75:1
                                        
                                    
                                    قيامت جي ڏينھن جو قسم ٿو کڻان
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:2
                                        
                                    
                                    ۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (تہ قيامت ۾ سڀ اُٿندا)
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:3
                                        
                                    
                                    ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا تہ سندس ھڏا گڏ نہ ڪنداسون؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:4
                                        
                                    
                                    ھائو! سندس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:5
                                        
                                    
                                    بلڪ ماڻھو ھيءُ گھرندو آھي تہ پنھنجي اڳ (ايندڙ وقت) لاءِ گناھ ڪري
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:6
                                        
                                    
                                    پڇي ٿو تہ قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:7
                                        
                                    
                                    پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:8
                                        
                                    
                                    ۽ چنڊ گرھبو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:9
                                        
                                    
                                    ۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:10
                                        
                                    
                                    (تڏھن) ماڻھو چوندو تہ ڀڄڻ جي راھ ڪٿي آھي؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:11
                                        
                                    
                                    نہ نہ! ڪا واھ ڪانھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:12
                                        
                                    
                                    تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:13
                                        
                                    
                                    اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (اُنھيءَ حال حقيقت بابت) خبردار ڪبو، جيڪي اڳي موڪليو ھئائين ۽ پوئتي رھايائين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:14
                                        
                                    
                                    بلڪ ماڻھو پنھنجي (الزام) لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:15
                                        
                                    
                                    توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:16
                                        
                                    
                                    (اي پيغمبر) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نہ چور تہ اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:17
                                        
                                    
                                    ڇو تہ (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:18
                                        
                                    
                                    پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:19
                                        
                                    
                                    وري بيشڪ اُن جي وضاحت ڪرڻ اسان جي ذمي آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:20
                                        
                                    
                                    نہ نہ! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:21
                                        
                                    
                                    ۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:22
                                        
                                    
                                    ڪي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:23
                                        
                                    
                                    پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:24
                                        
                                    
                                    ڪي چھرا اُن ڏينھن اُداس (ٿيل) ھوندا
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:25
                                        
                                    
                                    ڀانئيندا تہ ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:26
                                        
                                    
                                    نہ نہ! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:27
                                        
                                    
                                    ۽ چيو ويندو تہ ڪو ڦيڻو رکڻ وارو آھي؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:28
                                        
                                    
                                    ۽ (پڪ) ڀانئيندو تہ (ھاڻي) ھيءُ (وقت روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:29
                                        
                                    
                                    ۽ ھڪ پني ٻئي پنيءَ سان وچڙندي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:30
                                        
                                    
                                    اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:31
                                        
                                    
                                    پوءِ نڪي (الله جي ڪلام جي) تصديق ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:32
                                        
                                    
                                    پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:33
                                        
                                    
                                    وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:34
                                        
                                    
                                    تو تي خرابي ھجي، پوءِ تو تي خرابي ھجي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:35
                                        
                                    
                                    وري (ٻيھر چوان ٿو تہ) تو تي خرابي ھجي، پوءِ تو تي خرابي ھجي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:36
                                        
                                    
                                    ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا تہ (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:37
                                        
                                    
                                    (اُھو) منيءَ جو ٽيپو نہ ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:38
                                        
                                    
                                    وري (رت جو) دڳ ھو، پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:39
                                        
                                    
                                    پوءِ منيءَ مان ٻہ جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            75:40
                                        
                                    
                                    اِھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نہ آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