al-Insan (الإِنْسَان)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 76 • 31 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
76:1 ڪڏھن ماڻھوءَ تي زماني مان ھڪ (اھڙو) وقت گذري چڪو آھي، جو (ھو اھڙي) ڪا شئي نہ ھو جا يادگيريءَ ۾ اچي
76:2 بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (گھڙن جزن سان) گڏيل نطفي مان پيدا ڪيو تہ اُن کي پرکيون، پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون
76:3 بيشڪ اسان کيس سڌو دڳ ڏسيو، (ھاڻي ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئي يا بي شُڪر
76:4 بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي
76:5 بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (اُنھيءَ شراب جي) پيالي مان پيئندا، جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻيءَ) جي ھوندي
76:6 اُھو ھڪ چشمو آھي، جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا، جنھن کي چڱيءَ طرح وھائيندا
76:7 (جي الله جي) باسيل باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن، جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي
76:8 ۽ طعام جي (کين) ضرورت ھوندي بہ مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کارائيندا آھن
76:9 (۽ چوندا آھن تہ) اسين تہ اوھان کي الله جي راضپي واسطي کارائيندا آھيون، اوھان کان نہ ڪو بدلو ۽ نہ ڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون
76:10 بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون، جو تمام سخت آھي
76:11 پوءِ الله اُن ڏينھن جي شر کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي
76:12 ۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين
76:13 اُن (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ ڏئي ويھندا، اُتي نہ ڪي سج جي اُتت ۽ نہ ڪي ڪا سخت سردي ڏسندا
76:14 ۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح (لڙڪائي) ويجھا ڪبا
76:15 ۽ چانديءَ جي ٿانون ۽ پيالن سان وٽن اچ وڃ ٿيندي، جي شيشن وانگر ھوندا
76:16 (پر) شيشا (بہ) چانديءَ جا جن کي انھن (پياريندڙن) پوري اندازي سان ٺھرايو آھي
76:17 ۽ اُتي کين شراب جا پيالا پياربا، جنھن (جي پاڻيءَ) جي ملاوت سُنڍ (جي چشمي) جي ھوندي
76:18 اُتي اُھو ھڪ چشمو آھي، جنھن جو سَلسَبيل نالو رکيو ٿو وڃي
76:19 ۽ وٽن ھميشہ رھندڙ نينگر پيا گھمندا ڦرندا (اي ڏسندڙ!) جڏھن انھن کي ڏسندين (تڏھن) انھن کي کنڊيل موتي پيو ڀائيندين
76:20 ۽ جڏھن اُتي نھاريندين (تڏھن) اَڻ کٽ نعمت ۽ وڏي بادشاھي پيو ڏسندين
76:21 مٿانئن سنھي سائي پَٽ جا ۽ ٿُلھي پَٽ جا ڪپڙا ھوندا ۽ چانديءَ جا ڪنگڻ کين پارايا ويندا ۽ سندن پالڻھار کين تمام پاڪ شراب پياريندو
76:22 (چيو ويندن تہ) بيشڪ اِھو اوھان (جي عملن) جو بدلو آھي ۽ اوھان جي محنت قبول ڪيل آھي
76:23 بيشڪ اسان تو تي قرآن درجي بدرجي لاٿو
76:24 پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ انھن (ماڻھن) مان ڪنھن گنھگار يا بي شڪر جو چيو نہ مڃ
76:25 ۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو صبح ۽ سانجھيءَ ياد ڪر
76:26 ۽ ڪجھ (وقت) رات ۾ اُن لاءِ نماز پڙھ ۽ گھڻي رات سندس پاڪائي ساراھ
76:27 بيشڪ اِھي (ڪافر) دنيا کي پيارو رکندا آھن ۽ ڳري ڏينھن کي پنھنجي پٺيان ڦٽو ڪندا آھن
76:28 اسان کين پيدا ڪيو ۽ سندن سَنڌ پُختا ڪياسون، ۽ جڏھن گھرون (تہ) انھن جھڙا ٻيا عيوض ۾ مٽائي آڻيون
76:29 بيشڪ اِھا نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي
76:30 ۽ اوھين نہ گھرندؤ، مگر اُھو جيڪي الله گھري، ڇو تہ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
76:31 جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجيءَ رحمت ۾ داخل ٿو ڪري ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس