2:1
الٓمٓ
2:2
ھيءُ ڪتاب، جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي، اُنھن خدا ترسن کي سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي
2:3
جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻيندا آھن ۽ نماز (ساري) پڙھندا آھن ۽ کين جيڪي رزق ڏنوسين تنھن مان (الله جي راھ ۾) خرچ ڪندا آھن
2:4
۽ اُھي (اي پيغمبر) جيڪو (قرآن) توڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻين پيغمبرن تي) لاٿو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي يقين رکندا آھن
2:5
اِھي ئي (انھيءَ) سڌي واٽ تي آھن جا سندن پالڻھار کان (ڏسيل) آھي ۽ اِھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن
2:6
بيشڪ جن انڪار ڪيو تن تي (اي پيغمبر!) تنھنجو کين ڊيڄارڻ يا نہ ڊيڄارڻ ھڪ جھڙو آھي اُھي ايمان نہ آڻيندا
2:7
الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مُھر ھنئي آھي ۽ سندن اکين تي پردو (چڙھيل) آھي ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي
2:8
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن تہ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيوسين ۽ حقيقت ۾ اُھي مؤمن نہ آھن
2:9
(انھيءَ چوڻ ڪري پنھنجي ڀانئڻ ۾) الله ۽ مؤمنن کي دلبو ڏيندا آھن ۽ حقيقت ۾ پاڻ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کي) دلبو نہ ڏيندا آھن ۽ نہ سمجھندا آھن
2:10
سندين دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي پوءِ الله سندين بيماري وڌائي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي انھيءَ ڪري جو (ھو) ڪوڙ ڳالھائيندا آھن
2:11
۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ ملڪ ۾ فساد نہ وجھو (تڏھن) چوندا آھن تہ اسين سڌاريندڙ ئي آھيون
2:12
خبردار! اھي پاڻ فسادي آھن پر نہ سمجھندا آھن
2:13
۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ جھڙي طرح ٻين ماڻھن ايمان آندو آھي (تھڙيءَ طرح اوھين بہ) ايمان آڻيو (تڏھن) چوندا آھن تہ جيئن بي سمجھن ايمان آندو آھي تيئن ايمان آڻيون ڇا؟ خبردار! اُھي ئي بي سمجھ آھن پر نہ ڄاڻندا آھن
2:14
۽ جڏھن مؤمنن سان ملندا آھن (تڏھن) چوندا آھن تہ اسان ايمان آندو آھي ۽ جڏھن پنھنجن شيطانن (سردارن) سان اڪيلو ملندا آھن (تڏھن) چوندا آھن تہ اسين (پر ۾) اوھان سان آھيون اسين (مؤمنن سان) رڳو چٿر ڪندڙ آھيون
2:15
الله انھن سان چٿر ڪندو آھي ۽ انھن کي، جو پنھنجيءَ گمراھيءَ ۾ حيران آھن، ڊيگھ ڏيندو آھي
2:16
اِھي اُھي آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي خريد ڪئي پوءِ سندن واپار کين فائدو نہ ڏنو ۽ نڪي اُھي ھدايت وارا ٿيا
2:17
سندن مثال انھيءَ جي مثال جھڙو آھي جنھن باھ ٻاري پوءِ جنھن مھل باھ پنھنجي آسپاس کي روشن ڪيو (تنھن مھل) الله سندن سوجھرو اُجھايو ۽ کين اونداھين ۾ ڇڏي ڏنائين جو نہ ڏسن
2:18
(اھي) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن پوءِ اُھي نہ موٽندا
2:19
يا (سندن مثال اُنھيءَ) آسماني برسات (وارن) جھڙو آھي جنھن ۾ اونداھيون ۽ گاج ۽ وڄ ھجي، اُھي پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪنن ۾ ڪڙڪن کان موت جي ڀوَ ڪري وجھن ۽ الله ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي
2:20
وڄ سندين اکين (جي سوجھري) کي اُمالڪ کسڻ تي ھجي، جڏھن بہ انھن لاءِ چمڪي (تڏھن) منجھس ھلن ۽ جڏھن مٿن اوندھ ڪري تڏھن بيھي رھن، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ سندن ٻڌڻ ۽ سندن ڏسڻ ضرور وڃائي ڇڏي ھا، ڇو تہ الله سڀ ڪنھن شئي تي وسوارو آھي
2:21
اي انسانو! پنھنجي انھيءَ پالڻھار جي عبادت ڪريو جنھن اوھان کي ۽ جي اوھان کان اڳ ھئا تن کي پيدا ڪيو تہ منَ اوھان ڊڄو
2:22
جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ آسمان کي ڇت ۽ (مينھن جو) پاڻي آسمان کان وسايائين پوءِ ان سان (ھر جنس جي) ميون منجھان اوھان لاءِ روزي پيدا ڪيائين پوءِ اوھين ڄاڻ ھوندي الله سان ڪنھن کي شريڪ نہ ڪريو
2:23
۽ پنھنجي ٻانھي (محمد ﷺ) تي جيڪو (قرآن) لاٿو سون تنھن کان جيڪڏھن اوھين شڪ ۾ آھيو تہ ان جھڙي ڪائي سورت بڻائي آڻيو ۽ الله کان سواءِ پنھنجا مددگار (بہ) سڏيو جيڪڏھن اوھين سچا آھيو
2:24
پوءِ جيڪڏھن (ايئن) نہ ڪندؤ ۽ ڪري بہ ڪڏھن نہ سگھندؤ تہ اُنھيءَ باھ کان ڊڄو جنھن جو ٻل ماڻھو ۽ پھڻ آھن، اُھا نہ مڃيندڙن لاءِ تيار ڪئي وئي آھي
2:25
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (ھيءَ) خوشخبري ڏي تہ اُنھن لاءِ بھشت آھن جن جي ھيٺان نھرون پيون وھن، جڏھن ڪڏھن ان مان ڪوبہ ميوو کاڄ لاءِ ڏنو پيو ويندن (تنھن مھل) پيا چوندا تہ ھيءُ (ميوو) اُھو آھي جو اڳ اسان کي ڏنو ويو ھو ۽ اُھو (شڪل ۾) ھڪ جھڙو (پيو) ڏبن ۽ انھن لاءِ منجھس پاڪ زالون آھن ۽ اھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
2:26
الله مڇر ۽ اُن کان وڌيڪ (ھيڻيءَ) جي مثال ڏئڻ کان حياءَ نہ ڪندو آھي پوءِ جن ايمان آندو آھي سي (پڪ) ڄاڻندا آھن تہ اُھو سندن پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي ۽ جن انڪار ڪيو سي چوندا آھن تہ ھن مثال ڏيڻ مان الله جو ڇا مطلب آھي؟ (الله) ان سببان گھڻن کي ڀلائيندو آھي ۽ اُن سببان گھڻن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي ۽ ان سان اھڙن بي دينن ان سواءِ (ٻئي ڪنھين کي) نہ ڀلائيندو آھي
2:27
جيڪي الله جو انجام اُن جي پڪ ڪرڻ کان پوءِ ڀڃندا آھن ۽ الله جن (ڪمن) جي ڳنڍڻ جو حڪم ڪيو آھي تن کي ڇنندا آھن ۽ ملڪ ۾ فساد وجھندا آھن اُھي ئي گھاٽي وارا آھن
2:28
اوھين ھن ھوندي بہ الله کي ڪھڙيءَ طرح نہ ٿا مڃيو، جو بي ساھا ھيؤ پوءِ اوھان کي جيئرو ڪيائين، وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي جياريندو وري ڏانھس موٽايا ويندؤ
2:29
اُھو (الله) آھي جنھن توھان (جي فائدي) لاءِ جيڪي (شيون) زمين ۾ آھن سي مڙيئي پيدا ڪيون، وري آسمان ڏانھن متوجہ ٿيو پوءِ انھن کي ست آسمان ڪري برابر بھاريائين، ۽ اُھو (الله) سڀ ڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھن
2:30
۽ (اي پيغمبر!) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو تہ آءٌ زمين ۾ ھڪ نائب مقرر ڪرڻ وارو آھيان. (تڏھن) چيائون تہ (تون) منجھس اھڙي کي ڇو ٿو پيدا ڪرين؟ جو منجھس فساد ڪندو ۽ (ناحق) رت ھاريندو، ۽ اسين تنھنجي ساراھ سان (سندءِ) پاڪائي واکاڻيون ٿا ۽ تو کي پاڪ ڪري مڃيون ٿا، فرمايائين تہ جيڪي توھان نہ ڄاڻندا آھيو سو آءٌ ڄاڻندو آھيان
2:31
۽ (الله) آدم کي سڀئي نالا سيکاريا وري اُھي (پڇا لاءِ) ملائڪن جي آڏو ڪيائين پوءِ فرمايائين تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ ھنن جا نالا ڏسيوم
2:32
چيائون تہ تون پاڪ آھين جيڪي اسان کي ڄاڻايو اٿئي تنھن کان سواءِ اسان کي (ٻي) ڪا خبر نہ آھي ڇو تہ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھين
2:33
(الله) چيو تہ آدم! انھن جا نالا کين ڏس پوءِ جڏھن کين انھن جا نالا ڏسيائين (تڏھن الله) چيو تہ اوھان کي نہ چيو ھوم ڇا؟ تہ آءٌ ئي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھيان ۽ جيڪي ظاھر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو بہ ڄاڻندو آھيان
2:34
۽ (اي پيغمبر!) جڏھن ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو تڏھن شيطان ڌاران (ٻين) سجدو ڪيو. ھن انڪار ڪيو ۽ ھٺ ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو
2:35
۽ چيوسون تہ اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ رھو ۽ جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو ۽ ھن وڻ کي ويجھا نہ وڃجو نہ تہ ظالمن مان (شمار) ٿيندؤ
2:36
پوءِ شيطان اُتاھون اُنھن کي ٿيڙيو پوءِ جنھن (مزي) ۾ ھئا تنھن مان کين (ٻاھر) ڪڍيائين ۽ چيوسون تہ (بھشت مان) نڪري ھيٺ ٿيو اوھين ھڪ ٻئي جا ويري آھيو ۽ اوھان لاءِ ڪنھن وقت تائين زمين ۾ رھڻ جو ھنڌ ۽ (گذارڻ) جو سامان (ٺھرايل) آھي
2:37
پوءِ آدم پنھنجي پالڻھار وٽان ڪي لفظ سکيا پوءِ (الله) مٿس ٻاجھ ڪئي ڇو تہ اُھوئي معافي ڏيندڙ مھربان آھي
2:38
چيوسون تہ منجھانئس سڀ لھي ھيٺ ٿيو. پوءِ جڏھن مون وٽان اوھان وٽ ڪا ھدايت اچي تڏھن جيڪي منھنجيءَ ھدايت تي ھلندا تن کي ڪو ڀؤ ڪونھي ۽ نڪي اُھي غمگين ٿيندا
2:39
۽ جن نہ مڃيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو سي دوزخي آھن. اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
2:40
اي اسرائيل جو اولاد! اُھي منھنجا ڳڻ ياد ڪريو جيڪي مون توھان تي ڪيا ۽ منھنجو انجام پاڙيو تہ آءٌ (بہ) اوھان جو انجام پاڙيان ۽ رڳو مون کان ڊپ رکو
2:41
۽ (اي بني اسرائيلؤ!) جيڪي اوھان وٽ آھي (يعني توريت) تنھن کي سچو ڪندڙ جيڪو (قرآن محمد ﷺ تي) لاٿم تنھن کي مڃيو ۽ ان جا پھريان منڪر نہ ٿيو ۽ منھنجين آيتن کي (دنيا جي) ٿوري ملھ سان نہ وڪڻو ۽ رڳو مون کان ڊڄو
2:42
۽ سچ کي ڪوڙ سان نہ ملايو ۽ نڪي اوھين ڄاڻ ھوندي بہ سچ لڪايو
2:43
۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏجي رڪوع ڪريو
2:44
ماڻھن کي چڱائيءَ جو حڪم ڪريو ٿا؟ ۽ پاڻ کي وساريو ٿا ھن ھوندي بہ جو توھين ڪتاب پڙھو ٿا پوءِ ڇو نہ ٿا سمجھو؟
2:45
۽ صبر ۽ نماز سان سھارو وٺو ۽ اھا اُنھن عاجزي ڪندڙن کان سواءِ ٻين کي ضرور ڏکي (لڳندي) آھي
2:46
جيڪي پڪ ڀانئيندا آھن تہ اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن ۽ اُھي ڏانھنس موٽڻ وارا آھن
2:47
اي بني اسرائيلؤ! اُھي منھنجا ڳڻ ياد ڪريو جيڪي مون اوھان تي ڪيا ۽ مون اوھان کي جھان (وارن) تي سڳورو ڪيو
2:48
۽ اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ ڪو (بہ) ڪنھين کان ڪجھ بہ ٽاري نہ سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪا پارت قبول ڪبي ۽ نڪي کان کانئس ڪو عيوض وٺبو ۽ نڪي کين مدد ڏبي
2:49
۽ (ھي ڳڻ بہ ياد ڪريو تہ) جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن ان ڇڏايوسون، جي اوھان کي ڏاڍو ايذاءُ چکائيندا ھئا جو اوھان جا پٽ ڪھندا ھئا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھئا ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھئي
2:50
۽ (ياد ڪريو تہ) جڏھن اوھان لاءِ سمنڊ کي چيريوسون پوءِ اوھان کي (ٻڏڻ کان) بچايوسون ۽ فرعون جي ماڻھن کي ٻوڙيوسون ۽ اوھين ڏسندا رھيؤ
2:51
