74:1
اي (پاڻ تي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا (مڙس)
74:2
اُٿي پوءِ ڊيڄار
74:3
۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر
74:4
۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک
74:5
۽ پليتيءَ کان پري رھ
74:6
۽ نہ جڳائي تہ وڌيڪ گھرندڙ ٿي، احسان ڪرين
74:7
۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر
74:8
پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو
74:9
تڏھن اُنھيءَ ڏينھن اوکو وقت ٿيندو
74:10
ڪافرن تي اڻ سُکيو (وقت) ھوندو
74:11
مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم، تنھن کي ڇڏي ڏي
74:12
۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم
74:13
۽ (مجلس ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (بہ ڏنم)
74:14
۽ ان کي پوريءَ طرح وڌايم
74:15
وري (بہ) لالچ رکندو آھي تہ (کيس) وڌيڪ ڏيان
74:16
ايئن نہ آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي
74:17
جلد اُن کي وڏيءَ سختي سان تڪليف ڏيندس
74:18
ڇو تہ اُن (دل ۾) سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو
74:19
پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين
74:20
وري بہ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين
74:21
وري (غور ڪري) ڏٺائين
74:22
وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گُھنڊ پاتائين
74:23
وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين
74:24
پوءِ چيائين تہ ھيءُ (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو ٿو اچي
74:25
ھيءُ (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي
74:26
جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس
74:27
۽ تو کي ڪھڙيءَ شئي ڄاڻايو تہ دوزخ ڇا آھي؟
74:28
اُھو نہ ڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نہ ڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو
74:29
ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي
74:30
اُن تي اُڻويھ (ڄڻا دربان) آھن
74:31
۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿئون، ۽ سندن ڳاڻاٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿئون تہ ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا (پنھنجي) ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نہ پون ۽ تہ جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي، سي ۽ ڪافر چون تہ ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي؟ اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي ۽ تنھنجي پالڻھار جو لشڪر اُن (الله) کانسواءِ (ٻيو) ڪو نہ ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ جي باھ) تہ (سڀ ڪنھن) ماڻھوءَ لاءِ رڳي نصيحت آھي
74:32
سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي
74:33
۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن پٺ ڦيري
74:34
۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي
74:35
تہ بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين (شين) مان آھي
74:36
(سڀڪنھن) ماڻھوءَ کي ڊيڄاريندڙ آھي
74:37
اوھان مان انھيءَ لاءِ جيڪو گھري تہ (بھشت لاءِ) اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺتي رھي
74:38
سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳھ پيل آھي
74:39
پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن)
74:40
(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا
74:41
ڏوھارين کان
74:42
تہ اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙيءَ ڳالھ وڌو
74:43
چوندا تہ نڪي نمازين مان ھئاسون
74:44
۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھئاسون
74:45
۽ بڪواتن سان گڏ بڪواس ڪندا ھئاسون
74:46
۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھئاسون
74:47
تان جو اسان کي موت آيو
74:48
پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نہ ڏيندي
74:49
پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي، جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن
74:50
ڄڻ تہ اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن
74:51
جي شينھن کان ڀڳا ھجن
74:52
بلڪ منجھانئن ھر ھڪ ماڻھو گھرندو آھي تہ کيس (آسمان مان) کليل ڪتاب ڏجن
74:53
ايئن نہ آھي، بلڪ آخرت کان نہ ٿا ڊڄن
74:54
سچ آھي تہ بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي
74:55
پوءِ جيڪو گھري سو اُن کي پڙھي
74:56
۽ الله جي گُھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نہ سگھندا (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ (اُھو) بخشش جو مالڪ آھي