ ڪري جو پڙھو ٿا
3:80
۽ ملائڪن ۽ پيغمبرن کي رب ڪري مڃڻ جو اوھان کي حڪم نہ ڪندو، جڏھن اوھين مسلمان (يعني حڪم مڃڻ لاءِ تيار) ٿيا ھجو تہ پوءِ اوھان کي ڇو ڪفر جو حڪم ڪندو؟
3:81
۽ (ياد ڪر) جڏھن الله (سڀني) پيغمبرن کان انجام ورتو تہ جيڪي ڪتاب ۽ حڪمت اوھان کي ڏيان تنھن کانپوءِ (ٻيو) ھڪ پيغمبر جيڪو (علم) اوھان وٽ آھي تنھنجو سچو ڪندڙ اوھان وٽ اچي تہ کيس ضرور مڃجو ۽ کيس ضرور مدد ڏجو، (الله) چيو تہ اوھين اِقرار ڪري چُڪؤ؟ ۽ اُن تي منھنجي (حڪم جو) بار کنيوَ؟ چيائون تہ اقرار ڪيوسون، (الله) چيو تہ اوھين (ھڪ ٻئي تي) شاھد ھجو، ۽ آءٌ (بہ) اوھان سان گڏ شاھد آھيان
3:82
پوءِ جيڪي ھن بعد ڦرندا سي ئي بي دين آھن
3:83
الله جي دين کانسواءِ ڇو ٻيو (دين) طلبيندا آھن؟ ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن تن راضي توڙي رنج ٿي کيس (ئي) مڃيو آھي ۽ ڏانھس (ئي) موٽايا ويندا
3:84
(اي پيغمبر!) چئو تہ اسان الله کي ۽ جيڪي اسان تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ۽ جيڪي ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد تي لاٿو ويو ۽ جيڪي موسىٰ ۽ عيسىٰ ۽ (ٻين) پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو تنھن (سڀ) کي مڃيون ٿا، اُنھن (پيغمبرن) مان ڪنھن ھڪ جي (مڃڻ) ۾ فرق نہ ٿا ڀانيون، ۽ اسان اُن (الله) کي مڃيندڙ آھيون
3:85
۽ جيڪو اسلام ڌاران ٻيو دين طلبيندو تنھن کان اُھو ڪڏھن نہ قبول ڪبو، ۽ اُھو آخرت ۾ گھاٽي وارن مان آھي
3:86
الله اُن قوم کي ڪيئن ھدايت ڪندو جي پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪافر ٿيا ۽ (پھريائين) اقرار ڪيائون تہ پيغمبر سچو آھي ۽ وٽن معجزا (بہ) آيا، ۽ الله ظالم ٽولي کي ھدايت نہ ڪندو آھي
3:87
اِھي اُھي آھن جن تي سزا (ھيءَ) آھي تہ مٿن الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لعنت آھي
3:88
اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نہ ڪبو ۽ نہ اُنھن کي مھلت ڏبي
3:89
پر جن اُن کان پوءِ توبھ ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون، تہ بيشڪ الله (بہ) بخشڻھار مھربان آھي
3:90
جن پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪفر ڪيو وري ڪفر ۾ وڌيا تن جي توبھ ڪڏھن بہ قبول نہ ڪبي، ۽ اُھي ئي گمراھ آھن
3:91
پڪ جن ڪفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن مان ڪو ھڪڙو اگرچہ سڄيءَ زمين جيترو سونُ (پنھنجن گناھن جي) عوض ڏئي تہ بہ اُھو اُن کان قبول نہ ڪبو، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي ۽ اُنھن جو ڪو مددگار ڪونھي
3:92
چڱائيءَ کي ايسين ڪڏھن نہ پھچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نہ) خرچ ڪريو، ۽ جيڪا شئي (الله لڳ) خرچ ڪريو (سا ڀَلي ھئڻ گھرجي) ڇو تہ الله اُن کي ڄاڻندڙ آھي
3:93
ھر (ڪنھن قسم جو) طعام بني اسرائيلن لاءِ حلال ھو ان کان سواءِ جيڪي يعقوب پاڻ تي توريت جي لھڻ کان اڳ حرام ڪيو ھو (اي پيغمبر!) چئو تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ توريت آڻيو پوءِ اُھو پڙھو
3:94
پوءِ جيڪي ھن کانپوءِ الله تي ڪوڙ ٺاھيندا سي ئي ظالم آھن
3:95
(اي پيغمبر!) چئو تہ الله سچ چيو آھي، پوءِ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي تابعداري ڪريو، ۽ (ابراھيم) مشرڪن مان نہ ھو
3:96
(عبادت جو) پھريون گھرُ جو ماڻھن لاءِ بڻايو ويو، سو اُھو ئي آھي جو مَڪي ۾ برڪت وارو ۽ جڳ لاءِ ھدايت آھي
3:97
جنھن ۾ پڌريون نشانيون آھن (ھڪڙي) مقام ابراھيم آھي (جو اُن ۾ ابراھيم جي پيرن جو نشان آھي)، ۽ جيڪو اُتي داخل ٿيو سو امن وارو آھي، ۽ الله لاءِ خاني ڪعبي جو حج اُنھن ماڻھن تي لازم آھي جن کي ڏانھنس واٽ وڃڻ جي سگھ آھي، ۽ جنھن انڪار ڪيو (تہ الله کي پرواھ نہ آھي) ڇو تہ الله جھانن کان بي پرواھ آھي