۽ (ياد ڪريو) جڏھن موسىٰ کي چاليھن راتين جو انجام ڏنوسون وري اُن (جي وڃڻ) کان پوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتوَ ۽ اوھين ظلم ڪندڙ ھيؤ
2:52
وري ان کان پوءِ اوھان کي معاف ڪيوسون تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
2:53
۽ (ياد ڪريو تہ) جڏھن موسىٰ کي ڪتاب ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سنڌو وجھندڙ ڏنوسين تہ منَ اوھين ھدايت وارا ٿيو
2:54
۽ (ياد ڪريو تہ) جڏھن موسىٰ پنھنجيءَ قوم کي چيو تہ اي منھنجي قوم! اوھان گابي کي خدا ڪري وٺڻ سببان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تنھن ڪري پنھنجي پيدا ڪندڙ ڏانھن موٽو ۽ پاڻ کي ڪھو اِھو اوھان لاءِ توھان جي پيدا ڪندڙ وٽ چڱو آھي، پوءِ اوھان تي ٻاجھ ڪيائين ڇو تہ اُھوئي معافي ڏيندڙ مھربان آھي
2:55
۽ (ياد ڪريو تہ) جڏھن اوھان چيو تہ اي موسىٰ! جيستائين الله چٽو (نہ) ڏسنداسون تيستائين تو کي ڪڏھن بہ نہ مڃينداسون پوءِ اوھان تي وڄ اچي ڪڙڪي ۽ اوھين ڏسندا رھيؤ
2:56
وري اوھان جي مرڻ کان پوءِ اوھانکي جيئرو ڪيوسون تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
2:57
۽ اوھان تي ڪڪر جي ڇانو ڪئي سون ۽ اوھان تي شَڪر ۽ ٻٽيرا لاٿاسون تہ جيڪي اوھان کي سٺين شين مان رزق ڏنوسون سو کائو ۽ اسان تي (ڪو بہ) ظلم نہ ڪيائون پر پاڻ تي ظلم ڪندا ھئا
2:58
۽ جڏھن چيو سون تہ ھن ڳوٺ ۾ گھڙو پوءِ منجھانئس جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو ۽ دروازي کان (سجدي وانگر) نِوڙي لنگھو ۽ چئو تہ اسان جا ڏوھ بخش! تہ اوھان جون مدايون اوھان کي بخشيون ۽ چڱائي ڪندڙن کي سگھو وڌائنداسون
2:59
پوءِ (انھن) ظالمن جيڪي کين چيو ويو ھو تنھن کي مٽائي ٻيو چوڻ چيو پوءِ (انھن) ظالمن تي سندن بڇڙي ھجڻ سببان آسمان کان عذاب لاٿوسون
2:60
۽ (ياد ڪريو تہ) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم لاءِ پاڻي گھريو تڏھن چيوسون تہ پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ پوءِ منجھانئس ٻارھن چشما ڦاٽي نڪتا سڀ ڪنھن ماڻھو بي شڪ پنھنجو تڙ سڃاتو (چيوسون تہ) الله جي رزق مان کائو ۽ پيؤ ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙ نہ وجھو
2:61
۽ جڏھن چيوَ تہ اي موسىٰ! ھڪ طعام تي ڪڏھن نہ صبر ڪنداسون تنھن ڪري پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ (دعا) گھر تہ زمين جيڪو پنھنجي سبزي ۽ پنھنجيون ونگيون ۽ پنھنجي ٿوم ۽ پنھنجي مَھُري (دال) ۽ پنھنجا بصر ڄمائيندي آھي سي اسان لاءِ پيدا ڪري، چيائين تہ جيڪي (شيون) چڱيون آھن سي سادين سان ڇو ٿا مٽايو؟ (جي نہ ٿا رھو تہ) ڪنھن شھر ۾ لھي وڃو پوءِ جيڪي گھرو ٿا سو سڀ اوھان لاءِ (اُتي موجود) آھي، ۽ خواري ۽ محتاجي مٿن ھنئي ويئي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وريا، اھو ھن ڪري آھي جو اُنھن الله جي حڪمن کي نہ ٿي مڃيو ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪٺائون، اھو ڪم بي فرمانيءَ سببان ٿي ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھئا
2:62
بيشڪ مؤمنن ۽ يھودين ۽ نصارن ۽ صابئين (بي دينن) منجھان جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي ۽ کين نڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ٿيندا
2:63
۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتو سون ۽ اوھان جي مٿان (جبل) طور کي کڙو ڪيوسون (تڏھن چيو سون تہ) جيڪو (توريت) اوھان کي ڏنو سون سو سوگھو ڪري وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪريو منَ اوھين ڊڄو
2:64
وري اُن کان پوءِ اوھين ڦريؤ پوءِ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نہ ٿئي ھا تہ اوھين ضرور نقصان وارن مان ٿيو ھا
2:65
۽ اُنھن کي بيشڪ ڄاتو اٿو، جي اوھان مان ڇنڇر بابت حد کان لنگھيا پوءِ کين چيوسون تہ خسيس ڀولڙا ٿي پئو
2:66
پوءِ اُن (قصي) کي اُن ڳوٺ جي آسپاس وارن ۽ اُنھن جي پوين لاءِ عبرت ۽ خدا ترسن لاءِ نصيحت ڪئي سون
2:67
۽ جڏھن موسىٰ پنھنجيءَ قوم کي چيو تہ الله اوھان کي ڳئون ڪھڻ جو حڪم ڪري ٿو (تڏھن) چيائون تہ تون اسان سان ٽوڪ ڪرڻ لڳين ٿو ڇا؟ (موسىٰ) چيو تہ آءٌ الله کان جاھلن مان ھجڻ جي پناھ گھران ٿو
2:68
چيائون تہ اسان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان دعا گھر تہ اسان لاءِ چٽائي ڪري تہ اُھا (ڳئون) ڪھڙي (قسم جي) آھي؟ (موسىٰ) چيو تہ الله چوي ٿو تہ اُھا ڳئون نہ ڪراڙي ۽ نہ (ننڍي) گابي آھي اِنھيءَ وچ ۾ وچٿري آھي پوءِ جيڪي اوھان کي حڪم ڏنو ويو سو ڪريو
2:69
چيائون تہ پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دعا گھر تہ اسان لاءِ چٽائي ڪري تہ ان جو رنگ ڪھڙو آھي؟ (موسىٰ) چيو تہ الله چوي ٿو تہ اھا ڳئون ھيڊي ڪڪڙي آھي، سندس رنگ ڳوڙھو ھيڊو آھي، ڏسندڙن کي پئي وڻندي آھي
2:70
چيائون تہ پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دعا گھر تہ اسان لاءِ وضاحت ڪري تہ اھا (ڳئون) ڪھڙي (پارين) آھي؟ ڇو تہ ڳئون اسان وٽ (پاڻ جھڙين ۾) وچڙيل آھي ۽ جيڪڏھن الله گھريو تہ اسين ضرور لھنداسون
2:71
(موسىٰ) چيو تہ الله چوي ٿو تہ اُھا اَھڙي ڳئون آھي، (جو) نڪي وھو آھي جو زمين کيڙي، ۽ نڪي پوک پياري، بي عيب آھي، منجھس ڪو دٻڪ ڪونھي۔ چيائون تہ ھاڻي تو پورو پار آندو، پوءِ اُن کي ڪٺائون ۽ (انھيءَ ڪم) ڪرڻ تي نہ ھئا
2:72
۽ جڏھن ھڪ شخص کي ڪٺوَ، تڏھن ان (جي ماريندڙ) بابت تڪرار ڪيوَ ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي
2:73
پوءِ چيوسون تہ سندس (گوشت جو) ڪجھ ڀاڱو ان (مئل) کي ھڻو، اھڙا طرح الله مئلن کي جيئاريندو آھي ۽ اوھان کي پنھنجيون نشانيون ڏيکاريندو آھي تہ منَ اوھين سمجھو
2:74
وري ھن کان پوءِ اوھان جون دليون سخت ٿيون پوءِ پٿر وانگر بلڪ وڌيڪ سخت ٿيون ۽ پٿرن مان ڪي اھڙا (بہ) آھن جو منجھانئن واھيون ڦاٽي نڪرنديون آھن ۽ منجھانئن ڪو ڦاٽندو آھي پوءِ منجھانئس پاڻي نڪرندو آھي ۽ انھن مان ڪو الله جي ڀؤ کان ڪري پوندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نہ آھي
2:75
(اي مسلمانو! اوھين يھودين ۾) پاڻ لاءِ فرمانبردار ھجڻ جو ھن ھوندي بہ اڃا آسرو رکو ٿا ڇا؟ جو بيشڪ منجھانئن ھڪ ٽولو اھڙو آھي جو الله جو ڪلام ٻڌندا آھن وري اُن جي سمجھڻ کان پوءِ اُھي ڄاڻ ھوندي بہ اُن کي مٽائيندا آھن
2:76
۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن تڏھن چوندا آھن تہ ايمان آندوسون ۽ جڏھن ھڪ ٻئي سان اڪيلو ملندا آھن (تڏھن پاڻ ۾) چوندا آھن تہ جيڪي الله اوھان تي کوليو آھي تنھن جي ڳالھ ساڻن ڇو ڪندا آھيو؟ تہ ان سببان اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان تي حجت وٺندا رھن اَوھين ڇو نہ سمجھندا آھيو؟
2:77
نہ ڄاڻندا آھن ڇا؟ تہ جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي ظاھر ڪندا آھن سو الله ڄاڻندو آھي
2:78
۽ منجھانئن ڪي اڻ پڙھيا آھن جي ڪوڙن خيالن کان سواءِ ڪتاب کي ڪجھ نہ ڄاڻندا آھن ۽ اُھي رڳو گمان ڪندا آھن
2:79
پوءِ اُنھن لاءِ ويل آھي جيڪي پنھنجو ھٿراڌو ڪتاب لکندا آھن، وري (ماڻھن کي) چوندا آھن تہ ھيءُ الله وٽان (آيو) آھي تہ جيئن اُن سان (دنيا جو) ٿورو ملھ وٺن. پوءِ جيڪي سندن ھٿن لکيو تنھن سببان انھن لاءِ ويل آھي ۽ جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن سببان (پڻ) اُنھن لاءِ ويل آھي
2:80
۽ چون ٿا تہ باھ، چند ڏينھن کان سواءِ اسان کي ڪڏھن نہ ڇھندي (اي پيغمبر کين) چئو تہ الله وٽان اھڙو انجام ورتو اٿو ڇا؟ تہ الله پنھنجي انجام کي ڪڏھن نہ ڦيريندو يا الله تي اڻ ڄاتو (ڪوڙ) ڳالھائي رھيا آھيو
2:81
ھائو، جن برائي ڪمائي ۽ سندن بڇڙائي کين ويڙھي ويئي سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
2:82
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتي آھن اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
2:83
۽ جڏھن بني اسرائيل کان انجام ورتو سون تہ الله کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نہ ڪريو ۽ ماءُ پيءُ ۽ مٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن سان چڱائي ڪريو ۽ ماڻھن سان مٺو ڳالھايو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو. وري اوھان منجھان ٿورن کان سواءِ (سڀ) ڦري ويؤ ۽ اوھين منھن موڙيندڙ ھيؤ
2:84
۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون تہ پنھنجا خون نہ ڪندؤ ۽ نڪي پنھنجيءَ قوم کي پنھنجن ديسن مان لڏائيندؤ پوءِ اقرار ڪيوَ ۽ (انجا) اوھين گواھ آھيو
2:85
(تنھن کان) پوءِ اوھين اھڙا ٿيا آھيو جو پنھنجيءَ قوم کي ڪھو ٿا ۽ پنھنجن مان ھڪ ٽوليءَ تي ايذاءَ ۽ ڏاڍ ڪرڻ لاءِ (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي مدد ڏيئي کين سندن ديس مان لڏايو ٿا ۽ جيڪڏھن (ڪي) قيدي ٿي اوھان وٽ ايندا آھن تہ سندن چٽي ڀري کين ڇڏائيندا آھيو حالانڪہ اُھو سندن لوڌڻ اوھان تي حرام ٿيل آھي پوءِ ڇا لاءِ ڪي (حڪم) ڪتاب (توريت) جا مڃيندا آھيو ۽ ڪي نہ مڃيندا آھيو پوءِ اوھان مان جيڪو اھڙو ڪم ڪري تنھن جي سزا دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ کان سواءِ ڪانہ آھي ۽ قيامت جي ڏينھن سخت عذاب ڏانھن ورايا ويندا ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نہ آھي
2:86
اھي اُھي آھن جن آخرت جي بدران دنيا جي حياتي خريد ڪئي پوءِ کانئن عذاب ھلڪو نہ ڪيو ويندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي
2:87
۽ بي شڪ موسىٰ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ کانئس پوءِ (ٻيا) پيغمبر ھڪ ٻئي پٺيان موڪلياسون ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي کي چٽا معجزا ڏناسون ۽ کيس پاڪ روح سان مدد ڏني سون، پوءِ جڏھن بہ ڪنھن پيغمبر اوھان وٽ اُھي حڪم آندا ٿي، جن کي اوھان جي دلين نہ ٿي گھريو تڏھن اوھان (ان جي مڃڻ کان ڇو) وڏائي ڪئي؟ پوءِ (پيغمبرن جي) ھڪ ٽوليءَ کي ڪوڙو ڄاتوَ ۽ ٻيءَ کي ڪٺوَ
2:88
۽ چون ٿا تہ اسان جون دليون ڍڪيل آھن (نہ،) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورڙا ايمان آڻيندا
2:89
۽ جڏھن الله وٽان ڪتاب (قرآن) اُنھيءَ (توريت) جو سچو ڪندڙ آين، جيڪو وٽن آھي ۽ (حقيقت ڪري قرآن جي لھڻ کان) اڳ ڪافرن تي سوڀ (ٿيڻ جون دعائون) گھرندا ھئا، پوءِ جڏھن وٽن اھو آيو جنھن کي سڃاتائون ٿي تڏھن اُن جو انڪار ڪيائون پوءِ ڪافرن تي الله جي لعنت آھي
2:90
