al-Fatihah (الفَاتِحَة)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 1 • 7 verses • Meccan

Next Chapter →
1:1 الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)
1:2 سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي
1:3 (جو) ٻاجھارو مھربان
1:4 قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي)
1:5 تنھنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا
1:6 اسان کي سڌي واٽ ڏيکار
1:7 جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿيئي نہ انھن جي (واٽ) جن تي (تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نہ گمراھن جي (واٽ)