3:98
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ اي ڪتاب وارؤ! الله جي آيتن کي ڇو نہ ٿا مڃيو؟ ۽ (حقيقت ڪري) جيڪي ڪندا آھيو تنھن تي الله شاھد آھي
3:99
(اي پيغمبر!) چئو تہ اي ڪتاب وارؤ! جيڪو ايمان آڻي تنھن کي الله جي واٽ کان ڇو ٿا جھليو؟ اُن (واٽ) جي ڏنگائي ٿا گھرو؟ ھن ھوندي جو اوھين ڄاڻندڙ آھيو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نہ آھي
3:100
اي ايمان وارؤ جيڪڏھن ڪتاب وارن مان ڪنھن بہ ٽوليءَ جي فرمانبرداري ڪندؤ تہ اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ اوھان کي ڦيرائي ڪافر ڪندا
3:101
۽ (اوھين) ھن ھوندي ڪيئن ڪافر ٿا ٿيو؟ جو الله جون آيتون اوھان تي پڙھجن ٿيون ۽ سندس پيغمبر اوھان ۾ آھي، ۽ جيڪو الله (جي دين) کي چنبڙي وٺندو تنھن کي بيشڪ سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويندو
3:102
اي مؤمنؤ! الله کان (ايئن) ڊڄو جيئن کانئس ڊڄڻ جو حق آھي ۽ اوھين مسلمان ھجڻ کانسواءِ نہ مرجو
3:103
۽ الله جي رسيءَ (يعني قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌار ڌار نہ ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين پوءِ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڦري ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڀَر تي ھيؤ پوءِ اوھان کي کانئس بچايائين اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي تہ منَ اوھين ھدايت وارا ٿيو
3:104
۽ اوھان ۾ اھڙي جماعت ھئڻ گھرجي جي چڱائيءَ ڏانھن سڏين ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪن ۽ برن ڪمن کان جھلين، ۽ اھي ئي ڪامياب آھن
3:105
۽ اوھين اُنھن جھڙا نہ ٿيو جي فرقو فرقو ٿي ويا ۽ وٽن معجزا آيا اُن کانپوءِ بہ تڪرار ڪيائون، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي
3:106
اُنھيءَ ڏينھن جو ڪي منھن گورا ٿيندا ۽ ڪي منھن ڪارا ٿيندا، پوءِ جن جا منھن ڪارا ٿيندا (چيو ويندن تہ) اوھين پنھنجي ايمان (آڻڻ) کانپوءِ ڇو ڪافر ٿيؤ؟ پوءِ اُنھيءَ ڪري جو اوھين ڪافر ٿيا ھيؤ عذاب (جو مزو) چکو
3:107
۽ جن جا منھن گورا ھوندا سي الله جي رحمت ھيٺ رھندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا ھوندا
3:108
(اي پيغمبر!) اِھي الله جون آيتون آھن جي (اسين) تو تي سچيءَ طرح پڙھون ٿا، ۽ الله جھانن لاءِ ظلم ڪرڻ نہ گھرندو آھي
3:109
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي، ۽ (سڀ) ڪم الله ڏانھن موٽايا ويندا
3:110
اوھين اھڙي ڀَلي اُمت ماڻھن لاءِ پيدا ٿيل آھيو جو چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھيو ۽ برن ڪمن کان جھليندا آھيو ۽ الله کي مڃيندا آھيو، ۽ جيڪڏھن اھل ڪتاب ايمان آڻين ھا تہ يقيناً تن لاءِ ڀَلو ھجي ھا! منجھانئن ڪي مؤمن آھن ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن
3:111
(اِھي زباني) ايذاءَ کانسواءِ اوھان کي ڪڏھن ڏکوئي نہ سگھندا، ۽ جيڪڏھن اوھان سان وڙھندا تہ اوھان کي پُٺي ڏيئي ڀڄندا، وري مدد نہ ڏبن
3:112
الله جي ذمي ۽ ماڻھن جي پناھ کانسواءِ جتي لڌا ويندا اُتي مٿن خواري ھنئي ويئي آھي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وري وريا ۽ مٿن محتاجي ھنئي ويئي آھي، اِھا (سزا) ھن ڪري آھي جو الله جي آيتن کي نہ ٿي مڃيائون ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪٺائون، اُھي (عادتون) اِنھيءَ ڪري آھن جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھئا
3:113
اِھي (سڀ) ھڪ جھڙا نہ آھن، ڪتاب وارن مان ھڪڙي اھڙي سڌي ٽولي آھي جو الله جون آيتون رات جي وقتن ۾ پڙھندا آھن ۽ اُھي نماز (بہ) پڙھندا آھن
3:114
الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آھن ۽ برن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ نيڪين (يعني دين مڃڻ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن، ۽ اِھي ڀلارن مان آھن
3:115
۽ جيڪا بہ چڱائي ڪندا آھن تنھن جي بي قدري ھرگز نہ ڪبي، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي
3:116
جن اِنڪار ڪيو تن کان نڪي سندن مال سندن اولاد الله جو ڪجھ (عذاب) ٽاري سگھندا، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
3:117
ھن دنيا جي حياتيءَ ۾ جيڪي (رياءُ لاءِ) خرچ ڪندا آھن تنھن جو مثال اُنھيءَ واءُ جي مثال وانگر آھي جنھن ۾ پارو ھجي جو اُن ٽوليءَ جي پوک کي لڳي جن پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ اُن (پوک) کي ناس ڪري، ۽ الله ساڻن ظلم نہ ڪيو آھي پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪن ٿا
3:118
اي اِيمان وارؤ! پنھنجن (مسلمانن) کانسواءِ ٻين (قومن) کي ڳجھو دوست ڪري نہ وٺو (جو) اوھان جي نقصان ڪرڻ ۾ ڪا گھٽتائي نہ ڪندا آھن، اوھان جي تڪليف پسند ڪيائون، بيشڪ سندن واتن مان دشمني پڌري ٿي آھي، ۽ جيڪو (ساڙ) سندن سينن لڪايو آھي سو تمام وڏو آھي، بيشڪ اسان اوھان لاءِ نشانيون بيان ڪيون آھن جيڪڏھن سمجھندا آھيو
3:119
اوھين اُھي آھيو جو اُنھن کي دوست رکندا آھيو ۽ اُھي اوھان کي دوست نہ رکندا آھن ۽ اوھين الله جي سڄي ڪتاب کي مڃيندا آھيو، ۽ جڏھن اوھان سان مِلن ٿا (تڏھن) چون ٿا تہ مڃيوسين، ۽ جڏھن اڪيلا ٿين ٿا (تڏھن) اوھان تي ڪاوڙ کان آڱرين کي چٻين ٿا، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ (اوھين) پنھنجي ڪاوڙ سببان مرو، ڇو تہ الله سينن وارو (راز) ڄاڻندو آھي
3:120
(اي مؤمنؤ!) جيڪڏھن اوھان کي ڪا چڱائي پھچندي آھي تہ کين ڏکوئيندي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي ڪو ڏک پھچندو آھي تہ اُن سببان خوش ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگاري ڪريو تہ سندن مڪر اوھان کي ڪوبہ نقصان نہ رسائيندو ڇو تہ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي
3:121
(اي پيغمبر! ياد ڪر)جنھن مھل (تون) پنھنجي گھر مان سويرو نڪتين جو مؤمنن کي جنگ لاءِ مورچن تي وھاريئي ٿي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
3:122
(ياد ڪر!) جنھن مھل اوھان مان ٻن ٽولين بي ھمت ٿيڻ جو ارادو ڪيو ۽ الله سندن مددگار ھو، ۽ مؤمنن کي جڳائي تہ الله تي ڀروسو ڪن
3:123
۽ بيشڪ الله اوھان کي اُنھيءَ حالت ۾ جو اوھين بي زور ھيؤ بدر ۾ سوڀ ڏني، پوءِ الله کان ڊڄو منَ اوھين شڪر ڪريو
3:124
(اي پيغمبر! اُنھيءَ مھل کي ياد ڪر) جنھن مھل تو مؤمنن کي چيو ٿي تہ اوھان کي اوھان جي پالڻھار جي ٽن ھزارن (آسمان کان لاٿل) ملائڪن سان مدد ڪرڻ ڪافي نہ آھي ڇا؟
3:125
ھائو! جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگار بڻجو ۽ ھڪدم اھي (ڪافر) اوھان تي اچي ڪڙڪن تہ اوھان جو پاڻھار پنجن ھزارن نشان ڪيلن ملائڪن سان اوھان کي مدد ڏيندو
3:126
۽ الله اُن (مدد) کي رڳو اوھان جي خوشخبريءَ لاءِ ڪيو آھي ۽ ھن لاءِ تہ اوھان جون دليون اُن سان (ڀَلي تہ) اطمينان وٺن، ۽ الله غالب حڪمت واري جي پار کانسواءِ ڪا مدد (ملڻي) نہ آھي
3:127
(۽) ھن لاءِ تہ ھڪڙو پاسو (يعني ڀاڱو) ڪافرن جو ڇني ڇڏي يا کين ھيڻو ڪري ڇڏي تہ بي نصيب ٿي ڦِرن
3:128
(اي پيغمبر!) اُن ڪم ۾ تنھنجو ڪو واسطو نہ آھي (الله) يا مٿن ٻاجھ سان موٽندو يا کين عذاب ڪندو ڇو تہ اُھي ظالم آھن
3:129