اُھو بڇڙو (سودو) آھي جنھن ۾ پاڻ ڏيئي، جيڪي الله (محمد ﷺ تي) لاٿو آھي تنھن جو نہ مڃڻ، ھن (ڳالھ) جي ساڙ ڪري ورتائون تہ الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي تنھن تي پنھنجيءَ ٻاجھ سان (ڪتاب ڇو) لاھيندو آھي. پوءِ (الله جي) ڏمر تي ڏمر ھيٺ وريا ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي
2:91
۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ جيڪو (قرآن) الله لاٿو تنھن کي مڃيو تڏھن چون ٿا تہ جيڪو (توريت) اسان تي لٿل آھي تنھن کي مڃييندا آھيون ۽ جيڪي ان کان سواءِ آھي تنھن کي نہ مڃييندا آھن ۽ (حقيقت ڪري) اُھو (قرآن) سچو آھي، جيڪو (توريت) وٽن آھي تنھن جو سچو ڪندڙ (بہ) آھي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ جيڪڏھن (توريت جا) مڃيندڙ آھيو تہ الله جي پيغمبرن کي اڳ ڇو ڪٺوَ؟
2:92
۽ بيشڪ موسىٰ اوھان وٽ چٽا معجزا آندا وري کانئس پوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتوَ ۽ (ايئن ڪرڻ سان) اوھين (پاڻ تي) ظلم ڪندڙ آھيو
2:93
۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ۽ اوھان جي مٿان طور (جبل) کڙو ڪيوسون (چيوسون تہ) جيڪو اوھان کي (توريت) ڏنوسين، سو سوگھو وٺو ۽ ٻڌو، تڏھن چئائون تہ ٻڌوسون ۽ نہ مڃيوسون ۽ اُنھن جي دلين ۾ سندن ڪفر سببان گابي جي پريت وڌي ويئي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوھان جو ايمان اوھان کي جنھن شئي جو حڪم ڪندو آھي سا بڇڙي آھي، جيڪڏھن اوھين (توريت جا) مڃيندڙ آھيو
2:94
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ جيڪڏھن آخرت جو ملڪ الله وٽ ٻين ماڻھن کان سواءِ خاص اوھان لاءِ آھي تہ جيڪڏھن (پنھنجي چوڻ ۾) سچا آھيو تہ موت گھرو
2:95
۽ جيڪي ڪرتوت سندن ھٿن اڳي موڪليا آھن تن سببان اُن (موت) کي ڪڏھن بہ نہ گھرندا ۽ الله ظالمن کي (چڱيءَ طرح) ڄاڻندڙ آھي
2:96
۽ (اي پيغمبر!) اُنھن (يھودين) کي جيئڻ تي (سڀني) ماڻھن ۽ مشرڪن کان وڌيڪ حرص وارو ضرور اھندين، منجھانئن ھر ھڪ گھرندو آھي تہ جيڪر ھزار ورھيہ جياريو وڃي ھا، ۽ اُھو (ايڏو جيئڻ) کيس عذاب کان پري ڪرڻ وارو نہ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھنکي الله ڏسندڙ آھي
2:97
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ جيڪو جبرائيل جو ويري ٿيندو (سو الله جو ويري آھي) ڇو تہ جبرائيل قرآن کي الله جي حڪم سان تنھنجيءَ دل تي لاٿو آھي، جيڪي کانئس اڳي آھي تنھنکي سچو ڪندڙ آھي ۽ مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي
2:98
جيڪو الله ۽ سندن ملائڪن ۽ سندن پيغمبرن ۽ جبرائيل ۽ ميڪائيل جو ويري بڻندو بيشڪ الله (بہ اھڙن) ڪافرن جو ويري آھي
2:99
۽ (اي پيغمبر!) بيشڪ توڏانھن صاف آيتون موڪليون سون، ۽ بي دينن کان سواءِ ڪوبہ ان جو منڪر نہ ٿيندو
2:100
جڏھن بہ ڪو انجام ٻَڌائون ٿي تہ اُن کي ڇو منجھانئن ھڪ ٽوليءَ ڀڳو ٿي؟ بلڪ منجھائن گھڻا ايمان نہ آڻيندا آھن
2:101
۽ جڏھن پيغمبر (محمد ﷺ) اُنھيءَ (يعني توريت) جو سچو ڪندڙ جيڪو وٽن آھي، الله وٽان آين (تڏھن) جن کي ڪتاب (توريت) ڏنو ويو تن مان ھڪ ٽوليءَ الله جي ڪتاب کي پنھنجين پٺين پويان اُڇليو ڄڻڪ اُھي ڄاڻندا ئي نہ آھن
2:102
۽ اُھي (يھودي توريت جي پيروي ڇڏي) اھڙن (باطل علمن) جي پٺيان لڳا جيڪي سليمان جي ملڪ ۾ شيطان پڙھندا ھئا، ۽ سليمان (جادوءَ ڪرڻ جو) ڪفر نہ ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو جو ماڻھن کي جادو سيکاريندا ھئا ۽ پڻ (ان جي پٺيان پيا) جيڪي (اسماءَ الھيءَ جا اسرار) ٻن ملائڪن ھاروت ۽ ماروت تي بابل (شھر) ۾ نازل ٿيا ھئا، ۽ اھي ٻئي (اُنھن علمن مان) ڪجھ بہ ايسين ڪنھن ھڪڙي کي نہ سيکاريندا ھئا جيسين (ھيءُ نہ) چوندا ھئا تہ اسين رڳو آزمائش آھيون تنھن ڪري (اُن کي بيجا ڪم ۾ آڻي) ڪافر نہ بڻج. پوءِ کانئن اُھو سکندا ھئا جنھن سان مڙس ۽ سندس زال جي وچ ۾ ڦيٽو وجھندا ھئا، ۽ اُھي ان سان ڪنھن ھڪڙي کي الله جي حڪم کان سواءِ نقصان پھچائيندڙ نہ ھئا ۽ جيڪا کين نقصان ڏيندي ۽ کين فائدو نہ ڏيندي سا سکندا ھئا ۽ بيشڪ ڄاتائون ٿي تہ جنھن اُھا ورتي تنھن کي آخرت ۾ ڪو نصيب نہ آھي ۽ جنھن سان پاڻ کي وڪيائون سا ضرور بڇڙي آھي. جيڪر ڄاڻن ھا (تہ پاڻ پلين ھا!)
2:103
۽ جيڪڏھن اُھي (يھودي) ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگار بڻجن ھا تہ الله وٽان ضرور چڱو بدلو (ملين ھا) جيڪڏھن ڄاڻن ھا
2:104
اي ايمان وارؤ! (پيغمبر کي عرض ڪرڻ مھل) راعنا (جو لفظ) نہ چئو ۽ اُنظرنا (جو لفظ) چئو ۽ (اُھو حڪم غور سان) ٻڌو ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
2:105
نڪي ڪو اھل ڪتاب جي ڪافرن مان ۽ نڪي ڪو مشرڪن مان اوھان جي پالڻھار وٽان اوھان تي ڪنھن چڱائي جو لھڻ چاھيندو آھي ۽ الله پنھنجي ٻاجھ سان جنھن کي وڻيس تنھن کي چونڊيندو آھي. ۽ الله وڏي فضل وارو آھي
2:106
(اي پيغمبر) جي ڪا آيت منسوخ ڪندا آھيون يا (تنھنجيءَ دل تان) اُھا وسارائيندا آھيون تہ اُنھي کان چڱي يا ان جھڙي آڻيندا آھيون، نہ ڄاڻندو آھين ڇا؟ تہ الله سڀ ڪنھن شئي تي وسوارو آھي
2:107
(اي پيغمبر) نہ ڄاڻندو آھين ڇا؟ تہ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار آھي
2:108
(اي مسلمانؤ!) اوھين پنھنجي پيغمبر کان ايئن سوال ڪرڻ ڇو ٿا گھرو؟ جيئن اڳ (يھودين) موسىٰ کان پڇيو ھو، ۽ جيڪو ايمان کي ڪفر سان مٽائيندو سو بيشڪ سڌيءَ واٽ کان ڀُلو
2:109
اھل ڪتاب مان گھڻا گھرندا آھن تہ جيڪر اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ بہ اوھان کي حسد سببان جو سندين دلين ۾ آھي، مٿن جو حق پڌرو ٿي چڪو آھي، ان کان پوءِ بہ موٽائي ڪافر ڪن پوءِ ايسين معاف ڪريو ۽ مڙي وڃو جيسين الله پنھنجو حڪم موڪلي، ڇو تہ الله سڀ ڪنھن شئي تي وسوارو آھي
2:110
۽ (اي مسلمانؤ!) نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ جيڪا چڱائي پاڻ لاءِ اڳي موڪليندؤ سا الله وٽ لھندؤ، بيشڪ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن کي الله ڏسندڙ آھي
2:111
۽ (يھودي ۽ نصارىٰ) چون ٿا تہ يھودين ۽ نصارن کان سواءِ بھشت ۾ ڪوئي نہ گھڙندو، اِھي سندن سڌون آھن (اي پيغمبر! کين) چئو تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ پنھنجو ڪو دليل آڻيو
2:112
ھائو، جنھن پنھنجو مُنھن الله لاءِ نواڙيو ۽ اُھو ڀلارو ھوندو تنھن لاءِ سندس پالڻھار وٽ سندس اجر آھي ۽ نڪي کين ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ٿيندا
2:113
۽ يھودي چون ٿا تہ نصارىٰ ڪنھن دين تي نہ آھن، ۽ نصارىٰ چون ٿا تہ يھودي ڪنھن دين تي نہ آھن ۽ (حقيقت ڪري) اُھي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) پڙھندا آھن، اھڙي طرح جيڪي نہ ڄاڻندا آھن سي (بہ) سندن چوڻ جھڙو چوندا آھن. پوءِ الله قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا ھئا تنھن جو فيصلو ڪندو
2:114
۽ ڪير اُن کان وڌيڪ ظالم آھي؟ جنھن الله جي مسجدين ۾ سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان جھليو ۽ انھن (مسجدين) جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪيائين، اھڙن کي انھن (مسجدين) ۾ ڊڄندڙ ٿي گھڙڻ ڌاران (ٻيءَ طرح گھڙڻ) نہ جڳائيندو آھي اُنھن لاءِ دنيا ۾ خواري آھي ۽ انھن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آھي
2:115
۽ اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي پوءِ جيڏانھن پنھنجي منھن کي ڦيرايو تيڏانھن الله جي ذات آھي، بيشڪ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي
2:116
۽ (ڪافر) چون ٿا تہ الله (پنھنجي لاءِ) اولاد ورتو آھي (نہ،) اُھو تہ پاڪ آھي بلڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس (مِلڪ) آھي مڙيئي سندس فرمانبردار آھن
2:117
آسمانن ۽ زمين جو ٺاھيندڙ آھي ۽ جڏھن ڪوئي ڪم ڪندو آھي تڏھن اُن کي رڳو چوندو آھي تہ ٿيءُ، تہ ٿي پوندو آھي
2:118
۽ جيڪي نہ ڄاڻندا آھن سي چوندا آھن تہ الله اسان سان ڇو نہ ڳالھائيندو آھي يا ڪا نشاني اسان وٽ ڇو نہ ايندي آھي؟ اھڙي طرح جيڪي کانئن اڳ ھئا تن سندن چوڻ وانگر چيو، سندن دليون ھڪ جھڙيون آھن، بيشڪ اسان اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون بيان ڪيون آھن جيڪي يقين رکندا آھن
2:119
(اي پيغمبر!) بيشڪ اسان تو کي سچ سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ (تون) دوزخين بابت نہ پڇبين
2:120
۽ (اي پيغمبر!) يھودي ايسين توکان ڪڏھن راضي نہ ٿيندا ۽ نڪي نصارىٰ، جيسين تون سندن دين جي تابعداري ڪرين (کين) چئو تہ الله جي ھدايت اھا (اسلام جي) ھدايت آھي، ۽ (اي پيغمبر!) تو وٽ جو علم آيو آھي تنھن کان پوءِ بہ جيڪڏھن (تون) سندن سَڌُن جي تابعداري ڪندين تہ تو لاءِ الله وٽان نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار ٿيندو
2:121
جن کي ڪتاب ڏنوسون سي اُن کي اھڙيءَ طرح پڙھندا آھن جھڙو سندس پڙھڻ جو حق آھي، اھي ان کي مڃيندا آھن، ۽ جيڪي اُن کي نہ مڃيندا سي ئي گھاٽي وارا آھن
2:122
اي بني اسرائيلؤ! اُھي منھنجا ڳڻ ياد ڪريو جيڪي مون اوھان تي ڪيا ۽ مون جھان (وارن) تي اوھان کي سڳورو ڪيو
2:123
۽ انھيءَ ڏينھن کا ڊڄو جنھن ۾ ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کان ڪجھ بہ ٽاري نہ سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪو بدلو قبول ڪبو ۽ نڪي کيس ڪا پارت نفعو ڏيندي ۽ نڪي کين مدد ڏبي
2:124
۽ جڏھن ابراھيم کي سندس پالڻھار ڪن ڳالھين سان پرکيو پوءِ اُھي پوريون ڪيائين، ۽ (الله) فرمايو تہ آءٌ تو کي ماڻھن لاءِ امام مقرر ڪرڻ وارو آھيان (تڏھن ابراھيم) چيو تہ منھنجي اولاد مان بہ (امام ڪر. الله) فرمايو تہ ظالمن کي (اِھو) منھنجو انجام نہ پھچندو
2:125
۽ جڏھن بيت الله کي ماڻھن جي موٽڻ جو ماڳ ۽ امن جو ھنڌ مقرر ڪيوسون ۽ (ھن اُمت کي حُڪم ڪيوسون تہ) مقام ابراھيم کي (بہ) نماز پڙھڻ جي جاءِ ڪري وٺو ۽ ابراھيم ۽ اسماعيل کي وصيت ڪئي سون تہ منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف وارن ۽ رڪوع (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رکو
2:126
۽ جڏھن ابراھيم چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! ھن (مڪي) کي امن جو ھنڌ ڪر ۽ سندس رھندڙن مان اُنھن کي ميون جي روزي ڏي جيڪي منجھائن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين، (تڏھن الله) فرمايو تہ جنھن نہ مڃيو (تنھن کي بہ)، پوءِ اُن کي (حياتيءَ جا) ٿورڙا ڏينھن آسودو ڪندس وري کيس باھ جي عذاب ڏانھن بي وس ڪندس، ۽ اُھا بُڇڙي جاءِ آھي
