al-Mursalat (المُرْسَلَات)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 77 • 50 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
77:1 وڻندڙن لڳندڙن ھيرُن جو قسم آھي
77:2 پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي
77:3 ۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي
77:4 پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي
77:5 پوءِ وحي آڻيندڙ ملائڪن جو قسم آھي
77:6 (جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي آڻيندا آھن)
77:7 تہ بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو، سا ضرور ٿيڻي آھي
77:8 پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا
77:9 ۽ جڏھن آسمان چيربو
77:10 ۽ جڏھن جبل اُڏائبا
77:11 ۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا
77:12 (تڏھن ثابت ٿيندو تہ پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو؟
77:13 فيصلي جي ڏينھن لاءِ
77:14 ۽ تو کي ڪھڙيءَ شئي ڄاڻايو تہ فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي؟
77:15 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي
77:16 پھرين کي ھلاڪ نہ ڪيو اٿئون ڇا؟
77:17 وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون
77:18 ايئن ڏوھارين سان ڪندا آھيون
77:19 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي
77:20 اوھان کي خسيس پاڻيءَ مان نہ بڻايو اٿئون ڇا؟
77:21 پوءِ اُن (پاڻيءَ) کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون
77:22 ھڪ مقرر وقت تائين
77:23 پوءِ (کيس) پورو بڻايوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون
77:24 اُُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي
77:25 زمين کي ماپائڻ واري نہ ڪئي اٿئون ڇا؟
77:26 (جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي)
77:27 ۽ زمين ۾ وڏا پڪا جبل (پيدا) ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون
77:28 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي
77:29 (چيو ويندو تہ ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھئو، تنھن ڏانھن ھلو
77:30 (چئبن تہ) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن ھلي پئو
77:31 نہ ٿڌي (ڇانوَ) ھوندي ۽ نہ (باھ جي) تَوَ کان بچائيندي
77:32 بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي
77:33 ڄڻ تہ اُھي ھيڊا اُٺ آھن
77:34 اُُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي
77:35 اُِھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نہ ڳالھائيندا
77:36 ۽ نڪي کين موڪل ڏبي تہ (ڪو) عذر (بيان) ڪن
77:37 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي
77:38 ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون
77:39 پوءِ جيڪڏھن اوھان کي ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻي آھي تہ منھنجي حق ۾ رٿيو
77:40 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي
77:41 بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا
77:42 ۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا
77:43 (چئبن تہ) چڱا ڪم ڪندا ھئو، تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو
77:44 بيشڪ اسين نيڪن کي ايئن بدلو ڏيندا آھيون
77:45 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي
77:46 (اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ! دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ مزا ماڻي وٺو، بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو
77:47 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي
77:48 ۽ جڏھن کين چئجي تہ نماز پڙھو (تڏھن) نماز نہ پڙھندا آھن
77:49 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي
77:50 پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙيءَ ڳالھ سان ايمان آڻيندا؟