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي بخشيندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي عذاب ڪندو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
3:130
اي ايمان وارؤ! (اوھين) وياج ٻيڻو چؤڻو نہ کائو، ۽ الله کان ڊڄو منَ اوھين ڇٽو
3:131
۽ اُن باھ کان ڊڄو جا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي
3:132
۽ الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو تہ منَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي
3:133
۽ (اوھين) پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ اُنھيءَ بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيتري آھي اُنھن پرھيزگارن لاءِ تيار ڪيو ويو
3:134
جيڪي سُک ۽ ڏک ۾ (الله ڪارڻ) خرچ ڪندا آھن ۽ ڪاوڙ کي کائيندڙ ۽ ماڻھن (جا قصور) معاف ڪندڙ آھن، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي
3:135
۽ اُھي جڏھن ڪو بيحيائيءَ جو ڪم ڪندا آھن يا پاڻ تي ظلم ڪندا آھن (تڏھن) الله کي ياد ڪندا آھن ۽ پنھنجن گناھن جي بخشش گھرندا آھن، ۽ الله کانسواءِ ڪير گناھ بخشيندو؟ ۽ جيڪي ڪيائون تنھن تي ڄاڻي ٻجھي ھميشگي نہ ڪندا آھن
3:136
اُنھن جو اجر سندن پالڻھار وٽان بخشش ۽ بھشت آھن جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ ڪمائيندڙن جو اجر چڱو آھي
3:137
بيشڪ اوھان کان اڳ ڪيترا واقعا گذريا آھن پوءِ (اوھين) ملڪ ۾ گھمو ڦرو پوءِ نھاريو تہ نہ مڃيندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ھئي؟
3:138
ھيءُ ماڻھن لاءِ بيان آھي ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت آھي
3:139
۽ نہ سست ٿيو ۽ نڪي غمگين ٿيو ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ اوھان (ئي) غالب (ٿيڻ وارا) آھيو
3:140
جيڪڏھن اوھان کي (اُحد ۾) ڪو گھاءُ پھتو آھي تہ بيشڪ اُن جھڙو گھاءُ ڪافرن کي (بَدر ۾) پھتو ھو، ۽ ھي اھڙا ڏينھن آھن جو (اسين) اُنھن کي ماڻھن جي وچ ۾ ڦيرائيندا آھيون (تہ نصيحت وٺن)، ۽ ھن لاءِ تہ الله مؤمنن کي نکيڙي ۽ اوھان مان ڪن کي شھيد ڪري، ۽ الله ظالمن کي دوست نہ رکندو آھي
3:141
۽ ھن لاءِ تہ الله مؤمنن کي کرو ڪري ۽ ڪافرن کي ناس ڪري
3:142
اوھان بھشت ۾ گِھڙڻ جو گمان ڪيو آھي ڇا؟ ھن ھوندي جو الله اڃا اوھان مان مجاھدن کي نہ نِکيڙيو آھي ۽ نڪي صابرن کي نِکيڙيو آھي
3:143
۽ بيشڪ اوھين موت کي اُن جي ملڻ کان اڳ گھُرندا ھيؤ، پوءِ بيشڪ ان کي ڏٺوَ ۽ اوھين نھاريندا ھيؤ
3:144
۽ محمد (ﷺ الله جو) پيغمبر ئي آھي، بيشڪ اُن کان اڳ ڪيترا پيغمبر گذري ويا، پوءِ جيڪڏھن (اُھو) مري وڃي يا قتل ٿئي تہ (اوھين) پنھنجين کڙين (ڀَر پوئتي) ڦرندؤ ڇا؟ ۽ جيڪو پنھنجين کڙين (ڀَرپوئتي) تي ڦرندو سو الله کي ڪجھ نقصان ڪڏھن نہ پھچائيندو، ۽ الله شاڪرن (احسان مڃيندڙن) کي ستت ثواب ڏيندو
3:145
۽ الله جي مقرر وقت لکيل حڪم کانسواءِ ڪنھن کي مرڻو نہ آھي، ۽ جيڪو دنيا جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ جيڪو آخرت جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ شاڪرن کي (چڱو) ثواب ستت ڏينداسون
3:146
۽ پيغمبرن مان گھڻا (ڪافرن سان) وڙھيا ساڻن گھڻا الله وارا ھئا، پوءِ جيڪي الله جي واٽ ۾ کين پھتو تنھن سببان نڪي سست ٿيا ۽ نڪي ھيڻا ٿيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون، ۽ الله صابرن کي دوست رکندو آھي
3:147
۽ سندن چوڻ (ھن) قول کانسواءِ نہ ھو تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان کي اسان جا گناھ (بخش) ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان جي زيادتي بخش ۽ اسان جا پير ثابت رک ۽ اسان کي ڪافرن جي ٽوليءَ تي فتح ڏي!