2:127
۽ جڏھن ابراھيم ۽ اسماعيل بيت (الله) جا بنياد اوساريندا ھئا (تڏھن چوندا ھئا تہ) اي اسان جا پالڻھار (ھيءُ پورھيو) اسان کان قبول ڪر، ڇو تہ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين
2:128
۽ اي اسان جا پالڻھار اسان کي پنھنجو فرمانبردار ڪر ۽ اسان جي اولاد مان (بہ) ھڪ ٽوليءَ کي پنھنجو فرمانبردار ڪر، ۽ اسان کي اسان جي حج جا ارڪان سيکار ۽ اسان جون (خطائون) معاف ڪر، بيشڪ تون ئي وڏو معاف ڪندڙ مھربان آھين
2:129
۽ اي اسان جا پالڻھار! منجھانئن ھڪ پيغمبر منجھن موڪل جو تنھنجون آيتون مٿن پڙھي ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ۽ کين سڌاري، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آھين
2:130
۽ جنھن پاڻ کي بي سمجھ ڪيو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير ابراھيم جي دين کان موڙيندو؟ ۽ بيشڪ کيس دنيا ۾ چونڊيو سون، ۽ اُھو آخرت ۾ ضرور ڀلارن مان آھي
2:131
جڏھن کيس سندس پالڻھار چيو تہ منھنجا حڪم مڃ! (تڏھن) چيائين تہ جھان جي پالڻھار جا (سڀ) حڪم مڃيم
2:132
۽ ابراھيم ۽ يعقوب پنھنجي پٽن کي ان ڳالھ جي وصيت ڪئي تہ اي منھنجي اولاد! الله (ھن) دين کي اوھان لاءِ چونڊيو آھي پوءِ اوھين مسلمان ھجڻ کانسواءِ نہ مرجو
2:133
(اي ڪتاب وارؤ) اوھين (تڏھن) حاضر ھيؤ ڇا؟ جڏھن يعقوب کي موت ويجھو ٿيو جڏھن پنھنجن پٽن کي چيائين تہ مون کان پوءِ ڪنھن جي عبادت ڪندؤ؟ (تڏھن) چيائون تہ تنھنجي خُدا ۽ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي خدا جي جو اڪيلو خدا آھي عبادت ڪنداسون، ۽ اسين سندس حڪم مڃيندڙ آھيون
2:134
اھا ٽولي بيشڪ گذري وئي، جيڪي اُنھن ڪمايو سو اُنھن لاءِ آھي ۽ جيڪي اوھان ڪمايو سو اوھان لاءِ آھي ۽ جيڪي (اُھي) ڪندا تنھن بابت اوھين نہ پڇبؤ
2:135
۽ (ڪتاب وارا مسلمانن کي) چون ٿا تہ يھودي يا نصارىٰ ٿيو تہ ھدايت وارا ٿيندؤ. (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اسين ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جا تابعدار آھيون، ۽ اُھو مشرڪن مان نہ ھو
2:136
(کين) چئو تہ اسين الله کي مڃيون ٿا، ۽ (پڻ) جيڪو (قرآن) اسان ڏانھن لاٿو ويو آھي، ۽ جيڪي (صحيفا) ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ڏانھن لاٿا ويا آھن ۽ جيڪي موسىٰ ۽ عيسىٰ کي ڏنو ويو ۽ جيڪي ٻـين پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو، تنھن (سڀ) کي (مڃيون ٿا) منجھانئن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ فرق نہ ٿا ڀانيون ۽ اسين اُن (ھڪ الله) کي مڃيندڙ آھيون
2:137
پوءِ جيڪڏھن الله کي اوھان جي مڃڻ جھڙو مڃين تہ بيشڪ ھدايت وارا ٿيندا، ۽ جيڪڏھن ڦرندا تہ اُھي جھڳڙي ۾ ئي پوندا، پوءِ سِگھو الله تو کي اُنھن (جي شر) کان ڪافي ٿيندو، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
2:138
الله (پنھنجي دين جي رنگ سان اسان کي) رنڱيو آھي، ۽ رڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ ۽ اسين سندس عبادت ڪندڙ آھيون
2:139
(اي پيغمبر کين) چئو تہ الله (جي دين) بابت اسان سان تڪرار ڪريو ٿا ڇا؟ ۽ (حقيقت ڪري) اُھو اسانجو پالڻھار ۽ اوھانجو (بہ) پالڻھار آھي، ۽ اسان لاءِ اسانجا عمل ۽ اوھان لاءِ اوھان جا ڪرتوت آھن، ۽ اسين سندس مخلص ٻانھا آھيون
2:140
يا چئو ٿا تہ ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جو اولاد يھودي يا نصارىٰ ھئا. (اي پيغمبر کين) چئو تہ اوھين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيو يا الله (وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي)؟ ۽ جيڪو اھڙي شاھدي لڪائي جا الله طرفان وٽس ھجي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بيخبر نہ آھي
2:141
اِھا ٽولي بيشڪ گذري ويئي، جيڪي ڪمايائون سو اُنھن لاءِ آھي ۽ جيڪي اوھان ڪمايو سو اوھان لاءِ آھي ۽ جيڪي (اُھي) ڪندا ھئا تنھن بابت (اوھين) نہ پڇيا ويندؤ
2:142
ماڻھن منجھان ڪي بي سمجھ سگھو چوندا تہ انھن (مسلمانن) کي سندن اُن قبلي جنھن ڏي (نماز پڙھندا) ھئا تنھن کان ڪھڙيءَ ڳالھ ڦيرايو؟ (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سڌي واٽ ڏيکاريندو آھي
2:143
۽ (جھڙي طرح اوھان جو قبلو ڀلو ڪيوسين) اھڙيءَ طرح اوھان کي ڀلي امت ڪيو سون تہ ماڻھن تي شاھد ھجو ۽ پيغمبر (محمد ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي، ۽ (اي پيغمبر) جنھن (طرف) تي (اڳي) ھئين تنھن کي قبلو مقرر نہ ڪيو ھو سون مگر ھن لاءِ تہ جيڪو پيغمبر جي پٺيان لڳي تنھن کي اُنھيءَ کان نکيڙيون جيڪو پنھنجين کڙين (ڀر پوءِ) تي ڦري، ۽ بيشڪ (اِھو) جن کي الله ھدايت ڪئي تن کان سواءِ (ٻـين تي) ضرور ڏکيو آھي ۽ الله جو شان اھو نہ آھي جو اوھان جي ايمان کي وڃائي، ڇو تہ الله ماڻھن سان يقيناً شفقت ڪندڙ مھربان آھي
2:144
(اي پيغمبر!) آسمان ڏانھن تنھنجو (ھرھر) منھن ڦيرائڻ بيشڪ ڏسون ٿا، پوءِ جنھن قبلي کي پسند ڪرين ٿو (اوڏانھن) تو کي ضرور ڦيرائينداسون پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي منھن کي تعظيم واريءَ مسجد (حرام) ڏانھن ڦيراءِ، ۽ (اي مسلمانؤ!) اوھين جتي ھجو اتي پنھنجا منھن اوڏانھن ڦيرايو، ۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي سي ضرور ڄاڻن ٿا تہ اھو (ڦيرائڻ) سندن پالڻھار وٽان بلڪل حق آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان الله بي خبر نہ آھي
2:145
۽ (قسم آھي) تہ جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي تن وٽ جيڪڏھن (تون) سڀ دليل آڻين تہ (بہ) تنھنجي قبلي جي تابعداري نہ ڪندا، ۽ نڪي تون سندن قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھين، ۽ نڪي اُنھن مان ڪي ڪن جي قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھن، ۽ (قسم آھي) تہ ان کانپوءِ جو تو وٽ علم آيو جيڪڏھن سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين تہ تون اُن مھل ظالمن مان ٿيندين
2:146
جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي اُن کي اِئين سڃاڻندا آھن جيئن پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، ۽ منجھانئن ڪا ٽولي ڄاڻ ھوندي (بہ) بيشڪ حق کي لڪائيندي آھي
2:147
اھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي تنھنڪري تون شڪ وارن مان بنھ نہ ٿيءُ
2:148
۽ سڀ ڪنھن لاءِ (ڪو) ھڪ قبلو آھي جنھن ڏانھن اُھو منھن ڪندو آھي پوءِ چڱاين ڏانھن اڳرائي ڪريو، جتي ھوندؤ (اُتان) الله اُوھان کي گڏ ڪري آڻيندو، ڇو تہ الله سڀ ڪنھن شئي تي وس وارو آھي
2:149
۽ (اي پيغمبر!) جتان (بہ) نڪرين تہ پنھنجو منھن مسجد حرام ڏانھن ڦيراءِ، ۽ بيشڪ اِھو (ڦيرائڻ) تنھنجي پالڻھار وٽان بلڪل حق آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نہ آھي
2:150
۽ جتان (بہ) نڪرين تہ پنھنجو منھن مسجد حرام ڏانھن ڦيراءِ، ۽ جتي ھجو (تتي) پنھنجا منھن ان ڏانھن ڦيرايو (ھن لاءِ) تہ منجھانئن جن ظلم ڪيو تن کان سواءِ ٻـين ماڻھن کي اوھان تي ڪا حجت نہ رھي، پوءِ کانئن نہ ڊڄو ۽ (ھن لاءِ) تہ (آءٌ) پنھنجي نعمت اوھان تي پوري ڪريان ۽ منَ اوھين ھدايت وارا ٿيو
2:151
جھڙيءَ طرح اوھان تي نعمت پوري ڪئي سون (تھڙي طرح) اوھان منجھان پيغمبر اوھان ۾ موڪليوسون جو اسان جون آيتون اوھان تي پڙھندڙ آھي ۽ اوھان کي پاڪ ڪندو آھي ۽ اوھان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريندو آھي ۽ جيڪي نہ ڄاڻندا ھيؤ سو (پڻ) اوھان کي سيکاريندو آھي
2:152
تنھنڪري مون کي ياد ڪريو تہ آءٌ اوھان کي ياد ڪريان ۽ منھن جو شڪر ڪريو ۽ منھن جي بي شڪري نہ ڪريو
2:153
اي مؤمنؤ! صبر ۽ نماز سان سھارو وٺو يقيناً الله صابرن ساڻ آھي
2:154
۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُسن تن کي مئل نہ چئو، بلڪ (اُھي) جيئرا آھن پر اوھين نٿا سمجھو
2:155
۽ اوھان کي ڊپ ۽ بک ۽ مالن جي ۽ جانين جي ۽ ميون جي گھٽتائيءَ مان ڪنھن شئي سان ضرور پرکينداسون، ۽ (اي پيغمبر!) اُنھن صابرن کي خُوشخبري ڏي
2:156
جن کي جڏھن ڪا تڪليف پھچي ٿي (تڏھن) چون ٿا تہ اسين الله جا (ٻانھا) آھيون ۽ اسين ان ڏانھن موٽندڙ آھيون
2:157
اُنھن تي سندن پالڻھار وٽان مھربانيون ۽ ٻاجھ آھي، ۽ اِھي ئي سڌيءَ واٽ وارا آھن
2:158
صفا ۽ مروہ (جبل) الله (جي عبادت) جي نشانين مان آھن، پوءِ جيڪو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو تنھن کي ٻنھي جي طواف ڪرڻ ۾ گناھ نہ آھي، ۽ جيڪو وڌيڪ چڱائي ڪندو (تنھن جي الله قبول ڪندو) ڇو تہ الله قبول ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي
2:159
جيڪي پڌريون ڳالھيون ۽ ھدايتون لاٿيون اٿئون تن کي جيڪي (ماڻھو) اُن کانپوءِ جو اُنھن کي ماڻھن لاءِ ڪتاب (توريت) ۾ بيان ڪيوسون، لڪائيندا آھن تن تي الله لعنت ڪندو آھي ۽ لعنت ڪندڙ (بہ) انھن تي لعنت ڪندا آھن
2:160
پر جن توبھ ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ۽ (حق) بيان ڪيائون تن جي توبھ قبول ڪندس، ۽ آءٌ ئي توبھ قبول ڪندڙ مھربان آھيان
2:161
جن ڪفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لعنت آھي
2:162
اُن (لعنت) ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نہ ڪبو ۽ نڪي کين مھلت ڏبي
2:163
۽ اوھان جو خدا اڪيلو خدا آھي، ان کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نہ آھي، (اُھو) ٻاجھارو مھربان آھي
2:164
آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ (۾) ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦير گھير (۾) ۽ ٻيڙين (۾) جي اُنھيءَ (سامان) سان، جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي غيرآباد ٿيڻ کانپوءِ آباد ڪيائين، ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين، ۽ ھوائن جي گھلڻ (۾)، ۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايل ڪڪرن (۾) سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن
2:165
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي الله کان سواءِ (ٻـين کي) الله جھڙو ڪري وٺندا آھن الله جي پيار وانگر پيارو رکندا اٿن، ۽ جن ايمان آندو سي الله جي دوستيءَ ۾ ڏاڍا زور آھن، ۽ جن ظلم ڪيو سي جيڪڏھن (ھن ڳالھ کي ھاڻي) سمجھن تہ جنھن مھل (قيامت جي ڏينھن) عذاب ڏسندا ( ۽ سمجھندا) تہ سموري سگھ الله کي آھي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي (تہ جيڪر ڏاڍا پشيمان ٿين!)
