78:1
ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا؟
78:2
(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت
78:3
جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن
78:4
ايئن (سندن خيالن وانگر) نہ آھي، سگھوئي ڄاڻندا
78:5
وري بہ (چئون ٿا) تہ ايئن نہ آھي، سگھوئي ڄاڻندا
78:6
زمين کي وڇاڻو نہ ڪيو اٿئون ڇا؟
78:7
۽ جبلن کي ميخون؟
78:8
۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون
78:9
۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون
78:10
۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون
78:11
۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون
78:12
۽ اوھان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بڻاياسون
78:13
۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون
78:14
۽ ڪڪرن مان ريلا ڪري وھندڙ پاڻي وسايوسون
78:15
تہ اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون
78:16
۽ گھاٽاباغ (بہ)
78:17
(اِھا قدرت ڏسي سمجھندا نہ آھن تہ) بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي
78:18
جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو (تنھن ڏينھن اوھين) ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ
78:19
۽ آسمان کولبو، پوءِ (اھو) دروازا ٿي پوندو
78:20
۽ جبل (دز ڪري) ھلائبا، پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا
78:21
بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي
78:22
جو ھٺيلن جو (اھوئي) رھڻ جو ھنڌ آھي
78:23
منجھس ڪيئي (زمانا) ڊگھيون مُدتون رھندا
78:24
اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شئي چکندا
78:25
تتي پاڻيءَ ۽ روڳ کانسواءِ
78:26
(اِھو سندن) پورو پورو بدلو آھي
78:27
ڇو تہ اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نہ رکندا ھئا
78:28
۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھئا
78:29
۽ سڀ شئي کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿئون
78:30
پوءِ (چئبن تہ اِھا سزا) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (بہ) نہ وڌائينداسون
78:31
بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي
78:32
جو باغ ۽ انگور
78:33
۽ ھم عمر نوجوان زالون
78:34
۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (ھوندا)
78:35
اہتي نہ ڪا اجائي بڪ ۽ نہ ڪو ڪوڙ ٻڌندا
78:36
(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي
78:37
جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي، تن جو بہ ٻاجھارو پالڻھار آھي، اُن (جي ھيبت) کان ڪوبہ ورندي ڏئي نہ سگھندو
78:38
جنھن ڏينھن روح (جبريل) ۽ (سڀيئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا، (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ صحيح ڳالھ ڳالھائي ھوندائين، تنھن کانسواءِ (ٻيا ڪي بہ) نہ ڳالھائيندا
78:39
اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي
78:40
بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن ماڻھو اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ھو ۽ ڪافر چوندو تہ ھاءِ ارمان! جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا (تہ چڱو)