3:148
پوءِ الله کين دنيا جو ثواب ۽ آخرت جو ڀلو ثواب ڏنو، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي
3:149
اي ايمان وارؤ! جيڪڏھن اوھين ڪافرن جو چيو مڃيندؤ تہ اوھان کي اوھان جي کڙين (ڀَرپوئتي) ڦيرائيندا پوءِ اوھين ڦِري نقصان وارا ٿيندؤ
3:150
بلڪ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو بھتر مدد ڏيندڙ آھي
3:151
ڪافرن جي دلين ۾ ھن سببان سگھو دھشت وجھنداسون جو الله سان اھڙيءَ شئي کي شريڪ ڪيائون جنھن لاءِ الله ڪا سَندَ نہ لاٿي آھي، ۽ سندن جاءِ باھ آھي، ۽ (اُھو) ظالمن جو ھنڌ بڇڙو آھي
3:152
۽ بيشڪ الله اوھان سان پنھنجو وعدو سچو ڪيو آھي جڏھن تہ اُنھن (ڪافرن) کي سندس حڪم سان ڪٺوَ، حتاڪہ بي ھمت ٿيؤ ۽ ڪم (پوري ڪرڻ) ۾ تڪرار ڪيوَ ۽ جيڪي پسند ڪندا ھيؤ سو اوھان کي ڏيکاريائين تنھن کانپوءِ بہ بي فرماني ڪيوَ، اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو دنيا گھرندو آھي ۽ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو آخرت کي گھرندو آھي، وري اوھان کي اُنھن کان ھن لاءِ ڦيرايائين تہ اوھان کي پرکي، ۽ بيشڪ اوھان کي معافي ڏنائين، ۽ الله مؤمنن تي فضل ڪرڻ وارو آھي
3:153
جڏھن اوھين پري ٿي ڀڳؤ ۽ ڪنھن ھڪ تي (ڪنڌ ڦيري) نہ ٿي واجھايوَ ۽ پيغمبر اوھان کي اوھان جي پٺيان سڏيندو رھيو پوءِ (الله) اوھان کي ڏک تي ڏک جو بدلو ڏنو (اِھو) ھن لاءِ تہ جيڪي اوھان کان ٿي ويو نڪي تنھن تي ۽ جيڪي اوھان کي پھتو نڪي تنھن تي غمگين ٿيو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
3:154
وري ڏک کانپوءِ اوھان تي آرام (جي) پنڪي لاٿائين جو اوھان مان ھڪ ٽوليءَ تي غلبو ڪندي رھي ۽ ٻي ٽولي ھئي جنھن کي سندن نفسن غمگين ڪيو ھو ناحق جاھليت جو گمان الله تي ڀانيائون ٿي، چيائون ٿي تہ اسان لاءِ اِنھي ڪم مان ڇا ڪجھ (ٿيڻو) آھي؟ (اي پيغمبر!) چئو تہ سڀ اختيار الله جو ئي آھي، جيڪي تو تي پڌرو نہ ڪندا آھن سو پنھنجين دلين ۾ لڪائيندا آھن، چوندا آھن تہ جيڪڏھن اسان جي وس ۾ ڪجھ بہ ڪم ھجي ھا تہ اسين ھت نہ ڪسون ھا، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ جيڪڏھن اوھين پنھنجن گھرن ۾ ھجو ھا تہ جن تي ڪسڻ لکيل ھو سي ضرور پنھنجي ڪوس جي جاين ڏانھن نڪرن ھا، ۽ (ھن لاءِ) تہ جيڪي اوھان جي سينن ۾ آھي سو الله پرکي ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو کرو ڪري، ۽ الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي
3:155
اوھان مان جن اُنھيءَ ڏينھن منھن موڙيو جو ٻہ ٽوليون (ھڪ ٻئي جي) سامھون ٿيون تہ اُنھن کي شيطان سندن ڪجھ ڪِئي جي شامت جي سبب ٿيڙيو، ۽ بيشڪ الله اُنھن کي معافي ڏني، ڇو تہ الله بخشڻھار بردبار آھي
3:156
اي ايمان وارؤ! اُنھن ڪافرن وانگر نہ ٿيو جي پنھنجن ڀائرن لاءِ جڏھن اُھي ملڪ ۾ مسافري ڪن يا لڙائي ڪندڙ ھجن (تڏھن) چون ٿا تہ جيڪڏھن اسان وٽ ھجن ھا تہ نہ مرن ھا ۽ نڪي ڪسجن ھا! تہ الله ان کي سندن دلين ۾ حسرت ڪري، ۽ الله جياريندو ۽ ماريندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي
3:157
۽ جيڪڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ قتل پيؤ يا مري پيؤ تہ جيڪي گڏ ڪندا آھن تنھن کان الله جي بخشش ۽ ٻاجھ (بلڪل) ڀلي آھي
3:158
۽ جيڪڏھن (اوھين) مري وڃو يا ڪسي پئو تہ ضرور الله ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ
3:159
پوءِ (اي پيغمبر!) الله جي ٻاجھ سببان اُنھن لاءِ نرم ٿيو آھين، ۽ جيڪڏھن ڪاوڙيل سخت دل ھجين ھا تہ ضرور تنھنجي آسپاس کان ڀڄي اُٿن ھا پوءِ کين معافي ڏي ۽ اُنھن لاءِ بخشش گُھر ۽ ساڻن ڪم ۾ صلاح ڪر، پوءِ جڏھن تون پڪو اِرادو ڪرين تڏھن الله تي ڀروسو ڪر، ڇو تہ الله ڀروسي ڪندڙن کي دوست رکندو آھي