2:166
جنھن مھل اڳواڻ پوئلڳن کان بيزار ٿيندا ۽ عذاب کي ڏسندا ۽ سندن (سڀ) لاڳاپا ڇڄندا
2:167
۽ (تنھن مھل) پوئلڳ چوندا تہ جيڪر اسان کي (وري دنيا ۾) موٽڻو ھجي ھا تہ کانئن ايئن بيزار ٿيون ھا جيئن اسان کان بيزار ٿيا آھن! اھڙيءَ طرح الله سندن ڪرتوتن کي مٿن حسترون بڻائي ڏيکاريندو، ۽ اُھي باھ مان نڪرڻ وارا نہ آھن
2:168
اي انسانؤ! جيڪي شيون زمين ۾ آھن تن مان پاڪ حلال کائو ۽ شيطان جي وکن تي نہ ھلو ڇو تہ اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي
2:169
(شيطان) رڳو اوھان کي بڇڙائيءَ ۽ بي حيائيءَ جو حڪم ڪري ٿو ۽ ھيءُ تہ جيڪي ڳالھيون نہ ڄاڻندا آھيو سي الله جي نسبت ۾ چئو
2:170
۽ جڏھن کين چئجي ٿو تہ جيڪي الله (قرآن) لاٿو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چون ٿا تہ (نہ،) بلڪ جنھن تي پنھنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺوسون تنھن جي پٺيان لڳنداسون. جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ بہ نہ ڄاڻندا ھئا ۽ نڪي سڌيءَ واٽ تي ھئا
2:171
۽ ڪافرن (کي سڏيندڙ) جو مثال اُن ماڻھوءَ جي مثال وانگر آھي جو اھڙِيءَ شئي کي واڪو ڪري ٻڌائي جا رڙ ۽ ڪوڪ کانسواءِ (ڪجھ) نہ ٻڌي (ڪافر) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن تنھنڪري اُھي (ڪجھ بہ) نہ ٿا سمجھن
2:172
اي مؤمنؤ! جيڪا اوھان کي روزي ڏني سون تنھن مان سٺيون شيون کائو ۽ جيڪڏھن اوھين خاص الله جي عبادت ڪندڙ آھيو تہ سندس شڪرانو ادا ڪريو
2:173
اوھان تي رڳو مردار ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنھن شي تي الله کانسواءِ ٻئي جو نالو پڪارجي سا حرام ڪيائين، پوءِ جيڪو لاچار ٿئي (۽ کائي) نہ بي فرماني ڪندڙ ھجي ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ تنھن تي گناھ نہ آھي ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
2:174
الله ڪتاب مان جيڪي لاٿو سو، جيڪي ماڻھو لڪائيندا آھن ۽ اُن جي بدلي ٿورو ملھ وٺندا آھن اھي پنھنجن پيٽن ۾ رڳي باھ کائيندا آھن ۽ الله ساڻن قيامت جي ڏينھن نہ ڳالھائيندو ۽ نڪي کين پاڪ ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
2:175
اِھي (اُھي) آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ۽ بخشش جي بدران عذاب ورتو، پوءِ عجب آھي تہ کين (دوزخ جي) باھ تي ڪھڙيءَ (ڳالھ) صبر ڪرايو
2:176
اھو ھن ڪري (آھي) جو الله سچ سان ڪتاب (توريت) لاٿو، ۽ جن ڪتاب بابت اختلاف ڪيو سي ضرور وڏي ڦيٽي ۾ آھن
2:177
اوڀر ۽ اولھ ڏانھن اوھان جو پنھنجن منھن کي ڦيرائڻ ڪا نيڪي نہ آھي پر (اصل) نيڪي (ان لاءِ) آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جنھن (ماڻھوءَ پنھنجو) مال ان جي پيار ھوندي (بہ) مائٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانھن جي گردنين (آزاد ڪرڻ) ۾ ڏنو، ۽ نماز پڙھيائين ۽ زڪوٰة ڏنائين، ۽ (اُھي ماڻھو جي) جڏھن انجام ڪندا آھن تڏھن پنھنجو انجام پاڙيندا آھن، ۽ سڃائي ۽ ڏکيائي ۾ ۽ جنگ مھل صبر ڪرڻ وارا آھن، اھي سچا آھن، ۽ اھي ئي پرھيزگار آھن
2:178
اي مؤمنؤ! خون ٿيلن بابت اوھان تي (بدلي وٺڻ ۾) برابري لازم ڪئي ويئي (جيئن تہ) آزاد جي عيوض آزاد ٻانھي جي عيوض ٻانھو ۽ عورت جي عيوض عورت آھي، پوءِ جنھن کي سندس ڀاءُ جي طرفان ڪجھ ڇڏيو وڃي تہ پوءِ (خون بھا وٺڻ ۾) چڱيءَ ريت سان (ان جي) پويان پوڻ گھرجي ۽ ان (وارث) ڏانھن (خون جي بھا) چڱيءَ ريت سان پھچائڻ گھرجي، اِھو (حڪم) اوھان جي پالڻھار وٽان ھلڪائي ۽ ٻاجھ آھي، پوءِ جيڪو ھن (حڪم) کانپوءِ زيادتي ڪندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
2:179
۽ اي عقل وارؤ! اوھان لاءِ قصاص (وٺڻ) ۾ حياتي آھي تہ منَ اوھين پرھيزگار ٿيو
2:180
جڏھن اوھان مان (ڪنھن) ھڪ کي موت ويجھو ٿئي (اُھو) جيڪڏھن (ڪُجھ) مال ڇڏي تہ تڏھن اوھان تي ماءُ پيءُ ۽ مائٽن لاءِ دستور موجب وصيت ڪرڻ لازم ڪئي ويئي، اھو پرھيزگارن تي حق آھي
2:181
پوءِ جيڪو اُن (وصيت) کي اُن جي ٻڌڻ کانپوءِ ڦيرائيندو تہ اُن (ڦيرائڻ) جو گُناھ اُن جي ڦيرائيندڙن کانسواءِ ٻـين تي نہ آھي، ڇو تہ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
2:182
پوءِ جيڪو وصيت ڪندڙ جي طرفداري يا گناھ ڄاڻي سو انھن (وارثن) جي وچ ۾ پرچاءُ ڪري تہ مٿس گناھ نہ آھي، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
2:183
اي مؤمنؤ! جيئن اوھان کان اڳين تي (روزا) فرض ڪيا ويا ھئا تيئن اوھان تي (بہ) روزا فرض ڪيا ويا آھن تہ منَ اوھين پرھيزگار ٿيو
2:184
(روزا) ڳڻيل ڏينھن آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار (ھجي) يا مسافريءَ تي ھجي (تنھن تي) ٻـين ڏينھن مان (اوترا روزا) ڳڻي رکڻ (لازم) آھي، ۽ جن کي (مسڪين جي کاڌي ڏيڻ جي) سگھ آھي تن تي ھڪ مسڪين جو کاڌو فديہ (يعني فطراڻو ڏيڻ) لازم آھي پوءِ جيڪو چڱائي وڌيڪ ڪندو تنھن لاءِ اُھا ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن علم وارا آھيو (تہ اوھين سمجھي چڪا ھوندؤ) اوھان جو روزو رکڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي
2:185
رمضان جو مھينو اھڙو (ڀلو) آھي جنھن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻھن لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي ۽ (اُن ۾) ھدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سَنڌي وجھڻ جون چٽيون ڳالھيون آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو اُنھيءَ مھيني ۾ (گھر ۾) حاضر ھجي تنھنکي اُن ۾ روزو رکڻ گھرجي، ۽ جيڪو بيمار ھُجي يا سفر تي (ھُجي) تنھن کي ٻـين ڏينھن مان (اوترو) ڳاڻاٽو (لازم) آھي. الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) ڏکيائي ڪرڻ نہ گھرندو آھي، ۽ (گھرندو آھي) تہ اوھين ڳڻپ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوھان کي ھدايت ڪيائين تنھن تي الله جي وڏائي بيان ڪندا رھو ۽ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
2:186
۽ (اي پيغمبر!) جڏھن منھنجا ٻانھا توکان منھنجي پڇا ڪن (تڏھن چئو) تہ آءٌ ويجھو آھيان، جڏھن (ڪو) مون کي سڏي ٿو تڏھن سڏيندڙ جو سڏ ورنايان ٿو تنھنڪري منھنجو حڪم قبول ڪرڻ گھرجين ۽ مون تي ايمان آڻڻ گھرجين تہ منَ اُھي سڌرن
2:187
روزي جي رات ۾ اوھان لاءِ پنھنجين زالن سان صحبت ڪرڻ حلال ڪئي ويئي، (جو) اُھي اوھان جو ڍڪ آھن ۽ اوھين اُنھن جو ڍڪ آھيو. الله ڄاتو تہ اوھين پاڻ سان خيانت ڪندا ھيؤ پوءِ اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو ۽ اوھان کي معاف ڪيائين، پوءِ ھاڻي ساڻن صحبت ڪريو ۽ الله اوھان لاءِ جيڪي (اولاد) لکيو آھي تنھن جي طلب ڪريو ۽ (ايستائين) کائو ۽ پيئو جيستائين ڪاري ڌاڳي کان باک جو اڇو ڌاڳو اوھان لاءِ پڌرو ٿئي، پوءِ روزو رات توڻي پورو ڪريو، ۽ جنھن حالت ۾ اوھين مسجدين ۾ اعتڪاف وارا ھجو تہ اُنھن (زالن) سان صحبت نہ ڪريو. اھي الله جون حدون آھن پوءِ اُنھن کي ويجھا نہ وڃو، اھڙيءَ طرح الله ماڻھن لاءِ پنھنجا حڪم پڌرا ڪندو آھي تہ منَ اُھي پرھيزگار ٿين
2:188
۽ اوھين پنھنجا مال پاڻ ۾ ناحق سان نہ کائو ۽ اُن (مال) کي حاڪمن ڏانھن ھن لاءِ (رشوت طور) نہ پھچايو تہ ماڻھن جي مال مان ڪجھ (ڀاڱو) ظلم سان کائو ھن ھوندي بہ جو اوھين ڄاڻندا آھيو
2:189
(اي پيغمبر!) توکان چنڊن (يعني مھينن) بابت پڇن ٿا، چئو تہ اھي ماڻھن ۽ حج لاءِ وقت مقرر ٿيل آھن، ۽ نيڪي (ھن ۾) نہ آھي تہ (احرام جي حالت ۾) گھرن ۾ سندن پٺين پاسن کان اچو پر (اصل) نيڪي (اُنھيءَ لاءِ) آھي جيڪو (الله کان) ڊڄي، ۽ گھرن ۾ سندن درن کان اچو ۽ الله کان ڊڄو تہ منَ اوھين ڇٽو
2:190
جيڪي اوھان سان وڙھن تن سان الله جي واٽ ۾ وڙھو ۽ حد کان نہ لنگھو، ڇو تہ الله حد کان لنگھندڙن کي پسند نہ ڪندو آھي
2:191
۽ جتي لھونِ اتي ڪُھونِ ۽ جتان اوھان کي لوڌيائون اُتان لوڌيونِ ۽ فتنو (يعني شرڪ) ويڙھ کان ڏاڍو (بڇڙو) آھي، ۽ اوھين مسجد حرام وٽ (ايسين) نہ وڙھونِ جيسين منجھس اوھان سان (نہ) وڙھن. پوءِ جيڪڏھن اوھان سان وڙھن تہ اُنھن کي ماريو، ڪافرن جي سزا ايئن آھي
2:192
۽ جيڪڏھن بس ڪن (تہ اوھين بہ بس ڪريو ڇو) تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
2:193
۽ ايستائين اُنھن سان وڙھو جيستائين فتنو (يعني شرڪ) نہ رھي ۽ خاص الله جو دين ٿئي، پوءِ جيڪڏھن بس ڪن تہ ظالمن کانسواءِ ڪنھين تي وڌيڪ زيادتي ڪرڻ نہ جڳائي
2:194
تعظيم وارو مھينو تعظيم واري مھيني جي بدلي آھي ۽ تعظيمون (ھڪ ٻئي جون) آڙ پاڙ آھن، پوءِ جيڪو اوھان تي زيادتي ڪري تنھن تي اوتري زيادتي ڪريو جيتري اوھان تي زيادتي ڪيائين ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو تہ الله پرھيزگارن ساڻ آھي
2:195
۽ الله جي واٽ ۾ خرچيو ۽ (پاڻ) کي پنھنجن ھٿن سان ھلاڪت ۾ نہ وجھو، ۽ چڱائي ڪريو، ڇو تہ الله چڱائي ڪندڙن کي دوست رکندو آھي
2:196
۽ حج ۽ عمرو الله (جي راضپي) لاءِ پورو ڪريو، پوءِ جيڪڏھن روڪيا وڃو تہ جا قرباني آسانيءَ سان لڀي (سا لازم آھي)، ۽ پنھنجا مٿا تيسين نہ ڪوڙايو جيسين قرباني پنھنجيءَ جاءِ تي (نہ) پھچي. پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار ھجي يا سندس مٿي ۾ تڪليف ھجي (۽ وقت کان اڳيئي ڪوڙايائين) تہ روزا يا خيرات يا قرباني عوض ڏيڻ (لازم) آھي، پوءِ جڏھن بي ڀَوا ٿيو تڏھن جيڪو فائدو وٺي (يعني) عمري کي حج سان (گڏي) سو جا قرباني آسانيءَ سان لھي (سا ڪري)، پوءِ جيڪو (قرباني) نہ لھي (تنھن تي) حج (جي ڏينھن) ۾ ٽي ڏينھن روزا لازم آھن ۽ ست تڏھن جڏھن (سفرکان) موٽو، اِھي پورا ڏھ (روزا) آھن، اھو (حڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جنھنجو ڪٽنب مسجد حرام جي ويجھو رھندڙ نہ ھجي، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو تہ الله سخت عذاب ڪندڙ آھي
2:197
حج (جو وقت) ڄاتل مھينا آھن، پوءِ جنھن (احرام ٻڌڻ سان پاڻ تي) حج فرض ڪيو تہ حج ۾ نہ جماع جائز آھي ۽ نہ گار ۽ نہ جھيڙو، ۽ جيڪا چڱائي ڪريو ٿا تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي، ۽ سمر کڻو ڇو تہ ڀلو سمر پرھيزگاري آھي، ۽ اي عقل وارؤ! مون کان ڊڄو
2:198
(حج ۾) پنھنجي پالڻھار کان روزيءَ گھرڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن عرفات کان موٽو تڏھن مشعرالحرام (يعني مزدلفہ) وٽ الله کي ياد ڪريو، ۽ جيئن اوھان کي سڌو رستو ڏيکاريائين تيئن اوھين (بہ) کيس ياد ڪريو، ۽ بيشڪ اُن کان اڳ (اوھين) اڻڄاڻن مان ھيؤ
2:199
پوءِ (اوھين) اُتان (عرفات کان) موٽو جتان عام ماڻھو موٽن ٿا ۽ الله کان بخشش گھرو، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
2:200
پوءِ جڏھن پنھنجي حج جا اَرڪان پورا ڪريو تڏھن (منىٰ ۾) اوھين پنھنجن اَبن ڏاڏن جي ياد ڪرڻ وانگر بلڪ (اُن کان وڌيڪ) گھڻي قدر الله کي ياد ڪريو. پوءِ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن تہ اسان جا پالڻھار! اسان کي دنيا ۾ (ئي چڱائي) ڏي تن کي آخرت ۾ (ڪا) چڱائي نصيب نہ آھي
2:201
۽ منجھانئن ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن تہ اي اسان جا پالڻھار اسان کي دنيا ۾ (بہ) چڱائي ۽ آخرت ۾ (بہ) چڱائي ڏي ۽ اسان کي باھ جي عذاب کان بچاءِ!
2:202
انھن لاءِ جيڪي ڪمايائون تنھن مان کين نصيب آھي، ۽ الله سگھو حساب ڪندڙ آھي
2:203
۽ (مِنىٰ وارن) ڳڻيلن ڏينھن ۾ الله کي ياد ڪريو، پوءِ جيڪو ٻن ڏينھن ۾ تڪڙو نڪري تنھن تي گناھ ڪونھي، ۽ جيڪو دير ڪري تنھن تي (بہ) گناھ نہ آھي (اھو حڪم) ان لاءِ آھي جيڪو پرھيزگاري ڪري، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو تہ اوھين ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ
2:204
۽ ماڻھن مان ڪو (اِھڙو) آھي جو سندس ڳالھائڻ دنيا جي حياتي ۾ تو کي عجب ۾ وجھندو آھي ۽ جيڪي سندس دل ۾ آھي تنھن تي الله کي شاھد ڪندو آھي ھن ھوندي بہ جو اُھو وڏو جھڳڙالو آھي
2:205
۽ جڏھن توکان موٽندو آھي تڏھن ملڪ ۾ ھن لاءِ ڪوشش ڪندو آھي تہ منجھس فساد وجھي ۽ پوک ۽ نسل ناس ڪري، ۽ الله فساد کي پسند نہ ڪندو آھي
2:206
۽ جڏھن اُن کي چئبو آھي تہ الله کان ڊڄ تڏھن وڏائي کيس گناھ تي آڪڙائيندي آھي پوءِ کيس (سزا) دوزخ ڪافي آھي، ۽ اُھو يقيناً بڇڙو ھنڌ آھي
2:207
ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪڻندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي مھربان آھي
2:208
اي ايمان وارؤ! پورا اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ شيطان جي وِکن تي نہ ھلو ڇو تہ اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي
2:209
پوءِ جيڪڏھن اوھين اُن کان پوءِ جو اوھان وٽ چٽا دليل آيا (اسلام کان) ٿڙندؤ تہ ڄاڻو تہ الله غالب حڪمت وارو آھي
2:210
(ڪافر) ھن کان سواءِ انتظار نہ ڪندا آھن تہ الله (جو عذاب) جُھڙ جي پاڇن ۾ وٽن اچي ۽ ملائڪ (بہ) ۽ ڪم پورو ڪيو وڃي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم موٽايا ويندا آھن
2:211
(اي پيغمبر!) بني اسرائيل کان پُڇا ڪر تہ کين ڪيتريون چٽيون نشانيون ڏنيون سون!، ۽ جيڪو الله جي نعمت کي پاڻ وٽ اچڻ کان پوءِ مٽائيندو تہ بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آھي
2:212
ڪافرن لاءِ دُنيا جي حياتي سينگاري ويئي ۽ مؤمنن سان ٺـٺوليون ڪندا آھن، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن سي قيامت جي ڏينھن اُنھن (ڪافرن) جي مٿان ھوندا، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي
2:213
سڀ ماڻھو ھڪ ٽولي ھئا، پوءِ (ڦري اِختلاف ۾ پيا تنھنڪري) الله پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ ساڻن سچ سان ڪتاب ھن لاءِ لاٿائين تہ (اُھو ڪتاب) ماڻھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن (تنھن بابت) نبيرو ڪري، ۽ اُنھيءَ بابت (ٻئي ڪنھن بہ) تڪرار نہ ڪيو پر جن کي اُھو (ڪتاب) ڏنو ويو تن پڌرن حڪمن اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ پيل سببان (تڪرار ڪيو)، پوءِ الله اُھا سچي ڳالھ جنھن بابت جھڳڙو ڪيائون تنھن ڏانھن پنھنجي حُڪم سان مؤمنن کي سڌو رستو ڏيکاريو، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي
2:214
(اي مسلمانؤ! اوھين) ھن ھوندي بہ بھشت ۾ گھڙڻ جو گمان ڪندا آھيو ڇا؟جو اڃان اوھان تي اُنھن واري حالت نہ آئي آھي جيڪي اوھان کان اڳ گذريا، جن کي سڃائي ۽ ڏک پھتو ۽ ايستائين لوڌيا ويا جيستائين پيغمبر ۽ جي مؤمن ساڻس ھئا (تن دعا گھري) چيو ٿي تہ الله جي مدد ڪڏھن پھچندي (چيو وين تہ) ھوشيار رھو! الله جي مدد ويجھي آھي
2:215
(اي پيغمبر) توکان پڇن ٿا تہ (اُھي) ڇا خرچين؟ (کين) چئو تہ جيڪو مال خرچيو، سو ماءُ پيءُ ۽ مائٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مسافرن کي (ڏيڻ جڳائي)، ۽ جيڪا چڱائي ڪندؤ (سا لھندؤ) ڇو تہ الله اُنکي ڄاڻندڙ آھي
2:216
(اي مؤمنؤ) اوھان تي (ڪافرن سان) ويڙھ ڪرڻ فرض ڪئي ويئي آھي ۽ اُھا اوھان کي ناخوش لڳندي آھي، ۽ شايد (اوھين) ڪنھن شئي کي ناپسند ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھا اوھان لاءِ ڀلي ھجي، ۽ شايد ڪنھن شئي کي پيارو رکو ۽ اُھا اوھان لاءِ بڇڙي ھجي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
2:217
(اي پيغمبر!) توکان عزت وارن مھينن ۾ جنگ بابت پُڇن ٿا، چئو تہ منجھن ويڙھ ڪرڻ وڏو گناھ آھي، ۽ الله جي واٽ کان جھلڻ ۽ الله کي نہ مڃڻ ۽ مسجد حرام کان روڪڻ، ۽ سندس رھڻ وارن کي منجھائنس لوڌڻ الله وٽ (اُن کان) تمام وڏو گناھ آھي، ۽ فتنو (يعني شرڪ) خون ڪرڻ کان بلڪل وڏو ڏوھ آھي. ۽ (ڪافر) جيڪڏھن پڄي سگھندا تہ اوھان سان ايستائين سدائين پيا وڙھندا جيستائين اوھان کي اوھان جي دين (اسلام) کان ڦيرائين، ۽ اوھان مان جيڪي پنھنجي دين کان ڦرندا پوءِ اُھي ڪافر ٿي مرندا تن جي ڪئي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ چٽ ٿي ويئي، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
2:218
جن ايمان آندو ۽ جن الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيو ۽ جھاد ڪيو سي الله جي ٻاجھ جا اميدوار آھن، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
2:219
(اي پيغمبر) توکان شراب ۽ جُؤا بابت پڇن ٿا، چئو تہ اُنھن ۾ وڏو گناھ ۽ ماڻھن لاءِ (ڪجھ) فائدا آھن، ۽ سندن فائدي کان اُنھن جو گناھ تمام وڏو آھي. ۽ (پڻ) توکان پڇن ٿا تہ (اُھي خيرات ۾) ڇا خرچ ڪن؟ چئو تہ (گھرج کان) وڌيڪ (بچت خرچيو)، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ آيتون بيان ڪندو آھي تہ منَ اوھين سوچو
2:220
دنيا ۽ آخرت (جي ڪمن) ۾، ۽ (اي پيغمبر) توکان يتيمن بابت پڇن ٿا، چئو تہ اُنھن لاءِ سڌار ڀلي آھي، جيڪڏھن کين (کاڌي پيتي ۾ پاڻ سان) گڏيو تہ اوھان جا ڀائر آھن، ۽ الله بگاڙيندڙ کي سڌاريندڙ کان ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ اوھان کي سختيءَ ۾ وجھي ھا، ڇو تہ الله غالب حڪمت وارو آھي
2:221
۽ (اي مسلمانؤ! ايستائين) مشرڪياڻين کي نہ پرڻيو جيستائين ايمان آڻين، ۽ بيشڪ مؤمنياڻي ٻانھي مشرڪياڻيءَ کان ڀلي آھي جيتوڻيڪ اوھان کي (مشرڪياڻي) زيادہ وڻي، ۽ اوھين (ايسين) مشرڪن کي نہ پرڻايو جيسين ايمان آڻين، ۽ بيشڪ مؤمن ٻانھو (آزاد) مُشرڪ کان ڀلو آھي جيتوڻيڪ اوھان کي (مشرڪ) زيادہ وڻي، اِھي (مُشرڪ) باھ ڏانھن سڏيندا آھن، ۽ الله پنھنجي ارادي موجب بھشت ۽ بخشش ڏانھن سڏيندو آھي، ۽ پنھنجون آيتون ماڻھن لاءِ بيان ڪندو آھي تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
2:222
۽ (اي پيغمبر!) توکان حيض (جي حڪم) بابت پُڇن ٿا، چئو تہ اُھا پليتي آھي تنھنڪري زالن کان حيض ۾ پري ٿيو ۽ ايستائين کين ويجھا نہ وڃو جيستائين پاڪ ٿين، پوءِ جڏھن بلڪل پاڪ ٿين تڏھن جنھن واٽ کان الله اوھان کي موڪل ڏني آھي (اُنھيءَ کان) اُنھن ڏانھن اچو، بيشڪ الله توبھ ڪندڙن کي دوست رکندو آھي ۽ (پڻ) پاڪائي ڪندڙن کي دوست رکندو آھي
2:223
اوھان جو زالون اوھان لاءِ پوک آھن، پوءِ پنھنجيءَ پوک ڏانھن جيئن وڻيوَ تيئن اچو، ۽ پاڻ لاءِ (چڱا ڪم) اڳي موڪليو، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو تہ اوھين ساڻس ملندڙ آھيو، ۽ مُؤمنن کي خوشخبري ڏي
2:224
۽ اوھين پنھنجن قسمن لاءِ چڱائيءَ ڪرڻ ۽ پرھيزگاري ڪرڻ ۽ ماڻھن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ کان (پاسو ڪرڻ واسطي) الله جو اِسم پيش نہ ڪريو، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
2:225
الله اوھان کي اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ نہ وٺندو آھي پر اوھان جي دلين جيڪا نيت ڪئي آھي تنھن تي پڪڙيندو آھي، ۽ الله بخشڻھار بُردبار آھي
2:226
جيڪي پنھنجي زالن (جي صحبت) کان قسم کڻن تن کي چار مھينا ترسڻو آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُنھن ڏانھن اُن وقت ۾) موٽيا تہ (ڀلي موٽن) ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
2:227
۽ جيڪڏھن طلاق جو پڪو ارادو ڪيائون (تہ ڀلي ڪن) ڇو تہ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
2:228
۽ طلاق ڏنل زالون پاڻ کي (ٻئي نڪاح ڪرڻ کان) ٽي حيض جھلين، ۽ جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃينديون آھن تہ الله سندن ڳھڻين ۾ جيڪي (ٻار يا حيض) پيدا ڪيو آھي سو کين لڪائڻ روا نہ آھي، ۽ اُن (مدت) ۾ سندن مڙس جيڪڏھن سڌارو گھرن تہ سندن موٽائڻ جا وڌيڪ حقدار آھن، ۽ جھڙا (مُڙس جا حق) اُنھن (زالن) تي آھن تھڙا اُنھن (زالن) جا (حق مڙسن تي) چڱيءَ ريت سان آھن، ۽ مُڙسن کي مٿن وڏو مانُ (يعني حڪومت) آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي
2:229
طلاق (رجعي پورا) ٻہ ڀيرا آھي، پوءِ چڱيءَ طرح سان جھلڻ يا اِحسان سان ڇڏڻ (لازم) آھي، ۽ جيڪو کين ڏنو اٿوَ تنھن مان ڪجھ (ورائي) وٺڻ اوھان کي ھن (حالت) کان سواءِ حلال نہ آھي جو ٻئي الله جي حدن کي نہ پوري ڪرڻ کان ڊڄن، پوءِ جيڪڏھن (اي مسلمانؤ) اوھين ڊڄو تہ ٻئي الله جي حدن کي پورو ڪري نہ سگھندا تہ (زال) جيڪا شئي عيوض ۾ ڏئي تنھن (جي ڏيڻ وٺڻ) ۾ ٻنھي تي گناھ نہ آھي. اِھي الله جون حدون آھن اُنھن کان لنگھي نہ وڃو، ۽ جيڪي الله جي حدن کان لنگھي ويندا سي ئي ظالم آھن
2:230
پوءِ جيڪڏھن اُن کي (ٽين) طلاق (بہ) ڏنائين تہ اُن کانپوءِ (اُھا زال) اُن کي (ايستائين) حلال نہ ٿيندي جيستائين (اُھا) ٻيو مُڙس پرڻي، پوءِ جيڪڏھن (اُن بہ) کيس طلاق ڏني تہ جيڪڏھن ٻئي (ڄڻا) الله جي حدن کي قائم رکي سگھڻ (جي پڪ) ڀانئين ٿا تہ (تڏھن پاڻ ۾ نڪاح ڪري) موٽن تہ ٻنھي تي گناھ نہ آھي، ۽ اِھي اَلله جون حدون آھن اُنھن کي اُن قوم لاءِ بيان ڪندو آھي جي ڄاڻندا آھن
2:231
۽ جڏھن زالن کي (ٻہ ڀيرا) طلاق ڏيو پوءِ اُھي پنھنجي (عدت جي) مدي کي (اچي) پھچڻ لڳن تہ (تڏھن يا) اُنھن کي چڱيءَ ريت سان رکو يا اُنھن کي چڱيءَ ريت سان ڇڏيو، ۽ ڏکوئڻ لاءِ کين نہ جھليو تہ زيادتي ڪيو، ۽ جيڪو ايئن ڪندو تنھن بيشڪ پاڻ تي ظلم ڪيو، ۽ الله جي حُڪمن کي ٺـٺوليون ڪري نہ وٺو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ جيڪي اوھان تي ڪتاب ۽ دانائيءَ مان لاٿائين جنھن سان اوھان کي نصيحت ڏيندو آھي (اُھو احسان بہ ياد ڪريو)، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو تہ الله سڀ ڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
2:232
۽ جڏھن زالن کي طلاق ڏيو پوءِ پنھنجي (عدت جي) مدت کي پھچن تہ کين پنھنجن مڙسن سان پرڻجڻ کان نہ جھليو جڏھن تہ پاڻ ۾ چڱيءَ ريت سان راضي ٿين، اھو (حُڪم) آھي جيڪو اوھان مان الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃي تنھن کي اُن سان نصيحت ڏجي ٿي، اھو (حُڪم) اوھان کي ڏاڍو صاف ڪندڙ ۽ بلڪل پاڪ ڪندڙ آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
2:233