3:160
جيڪڏھن الله اوھان کي مدد ڏيندو تہ اوھان تي ڪو غالب (ٿيڻو) نہ آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مدد نہ ڏيندو تہ اُن کانپوءِ ڪير اوھان کي مدد ڏيندو؟ ۽ مؤمنن کي جڳائي تہ الله تي ڀروسو ڪن
3:161
۽ ڪنھين پيغمبر کي (غنيمت جي مال ۾) خيانت ڪرڻ نہ جڳائي، ۽ جيڪو خيانت ڪندو سو جيڪا شئي خيانت ڪيائين تنھن سميت قيامت جي ڏينھن ايندو، پوءِ سڀ ڪنھن ماڻھو جيڪي ڪمايو تنھن جو پورو بدلو کيس ڏنو ويندو ۽ اُنھن تي ظلم نہ ڪبو
3:162
جيڪو الله جي رضامنديءَ جي پٺيان لڳو سو اُن جھڙو آھي ڇا؟ جيڪو الله جي ڪاوڙ ھيٺ ڦري آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ (اُھو) موٽڻ جو بڇڙو ھنڌ آھي
3:163
اُھي الله وٽ (وڏن) درجن وارا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي
3:164
بيشڪ الله مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آھي جڏھن تہ انھن ۾ سندن قوم مان پيغمبر موڪليائين جو کين سندس آيتون پڙھي ٻڌائيندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، ۽ بيشڪ ھن کان اڳ پڌريءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) ھئا
3:165
۽ جڏھن اوھانکي (جنگ اُحد ۾) ڏک پھتو توڻيڪ (پنھنجن دشمنن کي) اُن جو ٻيڻو (ڏک بدر ۾) پھچايو ھيؤ تہ بہ چيوَ ٿي تہ ھيءَ (مصيبت) ڪٿان (پھتي) آھي؟ (اي پيغمبر!) چئو تہ اُھا اوھان کي پاڻ وٽان (پھتي) آھي، بيشڪ الله سڀ ڪنھن شئي تي وسوارو آھي
3:166
۽ اُنھيءَ ڏينھن جو ٻہ ٽوليون پاڻ ۾ سامھون ٿيون (تنھن ڏينھن) جيڪي اوھانکي پھتو سو الله جي حڪم سان ھو ۽ ھن لاءِ تہ مؤمنن کي نکيڙي
3:167
۽ منافقن کي بہ نکيڙي، ۽ کين چيو ويو تہ اچو الله جي واٽ ۾ وڙھو يا (ڪافرن کان) دفاع ڪريو، چيائون تہ جيڪڏھن اسان جنگ ڪرڻ ڄاڻون ھا تہ ضرور اوھان سان ھجون ھا، اُھي اُن ڏينھن پاڻ ايمان کان ڪفر ڏي بلڪل ويجھو ھئا، پنھنجن واتن سان اُھي (ڳالھيون) چوندا آھن جيڪي سندين دلين ۾ نہ آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن سو الله بلڪل ڄاڻندڙ آھي
3:168
(تہ) اِھي اُھي آھن جن پنھنجن ڀائرن کي چيو ۽ ويٺا رھيا تہ جيڪڏھن (اُھي) اسان جو چيو مڃن ھا تہ نہ ڪُسجن ھا، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ پاڻ کان موت کي ٽاريو
3:169
۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪٺا ويا تن کي مئل ھرگز نہ ڀانءِ! بلڪ (اُھي) جيئرا آھن (۽) پنھنجي پالڻھار وٽ روزي ڏنل آھن
3:170
جيڪي الله اُنھن کي پنھنجي فضل سان ڏنو آھي تنھن (حال) سان خوش ٿيندڙ آھن ۽ جيڪي سندن پٺيان آھن تن مان جيڪي ساڻن نہ گڏيا آھن اُنھن لاءِ ھن ڪري خوش ٿيندا آھن تہ کين ڪو ڀؤ نہ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا
3:171
الله جي نعمت ۽ فضل سان خوش ٿيندا آھن ۽ الله مؤمنن جو اجر نہ وڃائيندو آھي
3:172
جن پاڻ کي زخم پھچڻ کان پوءِ بہ الله ۽ رسول جو حڪم قبول ڪيو، انھن مان جن چڱائي ڪئي ۽ ڊنا تن لاءِ وڏو اجر آھي
3:173
جن کي ماڻھن چيو تہ ماڻھن (ڪافرن) اوھان لاءِ لشڪر گڏ ڪيو آھي تنھن ڪري کانئن ڊڄو، پوءِ (اُن چوڻ) ھٿئون اُنھن جو ايمان وڌايو ۽ چيائون تہ اسان کي الله ڪافي آھي ۽ (اُھو) چڱو وڪيل (ڀرجھلو) آھي
3:174
پوءِ (اُھي مسلمان) الله جي نعمت ۽ فضل سان موٽيا کين ڪا سختي نہ پھتي ۽ الله جي راضپي پٺيان لڳا، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي
3:175
(اُھو اوھان کي جنگ کان جھليندڙ) شيطان کان سواءِ ٻيو نہ آھي جو پنھنجن دوستن کي ڊيڄاريندو آھي جيڪڏھن (اوھين) مؤمن آھيو تہ اُنھن (ڪافرن) کان نہ ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو
3:176
۽ (اي پيغمبر!) جيڪي ڪفر (جي سوڀ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن سي تو کي غمگين نہ ڪن، ڇو تہ اُھي الله کي ڪجھ بہ نقصان نہ لائيندا، الله گھرندو آھي تہ اُنھن کي آخرت ۾ ڪجھ بھرو نہ ڏي، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي
3:177
جن ايمان جي بدران ڪفر خريد ڪيو سي الله کي ڪجھ بہ نقصان نہ لائيندا، ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عڊاب آھي
3:178
۽ ڪافر (ھيءُ) نہ ڀانئن تہ کين اسان جي مھلت ڏيڻ اُنھن لاءِ ڀلي آھي، اُنھن کي ھن کانسواءِ ڍر نہ ڏني سون تہ گناھ ۾ وڌن، ۽ انھن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي
3:179
(اي منافقؤ!) الله کي نہ جڳائيندو آھي تہ جنھن تي اوھين آھيو تنھن تي مؤمنن کي (بہ) ڇڏي ڏي تان جو پليت کي پاڪ کان ڌار ڪري، ۽ الله کي نہ جڳائيندو آھي جو اوھان کي ڳجھ تي واقف ڪري پر الله پنھنجن پيغمبرن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي چونڊيندو آھي پوءِ الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جيڪڏھن (اوھين) مڃيندؤ ۽ ڊڄندؤ تہ اوھان لاءِ وڏو اجر آھي
3:180
۽ جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي تنھن ۾ جيڪي بخل ڪن سي (اِئين) بالڪل نہ ڀانئين تہ اُھو (بخل) کين ڪو چڱو آھي، بلڪ اُھو اُنھن لاءِ بڇڙو آھي، جنھن شئي جو بخل ڪيائون سا قيامت جي ڏينھن ڳٽ ڪري وجھبين، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ميراث الله جي آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
3:181
بيشڪ الله اُنھن جو چوڻ ٻڌو جن چيو تہ الله سڃو آھي ۽ اسين شاھوڪار آھيون، جيڪي چيائون سو لکنداسون ۽ اُنھن جو پيغمبرن کي ناحق ڪھڻ بہ، ۽ (آخرت ۾) چونداسون تہ ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکو
3:182
اھا (سزا) اِنھيءَ سببان آھي جو اوھان جي ھٿن اڳ موڪليو آھي ۽ (ھن سببان) تہ الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نہ آھي
3:183
جيڪي چون ٿا تہ الله اسان سان انجام ڪيو آھي تہ ڪنھن پيغمبر تي ايستائين ايمان نہ آڻيون جيستائين (ھو اھڙي) قرباني اسان وٽ (نہ) آڻي جو اُن (قربانيءَ) کي باھ کائي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ بيشڪ مون کان اڳ ڪيترن پيغمبرن معجزا ۽ (ٻيو) جيڪي چيوَ سو اوھان وٽ آندو پوءِ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اُنھن (پيغمبرن) کي ڇا لاءِ ڪٺوَ؟
3:184
پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن تو کي ڪوڙو ڀانيائون تہ بيشڪ توکان اڳ ڪيترا پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا ھئا (جن) ڪيتريون حجتون ۽ ڪيترا صحيفا ۽ نوراني ڪتاب (وٽن) آندا
3:185
سڀ ڪو نفس موت (جو مزو) چکندڙ آھي، ۽ بيشڪ اوھان کي قيامت جي ڏينھن پورو اجر ڏبو، پوءِ جنھن کي باھ کان پري ڪيو ويو ۽ بھشت ۾ داخل ڪيو ويو سو بيشڪ مراد کي پھتو، ۽ دنيا جي حياتي ٺڳيءَ جي سامان کانسواءِ ڪجھ نہ آھي
3:186
(اوھين) پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جانين ۾ ضرور پرکبؤ، ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آھي تن کان ۽ مشرڪن کان گھڻيون گاريون ضرور ٻڌندؤ، ۽ جيڪڏھن صبر ڪندؤ ۽ (الله کان) ڊڄندؤ تہ اِھا (عادت) ھمت جي ڪمن مان آھي
3:187
۽ (ياد ڪر) جڏھن الله ڪتاب وارن کان ھن لاءِ (پڪو) انجام ورتو تہ اُن (ڪتاب) کي ماڻھن لاءِ بيان ڪجو ۽ اُن کي نہ لڪائجو، پوءِ اُن (انجام) کي پنھنجين پٺين پوئتان اُڇلايائون ۽ ان جي عيوض ٿورو مُلھ ورتائون، پوءِ جيڪي وٺندا آھن سو بڇڙو آھي!