۽ مائرون پنھنجن ٻارن کي پورا ٻہ ورھيہ ٿڃ پيارين (اِھو حڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو ٿڃ پيارڻ جي مدت پوري ڪرڻ گھري، ۽ اُنھن (مائرن) جي خوراڪ ۽ اُنھن جي پوشاڪ ھليءَ چليءَ وانگر پيءُ تي آھي، ڪنھن کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف نہ ٿي ڏجي، ماءُ کي ٻار سببان تڪليف نہ ٿي ڏجي ۽ نڪي پيءُ کي ٻار سببان (تڪليف ڏجي)، ۽ وارث تي (بہ) اھڙو ئي (حق) آھي، پوءِ جيڪڏھن ٻئي پنھنجي رضامندي ۽ صَلاح سان (ٻار جي ٿڃ) ڇڏائڻ گھرن تہ مٿن گناھ نہ آھي، ۽ جيڪڏھن پنھنجي اولاد کي (ٻئي کان) ٿڃ پيارڻ گھرو تہ جڏھن اوھان رواج موجب (پياريندڙ کي) جيڪي ڏيڻو ڪيو سو پھچايو تڏھن اوھان تي ڪو گناھ نہ آھي، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو تہ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي
2:234
۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين تہ اُھي (زالون) پاڻ کي چار مھينا ۽ ڏھ ڏينھن ترسائين، پوءِ جڏھن پنھنجيءَ (عدت جي) مدت کي پھچن تڏھن جيڪي رواج موجب (يعني شرعي نڪاح) پنھنجي حق ۾ ڪن تنھن ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
2:235
۽ زالن جي سڱ ڇڪائڻ بابت (عدت ۾) جيڪي آڇ ڪريو يا دلين ۾ لڪايو تنھن ۾ اوھان تي گناھ نہ آھي، الله ڄاتو آھي اوھين اُنھن (زالن) کي سگھوئي ياد ڪندؤ پر رواجيءَ طرح چئي چوڻ کانسواءِ کين ڳجھو انجام نہ ڏيو، ۽ نڪي ايستائين نڪاح جي پڪي نيت ڪريو جيستائين عدت پنھنجيءَ مدت کي پھچي، ۽ ڄاڻو تہ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي تنھنڪري کانئس ڊڄو، ۽ ڄاڻو تہ الله بخشڻھار بردبار آھي
2:236
جيڪڏھن زالن کي (اُنھيءَ وقت) طلاق ڏيو جڏھن اڃا کين ھٿ نہ لاتو اٿوَ يا اُنھن لاءِ ڪابين مُقرر نہ ڪيو اٿوَ تہ اوھان تي گناھ ڪونھي، ۽ کين نفعي وٺڻ لاءِ ھليءَ چليءَ وانگر (گھٽ ۾ گھٽ) جوڙو ڏيو، آسودي تي پنھنجي وس آھر ۽ غريب تي پنھنجي وس آھر آھي، (اِھو ڪم) ڀلارن تي لازم آھي
2:237
۽ جيڪڏھن کين ھٿ لائڻ کان اڳ ھن حالت ۾ انھن کي طلاق ڏيو جو ڪابين مقرر ڪيو اٿو تنھن جو اڌ (ڏيڻ لازم آھي) پر جي (زالون) بخشين يا جنھن جي ھٿ ۾ نڪاح جي ڳنڍ آھي (يعني مڙس) سو بخشي (يعني پورو ڏي)، ۽ اوھان جو بخشڻ پرھيزگاريءَ کي ڏاڍو ويجھو آھي، ۽ اوھين پاڻ ۾ نيڪيءَ کي نہ وساريو، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي
2:238
سڀني نمازن تي ۽ (خصوصاً) وچين نماز تي نگھباني ڪريو، ۽ الله لاءِ فرمانبردار ٿي بيھو
2:239
پوءِ جيڪڏھن دشمنن کان ڊڄو تہ پيادا ٿي يا سوار ٿي (اشارن سان نماز پڙھو)، پوءِ جڏھن بي ڀوَا ٿيو تڏھن جيئن اوھان کي (نماز جا ارڪان) جي نہ ڄاڻندا ھيؤ سيکاريائين تيئن (سڀني رڪنن جي بجا آوريءَ سان) الله کي ياد ڪريو
2:240
۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين، تن کي ھڪ ورھيہ تائين پنھنجين زالن لاءِ (کين) فائدي ڏيڻ ( ۽ ) نہ لوڌڻ جي وصيت ڪرڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُھي) نڪرن تہ جيڪي پنھنجي حق ۾ (شريعت جي) دستور موجب ڪن تنھن ۾ اوھان تي گُناھ نہ آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي
2:241
۽ طلاق ڏنلن لاءِ ھليءَ چليءَ وانگر پرھيزگارن تي خرچ لازم آھي
2:242
اھڙيءَ طرح الله پنھنجا حڪم اوھان لاءِ پڌرا ڪري ٿو تہ منَ اوھين سمجھو
2:243
(اي ڏسندڙ!) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا؟ جيڪي پنھنجن ديس مان موت جي ڀؤ کان نڪتا ۽ اُھي (ڪيئي) ھزار ھئا، پوءِ الله اُنھن کي فرمايو تہ مرو (تہ مري ويا)، وري کين جياريائين، بيشڪ الله ماڻھن تي وڏي فضل ڪرڻ وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نہ ڪندا آھن
2:244
۽ (اي مُسلمانؤ) الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) ويڙھ ڪريو ۽ ڄاڻو تہ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
2:245
اُھو ڪير آھي جو الله کي چڱو قرض اُڌارو ڏئي؟ تہ (الله) اُن لاءِ گھڻي قدر وڌائي، ۽ (رزق) الله تنگ ڪري ٿو ۽ (الله) ڪشادو ڪري ٿو، ۽ ڏانھنس موٽايا ويندؤ
2:246
موسىٰ کان پوءِ بني اسرائيلن جي ٽوليءَ ڏانھن نہ ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جڏھن پنھنجي پيغمبر کي چيائون تہ اسان لاءِ ڪو بادشاھ مقرر ڪر تہ الله جي واٽ ۾ ويڙھ ڪريون، (تڏھن پيغمبر) چيو تہ جيڪڏھن اوھان تي ويڙھ لازم ٿي تہ اوھين وڙھڻ کي ويجھا نہ ويندؤ، چيائون تہ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي واٽ ۾ اِنھيءَ ھوندي بہ نہ وڙھنداسون جو (اسين) پنھنجن ديسن ۽ پنھنجن اولادن مان لوڌيا ويا آھيون، پوءِ جڏھن مٿن ويڙھ لازم ڪئي ويئي تڏھن منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (سڀ) ڦري ويا، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي
2:247
۽ سندن پيغمبر کين چيو تہ الله طالوت کي اوھان لاءِ بادشاھ مقرر ڪيو آھي، چيائون تہ اُن جي بادشاھي اسان تي ڪيئن ٿيندي ھن حالت ۾ جو اسين کانئس بادشاھيءَ جا وڌيڪ حقدار آھيون ۽ مال مان ڪشادگي نہ ڏني ويئي اٿس. (پيغمبر کين) چيو تہ الله اُن کي اوھان تي پسند ڪيو آھي ۽ کيس علم ۽ جسم ۾ گھڻو وڌايو اٿس، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي پنھنجو مُلڪ ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي
2:248
۽ کين سندن پيغمبر چيو تہ اُن جي بادشاھيءَ جي نشاني اوھان وٽ صندوق جو اچڻ آھي جنھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان دل جو سڪون ۽ جيڪي موسىٰ جي خاندان ۽ ھارون جي خاندان (تبرڪ) ڇڏيو تنھن جي بچت آھي اُن کي ملائڪ کڻي ايندا، ڇو تہ اُن ۾ اوھان لاءِ بيشڪ (وڏي) نشاني آھي جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو
2:249
پوءِ جڏھن طالوت لشڪر سوڌو نڪتو (تڏھن لشڪر کي) چيائين تہ الله نديءَ جي پاڻيءَ سان توھان کي پرکيندڙ آھي، پوءِ جيڪو منجھانئس پيئندو سو منھنجو نہ آھي، ۽ جيڪو منجھانئس نہ چکندو سواءِ ھن جي جو پنھنجي ھٿ سان ھڪ لپ ڀري (پيئي) سو بيشڪ مُنھنجو آھي. پوءِ منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (سڀني) اُن مان پيتو، پوءِ جنھن مھل اُھو (طالوت) ۽ سندس سنگتي مؤمن اُن (نديءَ) کان لنگھيا (تنھن مھل پيئندڙن) چيو تہ اَڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان (وڙھڻ جي) سگھ نہ آھي، ( ۽ تنھن مھل) جيڪي پڪو ڀروسو رکندا ھئا تہ اُھي الله کي ملندا تن چيو تہ ڪيتريون ٿوريون ٽوليون گھڻن ٽولين تي الله جي حُڪم سان غالب ٿي ويون آھن، ۽ الله صابرن ساڻ آھي
2:250
۽ جنھن مھل (اُھي طالوتي) جالوت ۽ سندس لشڪر (جي وڙھڻ) لاءِ نڪتا (تنھن مھل) چيائون تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان جا پير ثابت رک ۽ ڪافر ٽوليءَ تي اسان کي سوڀ ڏئي
2:251
پوءِ الله جي حڪم سان کين ڀڄايائون، ۽ دائود جالوت کي ڪٺو ۽ الله اُن (دائود) کي بادشاھي ۽ حڪمت ڏني ۽ جيڪي ان لاءِ گھريائين سو سيکاريائينس، ۽ جيڪڏھن الله جو ٽارڻ ھڪڙن ماڻھن سان ٻـين کي نہ ھجي ھا تہ زمين ضرور خراب ٿئي ھا پر الله جھان (وارن) تي ڀلائي ڪرڻ وارو آھي
2:252
اھي الله جا حُڪم آھن اُھي تو تي سچ سان پڙھون ٿا، ۽ تون ضرور پيغمبرن مان آھين
2:253
اھي پيغمبر آھن اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيوسون، منجھانئن ڪن سان الله ڳالھايو ۽ ڪن کي درجن ۾ بلند ڪيائين، ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي کي چٽا معجزا ڏناسون ۽ کيس پاڪ روح سان مدد ڏني سون، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ جيڪي (ماڻھو) اُنھن (پيغمبرن) کان پوءِ ھئا سي پاڻ وٽ چِٽن مُعجزن اچڻ کان بعد (پاڻ ۾) نہ وڙھن ھا پر اختلاف ۾ پيا پوءِ منجھانئن ڪن ايمان آندو ۽ منجھانئن ڪن ڪفر ڪيو، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ (پاڻ ۾) نہ وڙھن ھا، پر الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي
2:254
اي مؤمنؤ! جيڪي اوھان کي رزق ڏنوسون تنھن مان اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ خرچ ڪريو جنھن ۾ نہ ڪو واپار ۽ نڪا ياراڻي آھي ۽ نہ ڪا پارت ھلندي، ۽ ڪافر ئي ظالم آھن
2:255
الله (اُھو آھي جو) اُن کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق نہ آھي، (اُھو سدائين) جيئرو (جھانن کي) بيھڪ ڏيندڙ آھي، کيس نڪي پنڪي ۽ نڪي ننڊ وٺندي آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس (ملڪيت) آھي. ڪير آھي جو سندس موڪل ڌاران وٽس پارت ڪري سگھي؟ جيڪي اُنھن (مخلوقن) جي اڳيان آھي ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (سڀ) ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي گھري تنھن کان سواءِ سندس علم مان ڪنھن ذري کي (اُھي) گھيرو ڪري نہ سگھندا آھن، سندس (بادشاھيءَ جي) ڪرسيءَ آسمانن ۽ زمين کي لپيٽيو آھي، ۽ اُنھن جي سنڀال کيس نہ ٿڪائيندي آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون وڏي وڏائيءَ وارو آھي
2:256
دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نہ آھي، (ڇو تہ) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آھي، تنھنڪري جيڪو طاغوت (يعني خُدا کانسواءِ ٻـين معبودن) کي نہ مڃي ۽ الله کي مڃي تنھن بيشڪ اھڙي مضبوط ڪڙيءَ کي ورتو، جنھن کي ڇڄڻ نہ آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
2:257
الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍندو آھي، ۽ جيڪي ڪافر آھن تن جا مددگار (خدا کانسواءِ جن جي عبادت ڪن ٿا سي) بت آھن کين سوجھري مان اونداھين ڏانھن ڪڍندا آھن، اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
2:258
(اي پيغمبر) تو اُن ڏانھن نہ ڏٺو ڇا؟ جنھن پنھنجي پالڻھار بابت ابراھيم سان (اُنھي مغروريءَ سبب) تڪرار ڪيو جو الله کيس بادشاھي ڏني ھئي، جڏھن ابراھيم چيو تہ منھنجو پالڻھار اُھو آھي جو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، (ڪافر) چيو تہ آءٌ (بہ) جياريان ٿو ۽ ماريان ٿو. ابراھيم چيو تہ الله سج کي اوڀر کان اوڀاريندو آھي تنھنڪري (تون) اُن کي اولھ کان اوڀار پوءِ ڪافر ھڪو ٻڪو (وائڙو) ٿي ويو، ۽ الله ظالم ٽوليءَ کي سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
2:259