3:188
(اي پيغمبر! تون) اُنھن کي چڱو نہ ڀانءِ جيڪي پنھنجي ڪِئي تي خوش ٿيندا آھن ۽ جيڪي نہ ڪيائون تنھن تي پنھنجي ساراھڻ کي پسند ڪندا آھن پوءِ تون اُنھن کي عذاب کان ڇٽل نہ ڀانءِ، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
3:189
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شئي تي وسوارو آھي
3:190
آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت (۾) ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦير گھير ۾ اُنھن سمجھ وارن لاءِ ضرور نشانيون آھن
3:191
جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪندا آھن ۽ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ۾ فڪر ڪندا آھن، (۽ چوندا آھن تہ) اي اسانجا پالڻھار! ھنن کي بي رٿو نہ بڻايو اٿيئي، تو کي پاڪ ڄاڻون ٿا تنھنڪري اسان کي باہ جي عذاب کان بچاءِ!
3:192
اي اسانجا پالڻھار! جنھن کي تو باھ ۾ وڌو تنھن کي بيشڪ خوار ڪيئي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نہ آھي
3:193
اي اسانجا پالڻھار! اسان سڏيندڙ جي سڏ کي ٻڌو جو ايمان ڏانھن سڏيندو آھي تہ پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو پوءِ مڃيوسون، اي اسانجا پالڻھار! اسان کي اسانجا گناھ بخش ۽ اسان کان اسانجون مدايون ميٽ ۽ اسان کي ڀلارن سان گڏ موت (نصيب) ڪر
3:194
اي اسانجا پالڻھار! اسان کي پنھنجن پيغمبرن (جي زبان) سان جيڪو انجام ڏنو اٿيئي سو پاڙ ۽ قيامت جي ڏينھن اسان کي خوار نہ ڪج، بيشڪ تون وعدي خلافي نہ ڪندو آھين
3:195
پوءِ سندن پالڻھار اُنھن جي دعا قبول ڪئي تہ آءٌ اوھان مان عمل ڪندڙ مرد يا عورت جو عمل نہ وڃائيندس، اوھان ھڪٻئي مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني سڀ ھڪ جنس آھيو) پوءِ جن وطن ڇڏيو ۽ پنھنجن گھرن مان ڪڍيا ويا ۽ منھنجيءَ واٽ ۾ ڏکويا ويا ۽ وڙھيا ۽ ڪٺا ويا تن کان سندن مدايون ضرور ميٽيندس ۽ اُنھن کي (بھشت جي اھڙن) باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن، (اھو) بدلو الله وٽان آھي، ۽ الله وٽ چڱو بدلو آھي
3:196
(اي پيغمبر!) ملڪن ۾ ڪافرن جي اَچ وڃ تو کي نہ ٺڳي
3:197
اِھو ٿوڙو فائدو آھي، وري سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي
3:198
پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ باغ آھن جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، اھا مھماني الله وٽان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلارن لاءِ چڱو آھي
3:199
۽ ڪتاب وارن مان ڪي اُھي آھن جيڪي الله کي ۽ جيڪي توڏانھن (قرآن) لاٿو ويو تنھن کي ۽ جيڪي (توريت) اُنھن ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي الله جي عاجزي ڪندڙ ٿي مڃيندا آھن الله جي آيتن کي ٿوري ملھ سان نہ وڪڻندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، بيشڪ الله سگھو حساب وٺندڙ آھي
3:200
اي ايمان وارؤ صبر ڪريو ۽ (جھاد لاءِ) مضبوط ٿيو ۽ جڙيا رھو، ۽ الله کان ڊڄو تہ منَ اوھين ڪامياب ٿيو