يا انھيءَ طرح اُنھي (پيغمبر) کي (ڏٺئي ڇا؟) جو ھڪ ڳوٺ وٽان ھن حالت ۾ لنگھيو جو اُھو پنھنجي ڇتين سوڌو ڊٺل ھو، (ڏسي ڪري) چيائين تہ ھن کي الله ڪھڙي طرح سندس ڦٽڻ کانپوءِ وسائيندو، پوءِ الله کيس سئو ورھيہ ماريو وري کيس (جياري) اٿاريائين، الله چيو تہ ڪيترو رھئين؟ چيائين تہ ھڪ ڏينھن يا ڪجھ پھر رھيو آھيان، (الله) چيو تہ بلڪ سئو ورھيہ دير ڪئي اٿيئي پوءِ پنھنجي طعام ۽ پاڻيءَ ڏانھن نھار جو اُھو نہ سينواريو آھي، ۽ پنھنجي (مئل) گڏھ ڏانھن نھار (تہ جياري تو کي ڏيکاريون) ۽ (اِھو ھن لاءِ ڪيوسين) تہ تو کي ماڻھن لاءِ نشاني ڪريون ۽ (ھاڻي گڏھ جي) ھڏن ڏانھن ڏس تہ کين ڪيئن چوريون ٿا وري اُنھن (ھڏن) کي گوشت پھرايون ٿا. پوءِ جنھن مھل اُن تي (اھو حال) پڌرو ٿيو (تڏھن) چيائين تہ ڄاڻان ٿو تہ الله سڀ ڪنھن شئيِ تي وس وارو آھي
2:260
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي ڏيکار تہ ڪھڙي طرح مئلن کي جياريندو آھين، (الله) چيو تہ نہ ٿو مڃين ڇا؟ (ابراھيم) چيو تہ ھائو (مڃيان ٿو) پر ھن لاءِ تہ منھنجيءَ دل کي تسلي ٿئي. (الله) چيو تہ چار پکي وٺ پوءِ کين پاڻ وٽ ٽڪرا ٽڪرا ڪر پوءِ منجھانئن ڪو ڀاڱو ھر ھڪ جبل تي رک وري کين سڏ تہ توڏانھن ڊوڙندا ايندا، ۽ ڄاڻ تہ الله غالب حڪمت وارو آھي
2:261
جيڪي (ماڻھو) پنھنجا مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن تن جو مثال اُنھيءَ داڻي جي مثال وانگر آھي جو ست سنگ ڄمائي ھر ھڪ سنگ ۾ سئو داڻو ھجي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) ٻيڻو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي
2:262
جيڪي (ماڻھو) پنھنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن وري پنھنجي ڏيڻ پٺيان نڪي ٿورو رکندا آھن ۽ نڪي ايذائيندا آھن تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن ثواب آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا
2:263
مِٺو ڳالھائڻ ۽ معاف ڪرڻ اُنھيءَ خيرات کان ڀَلو آھي جنھن جي پٺيان ايذاءُ ھُجي، ۽ الله بي پرواھ بردبار آھي
2:264
اي مؤمنؤ! پنھنجين خيراتن کي اِحسان رکڻ ۽ ايذائڻ سان اُنھيءَ ماڻھوءَ وانگر نہ وڃايو جيڪو پنھنجو مال ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ خرچي ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نہ مڃي، پوءِ سندس مثال (اُنھيءَ) لسي پھڻ وانگر آھي جنھن تي ٿوري مٽي (پيل) ھجي ۽ مٿس وڏڦڙو مينھن وسي پوءِ ڇنڊي ڇڏيس، (تہ رياءَ وارن) جيڪي ڪمايو تنھن مان ڪنھن ذري تي (اُھي) وس وارا نہ ٿيندا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
2:265
۽ جيڪي پنھنجن مالن کي الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ ۽ پنھنجين دلين ۾ پڪي يقين پيدا ڪرڻ لاءِ خرچيندا آھن تن جو مثال ھڪ باغ وانگر آھي جو دڙي تي ھجي اُن تي وڏڦڙو مينھن وسي ۽ پنھنجو ڦر ٻيڻو ڪري، پر جيڪڏھن مٿس وڏڦڙو مينھن نہ وسي تہ ماڪ بس ھجيس، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي
2:266
اوھان مان ڪو ھڪ (دل سان) گھرندو آھي ڇا؟ تہ اُن کي کجين ۽ ڊاکن جو ھڪ باغ ھجي جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون ھجن اُن لاءِ منجھس سڀ ڪنھن (جنس جا) ميوا ھجن ۽ کيس پوڙھائي اچي وٺي ۽ ان کي ڪمزور اولاد ھجي، پوءِ اُن (باغ) کي (اھڙو) واچوڙو لڳي جنھن ۾ باھ ھجي تنھنڪري (سندس باغ) سڙي وڃي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ (چِٽيون) نشانيون بيان ڪندو آھي تہ منَ اوھين سوچيو
2:267
اي مؤمنؤ! جيڪي ڪمايو تنھن مان ( ۽ پڻ) جيڪي اوھان لاءِ زمين مان پيدا ڪيوسين تنھن مان ڪي سٺيون شيون (خدا ڪارڻ) خرچ ڪيو، ۽ اُن مان خراب شئي خرچ ڪرڻ جي نيت ھن ھوندي نہ ڪريو جو (پاڻ) اُن ۾ پنھنجين اکين ٻوٽڻ کانسواءِ کيس وٺڻ وارا نہ ھجو، ۽ ڄاڻو تہ الله بي پرواھ ساراھيل آھي
2:268
(اي مسلمانؤ!) شيطان اوھان کي سڃائيءَ جو ڀؤ ڏيندو آھي ۽ اوھان کي بي حيائيءَ (جي ڪمن) جو حڪم ڪندو آھي، ۽ الله اوھان کي پنھنجي پاران بخشش ۽ ڀلائيءَ جو وعدو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي
2:269
جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي دانائي ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي دانائي ڏني ويئي تنھن کي بيشڪ گھڻي چڱائِي ڏني ويئي، ۽ عقل وارن کان سواءِ ٻيو ڪو نصيحت نہ مڃيندو آھي
2:270
۽ (اي مسلمانؤ!) جيڪي اوھان خيرات ڪريو يا باس باسيو تنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نہ آھي
2:271
جيڪڏھن خيراتون ظاھر ڪري ڏيندؤ تہ اُھي (ڪھڙيون نہ) چڱيون آھن! ۽ جيڪڏھن اُنھن کي لڪئيندؤ ۽ اُھي محتاجن کي ڏيندؤ تہ اُھو اوھان لاءِ (ويتر) ڀلو آھي، ۽ الله اوھان جا ڪي گناھ اوھان کان ميٽيندو، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
2:272
(اي پيغمبر!) تو تي اُنھن (ڪافرن) کي ھدايت (يعني دل ۾ اثر پيدا) ڪرڻ لازم نہ آھي پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو اوھان (جي ڀلي) لاءِ آھي، ۽ الله جي رضامندي طلبڻ کانسواءِ (اوھين) خرچ نہ ڪريو، ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيو (اُن جو ثواب) اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان تي ظلم نہ ڪبو
2:273
اھڙن فقيرن کي (خيرات ڏيڻ لازم آھي) جيڪي الله جي واٽ ۾ روڪيل آھن (واپار لاءِ) مُلڪ ۾ سفر ڪري نہ سگھندا آھن، ناواقف (سندن) بي طمعيءَ سببان کين مالدار ڀائيندا آھن، سندين پيشانين مان کين سڃاڻندو آھين، چنبڙي ماڻھن کان نہ پنندا آھن، ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي
2:274
جيڪي پنھنجا مال رات جو ۽ ڏينھن جو ڳجھو ۽ پڌرو خرچيندا آھن تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ٿيندا
2:275
جيڪي وياج کائيندا آھن سي (قبرن مان) رڳو اُنھيءَ (ماڻھوءَ) جي اُٿڻ وانگر اُٿندا جنھن کي جِنَ اثر سببان چريو ڪيو ھجي، اھو ھن ڪري آھي جو اُھي (وياج خور) چون ٿا تہ واپار وياج جھڙو ئي آھي، حالانڪہ الله واپار کي حلال ڪيو آھي ۽ وياج کي حرام ڪيو آھي، پوءِ جنھن کي پنھنجي پالڻھار وٽان نصيحت آئي ۽ (وياج) ڇڏيائين تنھن لاءِ جيڪي اڳي ڪيائين سو (ھينئر معاف) آھي، ۽ (آخرت ۾) سندس مامرو الله ڏانھن (سونپيل) آھي، ۽ جن وري (وياج کاڌو) سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
2:276
الله وياج (جو کٽيو) ناس ڪري ڇڏيندو آھي ۽ خيراتن کي وڌائيندو آھي، ۽ الله ڪنھن بہ بي شڪر گنھگار کي دوست نہ رکندو آھي
2:277
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز پڙھيائون ۽ زڪوٰة ڏنائون تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ٿيندا
2:278
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جيڪڏھن اوھين (الله ۽ رسول کي) مڃيندڙ آھيو تہ جيڪي وياج مان رھيل آھي سو ڇڏيو
2:279
پوءِ جيڪڏھن (ايئن) نہ ڪندؤ تہ الله ۽ سندس رسول جي پاران اوھان کي جنگ جو اعلان ھجي، ۽ جيڪڏھن توبھ ڪيوَ تہ اوھان لاءِ اوھان جي مالن جي موڙي آھي، نڪي وڌيڪ وٺو ۽ نڪي اوھان کي گھٽ ڏبو
2:280
۽ جيڪڏھن (قرضي) سڃو ھجي تہ سگھ تائين مھلت ڏيڻ لازم آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو تہ اوھان جو (قرض) بخشڻ اوھان لاءِ بھتر آھي
2:281
۽ اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ الله ڏانھن موٽايا ويندؤ، پوءِ سڀ ڪنھن ماڻھو کي جيڪي ڪمايائين تنھن جو پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن تي ظلم نہ ڪبو
2:282
اي مؤمنؤ! جڏھن ڪنھن مقرر مدت تائين قرض جو معاملو ڪريو تڏھن اُن کي لکو، ۽ اوھان جي وچ ۾ لکندڙ کي انصاف سان لکڻ گھرجي، ۽ جيئن کيس الله سيکاريو تيئن لکندڙ لکڻ کان انڪار نہ ڪري پوءِ لکڻ گھرجيس، ۽ جنھن تي قرض آھي سو (مطلب) بيان ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجيس ۽ منجھانئس ڪجھ نہ گھٽائي، پوءِ جنھن تي قرض آھي سو جيڪڏھن اَٻوجھ يا ھيڻو ھجي يا بيان نہ ڪري سگھي تہ سندس سنڀاليندڙ کي انصاف سان بيان ڪرڻ گھرجي، ۽ پنھنجن (مسلمانن) مردن مان ٻہ گواھ شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ٻہ مرد نہ ھجن تہ ھڪ مرد ۽ ٻہ زائفون (اُنھن) شاھدن مان جيڪي اوھان کي وڻن (شاھد ڪريو ھن لاءِ) تہ جي اُنھن (ٻنھي) مان ھڪڙي وساريندي تہ اُنھن مان ٻي کيس ياد ڏياريندي، ۽ جڏھن شاھد (شاھديءَ لاءِ) سڏيا وڃن تہ انڪار نہ ڪن، ۽ اُن جي مدت تائين ٿوري يا گھڻي (قرض) جي لکي ڏيڻ کان نہ ٿڪجو، اھو (لکڻ) الله وٽ انصاف کي تمام ويجھو ۽ شاھديءَ لاءِ بلڪل سڌو آھي ۽ اوھان جي شڪ ۾ نہ پوڻ کي (بہ) ڏاڍو ويجھو آھي پر جيڪڏھن اوھان جو واپار روبرو ھجي جو اوھين ھٿون ھٿ پاڻ ۾ پيا ڪريو تہ اُن جي نہ لکڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ نہ آھي، ۽ جڏھن ڏيو وٺو تہ شاھد ڪريو، ۽ لکندڙ ۽ شاھد کي نہ ڏکوئجي، ۽ جيڪڏھن (اھڙو ڪم) ڪندؤ تہ اُھو اوھان کي گناھ آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله اوھان کي سيکاري ٿو، ۽ الله سڀ ڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
2:283
۽ جيڪڏھن اوھين مسافريءَ ۾ ھجو ۽ لکندڙ نہ لھو تہ (ڪا شئي) قبضي ڪرڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي اعتبار رکن تہ جنھن تي اعتبار رکيو ويو تنھن کي پنھنجي امانت (يعني قرض) ادا ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجي، ۽ شاھدي نہ لڪايو، ۽ جيڪو اُن کي لڪائيندو تہ بيشڪ سندس دل ڏوھارڻ آھي، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي
2:284
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جي ئي (ملڪيت) آھي، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جيڪڏھن پڌرو ڪريو توڻي اُھو لڪايو (تہ بہ) الله اوھان سان اُن جو حساب ڪندو پوءِ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي عذاب ڪندو، ۽ الله سڀڪنھن شئيِ تي وس وارو آھي
2:285
پيغمبر (محمد ﷺ) ڏانھن جيڪي سندس پالڻھار کان لاٿو ويو سو اُن مڃيو آھي ۽ مؤمنن (بہ)، سڀ ڪنھن الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن کي مڃيو آھي، (چون ٿا تہ) سندس پيغمبرن مان ڪنھن ھڪ (جي مڃڻ) ۾ فرق نہ ڪندا آھيون، ۽ چيائون تہ ٻڌوسون ۽ سندس (حڪم) مڃيوسون، اي اسان جا پالڻھار! تنھنجي بخشش گھرون ٿا ۽ تو ڏانھن موٽڻو آھي
2:286
الله ڪنھن کي سندس وس ڌاران تڪليف نہ ڏيندو آھي، جيڪي (چڱو) ڪمايائين سو سندس (فائدي) لاءِ آھي ۽ جيڪي (بڇڙو) ڪمايائين سو مٿس آھي، اي اسان جا پالڻھار! جيڪڏھن وساريون يا چُڪ ڪريون تہ اسان کي نہ پڪڙ، ۽ اي اسان جا پالڻھار! اسان تي اھڙو بار نہ رک جھڙو اسان کان اڳين تي رکيو ھئي، ۽ اي اسان جا پالڻھار! جنھن (بار) جي کڻڻ جي اسان کي سگھ ڪانھي سو اسان تي نہ رک! ۽ اسان کي معاف ڪر! ۽ اسان کي بخش ۽ اسان تي مھر ڪر! تون اسان جو سائين آھين تنھنڪري اسان کي ڪافر ٽوليءَ تي سوڀ ڏي!